ٻولي

زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال

Tepantitla mural, Ballplayer A (Daquella manera)
A mural in Teotihuacan, Mexico (ت. 2nd century) depicting a person emitting a speech scroll from his mouth, symbolizing speech
Cuneiform script2
Cuneiform is the first known form of written language, but spoken language predates writing by at least tens of thousands of years.
Girls learning sign language
Two girls learning American Sign Language
Braille house09
Braille writing, a tactile variant of a writing system

ٻوليء هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو مواصلات جي منجھيل نظام جي ترقي، حصول، بحالي ۽ استعمال، خاص طور تي ايئن ڪرڻ جي انساني قابليت يا صلاحيت تي مشتمل آهي؛ ٻولي اهڙي ريت هڪ سرشتي جو ڪوئي مخصوص مثال آهي. ٻوليء جي سائنسي اڀياس کي لسانيات(linguistics) سڏيو ويندو آهي.لفظن جو مجموعو ۽ انهن کي ملائڻ جو طريقو (يعني گرامر) جيڪو ڪوئي گروه سمجهي ۽ انکي رابطي طور استعمال ڪري ته انکي ٻولي چيو ويندو آهي.

ٻوليءَ کي هنديءَ ۾ ڀاشا چيو ويندوآهي. هندستان جا سنڌي اديب اڪثر ٻوليءَ جي جاءِ تي عام طور ”ڀاشا“ جو لفظ ڪتب آڻيندا آهن. ڇاڪاڻ جو اهو لفظ ’مڪمل زبان‘ وارو مفهوم رکي ٿو. جڏهن ته ڪن ماهرن جي راءِ ۾ ٻولي صرف ڳالهايل زبان لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجي. ڀاشا معنى ٻولي Language ۽ اپڀاشا معنى ٻوليءَ جو ننڍو دفعو (Dialect). البت سنڌيءَ ۾ لفظ ’ٻولي‘ مڪمل زبان واري معنيٰ رکي ٿو. [1]ٻولي اوچتو پئدا نه ٿي آهي ۽ نه ديوتائن وٽان مليل سوکڙي آهي. پر اظهار جو هي وسيلو صدين جي ڪوششن کان پوءِ حاصل ٿيو آهي. ان جي شروعات مرد جي پنهنجي ماديءَ کي سڏڻ وارن آوازن سان ٿي ۽ انهن آوازن ارتقا جون منزلون لنگهي، شاعريءَ جي شڪل اختيار ڪئي. لفظن يا شَيِن جي نالن کان سواءِ جن سان ذهن ۾ خاص تصور ٿا اچن، شين جا اجتماعي تصور قائم ٿي نه سگهن ها. ۽ عقل ڪڏهن به وحشي پڻي جي منزل کان اڳتي وڌي نه سگهي ها. لفظن کان سواءِ فلسفو، شاعري، تاريخ ۽ نثر سڀ ناممڪن هئا. لفظن کان سواءِ ڪڏهن به آئن اسٽائن ۽ اناطول فرانس جي ذهنن جون باريڪيون حاصل ٿي نه سگهن ها. لفظن کان سواءِ نه مرد مرد هجي ها ۽ نه عورت عورت.[2]

ٻولين متعلق هڪ جائزي جي مطابق هن وقت دنيا ۾ تقريبن 6809 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.پر انهن جو انگ تيزي سان گهٽجي رهيو آهي ڇو ته نوي فيصد ٻولين جو تعلق هڪ لک کان گهٽ ڳالهائيندڙن سان آهي. 537 ٻوليون اهڙيون به آهن جنهنجا ڳالهائيندڙ 50 کان به گهٽ آهن، افسوسناڪ حالت انهن 46 ٻولين جي آهي جيڪي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ختم ٿيڻ واريون آهن، ڇو ته انهنجا ڳالهائيندڙ هڪ يا ٻه انسان بچا آهن. چين ۾ ڳالهائي ويندڙ مينڊرين ٻولي آبادي جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي سمجهي ويندي آهي جڏهن ته انگريزي ٻولي ٻي نمبر تي آهي. ’اردو - هندي‘ کي اگر هڪ ٻولي تصور ڪيو وڃي ته آبادي جي لحاظ کان ٽيون نمبر هن جو ئي آهي ۽ جيڪڏهم هندي کي الڳ ٻولي جي طور تي ڏٺو وڃي ته پوء هن جو ڇهون نمبر آهي.پنجين نمبر تي بنگالي ۽ اردو ٻاويهين نمبر تي هلي وڃي ٿي. انکان علاوه عربي ۽ هسپانوي ٻوليون به وڏين ٻولين ۾ شامل آهن.

