1943ع

ھزارو:
صديون:
ڏھاڪا:
  • '
سال:
  • '

واقعا

  • 28 جُولاءِ – اٽلي جي حڪمران مسوليني استيعفا ڏئي ڇڏي.

پيدائش

فوتگيون

1940ع جو ڏھاڪو
1940ع · 1941ع · 1942ع · 1943ع · 1944ع · 1945ع · 1946ع · 1947ع · 1948ع · 1949ع
10 نومبر

10 نومبر (انگريزي: November 10)، عيسوي سال جو 314 هون (ليپ سال 315 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 51 ڏينهن باقي آهن.

11 آگسٽ

11 آگسٽ (انگريزي: August 11)، عيسوي سال جو 223 هون (ليپ سال 224 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 142 ڏينهن (ليپ سال 143 ڏينهن) باقي آهن.

28 جُولاءِ

28 جُولاءِ (انگريزي: July 28)، عيسوي سال جو 209 هون (ليپ سال 210 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 156 ڏينهن (ليپ سال 157 ڏينهن) باقي آهن.

31 آڪٽوبر

31 آڪٽوبر (انگريزي: October 31)، عيسوي سال جو 304 هون (ليپ سال 305 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 61 ڏينهن (ليپ سال 62 ڏينهن) باقي آهن.

الله بخش سومرو

شهيد الله بخش سومرو 1900ء ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 14 مئي 1943 تي مذهبي انتها پسندن هٿان شهيد ٿي ويو. هُو 1938ع کان 1940ع تائين سنڌ جو وزير اعظم رهيو. سندس

جي ايم سيد

غلام مرتضي سيد (انگريزي ٻولي: Ghulam Murtaza Sayed، پيدائش: 17 جنوري 1904ع – وفات: 25 اپريل 1995ع)، جيڪو جي ايم سيد يا سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، سنڌ جي چوٽي جو سياستدان ۽ عالم هو. 1943ع ۾ هي پاڪستان جي حق ۾ برطانوي سنڌ اسيمبلي (هاڻي پاڪستان جو حصو) مان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. سنڌين لاءِ الڳ وطن، سنڌوديش جي آزادي جا بنياد رکيا، جنهن لاءِ هن کي جديد سنڌي قومپرستي جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو.

سنڌ

سنڌ (انگريزي ٻولي: Sindh، اردو: سندھ)، پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي اوڀر طرف واقعي آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراض جي لحاظ کان سنڌ ٽيون نمبر وڏو صوبو، ۽ پنجاب کان پوءِ آبادي جي لحاظ کان ٻيون نمبر وڏو صوبو آهي. اولهه طرف سنڌ جا حدون بلوچستان، اتر طرف پنجاب، اوڀر طرف هندوستان جي راجستان ۽ گجرات سان لڳن ٿيون. سنڌ جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقعي آهي. سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر رڻپٽ واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو. سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جبل واقع آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.

ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بينڪن جو سسٽم موجود آهي، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن. باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي، جيڪي لاتعداد ميوا، ڀاڄيون، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي.

سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفي ازم جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ مهاجر (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا) برمي، ملباري، بنگالي، وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن.سنڌ ۾ يونيسڪو(UNESCO) طرفان ٻه مقام عالمي ورثو قرار ڏئي پنهنجي نگرانيءَ ۾ آندا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مڪلي جون ٽڪريون (ٺٽو) ۽ ٻيو موهن جو دڙو (لاڙڪاڻو) شامل آهن.

سنڌ صوبائي اسيمبلي

سنڌ جي صوبائي اسميبلي (Provincial Assembly of Sindh) سنڌ ۾ پاڪستان جو قانون ساز ايوان آھي جنھن جو گادي جو ھنڌ ڪراچي ۾ واقع آھي۔ ھي آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 106 جي تحت قائم ڪئي وئي۔ ھن ايوان جون 168 نشستون آھن جن مان 130 تي سڌي سنئين چونڊون منعقد ٿينديون آھن جڏھن ته 38 نشستون عورتن ۽ غير مسلم اقليتن جي لاءِ مخصوص آھن۔

ظهير الاسلام عباسي

ميجر جنرل ظهير الاسلام عباسي (انگريزي: Zahirul Islam Abbasi) (پيدائش: 12 جنوري 1943ع – وفات:30 جُولاءِ 2009ع)، پاڪستان فوج جو اڳوڻو ڪمانڊر ۽ آفيسر هو. هي سياچن جي ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هن هندوستان جي فوج جي چوڪين تي حملا ۽ منصوبه بندي پڻ ڪئي. 1995ع تي بحيثيت ميجر جنرل، پاڪستان جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪرائڻ جي سازش ۾ ملوث هجڻ سبب هن کي ست سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدالتي جانچ موجب انهي سازش ۾ فوج کان سواءِ ڪا ٻي سياسي تنظيم ملوث نه هئي.

پاڪستان

اسلامي جمھوريہ پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي، جيڪو 300 00' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو.23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان کي اسلامي جمھوريہ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.