11 سيپٽمبر

11 سيپٽمبر (انگريزي: September 11) عيسوي سال جو 254 هون (ليپ سال 255 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 111 ڏينهن (ليپ سال 112 ڏينهن) باقي آهن. [1]

1 2 3 4 5 6 7
8 9 10 11 12 13 14
15 16 17 18 19 20 21
22 23 24 25 26 27 28
29 30  

واقعا

پيدائش

فوتگيون

وڌيڪ ڏسو

حوالا

  1. وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «September 11»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
10 سيپٽمبر

سيپٽمبر 10 (انگريزي: September 10)، عيسوي سال جو 253 هون (ليپ سال 254 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 112 ڏينهن (ليپ سال 113 ڏينهن) باقي آهن.

9 سيپٽمبر

9 سيپٽمبر (انگريزي: September 9)، عيسوي سال جو 252 هون (ليپ سال 253 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 113 ڏينهن (ليپ سال 114 ڏينهن) باقي آهن.

آلندي سيلويڊار

چليءَ جو سوشلسٽ ليڊر ۽ صدر آلندي سيلويڊار، سال 1908ع ۾ ڄائو هو ۽ 1973ع ۾ ماريو ويو. آخري دم تائين هار نه مڃيائين ۽ مشين گن هلائيندي وڙهندو رهيو. شايد ٻئي ڏينهن تي هن جو دوست راڳي شاعر وڪٽر هارا به ماريو ويو. هن جي زال، جون هارا جي ڪتاب “Victor, The Unfinished Song” ۾ آلندي جو ذڪر آهي. آلندي هڪ پڪو مارڪسٽ هو، جيڪو ڏکڻ آمريڪا ۾ هڪ آزاد اليڪشن ۾ کٽي ويو هو. هو چليءَ جي سوشلسٽ پارٽيءَ جو 1943ع ۾ سيڪريٽري جنرل ٿيو، جيتوڻيڪ هڪ سوشلسٽ جي حيثيت ۾ انهيءَ سوشلسٽ گروپ جي خلاف ڪامياب ٿيو هو، جيڪو ڪميونسٽ ڌر جو حامي هو، پر پوءِ هن ڪميونسٽن سان تعاون جي ضرورت محسوس ڪئي ته جيئن چليءَ ۾ انقلابي تحريڪ ڪمزور نه ٿئي. 1948ع ۾ هو سوشلسٽ پارٽيءَ کي صدر گبرئيل گونزاليز وڊيلا جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي آماده نه ڪري سگھيو، نه وري ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حمايت تي آماده ڪري سگھيو. هن سوشلسٽ پارٽيءَ کي الوداع ڪري، هڪ ٻي سوشلسٽ پارٽي ٺاهي، جنهن کي ”پاپولر سوشلسٽ پارٽي“ نالو ڏنو ويو. جڏهن 1952ع ۾ ان پارٽيءَ اڳئين آمر جنرل ڪارلوس ابنيز کي چونڊ ۾ اميدوار جي حيثيت ۾ مدد ڪئي ته آلندي پي. ايس. پي ڇڏي، اصلي سوشلسٽ پارٽيءَ ۾ موٽي آيو. هن کي ڪميونسٽن مدد جي آڇ ڪئي ۽ سوشلسٽن چونڊن ۾ کيس صدارت لاءِ اميدوار چونڊيو. ٻنهي پارٽين اتحاد ڪيو، جنهن کي ”پاپولر ائڪشن فرنٽ“ ڪوٺيو ويو، جنهن ٽي ڀيرا 1952ع، 1958ع ۽ 1964ع ۾ آلندي کي صدارتي اميدوار جي حيثيت ۾ مدد ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيا. فرنٽ جي جاءِ تي پوءِ ”پاپولر يونٽي“ ٺاهي وئي، جنهن ۾ ريڊيڪل پارٽيءَ جا ميمبر، ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ اهي ڪرسچن ڊيموڪرئٽ، جيڪي پنهنجي پارٽيءَ سان اختلاف رکندا هئا، شامل ٿيا. 1970ع جي اليڪشن ۾ آلندي کٽي ويو، پر جيئن ته کيس واضح اڪثريت نه هئي، ان ڪري اُتان جي قانون مطابق هن جي اليڪشن کي قومي اسيمبليءَ بحال ڪيو، ڪرسچن ڊيموڪرئٽن، آلنديءَ جي ان شرط تي حمايت ڪئي ته هو آئين کي نه ٽوڙيندو. آلندي جي پروگرام ۾ بئنڪن ۽ خانگي ڪمپنين کي قومي تحويل ۾ وٺڻ به هو ۽ زرعي سڌارا به هئا. زرعي سڌارا تيز ڪيا ويا، 1972ع تائين سموريون وڏيون جاگيرون قوميايون (Nationalize) ويون. آلندي جي سرڪار جو آمريڪا سان ان وقت ٽڪراءُ ٿيو، جڏهن آمريڪا جا ٽامي جا ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا ۽ انهن لاءِ ڪافي معاوضو نه ڏنو ويو. وچولي طبقي جي وڌندڙ ڪرتوتن سبب آلندي خلاف 1972ع ۽ 1973ع ۾ هڙتالون ۽ مظاهرا ٿيا. 1973ع جي اونهاري تائين آلندي جي پورهيت حامين ۽ وچولي طبقي جي ڌرين ۾ اختلاف وڌي ويا. 11 سيپٽمبر 1973ع ۾ آلندي جي حڪومت جو تختو ملٽري ڪُو (Coup) ذريعي اونڌو ڪيو ويو ۽ آلندي محل اندر وڙهندي مارجي ويو.

