ڳجهارت


ڳجهارت(انگريزي: Riddle) لفظ سنسڪرت جي لفظ “ڳھه” ارٿ مان نڪتل اھي. جنهن جي معنيٰ ڳجهو يا اونهو مطلب آهي. يعني تمام اونھي مطلب واري حقيقت، جنھن ۾ ڪو راز رکيل ھجي. ”ڳجھارت“ پروليءَ جو ھڪ ڳوڙھو نمونو اھي، جنھن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت اھي. جيتوڻيڪ کجھارت جو سنگ بنياد پروليءَ تي ئي اھي، پر سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنھي ۾ فرق اھي. پرولي ڀڃڻ لاءِ ٿورو اشارو مليل ھوندو آھي، پر ڳجھارت ۾ حافظي ۽ ڄاڻ کي وڏو دخل آهي. بي سري ڳجهارت کي سگهڙ اهميت نه ڏيندا آهن، پر سُريلي يا سُر واري ڳجهارت کي مڃيو ويندو آهي. ڳجهارت پائي سان بند سان ڀڄندي آهي. ان ۾ مذڪر ۽ مونث کي نرنان ۽ نار چئبو اھي. سگھڙ عبدالغکور منگيءَ جي ھڪ کجھارت جو مثال ڏجي ٿو: ڏيڻي: ولايت جي شھر ۾، نالي اکواڻ سان، ا جي ۾، مردن جي ڪئي! ھيءَ ڳجھارت ڇھن پاون جي اھي، جي هن ريت آهن: (1) ولايت: ترڪي، (2)شھر: استنبول، (3) نالو: نبي بخش، (4) اڳواڻ: پيش امام، (5) ا جي: مسجد، (6) مردن جي: ڪچھري. ڀڃڻي: ترڪيءَ جي شھر استنبول ۾ نبي بخش، مسجد جي پيش امام سان ڪچھري ڪئي. [1].[2]لفظ ڳجهارت جي مادي بابت عبدالڪريم سنديلو هن ريت اشتقاق ڪڍي ٿو، جيڪو سندس ئي لغت ’تحقيق لغات‘، 1955ع، ص 382 تان کڻي ٿو: ”ڳجهارت سنسڪرت گُهيه =ڳَجهو + اَرٿ = مطلب، يعني ڳجهو مطلب اڳتي لکي ٿو، ته ڳجهارت کي هنديءَ ۾ ٻَجهول يا ٻجهول چون. سنڌ جا سڄاڻ سگهڙ ڳجهارت کي ٻُجهارت به چون ٿا[3].آرچر ٽيلر مطابق ڳجھارت ھڪ آفاقي فن آھي . ھن پنھنجي تحقيق ۾ سوين مختلف سماجن جا حوالا ڏنا آهن جن ۾ فنش، ھنگيرين، آمريڪي ريڊ انڊين، چائنيز، روسي ، ڊچ، فلپينو ۽ ٻين ڪيترن ئي سماجن ۾ ڳجھارت جو ذڪر ڪيو آهي.[4]. ڪيتريون ئي ڳجھارتون ۽ ڳجھارتي موضوع پوري دنيا ۾ ملن ٿا، تنھن ھوندي بہ مغرب ۾ گذريل ڪجھ ڏھاڪن کان رواج مان نڪري ويون آهن ۽ انھن جي جاء ٻين زباني ۽ ذھني آزمائشن جھڙوڪ ڪئيز وغيره وٺي ڇڏي آهي. .[5]ڳجھارت جو سڀ کان قديم رڪارڊ بابل مان مليو آهي جيڪو ان وقت جي اسڪول جي لکت جو حصو آهي.[6] ڳجھارتن جي مقابلن جو ذڪر مھا ڀارت ۾ پڻ آيو آهي.[7]ڳجهارت پروليءَ جو ڳوڙهو نمونو آهي، جنهن کي پرکڻ پرجهڻ لاءِ پڻ ڳوڙهن خيالن ۽ ٺوس دليلن جي ضرورت پوندي آهي. تنهن لاءِ عبدالڪريم سنديلو صاحب هيئن لکي ٿو: ”ڳجهارت، پروليءَ جو هڪ ڳوڙهو نمونو آهي، جنهن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت آهي. سگهڙن جي چوڻي آهي، ته پروليءَ مان پار، پَرَ ڳجهارت ۾ غار (غرق ٿي وڃڻ) آهي.“[8] [9]ڳجهارت ۾ استعمال ٿيندڙ تجنيسن ۽ تلميحن بابت ”ڪلاڌر متوا“ پنهنجي ڪتاب ”ڳجهارتون“ ۾ لکي ٿو: ”تجنيس جو مطلب آهي جملي ۾ يا شعر ۾ هم شڪل يا هم آواز لفظن جو استعمال ۽ ان ۾ مقصد واري چيل ڪا ڳالهه. ٻين لفظن ۾ چئجي ته لفظي جي لباس ۾ ڍڪيل ڳالهه. تلميح معنيٰ ڪنهن واقعي يا قصي ڏانهن اشارو.“[10]

