1018ع

ڊسمبر

1010ع جو ڏھاڪو
1010ع · 1011ع · 1012ع · 1013ع · 1014ع · 1015ع · 1016ع · 1017ع · 1018ع · 1019ع
خلافت عباسيہ

خلافت عباسيہ (Abbasid dynasty), اسلام جي عظيم ۽ اهم خلافت هئي. جيڪا خلافت اميہ کان بعد ۾ خلافت جي ڪرسي تي قابض ٿيا. خلافت جو نالو بنو عباسن حضرت محمد صلي عليه والهٖ وسلم جي ننڍي چاچي حضرت عباس رضي الله عنه (566-653) جي پٺيان رکيو عباسن جي دعويٰ هئي تہ هو حضرت عباس رضي الله عنه جي پشت مان آهن. هنن حڪومت گهڻو ڪري بغداد هاڻوڪي عراق مان ڪئي.

شروع ۾ هنن ڪوفو کي پنهنجي خلافت جو مرڪز بڻايو پر بعد ۾ خليفي المنصور 662 ۾ سانانين سلطنت جي گادي جي هنڌ سيٽسفون ڀرسان بغداد جو شهر جو بنياد رکيو جيڪو ايران جي سرحد جي ڀرسان هو. ان وقت خلافت عباسيہ گهڻو تڻو ايران جي ڪامورن تي ڀاريندي هئي ڪيترن حڪمران خليفن ايراني رسمون کي پڻ اپنايو.

عباسن جو دور اسلام جو سنهري دور سڏجي ٿو. هن دور ۾ بغداد علم ادب سائنس تحقيق ايجادات جو مرڪز بڻجي ويو هر طرف کان ماڻهو علم حاصل ڪرڻ لاء بغداد جو رخ ٿي ڪيو.

مملوڪ سلطنت جي سلطان ملڪ ظاهر بيبرس عباسي شهزادي ابو القاسم احمد جي هٿ تي بعيت ڪئي. ۽ عباسن جو خطبو پڙهيو انهن جو سڪو بہ جاري ڪيو. ان کان پوء خلافت عباسيہ جو مرڪز قاهره بڻجي ويو. پر 1517 ۾ عثمانہ سلطنت ۾ قاهره کي فتح ڪري مڪمل خاتمو آندو.

روهڙي

روهڙي (انگريزي: Rohri) شھر سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شھرن مان ھڪ آھي. ھي سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪناري تي اڏيل آھي، ھتي تمام جھونيون، وڻندڙ ۽ تاريخي عمارتون آھن، جن ۾ ڪنھيا لال ڪاٽيج تمام مشھور ۽ ڏسڻ وٽان آھي ۽ لئنسڊائون پُل تان لھندي سامھون تمام خوبصورت ڏيک ڏيندي آھي. ھي شھر، بکر کان ھڪ دلڪش نظارو پيش ڪري ٿو. ھن جي ڀر سان درياءُ جي ٻيٽن ۽ ٽڪرين مان قديم زماني جون شيون ھٿ آيون آھن، جن کي ڏسي قديم آثارن جي ماھر ليفٽيننٽ ٽيوملر اندازو لڳايو آھي تہ ھي شھر تمام قديم ۽ پٿر واري دور ۾ بہ آباد ھيو. قديم آثارن جي ھڪ ٻئي ماھر ڊاڪٽر بلئم فورڊ انھن شين کي ڏسي اندازو لڳايو ھو تہ ھندوستان جي ٻين علائقن مان لڌل شين جي ڀيٽ ۾ ھتان جون شيون وڌيڪ سھڻيون آھن.

ھي شھر زماني جي لاھين چاڙھين سبب ڪيترا ئي دفعا آباد ۽ غير آباد ٿيندو رھيو آھي. جيتوڻيڪ ھي قديم شھر آھي، پر ھاڻوڪو شھر گھڻو پراڻو نہ آھي. عربن جي سنڌ تي ڪاھ وقت ھن شھر جو نالو نشان ئي ڪونہ ھيو ۽ اروڙ سنڌ جي گادي جو ھنڌ ھيو، پر پوءِ درياءُ جي ڦير سبب اروڙ جو شھر آھستي آھستي ڦٽڻ لڳو ۽ روھڙي جو شھر آباد ٿيڻ لڳو.

