واپار

Accarias de Sérionne - Intérêts des nations de l'Europe, dévélopés relativement au commerce, 1766 - 5790093
Intérêts des nations de l'Europe, dévélopés relativement au commerce, 1766

حوالا

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
16 جُولاءِ

16 جُولاءِ (انگريزي ٻولي: July 16)، عيسوي سال جو 197 هون (ليپ سال 198 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 168 ڏينهن (ليپ سال 169 ڏينهن) باقي آهن.

آفريڪا

نالو: آفريڪا

پکيڙ: 30،370،000 چورس ڪلوميٽر 11،730،000 چورس ميل

درجو: ٻيو وڏو کنڊ ايشيا کان پوءِ

آبادي: 1،250،080،510 (ٻيو نمبر)

ملڪ: 54 آزاد ملڪ (2 تڪراري)

لاڳاپيل خطا: ٻاهريان 3 مائيوٽ

رييونين

سينٽ هيلينا

اسنشن ۽ ٽرسٽن ڊا چونها

اندريان 4

ڪينري ٻيٽ

سيوٽا

مڊيريا

مليلا

آفريڪا (Africa) ايراضي جي لحاظ سان زمين جو ٻيو وڏو کنڊ آهي.

دلڪش نظارن، گھاٽن جھنگن، وسيع ريگستانن ۽ گھاٽين وادين جي سرزمين جتي اڄ 54 ملڪ آهن جن جا رهاڪو ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائن ٿا.

آفريڪا جا اتر ۽ ڏکڻ وارا حصا تمام خشڪ ۽ گرم آهن جن جو گھڻو حصو ريگستان آهن.

کنڊ جي اولهہ ۾ نائجر درياهہ وهي ٿو جيڪو وسيع گپڙاٽيل ڊيلٽا ٺاهيندو اوقيانوس وڏي سمنڊ ۾ ڪري ٿو. هن جي اوڀر ۾ ڪانگو درياهہ آفيڪا جي گھاٽن جھنگن مان گذري ٿو. کنڊ جي اوڀر واري حصي ۾ عظيم وادي شق ۽ ايٿوپيا جا مٿاهان ميدان آهن.

صحارا جو ريگستان اتر آفريڪا جي گھڻي حصي تي پکڙيل دنيا جو سڀ کان وڏو ريگستان آهي. کنڊ جي ٻين وڏن ريگستانن ۾ نميب ۽ ڪالاهاري شامل آهن.

صحارا جي ريگستان جي ڏکڻ ۾ ريگستاني ۽ جھنگلي علائقا ڇڏي ڪري باقي سڄي کنڊ ۾ گاهه جا وڏا ميدان آهن جن کي سوانا چيو وڃي ٿو. اهي ميدان هاٿي سميت ٻين مشهور جانورن جو گھر آهن.

هتي بارشن جي ڪري گھاٽا جھنگ آهن. هتان جي موسم گرم ۽ گھم سان ڀريل آهي.

1960ع جي ڏهاڪي تائين آفيڪا جو گھڻو حصو مختلف يورپي ملڪن جي قبضي ۾ هيو ۽ ڊگھي غلامي کان پوء 1980ع جي ڏهاڪي ۾ تقريبن سڀني ملڪن کي آزادي ملي ملي وئي پر انهن جا وسيلا نئين آبادي جي دور ۾ هڙپ ڪيا ويا ان ڪري اقتصادي ۽ معاشي طور تي هي اڄ تائين مضبوط نه ٿي سگھيا آهن ۽ غربت ۾ ڦاٿل آهن. وڏي پيماني تي جهالت جي ڪري نسلي ۽ قومي تعصب به آفريڪي عوام جي دل ۾ پاڙون مضبوط ڪيون جن جي ڪري خوفناڪ جنگيون ٿيون جن ۾ لکين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا.

آفريڪا جا 15 ملڪ اهڙا آهن جن جون سرحدون سمنڊ سان نه ٿيون ملن جنهن جي ڪري تجارت ۽ مواصلات جا رابطا محدود آهن.

آفريڪا جي گھڻي آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي پر ڪجھ وڏا شهر به آهن جن ۾ قاهره قابل ذڪر آهي، جنهن جي آبادي 65 لک آهي ۽ هي کند جو سڀ کان وڏو شهر آهي. اتر ۽ اوڀر جي گھڻن ملڪ جو مذهب اسلام آهي ۽ دنيا جي ٻين اسلامي ملڪن سان عالمي اسلامي ڀائيچاري جي گھاٽي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن.

ايراضي جي لحاظ سان دنيا جو ٻيو وڏو کنڊ هئڻ باوجود آفريڪا جي آبادي گھڻي نه آهي خاص ڪري ريگستاني علائقن ۾ آبادي نه هجڻ جي برابر آهي. گھڻي آبادي پاڻي جي ذخيرن ۽ زرخيز علائقن ۾ آهي. آفريڪا ۾ پيدائش جي شرح تمام گھڻي آهي جنهن جي ڪري آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.