Attic red-figure pelike, Oedipus solves the riddle of the Sphinx and frees Thebes, by the Achilleus painter, 450-440 BC, Altes Museum Berlin (13718779634)
پينٽنگ جي تصوير ۾ اوڊيپس اسفنڪس جي ڳجھارت ڀڃي ٿيبز کي آزاد ڪرائيندي ڏيکاريل

ڳجھارت ۽ پرولي ۾ فرق

ڳجهارت در حقيقت پرولي ئي آهي. ان جو بنياد به پروليءَ تي رکيل آهي، پر سٽاءُ جي لحاظ کان ٻنهي ۾ فرق ضرور آهي. پرولي ڀڃڻ ۾ آسان ۽ ان جا اهڃاڻ نمايان ملندڙ هوندا آهن، پر ڳجهارت جي ڳولا ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي، جنهن جي ڳجه ڳولڻ لاءِ وڏي غور خوض جي ضرورت پوندي آهي. ڊاڪٽر بلوچ پرولي ۽ ڳجهارت بابت خاص فرق سٽاءَ جي لحاظ کان ٻڌايو آهي. سندس مطابق: ”منوي لحاظ کان جيتوڻيڪ ڳجهارت هڪ قسم جي پرولي آهي، مگر سٽاءَ جي لحاظ کان ڳجهارت ۽ پروليءَ ۾ فرق آهي. ’پرولي‘ جو بنياد تشبيه ۽ استعاري تي آهي، ۽ ’ڳجهارت‘ جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي.“[11][12]ڊاڪٽر بلوچ پرولي ۽ ڳجهارت جي وهڃائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ جيڪي واضح، بنيادي ۽ ضروري ڳالهيون ڳڻايون آهن، انهن ۾ ذهن جي تيزي، سوچ ويچار، ڄاڻ ۽ دانائيءَ اچي وڃن ٿيون آهن. ڊاڪٽر بلوچ ان بابت لکي ٿو: . ”’پرولي‘ کي پروڙڻ لاءِ ذهن جي تيزي ڪافي آهي، مگر ڳجهارت کي ڳولڻ لاءِ ذهن جي تيزيءَ سان گڏ سوچ ۽ داناءَ جي ضرورت آهي. پروليءَ وانگر ڳجهارت جي ڏي وٺ محض هلڪي ريجه رهاڻ ۽ وندر ورونهن نه آهي، بلڪ ادب ۽ ثقافت، لغت ۽ حڪمت (دانائي) ڳوڙهي رهاڻ آهي.“ [13] لوڪ ادب جي ڄاڻن پرولي ۽ ڳجهارت بابت جيڪي مثال ڏنا آهن، انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا. جن مان واضح ٿيندو ته پرولي ۽ ڳجهارت هڪجهڙيون هوندي ڪيئن مختلف آهن. مثال طور :

گهر گهر ۾ لڌڙو ليٽي

— پرولي، (ٻُهاري)


[14]

هن پروليءَ ۾ ’گهر گهر ۾‘ هر عقل وارو ماڻهو لازمي سمجهندو ته ٻُهاري ئي آهي، جيڪا هر گهر ۾ صفائي ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ ايندي آهي. پروليءَ ۾ ٻيو حصو ’لُڌڙو ليٽي‘- لڌڙو هڪ جانور آهي، جيڪو ليٽندو آهي. ان تشبيهه ۾ ٻُهاري آهي، جيڪا گهر کي صاف ڪرڻ ۾ لامارا ۽ ليٽهڙو ڪري ٿي، ته هر ڪو ماڻهو جلدي پروليءَ کي ڀڃي ويندو، پر ان جي برعڪس ڳجهارت جو مثال:

”نار نالي ڪاڻ، مِٽيءَ جي ٿي پيئي.“

— ڳجھارت

مطلب:زليخا، يوسف ڪاڻ چري ٿي پيئي
[15]هتي ڳجهارت جي ڀڃڻي تمام ڏکي آهي. صرف اهو سگهڙ ڀڃي سگهندو، جنهن جو وسيع مطالعو يا تجربو هوندو ۽ سنڌ جي مروج قصن ڪهاڻين جي سرن گسن پيچرن کان مان واقفڪار هوندو. هن ۾ ڀڃڻيءَ جي ڪا به ظاهري علامت نظر نٿي اچي، بلڪل ئي ڳجهي ٿي لڳي، جنهن لاءِ عقل ۽ فهم جي تيزي گهرجي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته ڳجهارت، پروليءَ جي نموني بلڪل آهي، پر منجهس ڳوڙهائيءَ وارو فرق نمايان بيٺو آهي، جنهن مان ڳجهارت الڳ ٿي بيهي ٿي.[16]