انگريزي جو معاملو سڀ کان جدا آهي.حالانڪه دنيا ۾ صرف 32 ڪروڙ ماڻهن جي مادري ٻولي انگريزي آهي جن جي اڪثريت آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيه، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ آباد آهي، انکان علاوه سڄي دنيا ۾ 35 ڪروڙ ٻيا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي انگريزي کي ٻي ٻولي (second language)جي طور تي استعمال ڪندا آهن يعني پنهنجي مادري ٻولي سان گڏوگڏ اهي انگريزي کي به رواني سان ڳالهائي ويندا آهن۔ انهن کان علاوه ڏهن کان پنرهن ڪروڙن تائين اهڙا ماڻهو به آهن جن ضرورت جي ڪري انگررزي سکي آهي.اهڙن ماڻهن جو انگ تيزي سان وڌي پيو جن جي هي نه ته مادري ٻولي آهي نه ئي ٻي، البته تعليم ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاء انگريزي سکي آهي. ريڊيو، ٽي وي، فلم ۽ خاص طور تي انٽرنيٽ جو استعمال وڌڻ سان گڏ انگريزي زبان انجو استعمال ۽ افاديت وڌندي پئي وڃي.

حوالا

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
  2. ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
11 جُولاءِ

11 جُولاءِ (انگريزي ٻولي: July 11)، عيسوي سال جو 192 هون (ليپ سال 193 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 173 ڏينهن (ليپ سال 174 ڏينهن) باقي آهن.

11 فيبروري

11 فيبروري (انگريزي ٻولي: February 11)، عيسوي سال جو 42 هون ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 323 ڏينهن (ليپ سال 324 ڏينهن) باقي آهن.

14 جُولاءِ

14 جُولاءِ (انگريزي ٻولي: July 14)، عيسوي سال جو 195 هون (ليپ سال 196 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 170 ڏينهن (ليپ سال 171 ڏينهن) باقي آهن.

16 فيبروري

16 فيبروري (انگريزي ٻولي: February 16)، عيسوي سال جو 47 هون ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 318 ڏينهن (ليپ سال 319 ڏينهن) باقي آهن.

1 جنوري

1 جنوري (انگريزي ٻولي: January 1)، عيسوي سال جو پهريون ڏينهن آهي. سال پوري ٿيڻ ۾ 364 ڏينهن (ليپ سال 365 ڏينهن) باقي آهن.

3 جنوري

3 جنوري (انگريزي ٻولي: January 3)، عيسوي سال جو ٽيون ڏينهن آهي. سال پوري ٿيڻ ۾ 362 ڏينهن (ليپ سال 363 ڏينهن) باقي آهن.

اردو

اردو يا اڙدو يا لشڪري ٻولي (اُچار: اُردُو، انگريزي: Urdu) دنيا جي وڏين ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ اردو ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارا رهن ٿا.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‏“ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﺁگسٽ 2009 ﻉ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو . ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ 5 ﺟﻠﺪ پوﺭﺍ ٿي چڪﺎ ﺁﻫﻦ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺟﻠﺪ ڇهون پڻ ڇپائيء ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺮﺣﻠﻲ ۾ ﺁهي. انسائيڪلوپيڊيا ۾ گهڻو حصو سنڌ سان لاڳاپيل مضمونن تي آهي جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه ،وهڪرا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ، آبي ۽ زميني پکي ۽ حياتيات، رسالا، ڪتاب، اخبارون، صحافي،اديب،شاعر،عالم، علمي ادبي ادارا، ريتون رسمون ، هنر، ڳوٺ، ديهون ، قومون، قبيلا، ذاتيون، مذهب ، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، خانقاهون، درگاهون، قبرستان، ميلا ملاکڙا، سياسي شخصيتون وغيره ۽ بقايا حصو دنيا سان لاڳاپيل ڪائناتي، سائنسي ۽ ٻين موضوعن تي مواد، ايجادون وغيره شامل آهي.

ﻫﻦ ﺍﻫﻢ ﺭٿا ﺟﻮ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎڪﻮ ﺗﻪ 1998ء ۾ جڙﻳﻮ ﭘﺮ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺍڳ سنڌﻱ ٻوﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﺎ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻗﻴﺎﻡ ﺑﻌﺪ 1991ء ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﺍهڙﻱ ﺭٿا ﺗﻲ ﺳﻮﭺ ﻭﻳﭽﺎﺭ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺷﺮﻭﻉ ٿيو ﻫﻮ . ﺑﻌﺪ ۾ ڊﺍڪٽر ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﻫﻦ ﺭٿا ﺟﻮ اﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎڪﻮ ﺗﻴﺎﺭ ڪﻴﻮ ۽ 1998ء ۾ ٻولي ﺍٿارٽيءَ ﺟﻲ تڏﻫﻮڪﻲ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺑﺎﻗﺎﺋﺪﻱ ﺭﻳﺴﺮﭺ ﺳﻴﻞ ٺاﻫﻲ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﻋﺎﻟﻢ ﺷﻴﺦ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﮐﻲ ﺍﻧﭽﺎﺭﺝ ﻣﻘﺮﺭ ڪﺮﻱ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮﻥ ﺟﻲ ٽيم ﺗﺮﺗﻴﺐ ڏﻧﻲ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ سنڌ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺿﻠﻌﻲ ۾ ﺍﺩﻳﺒﻦ ۽ سهڪﺎﺭﻱ ﺳﺎٿين ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﻮﺍﺩ ۽ ﺗﺼﻮﻳﺮﻭﻥ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺟﻲ سهڪﺎﺭ ﻻﺀِ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﺎ ﻭﻳﺎ. ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ ﺟﻨﺎﺏ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﺟﻮﻳﻮ، ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ ، ڊﺍڪٽر ﺍﻟﻠﻪ ﺭﮐﻴﻮ، ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺣﺴﻴﻨﻲ، ڊﺍڪٽر ﺷﻤﺲ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻨﻴﻮ ۽ ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﻫﺌﺎ . ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڪﻢ لڳ ڀڳ ﭘﻮﺭﻭ ٿيو ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ڇپاﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﺮﺣﻠﻲ ﮐﺎﻥ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻮ، ڇاڪﺎڻ ﺗﻪ 2001 ﻉ ۾ ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺟﻲ ﻭڃڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺍسڪﻴﻢ ﺗﻲ ڪﻢ ﺑﻨﺪ ٿي ﻭﻳﻮ .