آفريڪا جي اڪثريت جو طرزِ زندگي تمام سادو آهي. ڪافڳ ملڪن ۾ تعليم عام ڪرڻ جي منصوبن تحت خواندگي ۽ صحت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

آفريڪا معدني وسيلن سان ڀريل آهي ۽ نئين آبادي واري دور ۾ هن دولت ئي آفريڪا کي ڊگھي غلامي ۾ وجھي ڇڏيو. هتي ملندڙ معدنيات ۾ تيل، سون، ٽامو، ۽ هيرو خاص ڪري ذڪر جوڳو آهي جيڪو دنيا ۾ سڀ کان گھڻو هتان ڪڍيو وڃي ٿو. هتي ڪيتن ئي ملڪن ۾ کاڻن جو ڪم اهم صنعت آهي.

کند جي ڏاکڻين علائقن خصوصاّّ ڏکڻ آفريڪا ۾ سڀ کان گھڻيون کاڻون آهن، جتان هيرو، سون، يورينيم ۽ ٽامو ڪڍيو وڃي ٿو. ٽامي جا سڀ کان گھڻا ذخيرا جمهوريه ڪانگو ۽ زيمبيا ۾ ملن ٿا. تيل الجزائر، انگولا، مصر، ليبيا ۽ نائجيريا ۾ نڪري ٿو.

آفريڪا ۾ مختلف قسمن جي ماحول ۾ مختلف فصل به ٿين ٿا. ڪجھ علائقن ۾ رٻڙ ۽ ڪيلو اهم پوک آهن. ڪجھ علائقا چانهه ۽ ڪافي جي پوک ڪري مشهور آهن جن ۾ ڪينيا قابل ذڪر آهي.

آفريڪا ۾ گھڻيون صنعتون خام مال تي انحصار ڪن ٿيون. ڪجھ آفريڪي ملڪن جي صنعت هڪ ئي فصل يا معدني وسيلي تي منحصر آهي پر ڪافي شهرن ۾ مختلف صنعتون قائم ڪيون پيون وڃن. اتر آفريڪا جي ملڪن، نائجيريا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ سڀ کان گھڻيون صنعتون آهن. کنڊ ۾ سڀ کان گھڻو تيل اتر آفريڪا جا مسلمان ملڪ ۽ اولهه ۾ اوقيانوس وڏي سمنڊ سان گڏ گڏ واقع هيٺين ملڪن مان ڪڍيو وڃي ٿو.

افريڪا دنيا جو گرم ترين کنڊ آهي جتي صحارا ريگستان ۾ 122 ڊگري فارن هائيٽ تائين گرمي پد ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. اتر جا ساحلي علائقا تمام گرم ۽ خشڪ آهن ۽ بارشون تمام گھٽ ٿينديون آهن. ساحلي علائقن کان ڏکن طرف صحارا ريگستان بيابانن ۽ تيز خشڪ هوائن جو علاقو آهي.

زمين جي معيار مطابق آفريڪا ۾ مختلف قسمن جي زراعت ٿئي ٿي. جابلو علائقا جيئن روانڊا، يوگينڊا ۽ ڪينيا ۾ چانهه پوکي وڃي ٿي. اتر ۾ جتي پاڻي گھڻو نه آهي غذائي جنسون مقامي ماڻهن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاء پوکيون وڃن ٿيون. جڏهن ته ميوا، خارڪون ۽ زيتون ٻاهريان گھرايا وڃن ٿا. اولهه آفريڪا ۾ منڱ ڦريون، ڪوڪو ۽ ڪافي پوکي وڃي ٿي.

ايسٽ انڊيا ڪمپني

سن 1601ء ۾ انگريزن جي هڪ قافلي واسڪو ڊي گاما جي سربراهي ۾ ممبئي جي درياه جي ڪناري تي لٿو انهن مغل بادشاهن کي چيو ته اسين هتي تجارت ڪرڻ ٿا چاهيو.ايسٽ انڊيا جي نالي هڪ ڪمپني بني جنهن جا دفتر انڊيا جي مختلف ملڪن م ٺايا ويا سو سالن جي اندر ئي اندر هن ڪمپني جي ڪاروبار ترقي ڪئي ء سڃي ملڪ جي تجارت ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هٿ ۾ اچي وئي.