بيتن واريون ڳجهارتون

(Poetic Riddle) :سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪچھرين ۾ ڳجھارتون بيتن يا ڏوھيڙن جي صورت ۾ ڏنيون وينديون اھن، ۽ انهن کي سگھڙ ڏوھيڙي جي صورت ۾ ئي ڀڃندا اھن. جيڪڏھن ھڪ ڌڪ سان ڳجھارت نه ڀڳي تھ پوءِ بيتن پٺيان بيتن جا وسڪارا لائي ڏيندا اھن. ڳجھارت ڀڃندڙ، ڳجھارت ۾ فقط ڪنھن لاڳاپي واري اسم جو نالو ورتو ته ڳجھارت ڀڄي پوندي، ۽ پوءِ ڳجھارت ڏيندڙ، ڳجھارت سڄي ڪري ٻڌائيندو آهي. مثال طور: ڳجھارت جو نمونو: ”ذات جا ڪنديس ڪپڙا، پوک جا ڪنديس ڪا نھ“ ڳجهارت ڀڃڻ وقت ڳجھارت ڀڃندڙ ويندو ذاتين ۽ پوک جا نالا کڻندو ۽ ٻيا سگھڙ به ساڻس شامل ھوندا. پوءِ اهي ڌڪن پٺيان ڌڪا ھڻندا ويندا آهن، ڳجھارت ڏيڻ وارو ڪنڌ پيو لوڏائيندو ۽ چوندو: اڃا بچي، اڃا گٿو آھين، اڃا جيئري آھي، تان جو ڪنھن سگھڙ جو پورو ڌڪ وڃي لڳندو: جواب صحيح ھوندو تھ ڏيندڙ چوندو ”ويئي“ ۽ پوءِ سگھڙ ڳجھارت ڀڃي ٻڌائيندو. جيئن ھن ڳجھارت جا اسم آهن: ذات جا = مڱڻيجا، پوک جا = ٻيجا ڀڃڻي: ”مڱڻي جا ڪنديس ڪپڙا، ٻئي جا ڪنديس ڪا نھ“ . [2] دنيا جو قديم بيتن وارين ڳجھارتن جو بچي ويل رڪارڊ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ آھي جيڪو رگويد ۾ ڏنل آهي.[17]

بي سري ڳجهارت

اھا ڳجھارت جيڪا ڪنھن به سر تي ٻڌل نه ھجي، پر سگھڙ ڪا بھ ڳالھه خيال ۾ آڻي، لڪ رکي ھجي. مثال طور: ڪپڙي کي ذات کائي تھ/ ھڻجي گھوڙي جي (بند: ڪپڙو = ڪوٽ، ذات جا = ڪلر، گھوڙي جي = پستي) ڀڃڻي: ”ڪوٽ کي ڪلر کائي تھ ھڻجي پستي“ [18]

سرائتي ڳجهارت

(A Melodious Puzzle) اھا ڳجھارت، جيڪا ڪنھن نه ڪنهن سر جھڙوڪ مومل راڻي، سسئي پنھون، سھڻي ميھار وغيره مان ھجي، مثال طور: ليکي جو اڳئي لکيل ھو، تڏھن پاتم مرض پنھونءَ سان هيءَ ڳُجهارت سر سسئيءَ مان پڌري آهي. ان جي ڀڃڻي بند وار هن ريت ٿيندي: بند: ليکي جو = انگ، مرض = پيچ ڀڃڻي: انگ اڳيئي لکيل ھو، تڏھن پاتم پيچ پنھونءَ سان.[2]. [19]

ٻول پرولي

(Rhyming Riddle):اھا پرولي، جنھن جي ڀڃڻي لاءِ چيو وڃي. جڏھن ڀڄي، تڏھن پروليءَ جي چيل لکظ سان قافيي ۾ ٺھڪي اچي.[2]

