1739ع

ڊسمبر

ارڙنھين صدي جي چوٿين ڏھائي
1731ء | 1732ء | 1733ء | 1734ء | 1735ء | 1736ء | 1737ء | 1738ء | 1739ء | 1740ء

<<< ٽين ڏھائي <<< چوٿين ڏھائي >>> پنجين ڏھائي >>>

ابو الحسن

مشهور محدث ميان غلام حسين ولد مخدوم ابوالحسن صغير، پنهنجي وقت جو عالم ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس والد خدا جي پيارن -ٻانهن- مان هو. غالباً 1102هه (1691ع) ڌاري -ٺٽي- ۾ ڄائو. ظاهري خواه روحاني -تعليم- ۾ پنهنجي والد جو صحيح پيروڪار ثابت ٿيو. جوانيءَ ۾ حرمين شريفين ويو، -جتي- جيد عالم مجدد ۽ شيخ المشائخ مخدوم سيد محمد حيات سنڌيءَ (1661-1751ع) جي قائم ڪيل مديني شريف واري مدرسي ۾ پڙهڻ لڳو. سندس حياتيءَ ۾ ته ساڻس -ٻانهن- ٻيلي ٿي رهيو، پر وفات بعد به مخدوم سنڌيءَ جو جانشين بڻجي، مدرسي جي نظام کي باقاعده هلائڻ لڳو. آخر 82 ورهين جي عمر ۾ 1187هه (1773ع) ڌاري، مديني شريف ۾ ئي وفات ڪيائين.

مخدوم -ابوالحسن -”صغير“ عربي ۽ فارسي زبانن تي دسترس رکندو هو. ”صغير“ تخلص سان سندس عربي شعر به ملي ٿو. وڏو پرهيزگار ۽ سني عقيدو رکندڙ هو. ڪافي شاگرد پيدا ڪيائين ۽ چوڏهن ڪتاب به لکيائين، -جن- مان ٻه رياض يونيورسٽيءَ جي درسي نصاب ۾ اڄ به شامل آهن. سندس تحريرون بامقصد ۽ عبرت ۾ وجهندڙ آهن. انهيءَ اعتبار کان کيس اسلامي دنيا جي انسائيڪلوپيڊيا چيو وڃي ٿو. سندس دعا مستجاب هئي ۽ اڪثر مديني جي مرسل جو ذڪر سندس زبان تي رهندو آيو. سيد غلام علي بلگرامي ۽ مولانا خير الدين سورتيرح جا نالا سندس خاص رفيقن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا.

اصل نالو غلام حسين ولد محمد صادق سنڌي، ’-ابوالحسن صغير-‘ جي لقب سان پوري اسلامي دنيا ۾ مشهور آهي. پاڻ 1152هه/1739ع ۾ -ٺٽي- ۾ ڄائو ۽ شروعاتي -تعليم- اتي ئي حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ حجاز جو سفر اختيار ڪيائين، -جتي- مخدوم محمد حيات سنڌيءَ کان -تعليم- ورتائين (مولانا عبيدالله سنڌي، -ابوالحسن صغير- کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ڄاڻائي ٿو). علامه ابوالحسن پنهنجي وقت جو وڏو عالم، فقيهه ۽ محدث هو ۽ -اجتهاد- جي درجي تي فائز هو. پاڻ مسلڪ جي اعتبار سان حنفي هو. مخدوم محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ سندس مدرسي ’الشفا‘ ۾ پاڻ حديث جو درس ڏيڻ لڳو، جتان سَوَن جي تعداد ۾ طالبن فيض پرايو. -ابوالحسن صغير- 25 رمضان المبارڪ 1187هه/1773ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪئي ۽ -جنت البقيع- جي قبرستان ۾ مدفون آهي.

برطانيا

برطانيا، گريٽ برٽين (انگريزي ٻولي: Great Britain) کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ انگلينڊ، ويلس آئرلئنڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ شامل آهن.

سنڌ جي تاريخ

ھي مضمون ڌر جي بنياد تي آھي، ان کي ترميم ڪري وڪيپيڊيا جي اصولن مطابق اڻڌريو بڻايو وڃي.

سنڌ جي اوائلي تاريخ بابت ڪا به يقيني ڄاڻ نه ٿي ملي ۔ مورخين ي چوڻ مطابق سنڌو تهذيب پنج هزار ورهيه پراڻي آهي ۔ هي علائقو شروعات ۾ سمنڊ جو حصو هو ۔ جيڪو زلزلن ۽ ٻوڏن جي اچڻ ڪري سڪي ويو ۔ فيسفڪ سمنڊ ۽ وچ اوڀر کان ڪي قبيلا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ، جن ۾ دراوڙ ، ميد ,، ڀيل ۽ ميگهواڙ شامل هئا ۔

سنڌ جو نالو ”سنڌو درياءَ“ تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ان نالي مختلف وقتن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ "سنڌو" جون مختلف آوازي شڪليون آھن. اتر ۾ ھي صوبو پنجاب، اوڀر ۾ ٿر۽ اولھ ۾ بلوچستان سان ڳنڍيل آھي جڏھن ته ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ڪڇ جو رڻ واقع اٿس. ھيءُ صوبو پاڪستان جي جملي ايراضيءَ مان 140،914 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي.سنڌ جي ابتدائي سياسي تاريخ تي اڃان تائين پردو پيل آھي. موھن جي دڙي جي کوٽائي ۽ اتان لڌل شين مان 2500 سال ق م جي سنڌ ۽ ان جي مھذب ۽ شھري زندگيءَ جو پتو پوي ٿو

آريا ھڪ تمام وڏي علائقي ۾ آباد ھئا، جيڪو اويستا واري زماني ۾ سورھن پرڳڻن اندر ھو. هو ھڪ ٻئي کي اباڻن ۽ قبائلي نالن سان سڏڻ کان سواءِ ساڻيھن جي نالن پويان پڻ ضرور سڏيندا ھوندا. ان ڪري ئي اسين ڏسون ٿا ته اڍائي ھزار ورھيه اڳ جي سکامني بادشاھن پنھنجن ٺُلھن جي ڪتبن ۾ سورھن آريائي پرڳڻن جا ڪي ٽيھ نالا ڄاڻايا آھن. انھن ۾ اسان کي ھندو ( سِنڌو) ۽، ان جي صفت، ھندويه سنڌي ڏسڻ ۾ اچن ٿا

. (Jafarey, 1982:110-111)اھو پھريون ڀيرو ھو جو ماٿريءَ جي رھواسين کي نالي ڏيڻ لاءِ سنڌي لفظ لکيت ۾ ڪم آندو ويو

ھن مان اھو نتيجو به ڪڍي سگھجي ٿو ته ان ئي دور ۾ ھن علائقي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ کي به سنڌي سڏيو ويو ھوندو

سچل سرمست

سنڌي جو مشھور شاعر جيڪو عرف عام ۾ شاعر ھفت زبان سڏجي ٿو، ڇو تہ سندن جو ڪلام ستن ٻولين ۾ ملي ٿو. اهي ست ٻوليون هي آهن: عربي ،سنڌي ،سرائيڪي ،پنجابي ،اردو ،فارسي ۽ بلوچي.

عبدالرحيم گرهوڙي

شيخ عبدالرحيم گرهوڙي (Abdul Raheem Girhorri) سنڌ جو صوفي بزرگ، ليکڪ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.