شاھ بيگ ارغون، سنڌ جي فتح کان پوءِ بکر جي قلعي کي مضبوط ڪرڻ وقت، بکر جي سيدن ۽ قاضين کي ھن شھر ۾ زمين ڏيئي آباد ڪيو، ان ڪري ھي شھر وڌڻ لڳو. ابن ھوقل، ادريسي، ٻين عرب مورخن، ابوالفضل ۽ يورپي سياحن، روھڙي جي باغن، ميون، گلن، کارڪن، درياءُ جي مڇي، خاص ڪري پلي، ۽ بندر جي وڻج واپار جي پڻ ساراھ ڪئي آھي.

ھن شھر کي خاص اھميت، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي وار مبارڪ جي ڪري آھي. وار مبارڪ، ھڪ سوني جواھرن سان جڙيل دٻليءَ ۾ رکيل آھي. چيو وڃي ٿو تہ وار مبارڪ وارو روضو، ايران جي بادشاھ نادر شاھ ٺھرايو ھو. وار مبارڪ جي روضي جي ڀر سان ھڪ عاليشان مسجد پڻ ٺھيل آھي جا سن 1545ع ۾ جڙي راس ٿي. روھڙي ۾ ھڪ ٻي عاليشان جامع مسجد به وار مبارڪ واري روضي جي ڀر سان ٺھيل آھي جيڪا شھنشاھ اڪبر جي گورنر فتح خان 1583ع ۾ تعمير ڪرائي، اھا مسجد وڻندڙ ڳاڙھين سرن سان ٺھيل آھي، جنھن تي ٽي عاليشان گنبذ آھن، پر اھا ھن وقت زبون حالت ۾ آھي. ٽين عاليشان مسجد عيدگاھ آھي جنھن کي ٽي قبا آھن، جا سن 1593ع ۾ مير معصوم بکري ٺھرائي، انھن کان سواءِ ھڪ ٻي مسجد به آھي جيڪا مير يعقوب علي شاھ جي آھي ۽ 1677ع ۾ جڙي راس ٿي. ھي مسجد تمام وسيع آھي ۽ قلعي وانگي اڏيل آھي.

سيدن کان سواءِ ھت ٻيا بہ ڪيترائي بزرگ، عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آھن. سنڌ جو ھڪ وڏو شاعر قادر بخش ”بيدل“ ۽ سندس فرزند محمد محسن ”بيڪس“ بہ ھن ئي سرزمين ۾ دفن ٿيل آھن. ذوالقعد جي مھيني ۾ بيدل جو ۽ رمضان شريف ۾ بيڪس جو ميلو لڳندو آھي. سنڌ جو مھان تاريخدان، ۽ عوامي ليکڪ، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار ۽ ڊراما نويس امر جليل بہ ھن شھر سان واسطو رکي ٿو.

روھڙي جو شھر اوڻيھين صديءَ تائين علم ۽ فضل جو مرڪز رھيو. ھن شھر جي ڏکڻ ۾ درياءُ جي ڪناري تي ستين جو ٿان نالي ھڪ جاءِ آھي جيڪا عام طور ستين جو آستان جي نالي سان مشھور آھي. جنھن بابت مختلف روايتون آھن. ان جي موجوده عمارت بکر جي گورنر مير ابوالقاسم نمڪين جوڙائي، مٿس صفہ صفا نالو رکيو. ھو ان وڻندڙ جاءِ تي اونھاري جي راتين ۾ ويھي ڪچھريون ڪندو ھو. روھڙي جي سامھون درياءُ ۾ بکر جي ٻيٽ جي ڀر سان ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي، جنھن کي خواجہ خضر جو آستان سڏيو ويندو آھي. ھن ٻيٽ تي ھڪ مسجد ھوندي ھئي جيڪا بکر جي نواب سعد خان سن 1011ع ۾ جوڙائي، جيڪا ڪجھ وقت اڳ ۾ ڊھي ختم ٿي وئي آھي. بکر جي ٻيٽ جي ڀر سان ھڪ ٻيٽ تي ھندن جو تاريخي مندر آھي جنھن کي ساڌ ٻيلو، سکر ساڌ ٻيلو يا ساڌو ٻيلو چيو ويندو آھي، اتي جڏھن ميلو لڳندو آھي تہ دنيا جي مختلف علائقن مان عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آھن.

