گل

گل (Flower) ڪجھ ٻوٽن جي هڪ حصي کي چيو ويندو آهي. گل ٻوٽي جي نسل جي واڌ جو ڪم ڪندو آهي. گل عام طور تي نر ۽ مادي حصن تي مشتمل هوندو آهي.

Animated flower

Animated flower
Phalaenopsis (aka)
هڪ گل جو قسم
Nelumno nucifera open flower - botanic garden adelaide2
آسٽريليا جي شهر ايڊيليڊ جي نباتاتي باغ جو هڪ گل
14 سيپٽمبر

14 سيپٽمبر (انگريزي: September 14)، عيسوي سال جو 257 هون (ليپ سال 258 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 108 ڏينهن (ليپ سال 109 ڏينهن) باقي آهن.

16 جُولاءِ

16 جُولاءِ (انگريزي ٻولي: July 16)، عيسوي سال جو 197 هون (ليپ سال 198 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 168 ڏينهن (ليپ سال 169 ڏينهن) باقي آهن.

1 آڪٽوبر

1 آڪٽوبر (انگريزي: October 1)، عيسوي سال جو 274 هون (ليپ سال 275 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 91 ڏينهن باقي آهن.

29 سيپٽمبر

29 سيپٽمبر (انگريزي: September 29)، عيسوي سال جو 272 هون (ليپ سال 273 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 93 ڏينهن (ليپ سال 94 ڏينهن) باقي آهن.

ايران

ايران : Jomhuri-ye Eslāmi-ye Irān اسلامي جمهوريا ايران، ايشيا ۾ واقع آهي. ايران کي فارس ءِ سرڪاري طور تي اسلامي جمهوريا ايران پڻ سڏيو ويندو آهي جيڪو اوله ايشياءَ ۾ واقعي آهي.جنهن جو سرحدون اتر اوله ۾ امريڪا ،آذربائيجان،ڪاذڪستان ءِ روس سان لڳن ٿيو. اتر اوله ۾ ترڪمانستان،افغانستان ء پاڪستان سان جڏهن ته ڏکڻ ۾ پيرس،اومان ءِ اوله ۾ ترڪي ء عراق سان لڳن ٿيوايران جو مجموعي رقبو.1،648،195 ڪلوميٽر اسڪوائر آهي جيڪو وچ اوڀر جو ٻيو وڏو ملڪ ءِ دنيا جو 18 وڏو ملڪ آهي ءِ آباديءَ جي لحاظ سان 17 وڏو ملڪ آهي. ايران هڪ دنيا جي پراڻي تهذيبن مان آهي.

ايشيا کنڊ جو مشهور ملڪ، جنهن جي اتر ۾ قفقاز ۽ پاڪستان؛ اڀرندي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان؛ ڏکڻ ۽ اولهه ۾ عربي سمنڊ ۽ ايراني نار ۽ الهندي طرف عراق ملڪ آهي. هن وقت سرڪار جو گاديءَ وارو شهر ’تهران‘ آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين مشهور شهرن ۾ اصفهان، شيراز، تبريز ۽ مشهد شامل آهن، جيڪي مختلف وقتن تي، ايران جا گادي جا هنڌ رهيا آهن. اتر ۽ اولهه وارا حصا، جابلو ايراضيءَ وارا آهن؛ اتر ڏانهن، ’لبرز‘ ۽ ’دماوند‘ اتانهيون جابلو چوٽيون آهن. ايران جو گهڻو حصو صحرائي (رڻ پٽ) آهي. هڪڙي ريلوي لائين، ايراني نار کان هلي قزوين سمنڊ تائين ويندي آهي؛ ٻي مشهد کي تهران سان ملائي ٿي. سڄي ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇايل آهي. هتي ميوو جام ٿيندو آهي، خاص ڪري انگور، بادام، صوف ۽ شفتالو وغيره جام پوکبا آهن. ڪڻڪ، چانور، تماڪ ۽ پُست جي ڏوڏي پڻ پوکبي آهي. ملڪ جي آمدني جو وڏو ذريعو تيل (پيٽرول) آهي.