حوالا

  1. {{http://dic.sindhila.edu.pk/define/%DA%B3%D8%AC%D9%87%D8%A7%D8%B1%D8%AA.php سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.}}
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. {محمود ڏاھري جي مضمون"ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌي ڳجهارتون“ جو جائزو", مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو 1۽2, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  4. Archer Taylor, English Riddles from Oral Tradition (Berkeley: University of California Press, 1951), p. 3.
  5. Annikki Kaivola-Bregenhøj, Riddles: Perspectives on the Use, Function, and Change in a Folklore Genre, Studia Fennica, Folkloristica, 10 (Helsinki: Finnish Literature Society, 2001), p. 163 سانچو:Doi.
  6. Archer Taylor, The Literary Riddle before 1600 (Berkeley, CA: University of California Press, 1948), pp. 12–13, citing M. Jaeger, "Assyrische Räthsel und Sprichwörter", Beiträge zur Assyriologie, 2 (1894), 274–305.
  7. {{https://oa.finlit.fi/site/books/10.21435/sff.10/Annikki Kaivola-Bregenhøj, Riddles: Perspectives on the Use, Function, and Change in a Folklore Genre, Studia Fennica, Folkloristica, 10 (Helsinki: Finnish Literature Society, 2001), pp. 11–12; doi:10.21435/sff.10.}}
  8. {. سنديلو، عبدالڪري، 1986ع، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، ص 34، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.}
  9. {محمود ڏاھري جي مضمون"ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌي ڳجهارتون“ جو جائزو", مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو 1۽2, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  10. {متوا، ڪلاڌر: (2012ع) ”ڳجهارتون“، (مهاڳ)، سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات، انڊيا.}
  11. {. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: (1969) ”ڳجهارتون“، ص 1، آن لائين لائبريري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.}
  12. {محمود ڏاھري جي مضمون"ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌي ڳجهارتون“ جو جائزو", مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو 1۽2, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  13. {. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: (1969) ”ڳجهارتون“، ص 1، آن لائين لائبريري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.}
  14. {. سنديلو، عبدالڪري، 1986ع، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، ص 34، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.}
  15. {. سنديلو، عبدالڪري، 1986ع، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، ص 35، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.}
  16. {محمود ڏاھري جي مضمون"ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌي ڳجهارتون“ جو جائزو", مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو 1۽2, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  17. A. A. Seyeb-Gohrab, Courtly Riddles: Enigmatic Embellishments in Early Persian Poetry (Leiden: Leiden University Press, 2010), 14.
  18. http://dic.sindhila.edu.pk/define/%D8%A8%D9%8A%20%D8%B3%D8%B1%D9%8A%20%DA%B3%D8%AC%D9%87%DD8%A7%D8%B1%D8%AA.php
  19. سرائتي ڳجهارت | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون
آڏ اکر ڳجهارت (ڪتاب)

هي ڪتاب جشن لعل سوماڻيءَ لکيو آهي، جيڪو 1988ء ۾ ليکڪ خود ڇپائي، بمبئيءَ مان پڌرو ڪيو آهي. ليکڪ هفتيوار ”هند واسي“ ۾ وقت به وقت ”آڏ اکر ڳجهارتون“ شايع ڪرائيندو رهيو. جنهن کان خوش ٿي مهاراشٽر سرڪار في ڳجهارت جي ڀڃڻيءَ تي 1000 رپيا انعام مقرر ڪيو ۽ هر ڀيري چئن کان پنج سئو ماڻهو هن آڏ اکري ڳجهارت جي مقابلي ۾ حصو وٺندا رهيا. ڪتاب جو ليکڪ مشهور وڪيل اصل لاڙڪاڻي جو جنم واسي ۽ نامياري شاعر ”بيوس“ جو شاگرد رهيو آهي، ليکڪ هنن آڏ اکري ڳجهارتن ذريعي نئين ٽهيءَ ۾ وندر سکيا ۽ جيون ۾ چاهه پيدا ڪرڻ جا کٽامٺا تجربا ڪيا آهن.

ايڊيپس مونجھارو

ايڊي پس مونجهارو __(Oedipus Complex):

هي اصطلاح، مشهور ماهر نفسيات سگمنڊ فرئڊ (1856-1939ع)جو ايجاد ڪيل آهي. فرائڊ هي اصطلاح مشهور يوناني ڊرامي ’King Oedipus‘ مان اخذ ڪيو هو. هن ڊرامي ۾ بادشاهه ايڊي پس بيخبريءَ ۾ پنهنجي والدکي قتل ڪيو هو ۽ ماءُ سان شادي ڪري ڇڏي هئي. هن اصطلاح موجب ماءُ جو تحت الشعور ۾ پٽ ڏانهن لڳاءُ هوندو آهي. ان ضد ۾ پٽ ۽ پيءُ جي وچ ۾ رقابت پيدا ٿيندي آهي. اهو ذهني مونجهارو اڳتي هلي ٻين عورتن ۾ ماءُ جو عڪس ڳولڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.