هن نالي سان ٽي ڪمپنيون هيون. هڪ انگريزن جي، ٻي پورچوگيزن جي ۽ -ٽين- فرينچن جي، -جن- جو ترتيبوار 1600ع، 1602ع ۽ 1664ع ۾ بنياد پيو. پورچوگيزن واري ڪمپني سمن جي دؤر ۾ به هئي، پر پوءِ -ان- کي نئين شڪل ڏيئي، -ان- جو باقاعدي بنياد 1664ع ۾ وڌو ويو. برطانوي -انڊيا- ڪمپني'>-ايسٽ -انڊيا- ڪمپني- 1600ع ۾ باقاعدي لنڊن جي -پارليامينٽ- مان، -اوڀر- وارن ملڪن سان واپاري ناتن رکڻ جو منشور پاس ڪرائي وجود ۾ آئي. هن ڪمپنيءَ جا 217 حصيدار هئا، 31 ڊسمبر 1602ع تي -انگلنڊ- جي راڻيءَ ايلزبيٿ، ڪمپنيءَ پاران سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جو پروانو ڏنو، جنهن کان پوءِ 1613ع ۾ نڪولس وٿنگٽن، ڪمپنيءَ پاران سنڌ ۾ واپار لاءِ -جائزو- وٺڻ آيو، ۽ انهيءَ ئي سال هن ڪمپنيءَ پنهنجي پهرين واپاري ڪوٺي سورت ۾ قائم ڪئي. -ان- وقت سورت مشهور -بندر- هو ۽ سنڌ سان لاڳاپيل هو. -ان- کان پوءِ 1618ع ۾ انهيءَ ڪمپنيءَ مڪران جي -بندر- ”جسڪ“ تي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي. انهيءَ کان اڳ 1615ع ۾ -انگلنڊ- جي -بادشاهه- جيمس پهرئين پاران سر ٿامس رو هندستان ۾ سفير ٿي آيو. 24 ڊسمبر 1615ع تي هن ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ واپار متعلق ڄاڻ ڏني. اصل ۾ برطانوي ڪمپنيءَ 1613ع ۾ پهريون دفعو سنڌ ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر پورچوگيزن جي اڳ ۾ ئي اتي ڄميل هئڻ سبب -انگريز- ڪامياب ٿي نه سگهيا. 26 -اپريل- 1630ع ۾ برطانوي ڪمپنيءَ هڪ ديسي دلال کي واپار جو واءُ سواءُ معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ موڪليو، جيڪو هتان واءُ سواءُ وٺي ٻه ڳٺڙيون ڪپڙي جون ۽ نموني طور ڪجهه نير خريد ڪري، سورت جي ايجنٽن کي ڏيکارڻ لاءِ ساڻ کڻي ويو. انهيءَ کان اڳ 1617ع ۾ برطانوي ڪمپنيءَ هندستان مان 288، 56، 3 پائونڊن جو مال خريد ڪيو هو، جنهن جي -انگلنڊ- ۾ قيمت 600، 14، 9 -پائونڊ- هئي. اصل ۾ ايڏو وڏو اقتصادي فائدو ڏسي ڪمپنيءَ سنڌ ۾ واپاري ڪوٺيءَ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون. 1635ع ۾ هڪ -انگريز- جهاز ”ڊسڪوري“، لاهري -بندر- تي پهتو، جنهن تي -ٽن- ڄڻن وارو هڪ واپاري وفد سوار ٿي، -ٺٽي- پهتو. انهيءَ وفد ۾ وليم فريملين، جان سيلر ۽ رچرڊ موئلي شامل هئا. انهيءَ وفد سنڌ ۾ ڪپڙي جي واپار لاءِ ٻن مهينن تائين -جائزو- ورتو. آخر انهيءَ تي سال جي آخر ۾ برطانوي ڪمپنيءَ سنڌ ۾ پهرين واپاري ڪوٺي قائم ڪئي، جنهن جي مکيه آفيس -ٺٽي- ۾ ۽ -ان- جون شاخون نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ قائم ٿيون. شروع ۾ ڪمپنيءَ سوٽي ڪپڙي ۽ نير جي خريداري به ڪرڻ لڳي. سنڌ ۾ قلمي شورو گهڻي انداز ۾ پيدا ٿيندو هو. -انگريز- انهيءَ کي -بارود- ٺاهڻ لاءِ ڪتب آڻيندا هئا. اهوئي سبب آهي جو اڳتي هلي ڪمپنيءَ پنهنجي واپار جو سمورو زور قلمي شوري هٿ ڪرڻ ۾ لڳايو . -انگريز- واپارين سنڌ مان وڌ ۾ وڌ قلمي شورو هٿ ڪري موڪليو. ستاويهه سال اها ڪوٺي هلي پوءِ سنڌ ۾ ڏڪار پوڻ سبب 1662ع ۾ اها -بند- ڪئي وئي، ٻيو ڀيرو وري 1662ع ۾ ڪمپنيءَ جي ڪوٺي -بند- ٿيڻ کان پنج سال پوءِ، جڏهن سنڌ وري ڏڪار مان چڙهي سائي ستابي ٿي، ته ڪمپنيءَ ٻيهر پنهنجي ڪوٺي قائم ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا. 1667ع ۾ ڪمپنيءَ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا۽ ڪمپنيءَ پاران ٻه گماشتا، هينري گاري ۽ گلبرٽ هئريسن، -ٺٽي- پهتا. هڪ سال کان پوءِ 1668ع ۾ جڏهن ڪمپني، بمبئيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ورتو ته سنڌ ۾ ڪوٺي نه هئڻ جي باوجود به طاقت جي زور تي انگريزن پنهنجو واپار -جاري- رکيو. 1687ع ۾ ڪمپنيءَ سنڌ مان ڪپڙي، سُٽ ۽ ڇيٽ جون 250، 00، 4 ڳٺڙيون بمبئيءَ ۽ سورت روانيون ڪيون. 1697ع کان 1702ع تائين، پنجن سالن جي عرصي ۾ هندستان مان اَٺن لکن پائونڊن جو مال ٻاهر روانو ڪيو ويو. اهو سلسلو -جاري- رهندو آيو، جيستائين وڃي 1758ع ۾ ڪمپنيءَ سنڌ ۾ ٻيو دفعو پنهنجي ڪوٺي قائم ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ تي ميان نورمحمد ڪلهوڙو حڪمران هو، ۽ ڪمپنيءَ سان سندس دوستاڻا تعلقات هئا. ڪمپنيءَ انهن تعلقاتن مان ڀرپور فائدو ورتو. جڏهن ميان نورمحمد وفات ڪري ويو ۽ ميان غلام شاهه سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو، ته هن به ڪمپنيءَ سان پيءُ وارا ساڳيا ناتا برقرار رکيا، ۽ 18 ڊسمبر 1758ع تي انگريزن کي سنڌ ۾ ڪوٺي قائم ڪرڻ لاءِ فرمان -جاري- ڪيو. ائين ڪمپنيءَ سنڌ ۾ ٻيو دفعو واپاري ڪوٺي قائم ڪئي. 1760ع ۾ ميان غلام شاهه ڪمپنيءَ سان هڪ نئون واپاري عهدنامو ڪيو، جنهن موجب سفيد فام فرنگين مان فقط انگريزن کي سنڌ ۾ واپار جي اجازت ملي ۽ مٿن محصول به معاف ڪيو ويو. انهيءَ ئي عهدنامي موجب 1764ع ۾ انگريزن قلمي شوري جون 1254 ڳوڻيون بمبئيءَ روانيون ڪيون ۽ ڪمپني ساليانو سراسري ڏهه هزار مڻ قلمي شورو سنڌ مان کڻڻ لڳي. اهڙيءَ طرح 1775ع تائين ڪمپني سنڌ ۾ ڦر لٽ ڪندي رهي. 1775ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ سياسي بدامني پيدا ٿي ۽ ڪاروبار متاثر ٿيو ته ڪمپنيءَ کي پنهنجي ڪوٺي -بند- ڪرڻي پيئي.