فارس، آذربائيجان، کردش (کردستان) ۽ لور سڀ کان اهم قومون آھن.

حيدرآباد، سنڌ

حيدرآباد (انگريزي ٻولي: Hyderabad) پنهنجي اوائلي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بہ رهي چڪو آهي. هيءُ ڪلھوڙن جي صاحبي (دور حڪومت) کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ اها حيثيت اوستائين رهيس جيستائين انگريزَ سنڌ تي قابض نہ ٿيا، جن اچي ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي بڻايو. پاڪستان جي بيٺڪ قائم ٿيڻ کان اڳ، حيدرآباد کي پرڳڻي جو پيرس سڏيو ويندو هو.

اُهو 59 – 1758ع وارو وقت هو جو سالن جي بيتابي کانپوءِ درياءُ، هالن ۽ نصرپور کان ويندي هيٺ تائين، اٽڪل هڪ سئو ميل، پنهنجو اصلوڪو ٻيٺ ڇڏي، هالن کان سڌو ڏکڻ طرف رخ رکي، نيرون ڪوٽ جي الهندي کان وهڻ لڳو، جتان اڄ ڏينهن تائين وهندو رهي ٿو. انهي ءَ تبديلي سببان ڏکڻ طرف درياھ جو ست ميل ڊگهو ”ريڻ“ پاٽ سُڪي ويو، ۽ نئون ”ڦليلي“ ڦاٽ، نيرون ڪوٽ کان سترهن ميل کان اُتران نڪري، انهيءَ وسندي جي اوڀر کان وهڻ لڳو. نصرپور واري ڇڏيل پيٽ ۾ شايد آبڪلاڻي وقت اُٿل جو پاڻي ايندو رهيو، پر جيئن عرصو گذرندو رهندو، تيئن اهو پٽ ڦٽندو ويو. انهيءَ ڪري نصرپور وٽان درياءَ جي رخ بدلائڻ کان چار سال کن پوءِ، جڏهن ميان غلام شاھ ”شاهپور“ کي ڇڏي پنهنجي گاديءَ لاءِ نئين جڳھ جي ڳولها ڪئي ته قديم نيرون ڪوٽ، واري وسندي کيس هر خيال کان موزون لڳي. اُلهندي طرفان درياءَ جو نئون پيٽ، تہ اڀرندي طرف ڦليلي جو ڦاٽ هئس. ٽڪر واري ايراضي مٿان هئي، انهي ڪري ٻوڏ جو جوکو بلڪل ئي ڪونه نظر آيو. انهي ڪري مهيني ذي القعد 1182ھ (جنوري 1789ع) ۾،قديم نيرون ڪوٽ واري ايراضي تي نئين قلعي ٻڌائڻ جي تجويز ڪئي ويئي هئي ۽ يڪدم ڪم شروع ٿي ويو. اھڙي طرح پراڻي نيرون ڪوٽ جي علائقي ۾ ھن نئين شھر جو بنياد پيو

خيبر پختونخوا

خيبر پختونخوا(انگريزي: Khyber Pakhtunkhuwa ) يا مختصر طور تي ڪي پي ڪي (KPK) يا پختونخوا . جنھن جو پراڻو نالو اتر اولھ سرحدي صوبو يا NWFP ھيو ،پاڪستان جي چار صوبن مان هڪ صوبو آهي. جيڪو پاڪستان جي اُتر اولھہ حصّي ۾ واقع آهي . هن جو پراڻو نالو سرحد صوبو هو. رقبي (پکيڙ) جي لحاظ کان پاڪستان جي چئن صوبن مان سڀ کان ننڍوجڏنهن ته آبادي جي لحاظ کان ٽيون وڏو صوبو آهي۔ ان جي اُتر حصّو سرسبز ۽ شاداب علائقن تي مشتمل آهي، جِتي ماڻهو مختلف علائقن کان سير ۽ تفريح جي لاءِ ايندا آهين۔ ۽ ڏکڻ حصّو شهرن تي مشتمل آهي جِتي پاڪستان جا گهڻا ئي اهم ادارا ۽ صنعتون موجود آهن۔ صوبائي ٻولي پشتو ۽ صوبائي گاديءَ جو هنڌ (دارالحڪومت) پشاور آهي۔

دادو ضلعو

دادو ضلعو(انگريزي: Dadu District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام دادو شهر آهي. هن ضلعي ۾ چار تعلقا آهن.