برڪت علي خان (سگھڙ)

سگهڙ برڪت علي خان ولد غلام حيدر خان جلالاڻي، 1952ع ۾ ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ ساڏوڻيءَ ۾ ڄائو. پرائمريءَ جا پنج درجا پڙهي دڪانداريءَ واري ڌنڌي سان لڳو. ڏور ۽ ڳجهارت جي فن جو سگهڙ آهي.

تجريدي شاعري

تجريدي شاعريءَ (Abstract Poetry) ۾ شين يا خيالن کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي جو اهي حقيقت جي ابتڙ يا غير حقيقي لڳن. يعني اهي خيالي ڳالهيون اڻ ٿيڻيون لڳن، پر اهڙن نظمن جي پٺيان ڪا نه ڪا حقيقت يا مقصد ضرور هجڻ گهرجي. تجريدي نظم کي ڳجهارت جو انداز به چئي سگهجي ٿو. جيئن ڳجهارت جي ظاهري صورت هڪڙي هوندي آهي پر ان جو اندر ان جي ڀڃڻي يا اصل حقيقت لڪل هوندي آهي. ائين تجريدي نظم ۾ به اصل حقيقت نظم جي پس پرده لڪل هوندي آهي.يعني نظم جو بيان هڪڙو ۽ مقصد بلڪل جدا هوندو آهي. سنڌي تجريدي شاعريءَ ۾ پهريون نالو پيراڻي ڀنڀري (ڪلهوڙن جو دؤر) جو اچي ٿو، جنهن جي شاعري بيتن جي صورت ۾آهي، پر ان ۾ تجريديت جا رنگ ڀريل آهن جديد دؤر ۾ ملڪ نديم (1946-2010ع) تجريدي شاعريءَ جو نمائندو شاعر ٿي گذريو آهي.

سنڌي راندين جي فهرست

سنڌ جون رانديون (انگريزي ٻولي: List of Sports & games in Sindh) سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب ۾ اڻ کُٽ عوامي رانديون آهن، جيڪي ننڍپڻ ۾ ٻارڙا وندر لاءِ کيڏندا آھن ۽ وڏا پڻ اھي رانديون جيڪي وڏن لاءِ ھجن اھي کيڏن ٿا. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏن ۽ ننڍن سميت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وندر لاءِ طرحين طرحين قسمن جون رانديون کيڏيون وڃن ٿيون. رانديون گهڻو ڪري، هر موسم ۾ کيڏيون وڃن ٿيون تنهن هوندي به سياري ۾ راندين جي ڌم مچيو وڃي ٿي. ننڍن ڳوٺن کان وٺي وڏن شهرن تائين، گهرن، گهٽين ۽ رستن تي رانديون ئي نظر اينديون. اِٽي ڏڪر، گولين راند، لاٽو، لغڙ اُڏائڻ ۾ ننڍا توڙي وڏا حصو وٺندا آهن. بهار جي مُند ۾ ”چور پوليس“ راند جو واڌارو ٿئي ٿو ۽ اونهاري ۾ انهن راندين جي حيثيت بدلجيو وڃي. ڇوڪرا گهڻو ڪري ”سٽ ڪّٽ“، ”کيروٽي“ ۽ ”ليٽ ڪبوتر“ کيڏن ٿا. اونهاري جي موسم ۾ ڇوڪرين جون رانديون پينگهه ۽ چيڪلو آهن.

ڪي رانديون مثال لڪ لڪوٽي ۽ ڦر ڦر سؤنٽو، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ يا الڳ ٽوليون ٺاهي کيڏندا آهن.

ڏاڪ چمي ۽ ڏائي رانديون به خاص رانديون آهن.

سنڌ جون هي سڀ مختلف قسمن جون رانديون نه رُڳو ٻارن جي وندُر لاءِ آهن، پر اھي کيڏڻ سان سندن صحت لاءِ بہ ڪارائتا اثر ڇڏينديون آھن. جڏھن تہ وڏن جون رانديون الڳ قسمن جون هونديون آهن، اُنھين ۾ ملھ، ٻيلهاڙو، ڪوڏي ڪوڏي شامل آھن. سنڌ جي راندين جي هيٺ ڏنل فهرست ترتيب ڏني وئي آهي

شاهه جو رسالو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو سنڌي ادب ۾ هڪ املهه خزانو آهي. شاھ جو ڪلام، مضمون جي مدنظر تي هيٺين جدا طبقن ۾ وراهي سگهجي ٿو.

فقير امداد علي

فقير امداد علي (انگريزي: Fakir Imdad Ali) سنڌ جو سگهڙ شاعر آهي جنهن سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

ناسٽراڊيمس

ميخائيل ڊي ناسٽراڊيم:'Michel de Nostredame:' (21December 1503)

– (July 1566)- نالو لاطيني ٻوليءَ ۾ ناسٽراڊيمس بڻجي ويو ھي فرانس جو طبيب ھو پر اڳڪٿين جي ڪري مشھور ٿي ويو جيڪي ھن پنھنجي ڪتاب ۾ شاعري ۾ لکيون .