اصل ۾ -انڊيا- ڪمپني'>-ايسٽ -انڊيا- ڪمپني- (برطانوي) هندستان تي قبضي ڪرڻ لاءِ بڻائي وئي هئي، جنهن 1613ع ۾ سورت ۾ پنهنجي پهرين واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ کان شروعات ڪئي ۽ اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري سموري هندستان ۽ سنڌ تي قابض ٿي وئي. 1858ع ۾ -انڊيا- ڪمپني'>-ايسٽ -انڊيا- ڪمپني- ختم ڪئي وئي ۽ اُن جا سمورا اختيار -برطانيا- جي -تاج- ماتحت اچي ويا. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ فرينچ ۽ پورچوگيزن جي ڪمپنين به واپار شروع ڪيو هو، پر برطانوي ڪمپنيءَ ٻنهي کي اقتصادي توڙي سياسي طور ناڪام بڻائي ڇڏيو. سنڌ تي (برطانوي) ايسٽ -انڊيا- ڪمپنيءَ جو ئي وڏو اثر رهيو ۽ انهيءَ ڪمپنيءَ معرفت ئي -انگريز- هدستان جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻيا.

بن قاسم ٽائون

زمرو:dmy تاريخون استعمال

Dmy تاريخون استعمال

بن قاسم ٽائون ڪراچي جو حصو آهي جيڪو ڏکڻ اوڀر ۾ عربي سمنڊ ۽ سنڌو درياھ جي ڊيلٽا سان لڳي ٿو.بن قاسم ٽائون پورٽ قاسم سان مليل آهي. هتي سنڌي، اردو، پشتو، پنجابي، بلوچي ڳالهائڻ وارا ماڻهو رهن ٿا.

