1771ع

ڊسمبر

ارڙنھين صدي جي اٺين ڏھائي
1771ء | 1772ء | 1773ء | 1774ء | 1775ء | 1776ء | 1777ء | 1778ء | 1779ء | 1770ء

<<< ستين ڏھائي <<< اٺين ڏھائي >>> نائين ڏھائي>>>

ابيات سنڌي

ھن ڪتاب ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا 84 -بيت- ڏنل آھن، جيڪو سنڌي ادب ۽ اساسي شاعريءَ جو املهه ذخيرو آھي. خواجه صاحب 1125ھ1713/ع ۾ ڄائو ۽ 1188ھ1774/ع ۾ وفات ڪيائين. خواجه صاحب جي انھن بيتن جي شرح سندس شاگرد جيد عالم، ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ عربي ٻوليءَ ۾ لکي. ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ اھا شرح 1180 -1185 ھ /1766-1771ع ڌاري لکي ھئي.

خواجه صاحب جا -بيت- ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ھئا. پر انھن جي عربي ٻوليءَ ۾ شرح ھڪڙي ئي رسالي ۾ ’ابيات سنڌيءَ‘ جي نالي سان قلمبند ڪئي وئي ھئي، جيڪو سڀ کان پھرين 1939ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم عربي عبارت کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو. ھن ڪتاب ۾ خواجه صاحب جي بيتن ۾ آيل -تصوف- جي موضوع تي گرھوڙي صاحب جا صوفيانه نڪتا بيان ڪيل آھن. ڪتاب جي ابتدا ۾ خواجه محمد زمان جي حياتيءَ جو احوال، شاھ لطيف جي خواجه صاحب سان ملاقات، -تصوف- بابت خواجه صاحب جا ارشادات، اسلامي -تصوف- تي ھڪ باب ۽ شيخ عبدالرحيم گرھوڙيءَ جي سوانح عمري شامل آھن.

ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1956ع ۾ سنڌي ادبي سوسائٽيءَ طرفان ۽ ٽيون ڇاپو 1996ع ۾ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز طرفان ڇاپيو ويو آھي.

انسائيڪلوپيڊيا

انسائيڪلوپيڊيا ___(Encyclopedia): اصل يوناني لفظ اينسائيڪلوپيڊيا encyklopaedia مان ورتل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ encyclopaedia پڻ لکيو ۽ چيو وڃي ٿو. انسائيڪلوپيڊيا جو لغوي مطلب آهي گھيرو (گول، دائرو) يا علم (ڄاڻ، سکيا) جو مڪمل سرشتو يعني سڀ طرفي ڄاڻ. علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هجي، جنهن ۾ عنوان جي مفهوم کانسواءِ، تاريخ به بيان ٿيل هجي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد باقاعدي سرڪاري سطح تي مختلف جلدن ۾ سنڌيءَ ۾ پهرين تاريخي ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ شايع ڪئي آهي. انسائيڪلوپيڊيا، علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هوندي آهي. هن ۾ عنوان جي مفهوم کان سواءِ، ان جي تاريخ به بيان ٿيل هوندي آهي ۽ ان تي مختصر ۽ عام بحث به ڪيل هوندو آهي.

رابرٽ اووين

رابرٽ اووين (انگريزي: Robert Owen) /ˈoʊɪn/ ;( 14 مئي 1771- 17 نومبر 1858)ھڪ ويلش ٽيڪسٽائيل صنعڪار ، انسان دوست سماج سڌارڪ، يوٽوپيائي سوشلزم ۽ باھمي سھڪار جي تحريڪ جو ھڪ باني ھيو. ھي مزدورن جي حالات جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ء لنڊن مان مزدورن جي وڪيل طور سڃاتو ويندو هو.