ديھ ابڙيجاڻي

ديھ ابڙيجاڻي :

پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ مکڻ شاھ جي وسي واقع آھي.ھن ديھ جون حدون ديھ مٽياري ، ديھ پوراٺ ، ديھ بائوديرو سان ملن ٿيون. ھن ديھ جي زمين اڪثر زرعي آھي. مٽياري ضلعي ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ ’ماڻڪ شاهه جي وسي‘، ’کوسا‘، ’گلش شاهه جي وسي ‘ ۽ ’بقادار شاهه جي وسي‘ ڳوٺ آباد آهن. ھن ديھ جي وچان بچاء بند به گذري ٿو. ھن ديھ جو قيام 1937 ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو.

ھن ديھ جا سروي نمبر 1 کان 532 تائين آھن. ھي ديھ انتظامي طور تي مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ آهي.بورڊ آف روينيو جي پراڻن نقشن مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ گل ميمڻ جي وسي، ڳوٺ بقادار شاھ، ڳوٺ مسڪن شاھ ، وسي عبدالله شاهه، ڳوٺ شيخاڻي، ڳوٺ سڄڻ ماڇي پڻ اتي واقع ھئا. پراڻن نقشن مطابق

ڦٽل نصير واھ وٽان ھڪ رستو ماڪن شاھ جي ڳوٺ تائين حيدرآباد طرف ويندڙ ھو. بچاء بند جي ھڪ پاسي مٽياري مائينر واقع ھئي.سروي نمبر 297 کان ھڪ رستو سيکاٽ کان حيدرآباد ديھ ريڇل مان گذري ھن ديھ ۾ داخل ٿي بچاء بند جي پاسي کان گذري ديھ مٽياري ۾ داخل ٿيندڙ ھيو. ھڪ ٻيو رستو ھالن کان حيدرآباد طرف ھن ديھ ۾ ڪڙيو بحر واھ لڳ داخل ٿيندڙ ھو جيڪو ڦٽل نصير واھ لڳ بچاء بند جي پاسي مان گذري مٽياري مائينر پار ڪري ڳوٺ ماڪن شاھ لڳ مٽياري ديھ ۾ داخل ٿيندڙ ھيو. ھن وقت ان رستي تي نيشنل ھاء وي 5 واقع آهي.

ديھ لکي سر

ديھ :

پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي ھالا جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ گل سھتا واقع آھي.ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ ٻاريري ۽ ديھ ڀٽ شاھ ۽ديھ لٽيريون سان ملن ٿيون.

زرينه بلوچ

زرينه بلوچ 1934ع تي حيدرآباد جي ڳوٺ الهداد چنڊ ۾ محمد موسىٰ جي گهر ۾ جنم ورتو . گهر ڀاتين ۾ سندس والده محترمه گل روز صاحبه سندس ڀائر محمد يوسف ۽ محمد عثمان بلوچ شامل آهن.

سنڌي ادبي بورڊ

اداري جي ويب سائيٽ:[1]

آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم جي ايم سيد جي ڪوششن سان سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۽ تخليقي ۽ تحقيقي سرگرمين جي وسيع پئماني تي ڦهلاءَ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو. جناب ميران محمد شاهه ان صلاحڪار بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيو. سندس سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ٻين عالمن ۽ ڏاهن ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي، شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽي، علامه آء آء قاضي، ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ديوان سوڀراج نرملداس ”فاني“، جناب پير علي محمد شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ سميت پندرهن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي. سن 1948ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان ان مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي انتظامي ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏيئي، جناب سيد ميران محمد شاهه چيئرمن، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو وائيس چيئرمن ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

سيپٽمبر 1950ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادبي بورڊ ۾ تحقيق ۽ تاليف جي ڪمن کي عملي جامو پارائڻ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽي“ قائم ڪري اُن کي ”مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ پاران منظور ڪيل رٿائن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. هن ڪاميٽيءَ جو چيئرمن صوبائي وزير تعليم مقرر ٿيو، جڏهن ته ”سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي چيئرمن، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ سيڪريٽري تعليم سميت ست ٻيا ميمبر به ڪاميٽيءَ تي کنيا ويا.