خريداري سگهه برابري

مساوي قوت خرید يا قوت خريد جو برابري وارو نظريو: (انگريزي: Purchasing Power Parity ) جنھن کي مختصرن (P۔P۔P) لکيو ويندو آهي. مساوي قوت خريد جو نظريو ٻڌائي ٿو تہ جڏھن ٻن ملڪن جي پنھنجي ملڪ اندر قوت خريد ھڪجيتري ھوندي آھي تہ انھن جي ڪرنسين وچ ۾ مٽاسٽا جي شرح ۾ ھڪ توازن ھوندو آھي مثال طور: جيڪڏهن توھان يو ايس ڊالر مٽائي يورو وٺي انھن مان ٻنھي ملڪن جي بازار مان ڪجھ شيون خريد ڪندؤ تہ اھي توھان کي اوتريون ئي ملنديون جيتريون ان يو ايس ڊالر سان ملن ھا. ان طريقي جي ڦيرڦار سان مختلف ڪرنسي جي قوت خرید جي مٽاسٽا جي شرح برابر رھندي آھي. مطلب اھو ٿيو تہ ڪن بہ ٻن ملڪن جي وچ ۾ ڪرنسي جي مٽاسٽا جي شرح جي برابري ٻنھي ملڪن جي شين ۽ خدمتن جي قيمتن جي سطحن جي تناسب سان توازن ۾ اچي ٿي. مٽاسٽا جي شرح جي مساوي قوت خريد ٻنھي ملڪن ۾ قيمتن ۾ شين جي لاڳت مان ظاهر ٿيندي آھي ۽ ان ۾ قيمتن ۾ شامل منافعو، ٽيڪس شمار نه ٿيندو آهي نہ ئي وري معيار يا کڻائي کي ويچاربو آهي. قيمتن ۾ شامل منافعي جي شرح مختلف ملڪن ۾ مختلف ٿي سگھي ٿي. شين جو معيار بہ مختلف ملڪن ۾ مختلف ٿي سگھي ٿو، مختلف ملڪن ۾ انھن تي ٽيڪس جي شرح مختلف ٿي سگھي ٿي ۽ انھن جي منتقلي جو خرچ مختلف ملڪن ۾ مختلف ٿي سگھي ٿو. ملڪن جي جي ڊي پي جي سطح پڻ گھٽ وڌ ٿي سگھي ٿي. ان جي ڪري مساوي قوت خريد رڳو شين جي لاڳت تي استعمال ٿيندي آھي. مساوي قوت خريد جو نظريو ٻڌائي ٿو تہ جڏھن ٻن ملڪن جي پنھنجي ملڪ اندر قوت خريد ھڪجيتري ھوندي آھي تہ انھن جي ڪرنسين وچ ۾ مٽاسٽا جي شرح ۾ ھڪ توازن ھوندو آھي. جيڪڏهن ٻنھي ملڪن مان ڪنھن ھڪ جي اندر شين جو قيمتون ناڻي جي ڦھلاء سبب وڌي وينديون تہ ان ملڪ جي ڪرنسي جي ملھ ۾ مٽاسٽا جي شرح طرف ڪمي اچي وڃي ٿي. مساوي قوت خريد جو بنياد قيمت ۾ ھڪجھڙائي وارو قانون آھي. مثال طور جيڪڏهن ھڪ آمريڪي ڊالر ڪيناڊا جي ڏيڍ ڊالرن جي برابر ھجي تہ ڪئناڊا جي ڪنھن بہ شھر ۾ 750 ڪيناڊائي ڊالرن ۾ ملندڙ ٽي وي سيٽ آمريڪا جي شھرن ۾ 500 آمريڪي ڊالرن ۾ ملندو. پر جي اھو ساڳيو ٽي وي سيٽ ڪئناڊا ۾ 700 ڪيناڊائي ڊالرن ۾ ملندو ۽ آمريڪا ۾ وري 500 آمريڪي ڊالرن ۾ تہ ھرڪوئي اھو ٽي وي سيٽ ڪئناڊا مان خريدڻ کي ترجيح ڏيندو. جيڪڏهن اھا خريداري وڏي پيماني تي ٿيندي تہ آمريڪا جا صارف ڪيناڊائي شيون وٺندي ٻولي لڳائيندي انھن کي مھانگو ڪندا ويندا ايستائين جو ٻنھي ملڪن ۾ ٽي وي سيٽ جي قيمت مساوي ٿي وہندي. ھن ھڪجھڙي قيمت جي قانون جا ٽي شرط آهن.

منتقلي جي لاڳت، واپاري بندشون، ٻيون ڏيتي ليتيءَ واريون لاڳتون اھم ٿي سگھن ٿيون

ٻنھي ملڪن ۾ شين ۽ خدمتن جي مقابلي جون بازارون ھجڻ کپن.

ھڪجھڙي قيمتن جو قانون رڳو واپار وارين شين تي لاڳو ھوندو.مساوي قوت خريد کي معاشيات جي ماھرن ٻن قسمن ۾ ورھايو آھي: مطلق مساوي قوت خريد ۽ نسبتي مساوي قوت خريد. اھا مطلق ان صورت ۾ سڏبي آھي جڏھن ٻن ملڪن جي قوت خريد جي شرح ۾ توازن برقرار رھي. نسبتي ۾ ٻنھي ملڪن ۾ ساڳي شئي جي قيمتن ۾ فرق اچي وڃڻ کان پوءِ واري صورتحال اچي وڃي ٿي جنھن جو سبب ھڪ ملڪ ۾ ناڻي جي ڦھلاء ۾ واڌارو ھوندو آھي.