عمرڪوٽ

عمرڪوٽ(انگريزي: Umer Kot City ) (اردو: عمرکوٹ, پاڪستان جي صوبي سنڌ جو شهر ۽ عمرڪوٽ ضلعي جو صدر مقام آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ هيءُ شهر قديم شهرن مان ليکجي ٿو. روايت موجب وقت جي حاڪم عمر سومري ”مارئيءَ“ کي کڻي اچي هن شهر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو هو. هيءُ شهر 22 – 25 اتر ڊگهائي ڦاڪ 47 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ آهي. هي واريءَ ۾ ڏاڍي زمين جي دنگ تي آهي. هتي 1542ع ۾ هاڪارو مغل بادشاهه اڪبر اعظم ڄائو هو. هن شهر جو بنياد بلڪل آڳاٽو آهي ۽ غالباً عمر سومري جو ٻڌايل آهي. يارهين صديءَ ۾ راجا اَمر سنگ قلعو ٺهرايو. 1355ع ۾ عمر سومري پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. 1746ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي قلعو ٺهرايو، جو اڃا تائين سلامت آهي. ڪن محققن جي راءِ آهي ته قلعو سنڌ ۾ اسلامي دور کان به اڳ جو جوڙايل آهي. انگريزن عمرڪوٽ کي ضلعي جو هيڊڪوارٽر ڪيو. 1906ع کان پوءِ ميرپروخاص هيڊ ڪوارٽر ڪيو ويو. شهر جي رونق چڱي آهي، واپار چڱو هلي ٿو. هن جي چوڌاري باغن ۾ ميوات ۽ واڙين ۾ هر قسم جي ڀاڄي ٿئي ٿي. هيءُ شهر اڳي راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهنڪري ٿر جو ”تِيلاٽ“ ليکبو هو. مارواڙي قومون گهڻو ڪري پهريائين هتي اچي رهيون، جي پوءِ 1874ع ۾ اڀرندي نماري جي ٻوڏن ۽ ٻين ڪن سببن جي ڪري مٺي، ڇاڇري ڪانٽئي، چيلهار، پارني، ٻڳل، ويراڙي، ڌارناسر ۽ ٻين ڳوٺن ڏي لڏي ويون. هتي مردانو ۽ زنانو پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، سول ڪورٽ، ڊپٽِي ڪليڪٽر جي آفيس، مختيارڪار جي آفيس، سرڪٽ هائوس، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس جي آفيس، ايڪسائيز انسپيڪٽر جي آفيس، پاڪستان سرڪار جو ميوزم، ٽائون ڪميٽي، ٽيليفون آفيس، پوليس ٿاڻو، مسافر خانو، تعلقو اسپتال ۽ انجنيري بنگلا آهن. ويجهيون ريلوي اسٽيشنون ڇوڙ ۽ ڍورو نارو 12 ۽ 14 ميل جي فاصلي تي آهن. ميرپور خاص 46 ميل پري آهي، جو پڪو روڊ آهي. ڪنري اسٽِيشن سان به آمدرفت چالو آهي. هيءُ شهر سڀني شهرن سان لاريءَ رستي ڳنڍيل آهي.