روھڙي ۾ ھڪ وڏو سيمينٽ جو ڪارخانو پڻ آھي، ۽ ھتي پاڪستان جي وڏين ريلوي جنڪشنن مان ھڪ جنڪشن پڻ آھي جنھن کي روھڙي جنڪشن چئبو آھي، جنھن تي ايندڙ ويندڙ ھر ريل گاڏي بيھندي آھي. ھي شھر سکر سان ٻن پلين جي ذريعي ڳنڍيل آھي، ھڪ پل جو نالو لئنسڊائون پل آھي جيڪا 1888ع ۾ ٺھي راس ٿي ۽ ٻي پل 1962ع ۾ تعمير ٿي جنھن جو نالو ايوب پل آھي. ٻنھي پلين جا ٻه ٻه حصا آھن ڇا ڪاڻ تي وچ تي بکر ٻيٽ آھي. روھڙي طرف واري طرف ٻنھي پلين ڪو بہ ٿنڀو ڪونھي البت سکر طرف ٻنھي پلين کي ٿنڀا آھن. لئنسڊائون پل تان اڳ ۾ گاڏيون ۽ ريل گاڏيون لنگھنديون ھيون پر ايوب پل کي ريلوي پل جي حيثيت سان تعمير ڪري لئنسڊائون پل تان ريل جي پٽڙي ختم ڪئي وئي. لئنسڊائون پل اڄڪلھ ھلڪين گاڏين جي اچ وڃ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آھي. ٻنھي پلين جا سکر طرف وارا حصا سادا آھن پر روھڙي طرف وارا حصا انجنيئرنگ جو شاھڪار آھن ۽ ستين جي آستان کان ھڪ دلڪش نظارو پيش ڪن ٿا. ايوب پل پاڪستان جي واحد Semi Suspension Bridge يعني جزوي لڏندڙ پل آھي، ۽ ھڪ اڌ گول ڪمان تي رسين جي ذريعي لٽڪيل آھي.

ٻين شھرن وانگر، آبادي جي واڌ جي ڪري روھڙي شھر ۾ بہ رھائش، تعليم، صحت ۽ صفائي جا مسئلا موجود آھن.

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ: "لوهري يا روهڙيءَ جو مٿي اشارو ڏنو ويو آهي ته ڪيئن اروڙ جي ڦٽڻ ڪري اتي جي ماڻهن اچي اهو شهر ٻڌو۽ آن جو نالو بہ گهڻو ڪري رور مان پيو ۽ هاڻ سڏ جي بہ روهڙي ٿو. اهو وار مبارڪ ۽ ان جي قديم مسجد جي ڪري مشهور هو. اها مسجد سنہ 954 هجري (=1545ع) ڌاري جڙي ۽ وار مبارڪ بہ تڏهين آيو. اهو وار حضرت صلعم جن جي سونهاري جو چوڻ ۾ ٿو اچي ۽ عبدالباقي نالي شخص اتي آندو. جو شيخ نظام الدين جو ناٺي هو ۽ اهو شيخ حضرت ابوبڪر جي اولاد مان هو ۽ لوهريءَ ۾ اچي رهيو هو. اهو هڪ انچ جو چوٿين پتي جيترو مس آهي ۽ سوني قلمدان ۾ رکيل آهي ۽ حج جي ڏينهن ماڻهو انهيءَ جي زيارت ڪندا آهن.

روهڙي جي ٻي مشهور عمارت جامع مسجد آهي. جا اڪبر بادشاه جي زماني ۾ فتح خان حاڪم سنہ 1583ع ڌاري ٺهرائي هئي. ڏهاڪو ورهيه انهيءَ کان پوءِ عيد گاھ ٺهي. ٻي جهوني مسجد مير يعقوب علي شاه جي آهي، جو ڪوٽائي سيدن مان هو. اها سنہ 1677ع ۾ جڙي هئي. شهر جي ڏکڻ ڏي هڪڙيءَ ٽڪري تي درياھ جي بنھ ڪناري تي هڪڙو مقام آهي. جنهن کي ستين جو ٿان چوندا آهن. اتي گهڻيون ئي قبرون آهن. انهن ۾ مکيہ قبر آهي. مير قاسم سبزواري سيد جي. جنهن تي سنہ 1018ع/ھ لکيل آهي. انهيءَ تي اڃا بتي ٻرندي آيه ۽ انهي کي قاسم شاھ جو ٿان چوندا آهن. انهي سيد جو ذڪر بکر ۾ آيو آهي. اتي ٻيون به ڇهه مکيه قبرون آهن، جنهن ڪري اڳي ستين جو ٿان چئبو هو، پوءِ ماڻهن ستين جو ٿان ڪيو ۽ چوڻ لڳا تہ اتي ستيون يا پاڪ ڪنواريون بيبيون حق بخشي اچي انهن ڪوٺين ۾ رهڻ لڳيون ۽ اتي ئي مري ويون.