اڻمٽندڙ ڪاغذي سرشتي تحت مٽاسٽا جي اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ اقتصاديات جي هڪ سئيڊش ماهر، پروفيسر گسٽاوڪيسل هڪ پراڻي اصول تي پنهنجو نئون نظريو وجود ۾ آندو، جنهن کي قوت خريد جي برابريءَ وارو نظريو سڏجي ٿو. هي نظريو، مطلق ۽ تقابلي طريقن ۾ بيان ڪيل آهي. انهيءَ ڪري سندس ٻه حصا آهن: هڪڙو هن نظريي موجب ملڪن جي ناڻي جي مٽاسٽا جا اگهه، انهن ناڻن جي پنهنجن ملڪن اندر قوت خريد جي نسبت ۾ مقرر ڪيا ويندا آهن. ٻين لفظن ۾ ته ملڪ اندر قيمتن آهر، ناڻي جي مٽاسٽا جا نرخ ڪٿي سگهبا.

مثال طور پاڪستان ۾ ڪڏهن ڪن شين جو خاص تعداد 100 رپين ۾ ملي ٿو، ۽ ساڳيون شيون جيڪڏهن آمريڪا ۾ 10 ڊالرن ۾ ملن ٿيون ته چئبو ته پاڪستاني سـﺆ روپيه آمريڪي 10 ڊالرن جي برابر آهن. ٻنهي ملڪن اندر مٽاسٽا جو اگهه، هڪ پاڪستاني روپيو، 01 آمريڪي ڊالر جي برابر ٿيندو. اهڙيءَ طرح سان ٻن ملڪن اندر عام قيمتن جي سطح کي خيال ۾ رکي، مٽاسٽا جا اگهه مقرر ڪيا وڃن ٿا. حقيقي اگهه قوت خريدار جي ارد گرد ڦرندا گهرندا رهندا. جيستائين ملڪن جي قيمتن جي عام سطح ساڳي هوندي، تيستائين سندن مٽاسٽآ جي اگهن ۾ ڦيرڦآر ڪانه ايندي. حقيقت ۾ هيءَ برابري واري حد، آمدرفت جي خرچ ۽ محصول وغيره جي خرچ جي حد اندر ڦرندي گهرندي، ۽ اها سون وارين حدن جيان مستحڪم يا پختي نه آهي.

باريڪ بينيءَ سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن نظريي موجب پروفيسر ڪئسل ڪنهن نئين تحليل کي جنم نه ڏنو آهي، کائنس اڳ اقتصاديات جي ڪلاسيڪي ماهر رڪارڊو اهڙو اصول پيش ڪيو، جنهن موجب آزادانه مٽاسٽا ۾ اگهه، ناڻي جي ضربخاني جي برابري يا خريد واري طاقت تي منحصر آهي. انهيءَ اصول يا هن اصول ۾ ڪو خاص تفاوت نه آهي. پهرينءَ حالت ۾ ناڻي سان خريد ڪيل سون کي خيال ۾ آڻي، انهيءَ نسبت ۾ ٻين ناڻن کي بدلي سگهبو هو، ۽ پوئينءَ حالت ۾سون جي عيوض عام شين جي سطح کي جڳهه ڏني ويئي آهي. پر ڪئسل جي نظريي ظاهر ٿيڻ وقت، پهرين عالمي جنگ ختم ٿيڻ ڪري، ڪافي وڳوڙ واريون حالتون هيون، ۽ ناڻي جي مٽاسٽا جي مقرر اگهه نه هئڻ ڪري مختلف ملڪن کي ڏيتي ليتيءَ جي معاملي ۾ ڪافي رنڊڪون ۽ تڪليفون درپيش آيون،. جنهن ڪري واپاري ڏاڍو پريشان هئا. انهن لاءِ هيءَ هڪ سلجهيل قدم هو، جنهن ڪري هو هن مان ڏاڍو متاثر ٿيا، ۽ ڪئسل جوهر طرف نالو ٿي ويو. حقيقت ۾ هن نطريي ۾ انيڪ خاميون آهن:

پهريائين ته هن نظريي پٽاندڙ مٽاسٽا جا اگهه عام قيمتن جي سطح آهر مقرر ٿين ٿا. عام قيمتن جي سطح جو اشاريه يا ڏسڻن انگن تي دارومدار آهي، اهي ڏسڻا انگ محض خيالي جوڙجڪ آهن، جن تي اعتماد رکڻ بيوقوفي آهي. انهن مان ڪو پورو پنو، صحيح ۽ رياضياتي نتيجو اخذ ڪري نٿو سگهجي. تنهن ڪري عام قيمتن جي سطح پڻ صحيح نٿي چئي سگهجي. اهڙن اگهن ۾ پڻ غلطيِءَ جو امڪان آهي.