نالو

نالو (Name) سڃاڻپ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ھڪ اصطلاح آھي. نالو شين جي ھڪ زمري يا قسم ، يا ڪنھن اڪيلي شيءِ، منفرد حوالن سان سڃاڻپ ڪري سگھي ٿو. ھڪ ذاتي نالو (منفرد ضروري ناھي) ڪنھن مخصوص انساني فرد جي سڃاڻپ ڪري سگھي ٿو.

’نالي‘ لاءِ سنڌيءَ ۾ ٻيو لفظ ’نانءُ‘ به آهي. برصغير هند ۽ پاڪ جي زبانن ۾ ’نالو‘ لفظ ايترو نٿو ملي، جيترو ’نانءُ‘. پروفيسر ڪي. پي. ڪلڪرڻي لکي ٿو.

آسامي ٻولي ۾ = ناءُ

اُڙيا ٻولي ۾ = نا

هندي ٻولي ۾ = نانوُ، نانءُ، نائون

پنجابي ٻولي ۾ = نا، ناءُ

ان ساڳي ڊڪشنري ۾، سنڌي ٻوليءَ جو لفظ ”نانءُ“ به لکيل آهي.سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ’نانءُ‘ ڪم آندو آهي:

گهوڙن هنيون گهڻيون، اُٺن هنئي آنءُ،

جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.

سگهڙن پنهنجي فن ڳجهارت ۾ ’نانءُ‘ گهڻو استعمال ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان تي ئي ڳجھارت جي ڀڃڻ جو مدار هوندو آهي. جئن:

اي نر نانء، منهنجي نر نانءَ کي،

ٻه نَرَ نانءَ ڏي ته توکي مال جي ڏيان.

نر نانء= نَرُ نالو= شاهه پنجو (دادو ضلعي ۾ هڪ پير جو نالو). نر نانء= سلطان. نر نانءُ= سڄڻ. ٻه نر نانءَ= هڪ هوندو ٻيو سوندو.

ڀڃڻي: اي شاهه پنجا سلطان، منهنجي سڄڻ کي هوندو سوندو ڏي ته توکي ديڳ ڏيان. پهاڪن ۽ چوڻين ۾ به ’نانءُ‘ ڪم آيل آهي:

نانءَ چڙهيو واپاري، کٽيو کائي،

نانءَ چڙهيو چور، ڦاهي چڙهي.

هاڻي سوال ٿو اٿي ته ’نالو‘ ۽ ’نانءُ‘ هڪ ئي لفظ جون ٻه صورتون آهن، يا الڳ الڳ لفظ آهن؟ جئن ته ’نالو‘ ۽ ’نانءُ‘ هڪ ئي معنيٰ رکن ٿا، تنهنڪري ائين وِسهڻ تي مجبور ٿجي ٿو ته ’نالو‘ ۽ ’نانءٌ‘ لساني اصول جي تحت تبديل هيٺ آيو آهي، ورنه ڳالهه ساڳي آهي.

لفظن جا ڪيترا حرف يا اکر، هڪ ٻئي ۾ تبديل ٿيندا آهن، جئن ’ڦاسي‘ ۽ ’ڦاهي‘، ’ماس‘ ۽ ’ماهه‘ جو ’س‘، ’ھ‘ ۾ تبديل ٿيو. انهيءَ ابدال جي قاعدي موجب ’ل‘ ۽ ’ن‘ پاڻ ۾ مٽبا آهن. جئن ’نعش‘ مان ’لاش‘، ’نيلم‘ مان ’ليلم‘، ’لنگر‘ مان ’ننگر‘ ۽ ’لِلاٽ‘ مان ’نِلاٽ‘، ’نِراٽ‘، ’نِراڙ‘ ۽ ’نِرڙ‘ ٿيو.

”لِکيو منجھ لِلاٽ، قلم ڪياڙي نه وهي.“

نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته ’نالو‘ ۽ ’نان‘ هڪ ئي لفظ جون ٻه صورتون آهن.

انسان جو ’نالو‘ يا ’نانءُ‘، هميشه بامعنيٰ هوندو آهي. بي معنيٰ نالو ڪوبه نه هوندو آهي. جيڪڏهن ڪي نالا، اسان کي سمجھ ۾ نه آيا، ته ان جو اهو مطلب نه آهي ته اهي بي معنيٰ آهن. پر ڪي اهڙا به قابل ڪاريگر هوندا، جي هڻي هنڌ ڪندا.