2008ء ۾ جڏﻫﻦ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ، سنڌﻱ ٻوﻟﻲ ﺍٿارٽيءَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﭘﺮﺳﻦ ﻣﻘﺮﺭ ٿي ﺁﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺗﺮﺟﻴﺤﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻥ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺭٿا ﺗﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ .ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺑﺪﺭ ﺍبڙﻱ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ميمڻ ﺟﻲ ﺭﻫﻨﻤﺎﺋﻲﺀَ ۾ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮﻥ ٻيهر ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ۽ ﺻﺒﺢ ﺷﺎﻡ ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﺳﺎﻥ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺟﻠﺪ ڇپجي ﻣﺎﺭڪيٽ ۾ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻦ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻧﻲ ۽ ﺍﺩﺍﺭﺕ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ ڪﺌﻲ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻮ سيڪريٽري ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ پڻ ﺳﻨﺪﺱ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.

ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﺎ ٽي ﺟﻠﺪ ” ﺍﻟﻒ ﮐﺎﻥ ﺥ “ ﺍﮐﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ پڌﺭﺍ ٿر چڪﺎ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﻥ ﮐﻲ پڙﻫﻨﺪڙﻥ ﺳﺎڃهه ﻭﻧﺪ ﻃﺒﻘﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﻣﻮٽ ﻣﻠﻲ ﺁﻫﻲ . ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ، ﺭﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺗﻌﺮﻳﻔﻲ، ﺗﻨﻘﻴﺪﻱ ۽ ﺗﺠﺮﺑﺎﺗﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ۽ ﺧﻂ پڻ ڇپيا . ﻫﻴﻞ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﭼﺌﻨﻲ ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ ڏﺳﺠﻲ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ ﭘﻴڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﺎ 2684 ﺻﻔﺤﺎ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ۾ 10848 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﭘﻴﺶ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ ﺍﻫﻦ . ﺳﻤﻮﺭﻱ ڇپاﺋﻲ ﺁﺭٽ ﭘﻴﭙﺮ ﺗﻲ ﺭﻧﮕﻴﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮﻥ ﺳﺎﻥ ٿيل ﺁهي.

ﺗﻴﺎﺭ ٿيل ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ

ﺟﻠﺪ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ: ﺍﻟﻒ ﺏ ٻ ﺍﮐﺮﻥ ﺗﻲ ﻋﻨﻮﺍﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺟﻠﺪ ۾ 648 ﺭﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺑﺎﺗﺼﻮﻳﺮ ﺻﻔﺤﺎ ﺁﻫﻦ. ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺟﻠﺪ ۾ ڪﻞ 3712 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڇاﭘﻮ ﺁگسٽ 2009ء ﺟﻮ ﺁﻫﻲ .

ﺟﻠﺪ ٻيون: ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ٻيون ﺟﻠﺪ ‏( ڀ ﺕ ٿ ٽ ٺ ﺙ ‏) ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ، جيڪﻮ پڻ ﺭﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺁﺭٽ ﭘﻴﭙﺮ ﺗﻲ ڇپيل ﺁﻫﻲ، ٻئي ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪﺍﺩ 2570 ﺁﻫﻲ . 728 ﺻﻔﺤﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﺁﺧﺮ ۾ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻞ ﻋﻨﻮﺍﻧﻦ ‏( ﺍﻟﻒ ﮐﺎﻥ ٻ ‏) ﺟﻮ ﺿﻤﻴﻤﻮ پڻ ﺷﺎﻣﻞ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ٻئي ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڇاﭘﻮ ﻣﺌﻲ 2010ء ﺟﻮ ﺁﻫﻲ .

ﺟﻠﺪ ٽيوﻥ: ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ٽيون ﺟﻠﺪ ‏( ﭖ ﺝ ‏) ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ . 700 ﺻﻔﺤﻦ ﺗﻲ ڇپيل ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ۾ 2533 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻠﺪ ٽيوﻥ ﻣﺎﺭﭺ 2011 ﻉ ۾ ڇپيو .