آمريڪا جون گڏيل رياستون

آمريڪا جون گڏيل رياستون:(انگريزي: United States of America) جنهن کي يونائيٽيڊ اسٽيٽس، يو ايس يا آمريڪا به چيو ويندو آهي، 50 رياستن تي مشتمل هڪ جمهوري ملڪ آهي. هي ملڪ اتر آمريڪا کنڊ ۾ واقع آهي. هتان جي گادي جو هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۽ سڀ کان وڏو شهر نيويارڪ آهي. 50 مان 48 رياستون هڪ ئي هنڌ ڪئناڊا جي ڏکڻ ۽ ميڪسيڪو جي اتر ۾ واقع آهن، جڏهن ته هڪ رياست الاسڪا باقي ملڪ کان پري ڪئناڊا جي اولھ ۾ ۽ ٻي رياست هوائي باقي ملڪ جي اولھ ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي. آمريڪا جي واشنگٽن رياست اهم رياست آهي آمريڪا جي ڪل آبادي 32 ڪروڙ آهي ۽ هي آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي. هي ملڪ 1776 ۾ قائم ٿيو. ناڻي ۽ فوجي طاقت جي لحاظ کان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي.

آمريڪي رياستن جي قيام جي ٽائيم لائين

افغانستان جو گهوٽالو

افغانستان جو گهوٽالو يا افغانستان ڪرائسز (Afghanistan Crisis) اصل ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي افغانستان ۾ وڏي پئماني تي فوجي مداخلت (ڊسمبر 1979ع ) جو عمل آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ ٿڌي ويڙهه (Cold War)واري مُقابلي بازيءَ جو هڪ اهم مرحلو هو. ان وچ ۾ پوڻ پٺيان سوويت يونين جي سياسي مقصدن کي آمريڪي انتظاميا ته هڪمدم رد ڪري ڇڏيو، پر سخت ۽ تڪڙي آمريڪي رد عمل جي نتيجي ۾ ”اُترائٽلانٽڪ اتحاد“ (NATO) ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿيو. ڇاڪاڻ ته اهم يورپي ملڪ سوويت يونين خلاف ’لامحدود پابندين‘ واري آمريڪي نيتيءَ جا مخالف هئا. ان هوندي به آمريڪي سياسي قيادت سوويت مخالف حڪمت عمليءَ تي سختيءَ سان ڪاربند هئي، ڇاڪاڻ ته سوويت جي وچ ۾ پوڻ ٻنهي عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ نرميءَ واري نيتي (Détente) ختم ٿي ۽ سوويت يونين طرفان والار پسنديءَ جي رجحان ۾ واڌارو ٿيو. افغان مسئلي جي پسمنظر ۾ وڃڻ سان خبر پوندي ته افغانستان ۾ 1978ع جي بهار جي موسم ۾، انقلابي فوجي اهلڪارن جي هڪ گروهه مُلڪي صدر سردار محمد دائود جو تختو اونڌو ڪري ڪامياب حڪومتي تبديلي آندي. جنهن جي نتيجي ۾ فوج جي قيادت ۽ مارڪس-وادي ”پيلپز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان“ سان لاڳاپيل هڪ عُبوري اختيارن جي انقلابي ڪائونسل جوڙي وئي. نئين قيادت سڌارا آڻڻ ۽ افغان سماج کي جديد بنائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون، ٻئي طرف مذهبي ۽ روايتي اڳواڻن اهڙين ڪوششن خلاف سخت مزاحمت جو مظاهرو ڪيو. ان ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ اسلامي بنياد پرستيءَ جي شروعات ٿي. 1978ع جي پڇاڙيءَ ۾ افغانستان ۽ روس جي ٻنهي حڪومتن”ٽريٽي آف فرينڊشپ، گڊ نيبرلينيس ۽ ڪوآپريشن“ تي صحيون ڪيون . ان معاهدي جي هڪ شق هيٺ فوجي رخ ۾ سهڪار جي ڳالهه سان گڏ، ايشيا لاءِ اثرائتي سلامتيءَ ڀريي نظام جوذڪر پڻ ڪيو ويو. انهيءَ افغان انقلابي حُڪومت ۽ سوويت يونين سهڪار جو افغان معاشري تي اُبتو بغاوت ڀريو اثر ٿيو. افعانستان ۾ وڌندڙ بغاوت سبب سوويت يونين ڊسمبر 1979ع ۾ پنهنجون فوجون آنديون. جنوري 1980ع تائين اهو انگ وڌي 80000 کي وڃي پهتو. ان صورتحال جي نتيجي ۾ علاقائي عدم استحڪام جي صورت پيدا ٿي ۽ آمريڪا به جوابي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ متحرڪ ٿيو. ان دوران ايران ۾ سندس سفارتڪارن کي يرغمال بنائڻ واري گهوٽالي ۾ ڦاٿل آمريڪا، اولهه يورپ ۾ پنهنجي ساک بحال رکڻ ۽ سوويت يونين کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ، اڻ سڌيءَ طرح ساڻس مهاڏو اٽڪائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آمريڪا طرفان، افغان مجاهدين جي امداد شروع ڪئي. سوويت فوج ۽ اسلامي مجاهدن وچ ۾ اها لڙائي روس کي ڏاڍي ڳري پئي ۽ جاني، مالي توڙي سياسي حوالن سان سندس تمام گهڻو نقصان ٿيو. ان تڪرار سبب هڪ طرف دُنيا ۾ سوويت يونين جي فوجي صلاحيت آڏو سوال اُڀرڻ شروع ٿيا، ته ٻئي طرف روس اندر سياسي گهوٽالو وڏڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ سوويت يونين اندر پراڻ- پسند قيادت جي جاءِ تي نوان تصور رکندڙ قيادت صاحبيءَ ۾ آئي، جيڪا روسي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ ميخائل گورباچوف (Mikhail Gorbachev) جي سرواڻيءَ ۾ اڳتي وڌي. گورباچوف جي اقتدار ۾ اچڻ سان افغان گهوٽالي نئون ۽ هاڪاري رخ اختيار ڪيو. نيٺ معاملي جو امن ڀريو حل ڪڍڻ لاءِ افغان گهوٽالي ۾ شامل ڌرين گڏيل قومن جي نگرانيءَ هيٺ 1988ع ۾ جينيوا ۾ هڪ معاهدي تي صحيون ڪيون، جنهن جا هيٺيان مُک نُڪتا هئا.(1) افغانستان مان سوويت فوجون واپس گهرائڻ (2) افغان رياست جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ (3) افغان مهاجرن جي پُر امن وطن واپسي ٿيڻ جوڳي بنائڻ . سوويت يونين ۽آمريڪا طرفان معاهدي جي ضمانت هيٺ ٿيل اهڙي سهمتيءَ جي نتيجي ۾، عالمي برادريءَ سوويت يونين جي افغانستان مان واپسيءَ جي ڀليڪار ڪئي. سوويت فوجن جي واپسيءَ کان پوءِ افغانستان ۾ پهريائين مُجاهدين ۽ پوءِ طالبان جون بُنياد پرست حڪومتون ٺهيون، جن افغان جهاد ۾ شامل عرب ۽ ٻين شدت پسندن سان گڏجي عالمي سطح تي اسلامي ڪٽرپڻي جي لاڙي کي جنم ڏنو. ان جي نتيجي ۾ اسامه بن لادن جي تنظيم ”القاعده“ کي آمريڪا ۾ ٿيل 11 سيپٽمبر 2001ع وارن آپگهاتي حملن جو ذميوار قرار ڏنو ويو. ان دهشتگرد ڪارروائيءَ جي حوالي سان آمريڪا افغان”طالبان“ کان اُسامه بن لادن کي سندس حوالي ڪرڻ ۽ ”القاعده“ تي پابندي مڙهڻ جي گُهر ڪئي، جيڪي پورا نه ٿيڻ ڪارڻ، آمريڪا 2002ع ۾ افغانستان تي ڪاهه ڪري طالبان حُڪومت ختم ڪري ڇڏي.