موجوده دور ۾ سنڌ جي لاڙ وارو ڀاڱو

سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هلندڙ ڪوششون 1591-92ع واري جنگي مهم تائين ختم ٿي ويون. سنڌ جي لاڙ وارو ڀاڱو به اتر سنڌ جيان ملتان صوبي جي سرڪار بڻجي ويو. مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ کي گورنر مقرر ڪيو ويو، هن شهنشاه اڪبر جون قنڌار ۾ خاص خدمتون سر انجام ڏيندي، سنه 1627ع ۾ وفات ڪئي. چيو ويندو آهي ته خسرو خان چرڪس جي پٽ کيس ذاتي دشمني سبب زهر ڏئي ماريو هو. ان کان هڪ سو ڏهن سالن تائين دهلي سرڪار طرفان ٺٽي تي گورنر مقرر ٿيندا آيا. ان کان پوءِ سنڌ جي قبيلي مان هڪ ماڻهوءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن پنهنجي ليکي هڪ ڏچو پيدا ڪري وڌو هو. اهو قبيلو سنڌ ۾ گهڻي وقت کان وٺي آباد هو.ڪلهوڙن جو قبيلو پنهنجي نسل جو سلسلو وڃي ميان اوڍاڻي سان ملائيندو آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هو حضرت محمد ﷺ جي چاچي حضرت عباس جي اولاد مان هو. ان ڪري هن قبيلي کي عباسي ڪري سڏيو ويندو آهي (136). ميان اوڍاڻي جي پنجين پيڙهيءَ مان پيدا ٿيل نسل مڪران کان سنڌ لڏي آيو. سندن سردار گورٿل Gorthal (شايد گهنَور Ghawar هجي) هو. پهريائين هن قبيلي سيوهڻ واري علائقي مان گوجر قبيلي کي بي دخل ڪري، پاڻ اچي ان علائقي تي قبضو ڪيو. هتي ڪلهوڙن ڪاهرا ٻيلي Kahira Bela نالي پنهنجي هڪ راڄڌانيءَ جو پايو وڌو (137). گورٿل جي وفات کان پوءِ سندس پٽن ۾ اچي ڦيٽارو پيو. انهن مان سندس هڪ پٽ جنهن جو نالو جوڻو هو، سو ڪاوڙجي پنهنجي لهي لاڳاپي وارو ماڻهو ساڻ ڪري سنڌ جي اڀرندي حصي ڏانهن هليو ويو، جتي اوڍيجا قبيلي جي ماڻهن سندس آڌار ڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ (138) گهمبت واري علائقي ۾ وڃي آباد ٿيو. بعد ۾ جوڻي، ڏيري پلهه Dhera Palla جي ڌيءُ سان شادي ڪئي. (ڀ-42) جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هو ڏيپل گهانگهري Depal Ghanghro جي علائقي جو آزاد حڪمران هو. مذڪوره علائقو شهدادپور (139) پرڳڻي جي اوڀارئين ڀاڱي ۾ هو. هن شاديءَ مان کيس جيڪو اولاد ٿيو، تنهن کي ڪلهوڙا سڏيو ويندو آهي. هيءُ گهراڻو سنڌ جي تاريخ ۾ گهڻو مشهور آهي. جوڻي 600هه (1203-4ع) ۾ وفات ڪئي. هن تاريخ مان هڪ اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪلهوڙن جا ابا ڏاڏا ٻارهين صديءَ عيسويءَ جي وچ ڌاران اچي سنڌ م آباد ٿيا هئا. محمد پٽ جوڻو اتر سنڌ هليو ويو، جتي هن خيرپور واري علائقي ۾ جوڻا ٻيلا نالي هڪ شهر اڏايو. وفات کان پوءِ کيس گمبٽ ۾ دفن ڪيو ويو. هن کان پوءِ ويندي سورهينءَ صديءَ تائين ڪلهوڙن جو ذڪر ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ان زماني ميان آدم شاه ڪلهوڙي (31) وقت جي حڪومت خلاف بغاوتون ڪري، ڪجهه مشهور ٿيو. هن پنهنجي پوئلڳن ۽ ڪلهوڙن کي ساڻ ڪري چانڊڪا پرڳڻي مان چانڊين کي بي دخل ڪري، سندن زمينن تي دنگو اهڙين ڪاررواين ۾ ٻيا قبيلا بها چي ساڻس شريڪ ٿيا. ڪلهورن ڀر پاسي جي علائقي ۾ گهڻو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ پکيڙيو هو. آدم شاه ڪلهوڙي پنهنجن کي ورسائڻ واسطي ٻين ذاتين سان انياءَ ڪيا هئا، تنهنڪري ماڻهو وقت جي حڪومت وٽ دانهين ويا. حالتن تي ضابطي رکڻ لاءِ ملتان مان فوج موڪلي وئي، جنهن اچي ڪلهوڙن کي سزائون ڏنيون ۽ آدم شاه کي جنگي باندي بڻائي ملتان نيو ويو، جتي کيس قتل ڪيو ويو، هڪ مريد سندس لاش آڻي سکر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي فن ڪيو. (ڀ-43) جتي سندس قبو پري کان پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر مغل حڪومت جيئن ئي ڪمزور ٿي، تيئن هنن وري پنهنجون ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. هنن ڏاڍ ۽ ڦر لٽ سان گڏ زراعت کي به همٿايو. اهي پهريان ماڻهو هئا، جن لارڪاڻي واري علائقي ۾ گهاڙ نالي هڪ واهه کوٽايو ۽ چانڊڪا پرڳڻي کي سنڌ جو باغ بڻائي ڇڏيو هو. جن جن علائقن ۾ هو لاقانونيت ۽ آپيشاهي پکيڙيندا ويا، تن علائقن ۾ پاڻي جو ڏاڍو ڪارائتو استعمال ڪندا ويا. سندن اهڙن ڪارنامن مان ائين محسوس ٿي رهيو هو، ته کيٽ کيڙي ملڪ کي سائو ۽ شآداب بڻائي زوريءَ هٿ ڪيل زمينن جو ڄڻ هڪڙو جواز پيدا ڪري رهيا هئا. پر هو ائين ڪري به زمينن جي اصلي مالڪن کي راضي ڪري ڪونه سگهيا. رهندو منجهن ويڇا ۽ وٿيون پئجي ويون. هنن بکر ۽ ملتان وڃي ڪلهوڙن خلاف دانهيو. حڪومت ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي فوج موڪلي هنن خلاف سخت ڪاروائي به ڪندي هئي ۽ هڪ ڀيرو مقابلو ڪندي، سندن سپهه سالار شاهه علي به مارجي ويو. پر نتيجو اهو ساڳيو هوندو هو، جڏهن سرڪاري فوجون واپس ٿينديون هيون ته ڪلهوڙا به تلوارون کڻي ٻاهر نڪرندا هئا ۽ ٻئي پاسي کان پوکي راهيءَ جي ڌنڌي سان لڳي ويندا هئا. شاه علي جو پٽ نصير محمد سنه 58-1687ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. هن ۾ سندس پيءُ کان وڌيڪ خوبيون هيون. مغل فوج مٿس حملو ڪيو. کيس جنگي باندي بڻائي دهلي وٺي ويا. جتان هو ڀڄي نڪتو ۽ سنڌ پهچي، پنهنجي پراڻي ڌنڌي ۾ مشغول ٿي ويو ۽ پنهنجي طاقت کي هڪ جاءِ تي ڪَٺو ڪري، منظم نموني سان اڳتي وڌڻ لڳو. آدم شاه جڏهن چانڊڪي تي قبضو ڪيو هو ته ڪاهرا kahira جي ڪلهوڙن اچي هنن اترادي ڀائرن سان هٿ ونڊايو هو. ان زماني ۾ ناري جو الهندو پاسو گهڻو تــڻو هن قبيلي جي قبضي هيٺ هو. ڪلهوڙن جي قهري ڪاررواين کان گهڻو متاثر پنهور قبيلو ٿيو هو، جيڪو اڃا به سندن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو شڪار هو. هيءَ ذات پرمار راجپوت جي ڦريءَ مان آهي. پر هو هن واقعي کان گهڻو اڳ مسلمان ٿي چڪا هئا. چانڊڪا ۽ سوِستان جي الهدني پاسي جي وچ واري علائقي تي هن قبيلي جو قبضو هو ۽ صفا الهندي ٽاڪِرو علائقي سان دنگئي خطي تي به سندن هلندي پڄندي هئي. پنهورن جي مذڪوره علائقي جي صفا وچ تي ڪلهوڙن پنهنجي راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو. جنهن جو نالو ڳڙهي Garhi هو، (140) جيڪو اڳ ۾ پنهورن جي راڄڌانيءَ جو ٿاڪ هو. هن پنهنجي آمدني وڌائڻ واسطي هن سوِستان جي گورنر کان (141) لاکاٽ جو پرڳڻو ٺيڪي تي وٺي، پاڻ ان تي آبادي ۽ ڍل بندي ڪئي. آدم شاه کان وٺي هن وقت تائين هن گهراڻي فقط هيءُ هڪ قانوني ڪم ڪيو، نه ته هو همِسه جائز يا ناجائز ڪم، جيڪو چاهيندا هئا، پنهنجي مرضيءَ سان زوريءَ ڪري ڇڏيندا هئا. اهري ريت ڪلهوڙن جو گهراڻو دولت ميڙيندو ۽ طاقت وڌائيندو رهيو ۽ آخر اهو وقت به آيو، جو هو سڄي سنڌ جا حڪمران بڻجي ويا.نصير محمد وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. هن کان پوءِ سندس پٽ دين محمد گاديءَ تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ ڦرلٽ پنهنجي چوٽيءَ تي پهتي هئي. پنهور پنهنجي وڃايل زمين واپس وٺڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا. پر هنن کين شڪستون ڏنيون. جنهن ڪري رهندو به وڏي ڏچي ۾ پئجي ويا. جنهن منظم نموني سان ڪلهوڙا اڳتي وڌي رهيا هئا. تنهن دهليءَ درٻار کي به ڪاوڙائي وڌو هو. ڪلهوڙن کي ختم ڪرڻ جا واضح احڪام ڏئي شيخ جهان کي دهليءَ طرفان روانو ڪيو ويو. شاهي احڪام پورا ڪرڻ لاءِ هي اعليٰ عملدار، بکرجي گورنر کي ساڻ ڪري اڳتي وڌيو. دين محمد لب درياه پرڳڻي جي (142)ڳيريلي ٿاڪ وٽ اچي سندن مقابلو ڪيو، جنهن ۾ شيخ جهان خان مارجي ويو. شاهي درٻار جي اهڙي توهين، سهڻ کان ٻاهر هئي. ان زماني ۾ شهنشاه بهادرشاه جو وڏو پٽ معزالدين ملتان جو گورنر هو، سو پنهنجي سر ڪلهوڙن تي ڪاهي آيو. دين محمد عقلمندي جو مظاهرو ڪندي آڻ مڃڻ جو سوچي، پنهنجي کي شهزادي ڏانهن روانو ڪيو، جنهن بيوقوفي ڪري سندس ڳالهه قبول ڪئي ۽ پوئتي ورڻ لڳو. ڪلهورن جي هڪڙي ٻئي ننڍڙي سپهه سالار سمجهيو ته شهزادو معزالدين ڪلهوڙن جي سگهه ڏسي ڊڄي ويو آهي، تنهنڪري هن پنهنجو لشڪر وٺي وڃي ماٿيلي ۽ اُچ تي حملو ڪيو. ڪلهوڙن جون اهي ڳالهيون ڏسي شهزادي جون اکيون کلي ويون ۽ کيس باغين سان رعايت ڪرڻ جي غلطيءَ جو احساس ٿيو. هن پٺتي موٽي اچي ڪلهوڙن جي علائقن تي حملو ڪيو. ڪلهوڙن جي راجڌاني ڳڙهي ۽ ٻين مکيه شهرن کي ڦري لٽي ناس ڪري ڇڏيائون. دين محمد ڀڄي ويو، پر پوءِ معافيءَ ڏيڻ جي شرط تي اچي پيش پيو. سندس ڀاءُ يار محمد شاهي فوج جي هڪ جٿي تي وڃي حملو ڪيو ۽ کين سخت شڪست ڏنائين ۽ قتل عام ڪيائين. شهزادي، دين محمد کي جنگي باندي بڻايو ۽ آخر ۾ کيس قتل ڪيو ويو.يار محمد قلات ۾ وڃي سياسي پناه ورتي هئي. بعد ۾ شاهي درٻار آڏو پيش پيو. ان زماني ۾ مغل اوج جو سج لڙي چڪو هو. ان ڪري باغين سان صلح ڪري وقت ٽپائي رهيا هئا. يار محمد کي معاف ڪري ديره جات جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ کيس خدا يار خان جو لقب ڏنو ويو هو (143). هن قانوني ۽ سياسي اختيار حاصل ڪرڻ کان پوءِ پهريون ڪم اهو ڪيو جو، خدا آباد نالي ڪلهوڙن جي ٽين راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو، جيڪا سيوهڻ کان سترهن ميل اتر اولهه طرف هئي. ان کان سواءِ کيس سوِيءَ جي گورنري ۽ اتر سنڌ ۾ روپاه جو پرڳڻو به مليو. ڪلهوڙا گهراڻي مان ان وقت بغاوت وارو جنون ختم ٿي چڪو هو. هيءُ پنهنجي قوم جو ارڙهن سالن تائين لٺ سردار رهيو ۽ 1719ع ۾ وفات ڪيائين. ان وقت دهلي درٻار جو اعليٰ عملدار ۽ معزز انسان هو. هن کان پوءِ نور محمد سندس گاديءَ تي ويٺو. ان زماني دهليءَ جو مغل فرمانروا محمد شاهه هو، جنهن کيس سندس پيءُ يار محمد وارا ساڳا خطاب ۽ القاب ڏنا. هن دائود پوٽن سان جنگيون ڪيون. سنڌ ۽ ملتان جي وچ تي موجود علائقا فتح ڪيا ۽ قلات جي بورهين کي ٻه ڀيرا شڪست ڏني. سنه 1736ع ۾ بکر جو قلعو سندس حوالي ڪيو ويو. ٻئي سال کيس ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت سڄي سنڌ سندس حڪمرانيءَ هيٺ اچي وئي. هيءُ شاه حسين جي موت کان (1555ع) پوءِ پهريون ماڻهو هو، جنهن ساري سنڌ تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو. سنه 1737ع ۾ هن جي وجود سان سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور شروع ٿيو.