ﺟﻠﺪ ﭼﻮٿوﻥ: ﻫﻲ ﺟﻠﺪ ﺍﭘﺮﻳﻞ 2012ء ﺟﻲ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﻫﻔﺘﻲ ۾ پڌﺭﻭ ڪﻴﻮ ﻭيو . ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ۾ ‏( ڄ ﺟﻬﻪ ڃ ﭺ ڇ ﺡ ﺥ ‏) ﺟﻲ اکرﻥ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻠﺪ ﭼﻮٿوﻥ 608 ﺻﻔﺤﻦ ۽ 2033 ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ. سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﺍﻳﻨﺪڙ ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻲ ﻣﺘﻔﺮﻕ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺟﻮ ڪﻢ پڻ ﺗﻴﺰﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﺟﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ ﺟﻠﺪ ﭘﻨﺠﻮﻥ 2012ء ۾ پڌرو ڪيو ويو.

ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻥ ۽ ﭼﻴﻒ ﺍيڊيٽر ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍيڊيٽر ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ﺭٿا ﺟﻲ ڊﺍﺋﺮيڪٽر ﻃﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ميمڻ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﻳﺌﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻣﺎﻫﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﻣﻮﺿﻮﻋﺎﺗﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﻣﻮﺍﺩ ﺟﻲ ﻧﻈﺮﺛﺎﻧﻲ پڻ ڪﺮﺍﺋﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ : ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ، ڊﺍڪٽر ﺣﺒﻴﺐ ﺍﻟﻠﻪ ﺻﺪﻳﻘﻲ، ﺳﻴﺪ ﻗﻠﻨﺪﺭ ﺷﺎﻫﻪ لڪﻴﺎﺭﻱ، ﺳﻴﺪ ﺣﺎڪﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﺨﺎﺭﻱ، ﻭﻟﻲ ﺭﺍﻡ ﻭلڀ، ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﻻﮐﻮ ۽ ڊﺍڪٽر ﺷﻤﺲ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻨﻴﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ .

ﺍﺩﺍﺭﻱ ۾ ﻗﺎﺋﻢ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ ﺳﻴﻞ ۾ هيٺ ڄاڻاﻳﻞ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ۾ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﺁﻫﻦ : ﺷﻮڪﺖ ﭼﺎچڙ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﺻﻔﺪﺭ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﺮﺯﺍ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻭﺍﺣﺪ ﭘﺎﺭﺱ ﻫﻴﺴﺒﺎڻي ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻫﻴﻤﻮﻥ ڪﺎﻻڻي ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻋﺎﻣﺮ ﺳﻴﺎﻝ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ؛ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮ ﻃﻮﺭ ﺿﺮﺍﺏ ﺣﻴﺪﺭ، ﺷﻔﻴﻊ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ، ﺳﺎﺟﺪ ﭼﺎنڊﻳﻮ، ﻏﻼﻡ ﺭﺳﻮﻝ مڱرﻳﻮ، ﺳﺮﺩﺍﺭ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ، ﻧﺎﺻﺮ ﻗﺎﺿﻲ، ﻋﻠﻲ ﻧﻮﺍﺯ ﺁﺭﻳﺴﺮ، ﻋﻨﺒﺮﻳﻦ ﺧﺎﺻﺨﻴﻠﻲ، ﺯﻳﻨﺖ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ، ﺭﺍﺳﻴﻪ ﺑﺸﺎﺭﺕ، ﺍﻣﺮ ﺧﻮﺭﺷﻴﺪ ۽ ﺻﺎﺋﻤﻪ ﻳﻮﺳﻒ ٽيم ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ .

ٽيڪنيڪﻲ ﻋﻤﻠﻲ ۾ ڪﻤﭙﻮﺯﺭ / ﮔﺮﺍﻓڪﺲ ڊﺯﺍﺋﻨﺮ ﻃﻮﺭ، ﺗﻮﻻ ﺭﺍﻡ ﺳﻮٽهڙ، ﭘﺎﺭﺳﻪ ﺭﺿﻮﻱ، ﻧﻈﻴﺮ ﭼﺎنڊﻳﻮ، ﻋﺮﻓﺎﻥ ميمڻ ۽ ﺭﺣﻴﻢ ﭘﺎﺷﺎ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ - ﮐﻲ ﻭﻳﺐ ﺳﺎئيٽ ﺗﻲ ﺁﻥ ﻻﺋﻴﻦ ڪﺮڻ ﻭﺍﺭﻱ ڪﻮﺷﺸﻦ ۾ ﻓﻬﺪ ميمڻ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﻋﻤﻞ ﺁﻫﻲ، ﺳﺎڻس گڏ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺨﺶ ڀنگر، ﺍﺣﺴﺎﻥ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۽ ﭘﺮﻭﻳﺰ ﻧﻴﺎﺯ ﻫﻤﺎﻳﻮﻧﻲ ٻانهن ٻيلي ﺁﻫﻦ .

ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﻣﻬﻮﺭﺕ ﺟﻲ ﺗﻘﺮﻳﺐ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﻗﺎﺋﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻩ، تڏﻫﻮڪﻲ ﻭﻗﺘﻲ ﮔﻮﺭﻧﺮ ﻧﺜﺎﺭ کهڙﻱ ۽ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ سياﺣﺖ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ﺳﺴﺌﻲ ﭘﻠﻴﺠﻮ، سنڌﻱ ﻟﺌﻨﮕﺌﻴﺞ ﺍٿاﺭٽيﺀَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﭘﺮﺳﻦ ۽ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻥ ﺍﻋﻠﻰ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ميمڻ جن شرڪت ڪئي.

انگريزي ٻولي

انگريزي (انگريزي ٻولي: English) انگلينڊ سميت دنيا ڀر سڄي دنيا ۾ ڳالهائي ويندڙ هڪ وسيع ٻولي آهي جيڪا ڪيترن ئي ملڪن ۾ بنيادي ٻوليءَ جي طور تي ڳالهائي وڃي ٿي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ثانوي (سيڪنڊري) يا سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت رکي ٿي۔ انگريزي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهي ۽ سمجهي ويندڙ ٻولي آهي جڏهن ته هيءَ سڄي دنيا ۾ رابطي جي ٻولي سمجهي وڃي ٿي۔

مادري ٻولي (مادري زبان) جي طور تي دُنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي جديد چيني ٻولي آهي جنهن کي 70 ڪروڙ فرد ڳالهائين ٿا، ان کانپوءِ انگريزي آهي، جيڪا گهڻا ماڻهو ثانوي (ٻئي ٻولي, سيڪنڊري لينگوج) يا رابطي جي زبان جي طور تي ڳالهائيندا آهن جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارن فردن جو انگ هڪ ارب کان مٿي ٿي ويو آهي۔

سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 35 ڪروڙ 40 لَک فردن جي مادري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن ته ٻي ٻوليءَ جي حيثيت سان انگريزي ڳالهائڻ وارن انگ 15 ڪروڙ کان ڏيڍ اربن جي وچ ۾ آهي۔

انگريزي، مواصلات، تعليم، ڪاروبار، هوا بازي، تفريح، سفارتڪاري ۽ انٽرنيٽ ۾ سڀ کان اعليٰ بين الاقوامي ٻولي آهي۔ هي 1945ع ۾ گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کان هينئر تائين ان جي سرڪاري ٻولين منجهان هڪ آهي۔

انگريزي بنيادي طور تي اولھ جرمينڪ ٻولي آهي، جيڪا آڳاٽي انگلش مان ٺهي آهي۔ سلطنتِ برطانيا جي سرحدن ۾ ڊيگهه ويڪر سان گڏوگڏ هيءَ ٻولي به انگلستان مان نڪري آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ سميت سڄي دنيا ۾ پکڙجندي وئي ۽ اڄ برطانيا يا آمريڪا جي اڳوڻي نو آبادين مان اڪثر ۾ هيءَ سرڪاري ٻولي آهي جن ۾ پاڪستان، گهانا، ڀارت، نائجيريا، ڏکڻ آفريڪا، ڪينيا، يوگينڊا ۽ فلپائن پڻ شامل آهن۔

سلطنتِ برطانيا جي وسيع سرحدن باوجود انگريزي 20 هين صديءَ تائين دنيا ۾ رابطي جي ٻولي نه هئي، ان کي هي مقام ٻئي جنگ عظيم ۾ آمريڪا جي فتح ۽ سڄي دنيا ڀر آمريڪي ثقافت جي مشهوري جي ذريعي حاصل ٿي آهي، مواصلات جي ذريعين ۾ تيز ترقيءَ انگريزي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ (گهرج) جو سبب بڻي آهي.

انگريزي (English):هن ٻوليءَ جا ڪوڪني (Cockney) سوس (Scouse) گوردي (Geordi) -اوڀر- انگيليا (East Angilia)، برمن، سائوٿو ويلز، ايڊنبرگ، -بيل- فاسٽ (Belfast) ڪارن وال (Cornwal) ڪمبرلينڊ (Cumberland) مرڪزي ڪمبرلينڊ (Central Cumberland) ديور شاير (Devar shire) اڀرندي ديور شاير (Eastren devar) ڊورسيٽ (Dorset) دُرهم (Durham) بولٽن لينڪ شاير (Bolton Lancashire) ريڊڪلف لينڪ شاير ناٿرميرلينڊ. نارفوڪ (Norfolk) نيوڪبسل نارٿم برلينڊ، ۽ ٻيا لهجا آهن. هي -ٻولي- جرمن ٻوليءَ سان 60 سيڪڙو فرينچ سان ۽ 27 سيڪڙو ۽ روسيءَ سان 24 سيڪڙو مشابهت رکي ٿي.