طبقو

لفظ طبقي جو عام استعمال اڻويھينءَ صديءَ ۾ ٿيڻ لڳو، جنھن کي اڳ ۾ سماجي ڌڙا چيو ويندو ھو، خاص طور تي ارڙھينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ يورپ جي صنعتي ۽ سياسي انقلابن ان لفظ جي جوڙجڪ (انگريزي ٻولي: Structure) ۽ معنا کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو، جاگيرداري دؤر وارن طبقن (انگريزي ٻولي: Classes) واري تصور جي اھميت گھٽجندي وئي. انھن جي جڳھ تي ڪارخانن، واپار، صنعت، سرمائيداري نظام ۾ ڪم ڪندڙ شھري پورھيت طبقي (انگريزي ٻولي: Proletariat) ورتي. ان جي تعمير ۾ موڙي سيڙائيندڙ سرمائيداري (انگريزي ٻولي: Capitalism) جي حوالي سان يا پنھنجي پورھئي جو، پگھار جي صورت ۾ معاوضو وٺندڙ پورھيت جي حوالي سان اقتصاديات جو وڏو عمل دخل آھي. اُن تصور کي ارڙھينءَ صديءَ جي آخر ۾، جيتوڻيڪ پراڻن قسمن جا ھُنر اڃان رائج ھئا، تڏھن ئي ڪافي ليکڪن تسليم ڪيو.

ان تصور جا بنيادي اھڃاڻ اسڪاٽلئنڊ جا تاريخدان ۽ سماجي فيلسوف جان ملر (انگريزي ٻولي: John Muller) جي مضمون ”چٽن طبقن جي ابتدا 1771ع ۽ اُتر آمريڪا جي فيڊرلسٽ سماج (انگريزي ٻولي: Federalist Society) جنھن ۾ جاگيردارانه ورثو موجود ئي نه ھو، ۾ ملن ٿا. اڳـتي ھلي جيمس ميڊيسن (انگريزي ٻولي: James Medicine) مٿي بيان ڪيل فيڊرلسٽ سماج ۾ پيداواري قوتن ۽ پيدائش جي ورھاست تفصيلي طور بيان ڪندي، مختلف طبقن جو ذڪر ڪيو آھي، ۽ ٻڌايو آھي ته انھن طبقن جو ھڪ ٻئي ڏانھن مفادن جي بنياد تي ۽ سياسي طرح به دشمنيءَ وارو لاڙو ھو. جنھن کي اڳـتي ھلي مارڪس پڻ محسوس ڪيو ۽ چيائين ته: ”اھو رڳو منھنجو ڪم نه آھي ته مون جديد سماج ۾ طبقن جي موجودگي ڳولي لڌي آھي ۽ پڻ انھن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ڳولي لڌي آھي. پر مون کان گھڻو اڳي بورجوازي (انگريزي ٻولي: Bourgeoisie) تاريخدانن، طبقن جي ارتقا ۽ منجھن موجود ڇڪتاڻ بيان ڪئي آھي.

ڪارل مارڪس (انگريزي ٻولي: Karl Marx) ۽ فريڊرڪ اينگلس (انگريزي ٻولي: Friedrich Engels) ڪميونسٽ مينيفيسٽو (انگريزي ٻولي: The Communist Manifesto) ۾ لکيو آھي ته: ”آزاد ماڻھو ۽ غلام ماڻھو، محب وطن ۽ غدار، آقا ۽ نوڪر، ٽرانسپورٽر ۽ مسافر چِٽا طبقا آھن ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ ۾ مصروف آھن. جديد سماجي تجزيا ٻُڌائين ٿا ته اھو طبقاتي تفاوت دشمنيءَ جي حيثيت اختيار ڪري ۽ اندر ئي اندر سماج کي ٻن واضح ڌُرين، بورجوازي ۽ پرولتاريه ۾ ورھائين ٿا.“

ڪچو قلعو

ڪچو قلعو

ڪچو قلعو حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ اسٽيشن جي ويجهو هڪ ننڍي پهاڙي دڙي تي ٺهيل آهي. هي قلعو ٽڪنڊي جهڙي شڪل جو آهي، سندس ڀتيون ڪچين سرن جون ٺهيل آهن، جن جي هيٺيان ڪجهه فٽن تائين پڪين سرن جا بنياد به لڳل آهن. ڪچيون سرون زماني جي دست برد، مينهن ۽ هوا جي حملن ڪري ڪافي زبون ٿي چڪيون آهن. ۽ منجهن گهارا پئجي ويا آهن. قلعي کي اڌ گول جي شڪل جا نَوَ کن برج آهن، جن جي مٿان اوٽ وارو ڪٽهڙو، جيڪو ڪنهن وقت موجود هو، ختم ٿي ويو آهي.