نور محمد کي حڪومت ڪئي اڃا سال مس گذريو هوندو جو نادر شاه هندستان تي حملو ڪيو ۽ تکو تکو ڌوڪيندو سنه 1739ع جي شروع ۾ ئي وڃي دهليءَ نڪتو هو. ان کان پوءِ هن ۽ محمد شاه جي وچ ۾ ان ئي سال اندر هڪ صلح نامون ٿيو هو، جنهن ۾ شهنشاه محمد شاه سنڌجو وڏو حصو نادر شاه جي حوالي ڪيو هو. هيٺ ڏنل ٽڪرو فريزر Frazer جي لکيل ڪتاب، ”لائيف آف نادر شاه“ مان کنيو ويو آهي.”مان نادر شاهه کي، اٽڪ درياه، سنڌو درياه ۽ سنڪرا (سانڱرا) درياه جي اولهه پاسي وارا علائقا، جهڙوڪ پشاور ۽ ان جي ڀرپاسي وارو علائقو ڪاب، غزني ۽ پٺاڻن جي رهڻ وارا جابلو علائقا، هزاره جات وار الڪ، بکر جو قلعو، سکر، خداآباد ۽ ٻيا علائقا لڪ، بلوچن ۽ جوکين جي رهڻ واروين ايراضيون ٺٽي جو صوبو، رام قلعو، تربين Terbin جو ڳوٺ، چوڻ (جوڻ)، سما والي (سماواتي) ۽ ڪيترا Ketra وارا شهر ٺٽي جا ماتحت علائقا شهر، ڳوٺ، واهڻ، زمينون، قلعا، بندر ۽ اهي شهر ڏنا، جتي سنڌو درياه جو پاڻي رسي ٿو. سانڪره وهڪري جو اوسو پاسو ويندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين، مطلب ته اٽڪ درياه، سنڌو درياه ۽ سانڪره جي وهڪري جو اولهه پاسي وارو سارو علائقو هن بادشاه جي ملڪيت سمجهيا ويندا. لاهري بندر جو قلعو ۽ شهر ۽ اهي علائقا جيڪي اٽڪ درياه، سنڌو درياه ۽ سانڪره وهڪري اوڀر پاسي آهن، سي اڳئين جيان هندستان جي شهنشاه جي ملڪيت رهندا.شاه جهان آباد ۾ لکيو ويو، تاريخ 4 محرم 1152هه مطابق 2 اپريل 1739ع.صلح جي عهدنامي مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته سانڱر وارو وهڪرو سنڌو درياه جي هڪ ڇارهه هو. هن مان هيءَ حقيقت واضح ٿئي ٿي ته ڇوڙ واري علائقي جي وچئين ڀاڱي ۾ 1591-92ع کان وٺي 1739ع تائين، يعني ڏيڍ صديءَ جي عرصي دوران وڏيون تبدليون اچي چڪيون هيون. ان زماني ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو سانگرا جي پيٽ مان وهندو هو. درياه ڪجهه الهندي ڏانهن کسڪي، وڃي هالا جي اولهه ۾ وهڻ شروع ڪيو هو. ان کان مذڪوره شهر جو ڏکڻ ڏئي اڀرندو رخ ڪري گهلو Ghalu جي پيٽ مان وهي، نصرپور وٽان گذرندو هو. گهوٽاڻي ڳوٺ ۽ نصرپور جي وچ تي سنڌو ائين وهندو رهندو هو. ان کان اڻويهه سال پوءِ درياه اوچتو الهندي رخ اختيار ڪيو ۽ نصرپور کان پنهنجو صدين واريو وهڪرو ڇڏي، گهڻو اولهه ڏانهن هليو ويو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ان دور ۾ سانڱري وارو وهڪرو اڃا به وهي رهيو هو. ان جي ذڪر جو ڪارڻ هتي اهو آهي ته مغل شهنشاه طرفان ايران جي بادشاه کي ڏنل علائقن مان ڪجهه حصو سانگري وهڪري ۽ سنڌوءَ درياه جي وچ تي پڻ موجود هو. ڪنهن به ڏيهي مورخ ائين ڪڏهن ڪونه لکيو آهي، ته هن وهڪري کي نصرپور کان هيٺ به سانڱرا جي نالي سان سڏيو ويندو هو. صلح جي عهد نامي ۾ هن وهڪري کي ويندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين، سانڱرا جو نالو ڏنو ويو آهي. ان جو سبب مان اوهان کي سمجهايان ٿو. صلح جي عهدنامي مطابق علائقن جي جهڙي نموني سان حد بندي ڪئي وئي آهي، ته جيئن ان نقطئه نطر سان لاڙ ۾ ريڻ وارو وهڪرو ٻنهي ملڪن جو دنگ مقرر ڪرڻ لاءِ مناسب هو. پر صلح نامي ۾ جوڻ ۽ ان جي ماتحت علائقي جو به ذڪر موجود آهي. جيڪو عهدنامي مطابق ايران جي بادشاه کي مليو هو، جيڪو ريڻ جي اوڀر پاسي هو. جيڪڏهن انهن جو ذڪر واضح طريقي سان نه ڪيو وڃي ها، ته سمجهيو وڃي ها ته اهي مغل سلطنت سان شامل آهن. اهڙو مثال اسان کي سماوتي جي ذڪر مان به ملي ٿو. مذڪوره علائقو نصورپور جو محال هو ۽ هاڻي محبت ديري وارو پرڳڻو به ان ۾ شامل آهي. اهو علائقو به ريڻ جي اڀرندي طرف آهي. ڪيٽڙا Ketra جو ماڳ آءٌ سڃاڻي ڪونه سگهيو آهيان. ۽ هيءُ ۽ تربين Terbin ڳوٺ جو نالو، ٻئي، اچار ۾ بگڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيڪي سڃاڻپ کان پري آهن. رام قلعو شايد ڪراچيءَ وارو رام باغ آهي، جنهن جو بنياد صلح نامي کان چوڏهن سال اڳ ۾ رکيو ويو هو. سنڌ جو اهڙو سياسي ورهاڱو نور محمد ڪلهوڙي کي ڏاڍو ڏکيو لڳو. سندس سياسي شعور کيس ڄڻ سئين چوٽيءَ ڪيرائي وڌو هو. هن نادر شاه جي ارادن جيمخالفت ڪري ۽ کيس شهنشاه نه مڃي، غلطي ڪئي هئي. پر هن، اهڙي غلطي محسوس ڪرڻ ۾ دير ڪانه ڪئي هئي. نادر شاه اڇا ڪابل ۾ هو جو کيس نور محمد جي بغاوت ڪرڻ جو پتو پيو. ڪابل کان نومبر جي پڇاڙي ڌاران، سنه 1739ع ۾ نڪتو ۽ پهرين فيبروريءَ اچي لاڙڪاڻي پهتو. اتي کيس معلوم ٿيو ته ميان نور محمد پنهنجو خزانو کڻي عمر ڪوٽ ڏانهن هليو ويو آهي. نادر شاهه شهدادپور واري رستي سان سندس پيڇو ڪيو. عمر ڪوٽ جي قلعي تائين پهچڻ کان اڳ سندس هراول دستي ميان نور محمد کي سڪست ڏئي، گرفتار ڪري ورتو. جيڪو ان وقت پنهنجو خزانو ڪاٿي پوري لشڪر وٺي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. چيو وڃي ٿو ته اهو ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ هو (ڀ-44) نادر شاهه اهو خزانو کوٽائي ٻاهر ڪڍايو. ميان نور محمد کي معاف ڪيائين. پر سنڌ جو اهو علائقو جيڪو مغل شهنشاه طرفان عهد نامي مطابق کيس مليو هو ۽ جيڪو ڪنهن زماني ميان نور محمد جي حڪمراني هيٺ هو، سو سندس گهر جي باوجود ميان کي ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. ان زماني ۾ ڪلهوڙن کي سنڌ جو فقط وچولو ۽ لاڙ وارو حصو ڏنو ويو. سنڌ جو اتر اولهه وارو ڀاڱو قلات جي خان جي حوالي ڪيو ويو هو ۽ اتريون پاسو داؤد پوٽن کي ڏنو ويو هو. ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ مان سنڌ جو وڏو حصو نڪري ويو هو. ان کان سواءِ کانئن ججهو خزانو به کسيو ويو ۽ ساليانو ويهه لک روپيه ڏن ڀرڻو پيو هون.اهڙيءَ ريت سنڌ جي اپت وارو حصو ايران جي هٿ اچي ويو، مٿان سالياني ڏن جو ڳاٽي ڀڳو بار، تنهن هن بدنصيب ملڪ جي هڻي چيلهه چٻي ڪري وڌي (32) سنڌ، جيئن ته گهڻو عرصو دهليءَ جي غلام رهي، تنهنڪري مٿانس گهڻو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ رهيو. وڏا محصول مڙهي زوري وصول ڪيا ويندا هئا. سنڌ جو سياسي ڪعبو هاڻي ايران بڻيو هو. قنڌار ۽ بولان جو لڪ اتان جي حڪمران جي هٿ هيٺ هئا، جن جا محصولن جي گهر ۽ اوڳڙ وارا طريقا دهلي وارن کان ڪجهه نرم هئا. ڪلهوڙا هنن کي خراج تيستائين ادا ڪونه ڪندا هئا، جيستائين اوڳڙ لاءِ فوجي دستا ڪونه ايندا هئا. محصول جي اوڳڙ جا فوجي طريقا ڦر لٽ، مار ڌاڙ ۽ شهر ساڙي رک ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هوندا هئا. خراج نه ڏيڻ جي غلطي حڪمران ڪندا هئا ۽ ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ پيسندا هاري ناري ۽ پورهيت هئا. پوري صديءَ تائينس نڌ سان اهڙي جُٺ ٿيندي رهي. ڪڏهن سنڌ کي خراج ڏيڻ کان ڍر ڏني ويندي هئي. ڪڏهن وري ان کي ڏيڻ تي سخت مجبور ڪيو ويندو هو. ڪڏهن سنڌي مزاحمت به ڪندا هئا. ڪڏهن مٿن حملا به ٿيندا هئا. آخرڪار سندن پونير شاه شجاع جڏهن ڪمزور ٿيو ۽ ڪلهوڙن جي گادي نشينن ٽالپرن کان ڏن وٺي ڪونه پئي سگهيو، ته انگريز سرڪار ان ڳالهه کي نئون ڪيو. سنه 1839ع ۾ انگريز سرڪار، نادر شاه جي گادي نشينن جي پونير کي خراج ڏيڻ واسطي ٽالپرن کي مجبور ڪيو ۽ چيو ته کيس باقي رهتِ اٺاويهه لک روپيه ڏئي، ليکو سئون ڪن. اهڙيءَ ريت خراج جي رقم جي ادائگي پوري ٿي.