هن ٻوليءَ جو اصل وطن برطانيا آهي، پر آمريڪا، اندورا، انگلوئلي، اروبا، آسٽريليا، برازيل، برٽش انڊيا، برٽش ورجن، آئيزلينڊ، برونائي، ڪمبوڊيا، ڪيمرون، ڪئنياڊا، ڪي مين آئيز، چين، هندوستان ۽ -پاڪستان-، -جپان- ۽ ٻيا سوين ملڪ -جن- ۾ -انگريزي- نه صرف ڳالهائي وڃي ٿي، پر -تعليم- جو ذريعو به -انگريزي- آهي. ڪيترن ملڪن ۾ برطانيا ۽ آمريڪا کان سواءِ هيءَ ٻولي سرڪاري ۽ قومي ٻوليءَ طور شامل آهي. دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي سڄو عام ۽ سائنسي ڪم هن ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. ان لاءِ هن کي سائنسي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي.

هيءَ ٻولي هند يورپيائي، جرمنيائي، اولهه انگريزي ٻولين جي خاندان مان آهي. هي ٻولي رومن خط ۾ لکي وڃي ٿي. برطانيه ۾ 55000000 ۽ دنيا ۾ 1999ع جي رپورٽ موجب 30935280 ماڻهو هي -ٻولي- ٻي ٻوليءَ طور لکن پڙهن ٿا. آسٽريليا ۾ 15682000 ماڻهو، بربادوس ۾ 13000، برازيل ۾ 55998، برمودا ۾ 58800، (هتي به هي سرڪاري ٻولي آهي) برٽش انڊيا ۾ سرڪاري ٻولي، برونائيءَ ۾ قومي ٻولي 8000 ڳالهائڻ وارا، ڪمبوڊيا ۾ فرنيچ ٻوليءَ جي جاءِ وٺي رهي آهي، ڪينياڊا ۾ سرڪاري -ٻولي- 17100000 ڳالهائڻ وارا، چين ۾ (1993ع) 54000 خاص طور هانگ ڪانگ ۾، ايٿوپيا ۾ (1986ع) سرڪاري ٻولي. فجي ۾ (1976ع) 4929 سرڪاري ٻولي، گمنبيا هڪ هزار ماڻهن جي سرڪاري ٻولي، گهانا (1977ع) ۾ 1000000 سرڪاري ٻولي، گوانا ۾ قومي ٻولي، هندوستان ۾ قومي ٻولي 11021610 ڳالهائڻ وارا، آئرلينڊ ۾ قومي ٻولي 2600000 ڳالهائڻ وارا، -اسرائيل- ۾ انگلٽ (Anglit) لهجو ڳالهائجي ٿي. سرڪاري -ٻولي- شيم ئيل آهي (1993ع) ۾ 100000 ڳالهائڻ وارا، ڪينيا ۾ سرڪاري ٻولي، لبنان ۾ هي ٻولي گهرن يا بزارن ۾ ڪانه ڳالهائجي صرف 3300 (2004ع) ڳالهائڻ وارا، مالوي ۾ سرڪاري ٻولي 18000 هزار ڳالهائڻ وارا، مالٽا ۾ سرڪاري ٻولي 2400 ڳالهائڻ وارا. ماريشش ۾ سرڪاري -ٻولي- صرف 3000 ڳالهائڻ وارا. نائيجريا ۾ ڏهه لک، نيوزلينڊ ۾ سرڪاري ٻولي 3213000 ڳالهائڻ وارا ۽ ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ۾ تمام گهڻو ادب پيدا ٿئي ٿو.

برابر عالمي وقت

برابر عالمي وقت هڪ انتهائي صريح جوهري معياري وقت کي چئبو آهي۔ انکي انگريزي ۾ ڪوآرڊينيٽيڊ يونيورسل ٽائم (Coordinated Universal Time) چوندا آهين ۽ عام طور تي UTC پڻ لِکيو ويندو آهي جيڪو انجو اختصاري اظهار آهي۔ برابر عالمي وقت بڻيادي وقت جو معيار جنهن وسيلي دنيا گھڙيال ۽ وقت جو انتظام ٺاهي بيهاريندي آهي. اُنکي 1970ء ۾ انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين (International Telecommunication Union) جي ماهرن پاران تيار ڪيو ويو هيو۔ پهريون سوال جيڪو انجي اختصار کي ڏسي ڪري ذهن ۾ اچي ٿو، سو اُنجي ابجدي ترتيب آهي ڇوته برابر عالمي وقت (ڪوآرڊينيٽڊ يونيورسل ٽائيم) جي نسبت کان ته انکي CUT هُئڻ گُهرجي ها۔ ان ترتيب جي سبب اصل ۾ هي آهي ته هِن اختصار جي چُونڊ تي انگريزن ۽ فرانسيسين ۾ ناراضپو ٿيو ته اختصار انگريزي ۾ CUT ٿيندو ۽ فرانسيسي چاهن پيا ته نه فرانسيسي ٻولي ۾ ٿيندو ۽ TUC ٿيندو جيڪو Temps universel coordonné کان بڻتجي ٿو۔ جڏنهن ڪوئي فيصلو نه ٿي سگهيو ته هن وچولو اختصار UTC کي اختيار ڪيو ويو.