ٻيو ته هن نظريي مطابق ٻن مختلف ملڪن جون عام قيمتن جون سطحون ڀيٽيون ويون آهن. پر حقيقت ۾ سموريون شيون بين الاقوامي واپار ۾ نٿيون شامل ڪيون وڃن. واپار ڪن مخصوص شين ۾ ٿئي ٿو. مثال طور جاءِ يا جڳهه آهي. اها ڪنهن ملڪ ۾ ڪيتري به کڻي سستي هجي، پر اها اتان گهرائڻ ناممڪن آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ملڪ اندر ٻيون به ڪيتريون خذمتون، بئنڪاري، انشوئرنس، ۽ سرڪاري سهولتون وغيره آهن، جن تي ڏنل اجرتن جو ملڪ جي عام قيمتن جي سطح تي اثر پوي ٿو. پر اهي هڪ ملڪ مان ٻئي ملڪ ڏانهن منتقل ڪري نه سگهبيون آهن.

ٽيون ته ٻڌن اگهن ۽ ريزڪي اگهن ۾ گهڻو تفاوت ٿئي ٿو. ڏسڻن انگن ۾ ريزڪي اگهن جو اثر رهي ٿو. پر پرڏيهي واپار ۾ ٻڌا اگهه مقرر ڪيا ويندا آهن. ان ڪري خريداري طاقت جون حدون، مختلف ملڪن ۾ سموري پيدا ٿيل مال کي مد نظر رکي، جاچڻ گهرجن. از انسواءِ، ملڪ ۾ ٻاهران گهرايل مال جو پڻ قيمتن تي اثر پوي ٿو. ان ڪري وڌيڪ بهتر آهي ته ملڪ جي بازار ۾ سموري مال (گهرو توڙي ٻاهران گهرايل) کي ڌيان ۾ آندو وڃي. ايئن ڪرڻ سان به مٽاسٽا جي بلڪل صحيح اگهه جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي.

چوٿون ته جملي گهروشين جي قيمتن ۽ بين الاقوامي واپار ۾ داخل ٿيندڙ شين جي قيمتن جو رجحان ساڳيو نه هوندو آهي؛ يعني ته جيڪڏهن گهرو شين جي قيمت وڌي يا گهٽي ته پرڏيهي واپار ۾ داخل ٿيندڙ شين جي قيمت پڻ گهٽبي يا وڌندي. جيڪڏهن خاص طور پرڏيهي واپار کي ملڪ جي اقتصادي زندگي ۾ ڪافي دخل آهي، ته پوءِ گهڻي عرصي بعد مٽاسٽا جو اگهه قيمتن جي سطحن جو رجحان به ساڳيو نه ٿيندو. انهيءَ مان مراد آهي ته هي نظريو ڊگهي عرصي وارو آهي، يعني ته اهو گهڻي مدت گذرڻ کان پوءِ صحيح ثابت ٿيندو. پر عملي نڪتي مان، ٿورو مدو وڌيڪ اهم آهي. اهوئي سبب اهي جو ڪينس چيو آهي ته گهڻي عرصي کانپوءِ اسين سڀ مري چڪا هونداسين. ازانسواءِ اهو به ڏٺو ويو آهي ته پرڏيهي واپار ۾ داخل ٿيندڙ شيون هيمشه ساڳيون نه آهن. پر اهي وقت گذرڻ سان ڦرنديون گهرنديون رهن ٿيون. انهيءَ جو دارومدار به مٽاسٽا جي اگهه تي پڻ آهي. جيڪڏهن ٻاهر پرڏيهي ناڻي جي قيمت وڌي وڃي ٿي ته پوءِ اهڙو ملڪ ٻيون شيون به ٻاهر موڪليندو جيڪي هيستائين گهرو استعمال ۾ اينديون هيون؛ ڇاڪاڻ ته هاڻي وڌيڪ مال ٻاهر موڪلڻ هن لاءِ وڌيڪ فائدي وارو ٿيندو.

پنجون ته انهيءَ کان سواءِ گهرايل مال جو اندازو مقرر ڪرڻ، گهرايل مال تي ڳرو محصول مڙهڻ، ۽ واپار تي بندش جو به ملڪ جي عام قيمتن تي اثر پوي ٿو، جنهن ڪري اهي ڦرنديون گهرنديون رهن ٿيون، ۽ انهن جي پاڻ ۾ نسبت هڪ جهڙي نه ٿي رهي. انهيءَ ڪري اصلي اگهن ۽ خريداري طاقت واري حد جي وچ ۾ چڱو تفاوت رهجيو وڃي. ان کان علاوه موڙيءَ جي تبديلي ۽ ادائگيءَ جي توازن ۾ باطني جزن وغيره جو پڻ مٽاسٽا جي اگهن تي اثر پوي ٿو.