ايلسا قاضي

ايلسا قاضي:Elsa Kazi (1884–1967): علامه قاضي جي گهر واري جرمن خاتون آهي. پاڻ سنڌي ادب ادن جي انگريزي ۾ کوڙ ساري خدمت ڪئي اٿس.سندس پيدائشي جرمن نالو گرٽروڊ لئش(Gertrude Loesch) ھيو. سنڌ م ۾ عام طور تي کيس "Mother Elsa" : امڙ ايلسا جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي.

تاج صحرائي

تاج صحرائي انگريزي ٻولي (Taj Sahrai) (پيدائش:11 سيپٽمبر 1921ع-وفات: 28 آڪٽوبر 2002ع) سنڌ، پاڪستان جو مشهور محقق، مؤرخ ۽ اديب هو. هن تاريخ، قديم آثارن ۽ ادب بابت سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا. کيس ادبي خدمتن عيوض حُڪومت پاڪستان پرائيڊ آف پرفارمنس جي تمغي جو اعزاز بخشيو.

روشن آرا

روشن آرا بيگم(انگريزي: Roshanara Begum)

(3 سيپٽمبر 1617 – 11 سيپٽمبر 1671)ھيء مغل شاھي فيملي جي سڀ کان بدنام عورت ھئي جنھن اورنگزيب کي اقتدار ۾ ڪردار ادا ڪيو.

غلام حسين ھدايت الله

غلام حسین ھدايت اللہ (انگريزي: Sir Ghulam Hussain Hidayatullah )(1879ع-1948ع) صوبي سنڌ جو پاڪستان جي قيام کان اڳ ٻہ دفعا وزيراعظم (1937 کان 1947 تائين سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو کي سرڪاري طور تي وزيراعظم سڏيو ويندو هو جيڪو عھدو پاڪستان ٺھڻ بعد پھرين دفعو وزير اعلي بڻيو) ۽ پاڪستان جي قيام بعد سنڌ جو پھريون گورنر رھيو. پاڻ سنڌ جو نامور سياستدان ھيو.