سنڌي

سنڌي مان مراد ٿي سگهي ٿو:

سنڌ، پاڪستان جي ھڪ صوبي سان تعلق رکندڙ

سنڌي ماڻهون، سنڌ ۾ ھڪ نسلي گروھ

سنڌي ٻولي، سنڌين پاران ڳالھائي ويندڙ ھند-آريائي ٻولي

سنڌي ثقافت

سنڌي کاڌا

سنڌي لباس

سنڌي موسيقي

سنڌي وڪيپيڊيا

سنڌي وڪيپيڊيا انگريزي ٻولي: Sindhi Wikipedia، کليل ڄاڻ چيڪلو وڪيپيڊيا جو سنڌي نسخو آھي، جنھن جي شروعات 6 فيبروري، 2006ع تي ٿي. ھن وقت سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 12,336 مضمون موجود آھن ۽ انهن مضمون ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا بلحاظ تعداد مضمون 139 هين درجي تي آھي۔ هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي رُڪنن جو تعداد 11,096 آهي جنهن مان 4 منتظمين آهن.

سنڌي ٻولي

سنڌي (/ˈsɪndi/सिन्धी, )ھڪ ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي. سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي. انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي. گھڻا سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جي صوبي سنڌ، ڀارت جي رياست گجرات جي علائقي ڪڇ ۽ مھاراشٽر جي علائقي الھاس نگر ۾ رھن ٿا. ڀارت ۾ بچيل ڳالھائيندڙ سنڌي ھندو آھن جن پاڪستان جي آزادي کان بعد 1948ع ۾ ڀارت ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ باقي سنڌي سڄي دنيا جي مختلف علائقن ۾ رھن ٿا. سنڌي ٻولي پاڪستان جي صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب، سان گڏوگڏ ڀارت جي رياستن راجستان، پنجاب ۽ گجرات ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ان سان گڏوگڏ ھانگ ڪانگ، عمان، انڊونيشيا، سنگاپور، گڏيل عرب اماراتون، گڏيل بادشاھت ۽ آمريڪا ۾ لڏي ويل جماعتن پاران بہ ڳالھائي وڃي ٿي.

سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو

سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو ( انگريزي ٻولي: Sindhi Language Authority) هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جو مقصد ملڪ ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ آهي.

عالمي معياري ڪتاب نمبر

عالمي معياري ڪتاب نمبر (انگريزي ٻولي: International Standard Book Number، مخفف: ISBN) تجارتي ڪتابن جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ منفرد انگي سرشتو آهي. ڪتاب گھر يا ڪتاب ڇاپيندڙ ادارا، عالمي آءِ ايس بي اين ايجنسي کان اها سڃاڻپ انگ ملهه وٺندا آهن.

عربي ٻولي

عربي ٻولي (اُچار: اَربِي ٻولِي، اردو: عربی، انگريزي: Arabic، عربي: العربية) دنيا جي مشھور ترين ٻولين مان ھڪ ٻولي آھي.

عربي ٻوليءَ جون ٽي مشهور رسم الخط آهن. خط نسخ، خط ڪوفي ۽ خط رقعي. عربي ٻولي ٽنهي رسم الخط ۾ لکجي ٿي، پر عرب گهڻو ڪري لکڻ لاءِ خط رقعي استعمال ڪن ٿا.

عربن پنهنجي آئيويٽا آرم ملڪ سيميٽڪ قوم وارن کان ورتي، ته اڄ به ڏسو ته عربيءَ ۾ سڀ حرف صحيح آهن ۽ حرف علت آهي ئي ڪونه. عربن کي جيڪي حرف صحيح اَرم ملڪ وارن وٽان مليا، تن مان ڪن جا منهن بند هئا، جي عربن کوليا. عربيءَ ۾ ڪي اُچار آهن، جي اَرم مان مليل آئيويٽا ۾ ڪين هئا، ته پنهنجي گهرج آهر ان ۾ اکر گڏيائون. مثلاً ب ۽ ت؛ ج، ح ۽ خ ساڳيءَ صورت وارا لفظ آهن، ته انهن ۾ نقطا هيٺ مٿي گڏي، پنهنجي آئيويٽا جا اکر وڌائي اٺاويهه ڪيائون. سنه 634-635ع ڌاري عربن ايران فتح ڪيو، ته اتي عربي ٻولي ۽ عربي آئيويٽا چالو ٿي. ايراني ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا اُچار آهن، جي عربيءَ ۾ ڪينهن، ته ايرانين عربي آئيويٽا ۾ پنهنجا ٻيا چار اکر ٺاهي وڌا، جنهن ڪري هينئر پارسي آئيويٽا ۾ بٽيهه اکر آهن. ڪابه ٻولي حرف علت يا اعرابن کان سواءِ هلي ڪين سگهندي. سيميٽڪ قومن کي پڻي يا فنيشن لوڪن جي آئيويٽا مان اعرابون يا حرف علت نه مليا، ته هنن پنهنجو هوش هلائي، پنهنجي لاءِ هڪ سولي سهنجي واٽ گهڙي. مثلاً عربيءَ ۽ پارسيءَ ۾ ”ا، و ۽ ي“ اهي ٽي اکر جيتوڻيڪ حرف صحيح آهن، ته به پنهنجا اُچار اٿن، تنهن ڪري اهي ساڳيا اکر حرف علت ڪري به ڪم آڻڻ لڳا. ”الف“ مان ”اَ“، ”و“ مان ”اُ“ ۽ ”ي“ مان ”اِ“. اهي ٽي اعرابون ٺاهيائون. اهي ٽيئي ننڍي اُچار واريون اعرابون آهن، پر ٻوليءَ ۾ ڊگها اُچار به کپن. انهيءَ اوڻائيءَ جي پورائي ڪرڻ لاءِ عرب لوڪ اهي ساڳيا ٽي ننڍا اچار ٻٽا ڪري ڪم آڻڻ لڳا. مثلاً عربيءَ ۾ لکن ”اادم“، جنهن جو اُچار آهي ”آدم“. ائين اَ + اَ = آ، اِ + اِ = اِي ۽ اُ + اُ = اُو