سنه 1748ع ۾ نادر شاهه کي قتل ڪيو ويو. احمد شاهه ابدالي جيڪو سندس سپهه سالار هو، تنهن افغانستان تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو. اهڙيءَ ريت سنڌ، ايران جي ماتحتيءَ مان نڪري، افعانستان جي ڏن ڀرو ٿي. ٿورو وقت ته احمد شاهه ابدالي پنهنجي مامرن کي نبيرڻ ۾ مشغول رهيو ۽ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ڏانهن ڌيان ڏئي ڪونه سگهيو. ميان نور محمد کي وجهه ملي ويو، جنهن کيس ڏن ڏيڻ ۾ دير ڪئي. جڏهن احمد شاه ابدالي ڏن وٺڻ لاءِ سنڌ تي ڪاهي آيو، (33) ته ميان نور محمد جيسلمير ڏانهن نڪري ويو ۽ اتي وفات ڪيائين. ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ سندس وڏي پٽ ميان مرادياب سندس گادي سنڀالي، پر ٽن سالن جي حڪمرانيءَ کان پوءِ کيس تخت تان لاهي غلام ساهه راڄ سنڀاليو، پوءِ سندس ڀاءُ عطر خان، احمد يار خان ۽ هن جي وچ ۾ تخت جي سوال تان اچي مامرو متو، جيڪو سالن تائين هلندو رهيو. اهو ڦيٽاڙو هلندو رهيو. نيٺ احمد شاه ابداليءَ 1761ع ۾ غلام شاه کي سنڌ جي حڪمران طور قبولي هن منجهيل مامري کي نبيري ڇڏيو (ڀ -45)ميان غلام شاه، ڪلهوڙا گهراڻي ۾ سڀني کان وڌيڪس گهارو حڪمران هو. هي پنهنجو خاندان ۽ قبيلي مان هوشيار ۽ داناءُ مڻهو هو. هن اڳرائي ڪري ٻين ملڪن تي به حملا ڪيا. سنڌ ۾ هن لاءِ ڪو مامرو منجهيل ڪونه هو ۽ نه وري کيس ڪنهن کي نيچو نوائڻو هو. سندس ارادو هو ته هو بغاوت جو ڦريرو ڦڙڪائي، سنڌ جي آزاديءَ جو اعلان ڪري. هن پنهنجي طاقت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪڇ تي ٻه ڀيرا ڪاهيو. هن پهريون حملو 1763ع ۾ جهارا تي ڪيو، جنهن ۾ هن جي سرسي ٿي. ٻئي حملي دوران، هو اڳتي وڌندو وڃي ڪڇ جي راڄڌاني ڀرسان پهتو ۽ راه کي مجبور ڪيائين ته لکپت ۽ بستا جا بندر سندس حوالي ڪري. غلام شاه جي اصلي نيت اها هئي ته هيءُ ملڪ فتح ڪري سنڌ سان ملائي ڇڏي، ڪڇ جا رهواسي راجپوت هئا (ڀ-46) هنن پنهنجي ڌرتيءَ جو بچاءُ سرترين تي رکي ڪيو هو. جڏهن حالتون نازڪ موڙ تي پهچنديون آهن، ته راجپوتي رت تي هڪ وحشت طاري ٿي ويندي آهي. غلام شاه ان فتح تي به ڏاڍو مگن هو. هيءُ سوڀ کيس ڏاڍي مهانگي پئي هئي، جنهن لاءِ هن پنهنجا اڪيچار ڪونڌر ڪهايا هئا. مذڪوره جنگ ۾ سنڌ جو هيءُ حڪمران ڪڇ جي ڪنهن ٿوري ڀاڱي تي سوڀ حاصل ڪري سگهيو هو. هن جي دور سان واڳيل جيڪي دلچسپ واقعا آهن، تن ۾ سنڌو درياه جي وهڪري جي تبديلي نمايان آهي، جيڪا 1758-59ع ۾ آئي ۽ ٻيو واقعو حيدرآباد قلعي جي اڏاوت آهي. مذڪوره قلعي جو بنياد 1768ع ۾ رکيو ويو. اڳين صديءَ دوران درياهي وهڪرن ۾ جيڪي تبديليون آيون، انهن سڀني مان وڌيڪ سنڌ اندر ۽ سنڌو درياه جي وهڪري ۾ آيون آهن، درياه جو مکيه وهڪرو ته پنهنجو اصلي پيٽ ڇڏي، پورو هڪ سو ميل پنهنجو رخ مٽائي ويو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان کان به گهڻو هجي. ساڳي وقت ريڻ وارو وهڪرو به سڪي ويو، جيڪو سنڌوءَ جي هاڻوڪي وهڪري کان پورا ستر ميل پري هو. اهو چئي ڪونه ٿو سگهجي ته ريڻ واري وهڪري کان مٿان ۽ اوڀر طرف ڪو ٻيو وهڪرو به موجود هو يا نه. جيڪڏهن اهو هوندو به ته، اهو به ريڻ جيان سڪي ويو هوندو، جنهن جو ڇوڙ جي اوڀر واري علائقي جي کيتيءَ تي ناڪاري اثر پيو هوندو. ان جو سبب اهو هو ته سنڌو درياه پنجويهه ڊگريون ۽ چاليهه فوٽ ڊگهائي ۽ اٺهٺ ڊگريون ۽ ايڪٽيهه فوٽ ويڪرائي ڦاڪ وٽان هڪدم وڪڙ ڪري، اولهه ڏانهن وهڻ لڳو ۽ ڏکڻ اوڀر ڏانهن وهندر اڳيون وهڪرو بند ٿي ويو. مون کي پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته رخ بدلائڻ کان اڳ ۾ نصرپور واري وهڪري ۾ ٿورن سالن تائين پاڻي هوريان هوريان گهٽبو ويو ۽ نيٺ بند ٿي ويو. هن حقيقت مان معلوم ٿيندو، ته سنڌو جو اولهه وارو وهڪرو آهستي آهستي پنهنجو رخ تبديل ڪري رهيو هو. هن وهڪري بابت ڪئپٽن ايف برٽن F.Burton کي جيڪي حقيقتون مليون، سي مٿين حقيقت سان هڪ جهرائي رکن ٿيون، جن کي هو پاڻ، ڪا ڪهاڻي تصور ڪري ٿو. هو صاحب پنهنجي ڪتاب، ”هسٽري آف سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي ماڻهو درياهن جي وهڪرن مٽائڻ جي مامري ۾ ڪي هٿ جون هڻي، پنهنجين ڳالهين کي وڃي اوجهڙ ۾ هڻندا آهن ۽ ٻين مشرقي ماڻهن جيان ڪا ڏند ڪٿائي ڳالهه ملائي، تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي ڇڏيندا آهن. درياهي وهڪري جي تبديليءَ جي موضوع تي جڏهن حيدرآباد جي هڪ جهونڙي کان پڇيم، تڏهن واراڻيائين ته سندس پيءُ جي ڏينهن ۾ فوجي ڪئمپ ڪوٽڙيءَ جي سامهون درياهه لانگها ٿي ويندو هو“ ڪئپتن برٽن کي هيءَ ڄاڻ سنه 1884ع ۾ ملي. ان ليکي سان ان جهونڙي جو پيءُ ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ جي حقيقتن کان ضرور واقف هوندو. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ نصرپور وارو وهڪرو هوريان هوريان سڪي رهيو هو ۽ اولهه واري نئين وهڪري ۾ هوريان هوريان پاڻي وڌي رهيو هو. ان ڪري امڪان اهي، ته ڪنهن موسم ۾ درياه لانگها ٿي ويندو هوندو ۽ پوڙهي جي بيان ڪيل حقيقت بلڪل صحيح آهي، ڪئپتن برٽن جو هيءُ لکڻ ته ”هتان جا ڏيهي ماڻهو ڪجهه هٿ جون به هڻي وٺندا آهن“ صحيح ڪونه ٿو لڳي.هن وڏي تبديليءَ، سنڌو درياه کي، اولاهين ٽڪرائتي علائقي جي دنگ سان موجود لٽاسي خطي ۾ آڻي بيهاريو آهي.س ندس ڇڏيل ۽ موجوده وهڪري جي وچ ۾ ستر ميلن جي وٿي آهي. ان وقت کان وٺي موجوده دور تائين درياهه ڪنارو کائيندو پائيندو وڃي ٽڪرين جي بلڪل ڪڇ ۾ پيو آهي. مذڪوره جابلو علائقو اولهه کان اوڀر ڏانهن لهندو ۽ لهنوارو ٿيندو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت سيوهڻ کان ٺٽي تائين درياه کي اولهه ڏانهن سرڪڻ لاءِ ڪا جاءِ ئي ڪانه آهي.

