اسپين

اسپين (Spain ) جو سرڪاري نالو رينوڊي اسپانا (Kingdom of Spain) آهي، جنهن جو پراڻو نالو اندلس ۽ هسپانيه هو. قديم Hispania مان جديد اسپين ڪڍيو ويو آهي.

ايٿوپيا

ايٿوپيا ’’ابي سينيا‘‘ جو عربي نالو. تقريباً ھڪ ھزار سال قبل مسيح ڏکڻ عرب جا ٻہ قبيلا جشات ۽ اقغران، احمر سمنڊ پار ڪري ھاڻوڪي ايٿوپيا جي صوبي اريٽيريا ۾ وڃي ڪري آباد ٿي ويا. اتان جي رهاڪن سان ملڻ جلڻ سان ھڪ نئين قوم وجود ۾ آئي جنھن کي حبشان جي نالو ڏنو ويو. پوءِ عرب ان سڄي علائقي کي جيڪو ھاڻي ايٿوپيا ۾ شامل آھي حبشہ چوڻ لڳا.

خيبر پختونخوا

خيبر پختونخوا يا مختصر طور تي پختونخوا،پاڪستان جي چار صوبن مان هڪ صوبو آهي. جيڪو پاڪستان جي اُتر اولھہ حصّي ۾ واقع آهي . هن جو پراڻو نالو سرحد صوبو هو. رقبي (پکيڙ) جي لحاظ کان پاڪستان جي چئن صوبن مان سڀ کان ننڍوجڏنهن ته آبادي جي لحاظ کان ٽيون وڏو صوبو آهي۔ ان جي اُتر حصّو سرسبز ۽ شاداب علائقن تي مشتمل آهي، جِتي ماڻهو مختلف علائقن کان سير ۽ تفريح جي لاءِ ايندا آهين۔ ۽ ڏکڻ حصّو شهرن تي مشتمل آهي جِتي پاڪستان جا گهڻا ئي اهم ادارا ۽ صنعتون موجود آهن۔ صوبائي ٻولي پشتو ۽ صوبائي گاديءَ جو هنڌ (دارالحڪومت) پشاور آهي۔

سهالي ورڪ زيوڊي

سهالي ورڪ زيوڊي (امهري: ሳህለወርቅ ዘውዴ، ڄم 21 فيبروري 1950ع) ايٿوپيا جي ڇوٿين ۽ موجوده صدر آهي، هي ملڪ جي پهرين عورت صدر آهي. پيشي جي لحاظ کان هڪ سفارتڪار آهي، جنهن کي 25 آڪٽوبر 2018ع تي وفاقي پارلياماني اسيمبلي صدر طور چونڊيو.

شام

شام : ايشيا جو عرب ملڪ جنھن جي گاديءَ جو هنڌ دمشق آهي.

شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو عرس

شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو عرس (انگريزي: Shah Abdul Latif Bhittai Urs) هر سال 14 صفر تي سنڌي جي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي وفات واري ڏينهن تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل هوندي آهي. شاھ جي عرس جون تقريبون ٽي ڏينهن جاري رهنديون آهن. جنهن موقعي تي ميلو لڳندو آهي، ملاکڙي جا مقابلا ۽ راڳ جي تقريب ٿيندي آهي.

مليريا

مليريا لفظ اطالوي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي: ”گندي هوا“ مخصوص علائقن ۾ مليريا جي عام هئڻ جو سبب اينو فليز (Anopheles) نالي مڇر آهي. هي مڇر مليرياجي جراثيم کي، جيڪو انهيءَ جي جسم ۾ پلندو آهي. انسان ۾ منتقل ڪندو آهي.

نيل آرمسٽرانگ

نيل آرمسٽرانگ (انگريزي ٻولي: Neil Armstrong) دنيا جو پهريون آمريڪي خلاباز جنهن چنڊ تي پهريون قدم رکيو، هن 1930ع ۾ جنم ورتو. ڪيليفورنيا يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪيائين. 1949ع کان 1952ع تائين آمريڪي بحريه ۾ پائلٽ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هن ڪوريا جي جنگ ۾ شرڪت ڪئي. 1955ع ۾ آمريڪي خلائي تحقيقي اداري ناسا (NASA) ۾ ريسرچ پائلٽ جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. سال 1962ع ۾ کيس خلائي سفر لاءِ منتخب ڪيو ويو. 1966ع ۾ خلائي جهاز جيمين اٺين جو ڪمانڊ پائلٽ هو. 16 جولاءِ 1969ع تي اپالو يارهن خلائي جهازن جي ذريعي چنڊ طرف روانو ٿيو ۽ 20 جولاءِ 1969ع تي چنڊ تي قدم رکيائين. آرمسٽرانگ کي 16 ملڪن طرفان اعزاز ۽ تمغا ڏنا ويا. 1971ع ۾ يونيورسٽي آف سِن سِن نيٽي (رياست اوهايو) ۾ انجنيئرنگ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. آرمسٽرانگ آمريڪا جي ڪيترين ئي هوا باز تنظيمن جو اعزازي ميمبر رهيو آهي.

نيو ڪيليڊونيا آزادي لاءِ ريفرينڊم، 2018ع

نيو ڪيلڊونيا ۾ آزادي لاءِ ريفرينڊم 4 نومبر 2018ع تي ٿي گذري. جنهن ۾ ووٽر کي حق ڏنو ويو ته اهي فرانس سان رهن چاهين ٿا يا نيو ڪيليڊونيا آزاد ملڪ هجي.

پاڪستان

اسلامي جمھوريہ پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي، جيڪو 300 00' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو.23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان کي اسلامي جمھوريہ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو.

ڀٽ شاھ

ڀٽ شاھ (BhittShah) سِنڌ جو هِي شهر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي مقبري جي ڪري مشهور آهي. ڀٽ شاھ شهر حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي ۾ آهي. هِي شهر هالا کان اوڀر_ڏکڻ ڪُنڊ تي 14 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي.

چنڊ

چنڊ, (انگريزي ٻولي: Moon) ۽ (اردو: چاند) زمين وانگر هڪ اپگرھ آهي. جيڪو رات جو آسمان ۾ چمڪندي نظر ايندو آهي، پر اها چنڊ جي پنهنجي روشني ناهي. مٿس سج جي روشني پوڻ تي اسان ڌرتيءَ وارن لاءِ رات جي وقت ڏيئي جو ڪم ڏئي ٿو. چنڊ ڌرتي جي گولي کان 385000 ڪلوميٽر (يعني (238900 ميل) پري آهي. سندس ڊايا ميٽر 2160 ميل (3476 ڪلوميٽر) آهي. چنڊ 27.3 ڏينهن ۾ يعني 27 ڏينهن، ستن ڪلاڪن، 43 منٽن ۽ 12 سيڪنڊن ۾ ڌرتيءَ جو چڪر پورو ڪري ٿو. چنڊ جي ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦيرو ڪرڻ جي رفتار 3680 ڪلوميٽر في ڪلاڪ يعني هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ ڪلوميٽر کان ٿورو وڌيڪ آهي. چنڊ پنهنجي محور تي گول نٿو ڦري. اسان ڌرتيءَ تي رهڻ وارن کي هن جو فقط هڪڙو پاسو نظر اچي ٿو. راڪيٽ يا خلائي گاڏيءَ ذريعي هن جي ٻئي پاسي جا فوٽو ڏسي سگهجن ٿا.

ٻي ٻوليءَ ۾ پڙھو