فارسي ٻولي

فارسي هڪ هند-يورپي ٻولي آهي جيڪا ايران، افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

فارسی کي ايران، افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ سرڪاري ٻولي جي حيثيت حاصل آهي. ايران، افغانستان، تاجڪستان ۽ اُزبڪستان ۾ تقريباً 72 ملين ماڻهن جي مادري ٻولي آهي. يونيسڪو (UNESCO) کان به هڪ دفغو مطالبو ٿي چڪو آهي ته هو فارسي کي پنهنجي ٻولين ۾ شامل ڪري.

فارسي اسلام دنيا ۽ اولهه جي دُنيا جي لاء ادب ۽ سائنس ۾ حصو وجھڻ جو هڪ ذريعو رهي آهي. پاڙيسري ٻولين مثلاً اُردو تي هن جي ڪيترائي اثر آهن. پر عربي تي هن جو اثر گھٽ رهيو آهي. ۽ پشتو ٻولي کي ته فارسي جي ٻي شڪل قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ٻنهي جي قاعدا به ڪافي حد تائين هڪ جهڙا آهن.

برطانوي راڄ کان پهرين، فارسي کي ننڍي کنڊ ۾ ٻي ٻولي جو درجو حاصل هيو؛ هن ڏکڻ ايشياء ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ٻولي جو امتياز حاصل ڪيو ۽ مُغل دورِ حڪومت ۾ هي سرڪاري ٻولي بڻي 1857 ۾ هن جو سرڪاري ۽ دفتري رواج ختم ڪيو ويو۔ 1843ء کان ننڍي کنڊ ۾ انگريزي صرف تجارت ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. فارسي ٻولي جو هن خطي ۾ تاريخي اثر هندستاني ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻولين تي لڳائي سگھجي ٿو. خصوصاً، اُردو ٻولي، فارسي ۽ ٻيون ٻوليون جيئن عربي ۽ تُرڪي جي اثر جو نتيجو آهي، جيڪا مُغل دورِ حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيڻ واري ٻولي آهي.

وقت پٽو

وقت پٽو/ٽائيم زون (انگريزي ٻولي: Time Zone) ڌرتي تي اهو علائقو جنهن کي قانوني، تجارتي ۽ سماجي مقصدن جي لاءِ هڪ جهڙو معياري وقت هجي. ٽائيم زون مطلب وقت ھي پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ٽائيم زون جي ذريعي پوري دنيا جا ڪاروبار ٿين ٿا. پاڪستان جو ٽائيم ڳنڍيل عالمي وقت /گرينوچ مين ٽائم (Greenwich Mean Time) (GMT) کان پنج ڪلاڪ UTC+5 اڳتي آهي.

پاڪستان

اسلامي جمھوريہ پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي، جيڪو 300 00' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو.23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان کي اسلامي جمھوريہ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو.

ڀارت

ڀارت, (انگريزي ٻولي: India, Hindustan) جنهن کي هند، هندستان، ۽ انڊيا پڻ سڏيو ويندو آهي، سو ڏکڻ ايشيا ۾ واقع آهي. هيءُ ڏکڻ ايشيا جي وڏي حصي تي پکڙيل آهي. هندستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جي وڏن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. هندستان جا هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو هڪ سؤ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندا آهن. هندوستان جي اوڀر ۾ بنگلا ديش ۽ ميانمار (برما)، اتر ۾ ڀوٽان ۽ چين ۽ نيپال ۽ اولهه ۾ پاڪستان. ان کان سواءِ ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ اولهه ۾ هندي سمنڊ آهي.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.