ريڻ وهڪري جي سڪي وڃڻ ڪري، سندس پاڻيءَ تي آباد ٿيندڙ علائقي کي ڏاڍو هاڃو رسيو، پر ڦليلي ڦات جي پاڻي ان برپٽ واري جوءِ کي سائو ستابو ڪري ڪجهه پورائو ڪيو. هيءَ ڇاڙهه حيدرآباد کان ڇهه ميل اتر سنڌو مان ڇڄندي هئي ۽ گنجي ٽڪر جي اوڀارين ڪڇ ڏئي، سنڌوءَ جو پراڻو پيٽ اڪري، وڃي ريڻ واري ڇڏيو وهڪري ۾ پوندي هئي ۽ ڪيترن ميلن جي پنڌ تائين ان جي پراڻي پيٽ مان به وهندي هئي. جنهن ماڳ وٽان ڦليلي ڦاٽ درياه جي مکيه وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿئي ٿو. اتان ئي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي جي شروعات سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هي وهڪرو درياه کان ڇڄڻ کان پوءِ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين وري ڪاٿي به سنڌوءَ سان ڪونه ملندو آهي. وچ تي ڪاٿي کيس گونيءَ جي نالي به سڏيو ويندو آهي. سندس صورت آبپاشيءِ جي هڪ وڏي واه جهڙي هوندي آهي. سڪندر اعظم جي جنگي مهم سان لاڳاپيل تاريخ جي شارحن ۽ محققن جي خيال مطابق، ان دور جو پٽالا شهر انهن ماڳن تي هو، جتي هاڻي حيدرآباد آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڇوڙ واري ٽڪنڊي جي شروعاتي نڪتي وٽ موجود آهي. کين اهو وهم ۽ گمان به ڪونه آهي، ته ڇوڙ جي ٽڪنڊي جو هي سِرو فقط اڳئين صديءَ جي ڳالهه آهي. هن حقيقت کي به وساري ڇڏين ٿا ته سڪندر جنهن اوڀارين وهڪري سان هاڪاري ويو هو، سو به درياه جيڏو وڏو وهڪرو هو.“ پر ان جي جاءِ تي ڦليلي، درياه جي هڪ ننڍڙي ڇاڙهه آهي (144)فقط ڦليليءَ جي هتان وهڻ ڪري غلام شاهه ڪلهوڙي کي حيدرآباد جي قلعي اڏڻ جو خيال آيو هو. هن کان اڳ ۾، سنه 60-1759ع ۾ کاڻوٺ جو شهر اڏيو هو. پر درياهه جي ٻوڏ جي خطري سبب ان شهر کي به ڇڏيو ويو. هن 1762-63ع ۾ (145) شاه پور جو بنياد رکيو هو. کيس اهو خيال هوندو هو ته راڄڌاني اهڙي جاءِ تي قائم ڪئي وڃي، جتي درياه جي ٻوڏ کان بچاءُ هجي. سندس ڀاءُ مراد ياب خان، مراد آباد نالي هڪ راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هو، پر درياه ان کي ٻوڙي پائي کڻي ويو هو. ان ڪري کيس ڊپ ٿي بيٺو. هن سوچيو ته راڄڌاني ڪنهن محفوظ ماڳ تي هجڻ گهرجي. مذڪوره مرادآباد جو شهر نصرپور ڀرسان هو، جيڪو 1656-57ع واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. مراد ياب خان ۽ سندن ٻن پٽن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نڪري جان بچائي هئي. بعد ۾ اتر، سڪرنڊ جي پرڳڻي ۾ وڃي نئين راجڌانيءَ جو بنياد رکيو هئائين، جنهن جو نالو هن احمد آباد رکيو هو. امڪان اهو آهي ته هيءَ ٻوڏ هن علائقي ۾ وڏين درياهي تبديلين ڪري آئي، يا ٿي سگهي ٿو ته هن وڏيءَ ٻوڏ ڪري مذڪوره درياهي تبديليون اچي ويون هيون. خير حقيقت ڇا به هجي، پر اهڙو علائقو موجود ئي ڪونه هو، جيڪو راڄڌانيءَ لاءِ موزون هجي ۽ راڄڌاني ٻوڏ جي تباه ڪارين کان به محفوظ هو ۽ سندس ڪڇ مان ڦليليءَ به تازو وهڻ شروع ڪيو هو، تنهنڪري جيڪڏهن هتي راڄڌاني تعمير ڪئي پئي وئي، ته سڀئي گهربل شرط ۽ سهوليتون پوريون ٿي رهيون هيون. انهيءَ ڪري هن ڪلهوڙي حڪمران نيرون جي ٿرڙ تي سنڌ جي راڄڌانيءَ اڏڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي نيرون ڪافري به سڏيو ويندو هو. نيرون وارو پراڻو قلعو ناس ٿي چڪو هو، ڀتيون ڊهي پٿرن جا ڍير بڻجي ويون هيون. ڀر وارو پوٺو به پيرن جو قبرستان ٿي ويو هو. مسلمانن جي عقيدي مطابق اهو ڇوٽڪاري ۽ خداءِ جي رحمتن نازل ٿيڻ وارو ماڳ بڻجي ويو هو. غلام شاه هر شيءِ کي ٻهارائي صاف ڪرايو. نيرون جي ياد سان واڳيل نه ڪو پٿر ڇڏيائين ۽ نه وري ڪنهن پير بزرگ جي قبر جي ڪا نشاني ڇڏيائين. سڀ ميڙائي پڌر پالها ڪري، ان وسيع ۽ ويڪريءَ ايراضيءَ تي حيدرآباد جو قلعو جوڙايائين. هي ڪلهوڙا خاندان جي وڏين اڏاوتن مان هڪ هئي، جنهن جو سنه 1768ع ۾ بنياد رکيو ويو هو. هن قلعي ۾ غلام شاهه 1770ع کان رهڻ شروع ڪيو. قلعي جي تعمير کان پوءِ هيءُ حڪمران ٿورو وقت زنده رهيو. سنه 1772ع واري سال ۾ هڪ ڏينهن هن تي اڌ رنگ حملو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن هن، هيءُ فاني جهان ڇڏيو، سندس وفات بابت عام خيال اهو هو ته هن پيرن فقيرن جون قبرون ڊاهي قلعو جوڙايو هو، تن جي پٽن پاراتن ڪري مري ويو.غلام شاهه ڪلهوڙا گهراڻي جو سڀ کان آخري سگهارو حڪمران هو. منجهس پنهنجي ڪلهوڙا گهراڻي واروين ڏاڍيون اڙ ٻنگايون هيون. ڪيس ڪلور ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو هو. پر سگهارو حڪمران هو. ملڪ ۾ چوڏس امن امان هو. اهو ڄڻ ماڻهن کي هن ڳالهه ڏانهن ويچار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هو، ته ڏاڍ ۽ ظلم ڪرڻ فقط هن جو حق آهي. سندس وفات ڪرڻ سان ئي سنڌ ڏلاون ۽ ڏوجهرن ۾ اچي وئي. هن کان پوءِ سندس پٽ سرفراز گاديءَ تي ويٺو هن پنهنجي پيءُ جي گس سان هلي ڪڇ تي حملو ڪيو. هن حملي مان سندس مقصد ڦرلٽ ڪرڻ هو. سندس ڀاڳ ڀلا هئا، جو ڪڇ ۾ سندس سرسي ٿي. هن اتان واپس ورنديئي، انهن ماڻهن کي مارائڻ شروع ڪيو، جن مان کيس تخت جي دعويداريءَ جو خدشو هو. سندس پيءُ به ائين ئي ڪيو هو. ان ڪري ڪلهوڙا گهراڻي جي حڪمرانيءَ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي. ڪلهوڙن جيان بلوچ قبيلا اولاهين سرحد کان لڏ پلاڻ ڪري اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا. پر اُهي ڪلهوڙن کان تمام گهڻو پوءِ آيا