ساڳئي وقت قلعي جا ڪنگرا به اچي پٽ تي پيا آهن. قلعي ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ پڪين سرن جون موريون آهن. هن قلعي جي ڏکڻ ۾ ٻه دروازا آهن. هڪ مکيه دروازو ۽ ٻيو شاهه مڪي جي مزار ۾ داخل ٿيڻ وارو ننڍو دروازو. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي ڏاڪا چڙهڻا پون ٿا. مکيه دروازي کي ٻين قلعن جيان ڪابه اڙ يا رڪاوٽ نه ڏني وئي آهي. چون ٿا ته ڪوٽ کي هڪ چور دروازو به هو، جيڪو هاڻي بند ڪيو ويو آهي.

قلعي اندر شاهه مڪي جي مزار آهي، سيد محمد مڪي ڇنڇر رات 22 محرم 510هه ۾ مڪي شريف ۾ ڄائو. نبي ڪريم ﷺ جن جي بشارت موجب سندس ڄائي ڄم جو نالو حمزه رکيو ويو، پر محمد توڙي محمود کيس سڏيندا هئا. نيٺ هو محمد مڪي جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ سنڌ طرف هجرت ڪيائين. اندازو آهي ته هن چاليهن سالن جي عمر ۾ هجرت ڪئي. انهي لحاظ کان سندس سنڌ ۾ اچڻ 560هه يا بعد ۾ ٿيو هوندو. هتي پهچڻ کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب جو سير ڪيائين. هڪ روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته سندس تڪيا لاهور ۽ لڌياني طرف به گهڻا آهن. پاڻ 8 ذوالحج 658هه ۾ وفات ڪيائين. شاهه مڪي جي مزار اندران جئيپور جي سنگ مرمر جي ٺهيل آهي. قلعي اندر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون ڪجهه قبرون آهن.

’لُب تاريخ سنڌ‘ ۾ خداداد خان هن قلعي جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”پڪي قلعي جي ڀت ڀرسان هڪڙو ٻيو به قلعو هو، جنهن جو ولي الله محمد مڪي بنياد وڌو هو. جيئن ته هي قلعو غلام شاهه جي قلعي کان اوچائي ۾ وڏو هو، تنهنڪري 1185هه (1771ع) ۾ ان قلعي کي ڊهرايائين. انهي روزي مبارڪ ۾ لڳل ڪتبو جي تاريخ هيٺين بيت مان نڪري ٿي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هي قلعو ميان غلام شاهه جي بنايل قلعي کان اڳ جو آهي. جڏهن ته شعر جي آخري مصرع مان ابجد جي حساب سان ان جي تعمير جو سال 1083هه نڪري ٿو، جيڪو وڃي 1671ع بيهي ٿو. اُهو بيت اڄ به شاهه مڪي جي مزار جي سامهون واري ڀت ۾ لڳل آهي.

غلام رسول مهر ’تاريخ سنڌ‘ ۾ رقمطراز آهي ته؛ ” هڪ روايت آهي ته ميان غلام شاهه حيدرآباد جي قلعي جي تعمير لاءِ راڄا ليکي جي صلاح مطابق شيخ محمود انصاري عرف پير مڪي جو قبرستان ڊهرائي ڇڏيو. هي قبرستان نيرون ڪوٽ جي هڪ دڙي تي هو. اتان مُردن جا هڏا نهايت بي رحمي سان ڪڍرايا ويا.“ مرزا قليچ به ذڪر ڪيو آهي ته: ” 1772ع ۾ حيدرآباد جي قلعي جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ دڙي تي هڪ ڪچي قلعي جو بنياد رکيو ويو، ته جيئن وڏي قلعي جي حفاظت لاءِ چوڪي جو ڪم به ڏئي سگهي. انهي دڙي تي پير محمد مڪي جي تربت جي آسپاس هڪ وڏو قبرستان هو. ڪيتريون ئي قبرون قلعي ٺهرائڻ جي خيال کان ڊهرايون ويون.“ ’جنت السنڌ‘ ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي ٻُڌائي ٿو ته: ” ميان غلام شاهه پڪي قلعي جي ڀرسان شاهه محمد مڪائي جي مقبري جي چؤڌاري پڻ ڪچين سرن جو قلعو تعمير ڪرايو.“.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.