انهيءَ جي سامهون روهڙي ۽ بکر جي وچ ڌاري درياھ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ آهي، جتي هڪڙي ننڍڙي مسجد بہ آهي. انهي کي خواجہ خضر جو ٿان چوندا آهن. جتي پوءِ هندو اچي ڏيو ٻاري پوڄا ڪندا هئا ۽ چوندا هئا تہ زنده پير آهي. يعني درياھ شاھ يا اڏيرو لعل. مسلمانن جي قول موجب شاھ حسين نالي دهلي جو هڪڙو سوداگر پنهنجي نياڻي سميت ٻيڙي تي چڙهيل اچي درياهه تان لنگهيو ۽ حج تي ٿي ويو. اروڙ وٽ دلوراء بادشاھ هن کي روڪيو ۽ زور سان سندس ڌيءَ کسڻ ٿي گهريائين. پر انهي خدا کي مدد لاءِ سوال ڪيو. خواجه خضر هڪدم اچي حاضر ٿيو ۽ درياه الور ڇڏي بدلجي اتان روهڙي وٽان وهڻ لڳو ۽ ٻيڙي صحيح سلامت لنگهي ويئي. انهيءَ جي يادگيري لاءِ شاھ حسين اتي هڪڙي مسجد جوڙائي، جيڪا تاريخ اتي اڪريل آهي ۽ جا لفظ” درگاھ اعليَ“ مان ٿي نڪري، سا سنہ 341ھ آهي، يعني 952ع، پر شڪ آهي تہ اهو پهڻ پوءِ ٺاهي اتي هنيو ويو آهي، جن ٻين پهڻن کان پوءِ جو ٿو ڏسجي. مسجد تي تاريخ سنہ 1011ھ (=1602ع) جي آهي.

سنڌ جو آڳاٽو جاگرافيائي نقشو

ڪتاب: غرايب الفنون و مُلح العيون“ (کين کي حيرت ۾ وجهندڙ ۽ عجيب مهارتن جو ڪتاب) هڪ نامعلوم عرب جاگرافيدان لکيو آهي. هيءُ ڪتاب 12ع صدي عيسوي جي آخر ڌاري يا 13ع صدي عيسوي جي وچ ڌاري مصر ۾ مرتب ڪيو ويو هو. هيءُ ڪتاب پراڻن ڪتابن جي هڪ واپاري سئم فاگ کي هٿ لڳو. هن واپاري 2002ع ۾، ان ڪتاب کي 100000 هڪ لک پائونڊن ۾ بوڊليئن ڪتبخاني، جامع آڪسفورڊ کي وڪڻي ڏنو ۽ جامع آڪسفورڊ، هن ڪتاب کي پنهنجي ڇپائي واري پروجيڪٽ ۾ شامل ڪري، هن ۾ ضروري واڌارا ۽ اضافا ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ دنيا جا ناياب قديم ٻه نقشا ۽ ڪجھ ٻيا جاگرافي جا نقشا ۽ تصويرون ڏنيون آهن. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به آهي ته هن ڪتاب ۾ سنڌو درياءجو آڳاٽو نقشو ڏنو ويو آهي. سنڌو ندي جو هيءُ نقشو ٿٻيٽ (تبت) کان شروع ٿئي ٿو ۽ سنڌ سان لڳندڙ هندي وڏي سمونڊ تائين جي آڳاٽن تاريخي ماڳن جي واقفيت ڏئي ٿو.

هن ڪتاب جو ليکڪ جيڪو هڪ نامعلوم عرب اسڪالر ۽ جاگرافيدان آهي، اهو اسڪالر لکي ٿو ته مون هن سائنس يا دانائي جو بيان جو ، عظيم فلسفيدانن ۽ اعليٰ ڄاڻ رکندڙ عالمن، جهڙوڪ جعفر بن محمد البلخي، محمد بن ابرهيم فرازي، خالد بن عبدالمالڪ مرُورُودي، محمد بن موسيٰ الخوارزمي، سند بن علي (سنڌي عالم, سنڌي بن علي)، حبش الله بن عبدالله، الحسن بن مصباح، بني نوبخت ۽ ٻين جي حڪايتن مطابق ڪيو آهي، مون سندن حڪايتن کي صفائي ۽ وضاحت سان پيش ڪيو آهي، شال ڌڻي سڳورو مون کي ڪامياب ڪري ۽ دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ مون کي ان ۾ سچائي ۽ مهارت ڏئي!