ڊسمبر 1951ع ۾ سنڌ جي عوام کي هڪ منظم ادبي ادارو فراهم ڪرڻ جي خيال کان، سنڌ سرڪار ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ختم ڪري، ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو. ان بورڊ کي بعد ۾ تعليم، صحت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي ٺهراءَ نمبر B/4619 – 4694 هيٺ رجسٽريشن آف سوسائٽي ايڪٽ 1860/ XXI تحت، نمبر: 468 بتاريخ 26 مارچ 58-1957ع تي خيرپور ميرس ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار آف جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز جي آفيس ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو. گڏوگڏ بورڊ جي ”اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽيءَ“ جي ميمبرن جو انگ به ستن مان وڌائي يارنهن ڪيو ويو.

مارچ 1955ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان سنڌي ادبي بورڊ کي خود مختيار اداري جي حيثيت ڏئي اداراتي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ باقاعده آئين منظور ڪيو ويو.

اهڙي خودمختيار حيثيت ملڻ کان پوءِ بورڊ سنڌي ادب جي واڌاري، سميت تحقيقي مسودا ۽ ڪتاب ڇپرائڻ جي سلسلي ۾ اڳ کان وڌيڪ ذڪر جوڳا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، جن جو تذڪرو نه صرف ڏيهه ۾ ناماچاريءَ سان ٿيڻ لڳو، بلڪه پرڏيهه ۾ به مڃتا ملڻ لڳي.

سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تاين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ڀلائيءَ، ۽ واڌاري خاطر سرگرم عمل آهي. وقت بوقت ٿيندڙ انتظامي تبديلين ۽ ڪم ڪار جي طريقيڪار ۾ ردوبدل سان بورڊ جي سرگرمين ۽ ترجيحن جا رُخ تبديل ضرور ٿيا آهن، پر اداري جي بنيادي مقصد ۽ ڪارج تي ڪوبه فرق ناهي آيو. ان جو روشن ثبوت اهو آهي جو سنڌي ادبي بورڊ اڄ به هڪ باوقار اداري جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض خاطر خواه انداز سان ادا ڪري رهيو آهي. گُذريل اڌ صديءَ جي تاريخ ۾ بورڊ تقريبن 500 ڪتاب ڇپرائڻ کانسواءِ تسلسل سان ٽي رسالا: ”مهراڻ“، ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ شايع ڪري رهيو آهي ۽ هن اداري سنڌ ۾ علمي، ادبي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي.