محمد علي جناح

محمد علي جناح يا محمد علي جيڻا عرف قائداعظم (انگريزي ٻولي: Muhammad Ali Jinnah) پاڪستان جو باني، برطانوي هندستان ۾ 25 ڊسمبر 1876ع تي سنڌ جي هاڻوڪي ٺٽي ضلعي جي شهر جھرڪ ۾ ڄائو. هن جي والد جو نالو جناح پونجا هو. جيڪو راجڪوٽ ڪاٺياواڙ جو رهاڪو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ چمڙي جو ڪاروبار ڪندو هو. قائداعظم جي پيدائش تي ٻي راء اھا آھي تہ ڪراچي وزير مينشن ۾ پيدا ٿيو ھو.

سنڌ جي درسي ڪتابن ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ان جي جاء پيدائش جھرڪ ظاھر ڪئي وئي بعد ۾ نصاب ۾ تبديلي آڻي ڪراچي ظاھر ڪئي وئي.

مدني چینل

پاڪستاني مذهبي ٽي وي چینل

مڪو ڪرين حادثو

سعودي عرب جي شهر مڪي مڪرم ۾ مسجد الحرام ۾ تعميراتي مقام تي طوفاني هوائن سان ڪرين ڇت ڦاڙي حاجين تي ڪري پئي، سعودي شهري دفاع جي مطابق ان حادثي 107 حجاج جان بحق ۽ 238 زخمي آهن۔

حادثي جي جاء تي موجود هڪ عيني شاهد جي مطابق،مقامي وقت 5:45 پر ڪرين صفا و مروه جي مٿان مسجد حرام جي ٽين منزل جي ڇت کي ڦاڙي اندر داخل ٿي.

پاڪستان جو آئين

پاڪستان جو آئين ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽي آئين لاڳو ٿي چڪا آهن: پهريون آئين 1956ع؛ ٻيو آئين 1962ع ۽ ٽيون آئين 1973ع ۾ لاڳو ٿيو، جيڪو سڀني جي اتفاق سان ذوالفقار علي ڀُٽي تيار ڪرايو. 1973ع وارو آئين هن وقت به لاڳو آهي، جنهن ۾ تازو ارڙهين ترميم ذريعي اپريل 2010ع ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون. موجوده رائج آئين ۾ فوجي آمريتن جي مداخلت سبب اڪثر رڪاوٽون به پيش آيون ۽ آئين معطل ٿيندو رهيو. آئين موجب رياست جو سربراهه صدر هوندو آهي، جڏهن ته انتظامي اختيار وزيراعظم وٽ هوندا آهن.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان آزاديءَ هند 1947ع جي حڪمنامي تحت گورنمينٽ آف انڊيا جي 1935ع واري ايڪٽ ۾ ڪجهه ترميمون ڪري ان کي عبوري آئين طور لاڳو ڪيو. ان کي ملڪ جي پهرين عبوري آئين جو نالو ڏنو ويو.پاڪستان جي ٺهڻ کان ٽي ڏينهن اڳ 11 آگسٽ 1947ع تي اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت عبوري حڪومت جي قانون واري وزير جوگنيدر ناٿ مندل ڪئي. سندس تعلق بنگال سان هو ۽ هو هندو شيڊيولڊ ڪاسٽ جو هو. هن اجلاس ۾ قائداعظم محمد علي جناح کي ان جو صدر چونڊيو ويو. 11 سيپٽمبر 1948ع تي قائداعظم جي وفات بعد مولوي تميزالدين کي قومي اسيمبلي جو صدر چونڊيو ويو.

پاڻيپٽ

پاڻيپٽ شهر ڀارت جي صوبي هريانا جي ضلعي ڪرنال ۾ آهي، جيڪو جمنا نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي.

سال جا مھينا ۽ ڏينھن
جنوري
فيبروري
مارچ
اپريل
مئي
جون
جُولاءِ
آگسٽ
سيپٽمبر
آڪٽوبر
نومبر
ڊسمبر

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.