يورپي اتحاد

يورپي يونين يورپ کنڊ جي 28 ملڪن جو اتحاد آھي جن مان 18 ملڪن جي ڪرنسي يورو آھي.

گادي جو هنڌ برسلس
وڏا شهر لنڊن پيرس
سرڪاري ٻوليون 28 ٻوليون

بلغارين

Flag of Europe
Flag of Europe, adopted by the Council of Europe in 1955 as the flag for the whole of Europe.[1]

حوالا

  1. The European flag, Council of Europe. Retrieved 27 October 2016.
1 نومبر

1 نومبر (انگريزي: November 1)، عيسوي سال جو 305 هون (ليپ سال 306 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 60 ڏينهن باقي آهن.

ترڪي

ترڪي (انگريزي ٻولي: Republic of Turkey) (سرڪاري نالو: Türkiye Cumhuriyeti معني ترڪيہ جمھوريتي) يوريشيائي ملڪ آھي جيڪو ڏکڻ اولھ ايشيا ۾ جزيره نما اناطوليہ ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ جي علائقي بلقان تائين پکڙيل آھي.

ترڪي جون سرحدون 8 ملڪن سان ملن ٿيون جن ۾ اتر اولھ ۾ بلغاريہ، اولھ ۾ يونان، اتر اوڀر ۾ گرجستان (جارجيا)، اوڀر ۾ آرمينيا، ايران ۽ آذربائيجان جو علائقو نخچوان ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ عراق ۽ شام شامل آھن. ان کان سواءِ اتر ۾ ملڪي سرحدون بحيره اسود، اولھ ۾ بحيره ايجيئن ۽ بحيره مرمره ۽ ڏکڻ ۾ بحيره روم سان ملن ٿيون.

ترڪي ھڪ جمھوري، لاديني، آئيني جمھوريت آھي جنھن جو ھاڻوڪو سياسي نظام 1923ع ۾ سلطنت عثمانيہ جي ڪرڻ کان پوءِ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي اڳواڻيءَ ھيٺ ٺاھيو ويو. ھي گاڏيل قومن ۽ موتمر عالم اسلامي جو باني رڪن ۽ 1949ع کان يورپي مجلس ۽ 1952ع کان اتر اوقيانوسي معاھدي جو رڪن آھي. رياست جي يورپي اتحاد ۾ شموليت جي لاءِ ڳالھيون ڊگھي عرصي کان ھلندڙ آھن.

يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ مڪانيت جي اعتبار کان اھم مقام تي واقع ھجڻ جي ڪري ترڪي اوڀارين ۽ اولاھين ثقافتن جي تاريخي چوڪ تي واقع آھي.

خود مختيار رياستن جي فهرست

هي خودمختيار رياستن جي فهرست دنيا جي آزاد رياستن جو جائزو پيش ڪري ٿي. هن فهرست ۾ رياستن جي حيثيت سندس خودمختياري جي قدر متعلق ڄاڻ ڏنل آهي.

گڏيل قومن جي اداري ۾ 206 رياستن جي رڪن سازي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. 193 رياستون گڏيل قومن جي اداري جا رڪن آهن، 2 مبصر رياستون ۽ 11 ٻيون رياستون شامل آهن.

خودمختياري تي تنازعي واري خاني ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪهڙين رياستن (191) ۾ ڪو تنازعو ناهي ۽ ڪهڙن رياستن (15 رياستون، جنهن مان 5 گڏيل قومن جي اداري جا رڪن، 1 مبصر رياست ۽ 9 ٻيون رياستون) ۾ تڪراري علائقا شامل آهن.

نيدرلينڊز

نيدرلينڊز يا نيدرلانت (Netherlands) يا جنھن کي ھالينڊ (Holland) بہ چيو ويندو آھي مملڪت نيدرلينڊز (Kingdom of the Netherlands) جو جزو ملڪ آھي.

ھن جي گاديءَ جو ھنڌ شھر ايمسٽرڊيم آھي

پورچوگيزي ٻولي

پورچوگيزي ٻولي ، پرتگيزي ٻولي يا پرتگالي ٻولي هڪ يورپي ٻولي آهي۔ دراصل هي پورچوگيز جي قومي ٻولي آهي، پر پرتگال يا پورچوگيز جي ڪيترن ئي اڳُوڻن قبضي هيٺ علائقن ۾ به رائج آهي جن ۾ برازيل، موزمبيق، انگولا، ڪيپ ورڊي، گني بسائو ۽ سائو ٽومي ۽ پرنسپي شامل آهن۔ٰ هي مڪائو (چين)، اوڀر تيمور ، استوائي گني ۾ پڻ دفتري ٻولي آهي۔ٰ

هيءَ دنيا ۾ ڳالهائي ويندڙ پنجئين وڏي ٻولي آهي۔ هيءَ ڏکڻ آمريڪا ۾ ڳالهائي ويندڙ سڀ لان وڏي ٻولي آهي۔ هي يورپي اتحاد جي دفتري زبان مڃي وئي آهي۔

مارچ 2006ء ۾ پرتگالي يا پورچوگيزي ٻوليءَ جو عجائب گهر سائو پائولو، برازيل ۾ کوليو ويو۔

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.