شاعر

شعر ٺاهڻ واري شخص کي شاعر چيو ويندو آهي۔

شاعري ھڪ لطيف فن آھي، جيڪو ڏات ۽ ڏانءُ جي ميلاپ سان سرجي ٿو ۽ اُنھيءَ ۾ فنڪارن جي تخليقي صلاحيت عام شين، عام واقعن، رواجي جذبن ۽ خيالن کي عام مان خاص ۽ ادنيٰ مان اعليٰ بڻائڻ جي سگهه رکي ٿي. شاعري ھڪ اھڙو تجربو آھي، جيڪو ھر ماڻھوءَ جي وس ۾ ڪونه ھوندو آھي، البت اُھو شاعر جي قلم سان لکيل لفظن جي ميڊيم ذريعي ماڻھوءَ جي دل ۽ دماغ، جذبي ۽ خيال کي متاثر ڪري ٿو. شاعري تخيلاتي فن به آھي، جيڪو شاعر جي اعليٰ تخيل (Imagination)جي عڪاسي ڪندو آھي ۽ پڙھندڙ يا ٻڌندڙ جي تخيل ۾ به تحرڪ پيدا ڪندو آھي.شاعر ڇاڇا ڪري سگهن ٿا، پنھنجي تخيلاتي ۽ تخليقي سگهه سان ڪھڙا ڪھڙا ڪم ڪري سگهن ٿا، اُنھيءَ بابت اسان کي مشرق ۽ مغرب جي ڪتابن ۾ لکيل گهڻائي نظريا، طريقا، اصول ۽ قائدا قانون ملندا. ٿلھي ليکي چئي سگهي ٿو ته ھر شاعر جو تخيل (Imagination)پڙھندڙن کي انيڪ اڻ ڏٺل دنيائن جو سير ڪرائي سگهي ٿو؛ ھو پنھنجي ادراڪ ذريعي منجھن دنيا کي سمجھڻ ۽ ڄاڻڻ جي قوت پيدا ڪري سگهي ٿو؛ پنھنجي ٻوليءَ تي دسترس ذريعي لفظن معرفت سھڻا سھڻا عڪس ڏيکاري سگهي ٿو؛ مطلب ته ھو بھترين تخليقڪار (فنڪار)، بھترين تخيل رکندڙ، بھترين مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ، بھترين شعور رکندڙ، ٻوليءَ جو بھترين ڄاڻو يا ماھر، بھترين ڏاھپ رکندڙ، بھترين رھنما ۽ سونھون ٿي سگهي ٿو .... پر تڏھن به ھو ھڪ ڏاھو شاعر ۽ باشعور فنڪار ئي رھندو. اُن کي اُھو ئي رھڻ ڏنو وڃي ته بھتر آھي، پر اسان وٽ رواج ئي ڪجھه ٻيو آھي. اسان وٽ شاھه لطيف سميت اڪثر شاعرن جي شاعريءَ ۾ مٿي بيان ڪيل خوبيون ڏسڻ کان پوءِ عجيب عجيب جذباتي دعوائن ڪيون وڃن ٿيون. اڳي ته شاھه کي رڳو ھڪ پير، بزرگ ۽ ولي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي ھئي، پوءِ اُن جي ضد ۾ کيس نظرياتي شاعر، ڪميونسٽ، سوشلسٽ، قوم پرست ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر ھاڻي وري ھڪ ٻيو رجحان ڏسڻ ۾ ٿو اچي ... ته ھو سنڌي ٻوليءَ تي مڪمل دسترس رکڻ کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي ٻولين جي ڄاڻ ٿو رکي، اِن ڪري ھو ”ماھرِ لسانيات“ آھي ؛ ھن ۾ سائنسي شعور آھي، اِن ڪري ھو ”سائنسدان“ به آھي ؛ ھو ڏاھو آھي ۽ ڏاھپ سندس شاعريءَ ۾ ڀري پيئي آھي، اُن جو مطلب ته ھو ”فلسفي“ جي علم جو به ماھر آھي، وغيره وغيره.ھيءَ ته ڳالھه وڃي اھا ٿي ته شاعر گل جي رنگ ۽ خوشبوءِ جو ذڪر ڪري ته اُن گل جي اصليت معلوم ڪرڻ لاءِ اُن جي پنکڙين کي پٽي، اُن جي اندروني ساخت کي بيان ڪري چئجي ته واھه شاعر ته وڏو باٽنيءَ جو ماھر آھي! فلاڻي گل جون خصوصيتون بيان ڪيون اٿس! جي ھو چنڊ جي حسن ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر ڪري يا اُنھن کي محبوب سان ڀيٽي ته ويھي چنڊ تي تحقيق ڪجي ۽ چئجي ته شاعر ته ماھرِ فلڪيات ٿو ڏسجي!