هئا. هي به ڪلهوڙن جيان پهريائين اچي وچوليءَ سنڌ جي ڏاکڻين ڀاڱي ۾ ويٺا هئا ۽ گمبٽ جي اوسي پاسي به وڃي لڏا لاٿائون، جتي جوڻو ڪلهوڙو پنهنجا اجها اڏي، سنڌين سان رشتا ناتا جوڙي وڃي ويٺو هو. چيو ويندو آهي ته ٽالپر شروعاتي زماني ۾ ڏاڍا غريب مالوند ۽ ايل پنهوار هئا. هو، هوريان هوريان مٿي اڀري سنڌ جا حڪمران بڻيا. سنڌ ۾ سندن پهريون برک ۽ نامور سردار مير شهداد خان هو، جنهن شهدادپور جو شهر اڏايو. سندس پٽ مير بهرام خان ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وزيراعظم هو. غلام شاهه جي ڏينهن ۾ به ساڳئي عهدي تي بحال رهيو. ٿوري وقت لاءِ هن کيس ان عهدي تان لاهي ڇڏيو، جنهن جو سبب معلوم ڪونه آهي. ٿي سگهي ٿو ته کيس منجهس بيوفائي جو شڪ هجي. ميان سرفراز ته پنهنجي پيءُ کان به ٻه وکون اڳتي نڪري ويو. هن مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ٿوري وقت کان پوءِ سنڌ جا راڄوڙا ۽ لٺ سردار ميان سرفراز کان ناراض ٿي ويا ۽ تخت تان لاهي ڇڏيائونس. بعد ۾ سندس جانشين سان بهس اڳي ويڌن ٿي. ميان غلام شاه جي ڀاءُ ميان غلام نبيءَ کي پڳ ٻڌرايائون. ان زماني ۾ مير بهرام خان جو ٻيو پٽ مير بجار حج ڪري سنڌ موٽي آيو هو، هن پنهنجي ڀاءُ جي قتل جي پلاند وٺڻ لاءِ پنهنجي بلوچ برادر کي ڪٺو ڪيو. زمينون گهمندي غلام نبي سندس منهن پئجي ويو ۽ ان کي اتي ئي قتل ڪري وڌائين (ڀ-47) ميان عبدالنبي ڀڄي وڃي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناهه ورتي، جتي هن تخت جي ٽن دعيودارن کي قتل ڪري ڇڏيو (ڀ-48). مير بجار اڳتي وڌي وڃي حيدرآباد جو گهيرو ڪيو. پر سمجهيائين ته هيءُ قلعو فتح ڪرڻ جهڙو نه آهي، تنهن ڪري ساڻس ڳالهيون ڪيائين ۽ چيائينس ته هو تيستائين کيس سنڌ جو حاڪم تسليم نه ڪندو، جيستائين هو کيس سنڌ جو وزيراعظم مقرر نه ڪندو. مير بجار هن خون پياڪ ظالم سان ڳالهيون ڪري صلح ته ڪيو، پر پنهنجي حياتي داوَ تي لڳائي ڇڏيائين (34) عبدالنبي پنهنجو ڪينو لڪائيندو رهيو، ان کان پوءِ هن جوڌپور جي راجا کان ٻه شخص آڻايا. اهي ماڻهو درخواست ڏيڻ جي بهاني مير بجار جي ويجهو آيا ۽ اوچتو خنجر ڏڙڪائي ڏنائونس (ڀ-49). ميان عبدالنبي بلوچن جي پلاند کان ڊڄي قلات هليو ويو. قلات جي حڪمران سانس هڪ لشڪر موڪلي ڏنو، جنهن کي ٽالپرن شڪست ڏئي، پوئتي ڀڄائي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ هو ڀڄي جوڌپور جي راجا ڏانهن هليو ويو. راجا به کيس لشڪر جي امداد ڏئي، سنڌ روانو ڪيو. هن وري به شڪست کاڌي. آخر ۾ هو قنڌار هليو ويو. ان زماني ۾ مير بجار خان قتل ٿي ويو هو، سندس جاءِ تي سندس پٽ عبدالله ۽ ڀائٽيو فتح علي سنڌ جو راڄ سنڀالي رهيا هئا. هاڻي هنن سردار جي ڀڄڻ جو وارو هو. تيمور شاه افغان ميان عبدالنبي کي تخت وٺي ڏيڻ لاءِ سنه 1781-82ع ۾ پنهنجي هڪ مکيه فوجي سالار مدد خان کي سنڌ روانو ڪيو (35) ٽالپر سردار ان وقت تائين سنڌ ۾ پنهنجي سياسي سگهه ڄمائي ڪونه سگهيا هئا. جڏهن افغانن جي لشڪر جو ايندو ٻڌائون، ته ٿر ڏانهن نڪري هليا ويا (ڀ-51). مدد خان هڪ ظالم ماڻهو هو، سنڌ جا ماڻهو سندس ظلمن کي اڃا تائين ياد ڪندا آهن، اتر کان وٺي ڏکڻ تائين جنهن علائقي مان گذريو، شهر، ڳوٺ، وسنديون، واهڻ، وانڍيون، ڦريندو، لٽيندو، باهيون ڏيندو ساڙيندو رک ڪندو، ماڻهو ماريندو، سڄو ملڪ ڀيليندو، ڀڙ ڀانگ ڪندو ويو. پٺيان رک جي ڍيرن ۽ ماڻهن جي لاشن کان سواءِ ڪجهه به نه رهيو. وحشي پٺاڻن تيستائين، ماٺ نه ڪئي، جيستائين رت ۽ تباهيءَ مان کين ڍءُ نه ٿيو. ميان عبدالنبيءَ کي گاديءَ تي وهاري تيمور شاه جو لشڪر واپس موٽيو ته پٺيان ڏڪار ۽ وبائي مريءَ منهن ڪڍيو. مدد خان پٺاڻ سنڌ جي هنن بدنصيب ماڻهن مٿان الاهي آپدا بڻجي اچي لٿو، تنهنجو لازمي نتيجو هو. تخت جي دعويدار ڌرين مان ڪنهن سان به سندن واسطو ڪونه هو. ايلفن اسٽون پنهنجي ڪتاب، ”اڪاؤنٽ آف ڪابل“ ۾ لکي ٿو ”ان موقعي تي جيڪي تباهيون ٿيون، تن مان سنڌ اڃا تائين 1815ع پاڻ ڀري ڪانه سگهي آهي.مير عبدالله ٽالپر کي ڪو تجربو ڪونه هو (36) ڌڪا ٿاٻا کائي نيٺ سنڌ موٽي آيو (ڀ-52) ۾ اچي ميان عبدالنبيءَ جي پيش پيو، جنهن ٿوري وقت کان پوءِ کيس مارائي ڇڏيو. ٽالپر وري سياسي سگهه حاصل ڪري ويا. هنن مير فتح عليءَ خان جي اڳواڻيءَ ۾ ميان عبدالنبيءَ تي حملو ڪري، کيس ڊورائي ڪڍي ڇڏيو. هن وري وڃي قنڌار مان مدد حاصل ڪئي. سنڌين سان ظلم ته پٺاڻن جي هن فوج به ڪيو ۽ ڏاڍو ڪيو، اصلي وڻ وڄائي ڇڏيا، پر مدد خان واري لشڪر کان ڪجهه گهٽ، عبدالنبيءَ کي سخت شڪست ملي. ان کان پوءِ هيءُ سنڌ ائين ڇڏي ويو، جو وري موٽي ڪونه آيو، اهري ريت سنڌ ۾ ڪلهوڙا گهراڻي جي حمراني پوري ٿي. ڪابل جي حڪمران زمان شاه ميرن جي حڪومت کي سنه 1793ع ۾ تسليم ڪيو. هقيقت ۾ ميرن جي راڄ جي شروعات سنه 1783ع ۾ ٿي هئي، پر ڪلهوڙا پنهنجي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل رهيا، نيٺ هلي هلي مايوس ٿي بيهي ويا. اهڙين وڳوڙي حالتن ڪري، سنڌ جون اقتصادي حالتون ڊاوان ڊول ٿيويون ۽ ٽالپر سردارن جي دور ۾ سنڌ جون حالتون وري سڌرڻ لڳيون، ڪلهوڙا سنه 1737ع کان 1783ع تائين ڇائيتاليهه سال سنڌ جا حاڪم رهيا. ان جي جانشين گهراڻي سنڌ کي سري، وچولي ۽ لاڙ جي ٽن سرڪارين ۾ ورهايو ۽ سٺ سالن تائين حڪومت ڪئي. سندن تعلق هتان جي ڏيهي گهراڻي سان هو. سندن سنڌ تي راڄ 1843ع، ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ سان ختم ٿيو.