’نانءُ‘، ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي، تنهن لاءِ لغتن ۾ اختلاف آهي، پر تنهن هوندي به ٻين جي راين کي سامهون رکندي، لفظ جي تهه تائين پهچي راءِ قائم ڪجي ٿي.’نانءُ‘ فارسي لفظ ’نام‘ جي بگڙيل صورت آهي.ڊنڪن فوربس به اهائي راءِ ڏئي ٿو، پر ساڳئي وقت ائين به لکن ٿا ته سنسڪرت سان به واسطو اٿس.

’نام‘، جديد فارسي ۾ ته ملي ٿو، پر قديم فارسي ۾ به ملي ٿو. پهلوي ۾ ’نام‘ ۽ اوستا ۾ ”نام“، پر بنيادي لفظ ’نامن‘ آهي. سنسڪرت ۾ ”نام“ جو بنيادي لفظ ’نامَن‘ آهي جنهن جو ڌاتو يا بنياد ”نَم“ آهي، جنهن جي معنيٰ: سڃاڻڻ، پڪارڻ، سڏڻ. مطلب ته ’نالو‘ معنيٰ: جنهن سان سڃاتو وڃي ٿو، پڪاريو وڃي ٿو يا سڏيو وڃي ٿو ۽ اها حقيقت آهي ته نالي سان ئي پڪاريو وڃي ٿو.

پرولي

پرولي __ (Riddle):

پرولي ھڪ ڳجھارتي فن آھي، اهڙو وسيلو، جنھن ۾ ٺاھيندڙ ڪا معنيٰ رکي، جيڪا سندس ذاتي معنيٰ کان ڳجھي ھجي ۽ جتي ٻاھريون ۽ اندريون مطلب ڪڍيو وڃي. پرولي لفظ ”پروئڻ“ مان نڪتل لڳي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ”موتين جي لڙهي“. پرولي سنڌيلوڪ ادب جي ھڪ پراڻي صنف اھي.ويچار کان پوءِ ڪنھن شيءِ جو پتو لڳائڻ کي پرولي ڀڃڻ چئبو اھي. پروليون ڪيئن ٺھيون ۽ ڪھڙي وقت کان مروج ٿيون، ان جو پورو پتو نھ ٿو پوي، ٻھراڙين ۾ عام طرح ڪچھرين ۾ پروليون ڏيڻ جو چھچٽو لڳندو اھي. پرولين ۾ ڪيتريون ئي ڳجھيون معنائون ۽راز رکيل ھوندا اھن، جيسگھڙ ۽ سمجھدار پروڙي ۽ سمجھي سگھندا اھن. پروليون، سوليون ڳجهارتون آهن. ڳجهارت در حقيقت پرولي ئي آهي. ان جو بنياد به پروليءَ تي رکيل آهي، پر سٽاءُ جي لحاظ کان ٻنهي ۾ فرق ضرور آهي. پرولي ڀڃڻ ۾ آسان ۽ ان جا اهڃاڻ نمايان ملندڙ هوندا آهن، پر ڳجهارت جي ڳولا ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي، جنهن جي ڳجه ڳولڻ لاءِ وڏي غور خوض جي ضرورت پوندي آهي. ڊاڪٽر بلوچ پرولي ۽ ڳجهارت بابت خاص فرق سٽاءَ جي لحاظ کان ٻڌايو آهي. سندس مطابق: ”منوي لحاظ کان جيتوڻيڪ ڳجهارت هڪ قسم جي پرولي آهي، مگر سٽاءَ جي لحاظ کان ڳجهارت ۽ پروليءَ ۾ فرق آهي. ’پرولي‘ جو بنياد تشبيه ۽ استعاري تي آهي، ۽ ’ڳجهارت‘ جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي.“

ڏور (ادب)