جيڪڏھن اسين واپس چيني شاعر لوچي جي وصف تي اچون ته ھو اسان کي ٻڌائي ٿو ته شاعر پاڻ ڪو وجود ڪونه ٿو تخليق ڪري، پر ھن جو ڪم عدم سان جھيڙڻ آھي ته جيئن اھو وجود کي پيدا ڪري. شاعر جو اھو به ڪم ڪونھي ته انتظار ڪري جيسين نڙيءَ مان رڙ نڪري، بلڪ سندس ڪم آھي دنيا کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ. خاموشيءَ يا ماٺ کي جواب ڏيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، ائين سندس نظم ۾ موسيقي پاڻ مرادو ماٺ مان اڀري ٿي، ڀلي خود شاعر ڪو موسيقيءَ جو ماھر نه به ھجي_ جڏھن ائين ٿئي ٿو تڏھن دل جي ھڪ ننڍڙي حصي مان جذبن جو سيلاب اُٿل کائي ٿو، تڏھن ئي شاعر چورس فٽ جي ڪاڳر تي لامحدود خيال، جذبا ۽ ڪيفيتون آڻي سگهي ٿو _ اُنھيءَ سموري عمل ۾ سندس ڪوشش يا جدوجھد (Struggle, Force and knock ) کيس دنيا جي اسرارن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ڪري ٿي جيڪا ھو ٻين کي ڏيکارڻ چاھي ٿو، اِن ڪري اُن جو اظھار ڪري ٿو _ اُن کي ئي شاعر جو شعور چئي سگهجي ٿو.

شيخ اياز

شيخ مبارڪ اياز سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ جي هن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’اياز‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. هن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ هو، جيڪو شهر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندن پاڙو بنگل پاڙو، سڏبو هو. شيخ اياز جو خاندان بکراڻي آهي. شيخ اياز ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي تعليم دؤران ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو. هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو. شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو، هن 1945ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ هلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏهن گوبند مالهيءَ اپريل 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ اياز ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. شيخ اياز شڪارپور ضلعي ۾ بہ سنگت کي منظم ڪيو، ان کان سواءِ’ انجمن ترقي پسند مصنفين‘ سان بہ وابستہ رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان بہ گهري لاڳاپي ۾ رهيو.

شيخ اياز قديم توڙي جديد شعري صنفن تي ڀرپور گرفت رکندو هو، پراڻين شعري صنفن کي ٻوليءَ توڙي اسلوب جي نواڻ بخشيائين ۽ منجهن ڪيترائي تجربا به ڪيائين. سنڌي ڪلاسيڪي بيت ۽ وائيءَ کي جديد رنگ ۽ آهنگ ڏنائين. عروضي وائيءَ لکڻ جو پهريون ڪماياب تجربو به اياز ڪيو ۽ ان کان علاوه ڪافي نيون صنفون پڻ متعار ڪرايائين، جن ۾ آزاد نظم، نثري نظم ،هائيڪو، ڏيڍ سٽا ۽ ڇهه سٽا وغيره شامل آهن. اهڙي نموني پاڻ اندازاً وِيهن کان مٿي شعري صنفن ۾ ڪلام چيو اٿس.

ياسمين (گل)

هي هڪ خوشبودار ننڍڙو گل آهي.

یاسمین کي انگریزي ۾ Jasmine چيو ويندو آهي. هن جا پن ننڍا ۽ گهري سائي رنگ جا ٿيندا آهن۔ ان جي مٿان ننڍا ننڍا سفید جا گل ٿيندا آهن۔ جنجي انتهائي سٺي خوشبو ٿيندي آهي.

پاڪستان

اسلامي جمھوريہ پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي، جيڪو 300 00' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو.23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان کي اسلامي جمھوريہ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو.

پنجاب، پاڪستان

پنجاب سنڌو ماٿر جي تهذيب (انڊس ويلي سولائيزيشن) ۾ سنڌوءَ جو مٿيون علائقو (اپر انڊس ويلي) پنجاب سڏجي ٿو.

ڀارت

ڀارت, (انگريزي ٻولي: India, Hindustan) جنهن کي هند، هندستان، ۽ انڊيا پڻ سڏيو ويندو آهي، سو ڏکڻ ايشيا ۾ واقع آهي. هيءُ ڏکڻ ايشيا جي وڏي حصي تي پکڙيل آهي. هندستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جي وڏن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. هندستان جا هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو هڪ سؤ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندا آهن. هندوستان جي اوڀر ۾ بنگلا ديش ۽ ميانمار (برما)، اتر ۾ ڀوٽان ۽ چين ۽ نيپال ۽ اولهه ۾ پاڪستان. ان کان سواءِ ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ اولهه ۾ هندي سمنڊ آهي.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.