نادر شاھ

سنڌ تي نادر شاهه ايراني (Naadir Shah Iraani) جي حملي، ظالم ۽ ڏاڍ جي بي انت بحر ۾ ھڪ ڏهڪائيندڙ ٻوڏ جي حيثيت اختيار ڪري ورتي، جنھن اوچتو سنڌ جي سرزمين کي، پنھنجي جولانيءَ جو نشانو بڻايو ۽ سڄي ملڪ جو انتظامي سرشتو ٽُڪر ٽُڪر ڪري وڌو. ھزارين ماڻھو گھر ٻار ۽ اجھا ڇڏي، دربدر خاڪ بسر رُلندا رھيا. سندن ميڙي چونڊي، سڀ ڦرجي ويئي. جتي نادر شاھ جو پير پھتو، آباديون ۽ فصل ويران ٿي ويا. ملڪ جي عام وسيلن کي سخت نقصان پھتو. ڪلھوڙن، ٻين پيڙھين جي حڪمرانيءَ ۾، آئي ويل جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڪجھ پاڇي ڪيو ھو، اھو سڀ نادر ميڙي سھيڙي پاڻ سان کڻي ويو. انھيءَ کانسواءِ، سالياني خراج جو، ڳاٽي ٽوڙ پٿر به، سنڌ ڳچيءَ ۾ ٻڌي ويو. ملڪي وحدت به قائم رھڻ نه ڏنائين ۽ ان کي ٽُڪرن ۾ ورھائي ڇڏيائين.

ٺٽو

سنڌ جي پراڻن ۽ قديم شهرن مان ٺٽو هڪ قديم، تاريخي ۽ هڪ قابل ذڪر شهر آهي. ٺٽي شهر جي قائم ٿيڻ، اُن جي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻيءَ، رسم رواج، علم ادب تي تاريخي حوالن سان، ڪي قدر تحقيقي مواد سامهون آيو آهي. جن مان مير علي شير قانع، مير محمد بن جلال ٺٽوي، امير خسرو دهلوي ۽ ادراڪي بيگلاريءَ کان سواءِ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪن غيرملڪي مؤرخن، سياحن، جهڙوڪ جنرل هيگ، ميجر راورٽي، هيوز، ايٽڪن، پاٽنجر، مانرڪ، منوڪي، هئملٽن ۽ ڊاڪٽر سورلي تعريف جوڳو ڪم ڪيو آهي .

گھوٽڪي

گھوٽڪي(انگريزي: Ghotki) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي گھوٽڪي جو ھڪ شھر جيڪو تعلقي گھوٽڪي جي صدر مقام ھجڻ سميت گھوٽڪي جي عدالتي ضلعي جو پڻ صدر مقام آهي. گھوٽڪي ضلعي جو انتظامي صدرمقام ميرپورماٿيلو ۾ آھي. گھوٽڪي شھر ضلعي جو سڀ کان وڏو شھر آھي. گھوٽڪي شھر قومي شاهراھ اين-5 ۽ ڪراچي- پشاور ريلوي لائن تي واقع آهي.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.