هن ڪتابَ ــ ڪتاب غرايب الفنون و مُلح العيون“ ۾ ڏنل 800 سو ورهيه آڳاٽي سنڌ جو نقشو ڏنل آهي. سنڌ جي جاگرافيائي حدن جا ڄاڻون هڪ ئي راءِ سان سهمت آهن ته سنڌ جون حدون، قنوج(ڪنياڪُبجا) تائين پکڙيل هيون. تنهن زماني ۾ قنوج جو شهر ننڍي کنڊ لاءِ مکيه واپاري مرڪز هو. هتي ڪيتريون ئي بازارون ۽ ڳوٺ هئا. انهن ڏينهن منجھ، عربن جي اچڻ وقت قنوج جو راجا راءِ هرچندرا (Raja Raai Harchandar) هو. هيءُ شهر اتر ۽ اتر ــ اولھ هندوستان جي گاديءَ جو هنڌ هو. 9ع صدي عيسوي ڌاري گُرجرَ ــ پَرتيهارَا گهراڻي جا فردَ هن شهر تي حاڪم هئا . کين 370 بوُداد؟ ۽ 2500 هاٿي هئا . قنوج کي محمود غزنوي 1018ع ۾ تاراج ڪري ڇڏيو . سنڌ کان قنوج ويندڙ شاهراه تي هيٺيان شهر آباد هئا . جهڙوڪ تطيز ، داوربور ( ديپالپور) ايروي ، دوراز ، باناشور ( ٿانيسور) سوروه ، مهروه ، بروَر ۽ قنوج کان چين ويندڙ رستو بابِ چين (china gate) کان ٿيندو, چين جي شهر شِيان ۾ داخل ٿيندو هو. قنوج جي اتر طرف فريان (اله آباد) بنارس ، نقذ ( پٽنا) ۽ اڳيان ولهاس (لهاسا ـ تبت ) ۽ باب چين آباد هئا. هن ,ڪتاب جي خالق جاگرافيدان ڄاڻايو آهي ته ساحل هند تي ديبل ـ سندان, مڪران ـ نيرون آباد هئا,. ان وقت منصوره عربن جو مکيه شهر ٿي ويو هو. کيس اڳ ۾ برهمڻ آباد چوندا هئا. هن شهر کي پوء 771ع ۾ گاديءَ جي هنڌ جو درجو ڏنو ويو. عرب عباسي بادشاهت جي عرب گورنر عمر بن حفص بن ابي سوفره المُهَلبِي، عباسي خليفي منصور جي نالي جي مناسبت سان، هن شهر جو نالو منصوره رکي ڇڏيو. هن ماهر جاگرافيدان ڄاڻايو آهي ته سنڌو کي 6 ٻيون نديون هيون,(پر قديم مذهبي تاريخ جي ڪتابن ۾ سنڌو کي سپت سنڌُو چيو ويو آهي, مطلب ستن ندين وارو ملڪ, اگر سرسوتي درياء کي ان ۾ شامل ڪجي ته پوء ڳاڻاٽو پورو ٿئي ٿو) جيڪي سنڌو ۾ پونديون هيون. هيء سنڌوُ درياه جبال اڪبيت( هماليه ٿٻيٽ (Tibet) مان وهي نڪري ٿو ۽ سندس منزل ساحل هند آهي . هن ملتان (Multan) بابت لکيو آهي ته هيءُ شهر سون جو کلندڙ دروازو آهي، هن شهر ۾ حجاج بن يوسف جو ڀاءُ محمد بن يوسف فاتح ٿي، داخل ٿيو هو. تنهن هتان 400 بهار (Bahaar) سون لٽيو ۽ هڪ بهار. هڪ مڻ جي برابر هو. هن نقشي ۾ آڪسورڊ يونيورسٽي جي اسڪالرن تحرير ڪيو آهي, ته ملتان شهر کي هڪ لک ڳوٺ هئا، ملتان جي حدن اندر تطيز شهر جا رهواسي بت پرست هئا ۽ هن لکيو آهي ته هن شهر جو اصل نالو مولتان (Moltaan) يا مولستان (Molistaan) هو,(متان اهو اشارو چول يا ڪول قوم ڏانهن هجي, جيڪا چولسان ۾ آباد آهي) ۽ هتي يحيٰ نبي رهيو هو، هتان هندوستان جي پهرين حد شروع ٿئي ٿي, هي شهر مسلم سنڌ جو مکيه مرڪز ۽ سينٽرل سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ هو, ملتان کان 124 ميل پري اتر ـ اوڀر ۾ داور بور (ديپالپور) شهر هو. جتان هڪ ندي نڪري سنڌو کي ڀرتي ڪندي هئي, هتي جي راجائن کي بوُره جي لقب سان سڏيو ويندو هو.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.