ڏور:”ڏور“ لفظ جي معنيٰ آهي ”جاچڻ“ يا ”ڳولڻ“. عام زندگيءَ ۾ ماڻهو پنهنجا گفتا جهڙيءَ طرح اشارن ۽ ڪناين ۾ لڪائيندي ٻڌندڙ کي دماغ تي زور ڏياريائي اُن گفتي جو مطلب ڪڍرائي اچي ٿو. بلڪل تهڙيءَ طرح لوڪ شاعريءَ ۾ سگهڙ به ڪچهريءَ ۾ ”ڏور“ ذريعي پنهنجو پيغام پيش ڪندو آهي. ڪچهريءَ ۾ سگهڙ هڪ طرف ڏور جو بيت پڙهندو ويندو. ته ٻئي طرف وري ٻڌندڙ لفظن جا پيرا کڻندو. اصل موضوع ۽ مقصد جي وٿاڻ ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ويندو. جي ٻڌندڙ سالڪ ۽ سپورنج هوندو ته هو نيٺ وڃي مطلب تائين پهچندو. ”ڏور“ لوڪ شاعريءَ جي بيحد مقبول ۽ خوبصورت صنف آهي. هن صنف ۾ سگهڙ لفظن کي پنهنجي هڪ خاص معنيٰ ڏئي ٿو. هيءَ صنف خاص طور ٻهراڙي جي ڪچهرين جي زينت آهي. اها ڪچهري اڌوري بلڪ ٻُسي چئبي. جنهن ۾ ڏور جو بيت نه پڙهيو ويندو. ”ڏور“ گهڙڻ به هڪ اعليٰ پائي جو فن آهي. جنهن تي اسان جي سگهڙن وڏي محنت ڪئي آهي.ڏور، لوڪ ادب جي ھڪ اھڙي صنف اھي جا سگھڙن جي ڪچھرين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي اھي. ڏور جي معنيٰ اھي ڪنھن شيءِ کي ڏوري يا کولي ڪڍڻ. جھڙي نموني ڳجھارت ۾ ڪو ڳجھه ھوندو اھي اھڙي نموني ڏور جي بيت جي صورت ۾ ڪا ڏاھپ رکي ويندي اھي. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ جلال کٽي ڏور جو وڏو شاعر ھو. ڪن سگهڙن ڀٽائيءَ جي بيتن مان به ڏور ٺاهيا يا ڳوليا آهن. ’ڏور شهزور‘ چيو ويندو آهي. ڏورن جون روايتون اڪثر ڪمزور هونديون آهن. بهرحال هي هڪ ڏکيو فن آهي. معنوي سٽاءَ جي لحاظ سان عام پرولي، ڳجهارت ۽ ڏور ۾ هڪ خاص فرق آهي ته: عام پرولي ’تشبيهه‘ ۽ ’استعاري‘ تي سٽيل آهي .ڳجهارت جي اڏاوت ’تجنيس‘ ۽ ’تلميح‘ تي بيٺل آهي، ۽ ڏور جي عمارت خاص طرح ’تمثيل‘ تي اڏيل آهي. قالب ۽ هيئت جي لحاظ سان پروليون ۽ ڳجهارتون اڪثر ننڍن فقرن يا جملن جي صورت ۾ سٽيل آهن، جيتوڻيڪ ڪن سگهڙن انهن کي وڌيڪ ڪاريگريءَ سان ’بيتن‘ جي صورت ۾ سينگاريو آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ ’ڏور‘ جو مستقل قالب ’بيت‘ آهي. يعني ته لفظي سٽاءَ جي لحاظ سان ڏور جي صورت ’بيت‘ واري ئي آهي. انهيءَ ڪري سگهڙ پنهنجي ڪچهري ۾ جڏهن چوندا ته، ”ادا، بيت ڏي“، ته انهيءَ مان عام طور اها ئي مراد آهي ته: ’ڏور جو بيت ڏي‘ يا ’ڏور ڏي‘..

ھنر

هنر __(Craft/Hunur)

هنر فارسي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪاريگري يا ڪاريگريءَ جو ڪم. لوڪ ادب سلسلي جو هڪ سندر سخن آهي ، جنهن ۾ سگهڙ پنهنجو عقل بيتن (ڏوهيڙن) جي انداز ۾عام ماڻهن اڳيان پيش ڪندا آهن. هو پنهنجي منظوم سٽاءَ ۾ ڪيئي ڳجهه (راز) سمائيندا آهن، جن جي معنيٰ نهايت اونهي (ڳوڙهي) هوندي آهي، جنهن جي سمجهڻ لاءِ وڏي عقل جي ضرورت پوي ٿي. هنر کي ڳجهارت جو نمونو به چئي سگهجي ٿو.. هنر جا هونئن ته گهڻا ئي قسم آهن، مگر مکيه چار (سرائتا هنر، بي سرا هنر، چير وان هنر ۽ عام رواجي هنر) آهن. پرولي، ڏور، سينگار ۽ ڳجهارت ۾ ڏنل بيتن کي هنر چئبو آهي. هنر جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.: کڻي آيا کوهه تان، اهي خان کُٽن، ڪڏهن ويٺا ڪينڪي، اهي خان کَٽن ”حمل“ چوي هٿ هيروان، اهي خان کٽن اهي خان کٽن، جي سرنديءَ ٽرن سومرا هن هنر ۾ ’کٽن‘ لفظ جي چير ڪري، اصل معنيٰ ظاهر ڪئي ويندي آهي. مثلاً: کٽن = ڪامياب ٿين، کٽن= کٽولن، کٽن= کٽين شين، لسي، ڌونئرو وغيره.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.