نظريي جي ٻئي حصي ۾ ڪئسل جو چوڻ آهي ته ملڪ اندر عام قيمتن جي سطح ۾ ڦير گهير جو اثر مٽاسٽا جي اگهن تي پوندو، پر مٽاسٽا جي اگهه ۾ تبديلين جو اثر عام قيمتن جي سطح تي نه پوندو. حقيقت ۾، ڪئسل جي نظريي جي هن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. ناڻي جي ملهه گهٽجڻ ڪري ملڪ جون اندروني قيمتون چڙهي وينديون، ۽ پرڏيهي شين جون قيمتون گهٽجي وينديون، نه رڳو ايترو پر مٽاسٽا جي اگهه ۾ ڦيرڦار جو اثر مختلف ملڪن ۾ مختلف ٿيندو. فرض ڪريو ته انگلينڊ جي پائونڊ جو ملهه ڪري ٿو پوي، ته ان جو نتيجو اهو نڪرندو، جو گهرايل مال مهانگو ٿي ويندو. جيئن ته انگلينڊ جي گهرايل مال ۾ ڪچو مال به آهي ان ڪري اهي شيون جيڪي انهيءَ ڪچي مال مان تيار ٿي وڪامنديون هونديون، سي به مهانگيون ٿي وينديون. ٻئي طرف وري روانگيءَ وارو مال سستي ٿيڻ ڪري ججهي تعداد ۾ ٻاهر موڪليو ويندو. لالچ تي لڳي مال موڪليندڙ ادارا پنهنجي شين جون قيمتون وڌائيندا، ڇوته پائونڊ جي ملهه گهٽجڻ ڪري جيڪڏهن سندن وڌايل قيمت ۽ پائونڊ جي گهٽيل قيمت ۾ ڪجهه تفاوت هوندو، تڏهن به سندن مال جي ٻاهرين طلب وڌندي، ۽ کين ڪافي فائدو رسندو. اهڙيءَ طرح هڪ طرف پائونڊ جو ملهه گهٽبو ته ٻئي طرف ان جي اثر ڪري ملڪ جون عام قيمتون وڌنديون. ساڳئي وقت انگلينڊ جي مارڪيٽ جي وڌڻ ڪري ٻين ملڪن جا مال موڪليندڙ ادارا چٽاڀيٽي ڪري پنهنجي بازار نه وڃائڻ ڏيندا. جنهن ڪري آهستي آهستي شين جا پرڏيهي اگهه به گهٽبا رهندا. اهڙيءَ طرح پائونڊ جو ملهه گهٽجڻ ڪري نه رڳو انگلينڊ ۾ قيمتون وڌنديون، پر پرڏيهي چٽاڀيٽيءَ سبب پرڏيهي قيمت ۾ به ڪمي ايندي.

مٿي لکي آيا آهيون ته مٽاسٽا جي اگهه ۾ ڦيرڦار جو اثر مختلف ملڪن ۾ مختلف ٿيندو. انهيءَ جو دارومدار درآمد ٿيندڙ ۽ برآمد ٿيندڙ شين جي طلب جي لچڪ تي آهي. هڪ ملڪ جيڪو پنهنجي لاءِ کاپي واريون شيون زياده تعداد ۾ گهرائي ٿو، ۽پنهنجا سمورا ذريعا انهن شين تي صرف ڪري ٿو، جيڪي هو ٻاهر موڪلي ٿو، ته اهڙيءَ صورت ۾ ان ملڪ تي اگهن جو گهرو اثر پوڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙن ملڪن جو سڄو دارومدار، شيون ٻاهران گهرائڻ ۽ موڪلڻ تي آهي، ۽ اگهن جي تبديليءَ جو اثر سندن سڀني شين جي قيمتن تي پوندو، جنهن ڪري سندن عام قيمتن جي سطح ۾ ڦيرڦار به ضرور ايندي. جيتوڻيڪ اها ڦيرڦار هر ملڪ ۾ مختلف انداز ۾ايندي، پر اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته مٽاسٽا جي اگهن ۽ ملڪ اندر عام قيمتن جو پاڻ ۾ خاصو سنٻنڌ آهي. انهن جو اهو ر شتو يا نسبت، قوت خريد جي برابريءَ وسيلي معلوم ڪري سگهجي ٿي. پر ان نظريي لاءِ حالتون ساز گار نٿيون بيهن، ڇو ته اڄڪلهه هر ملڪ محصول وغيره مڙهيو ڇڏي، ۽ ان کان علاوه انهن شين کي چونڊڻ جو به مسئلو آهي، جن جون قيمتون ڏسڻن انگن ۾ شامل ڪيون وڃن تنهن ڪري محض اهو هڪ خيالي نظريو ٿيو پوي.

بهرحال مٽاسٽا جا اگهه قوت خريد جي برابري کان هيٺِن سببن ڪري مختلف ٿيندا.

(i) پرڏيهي واپار ۾ داخل ٿيندڙ (درآمد ۽ برآمد شين جي قيمتن ملڪ جي عام قيمتن ۾ فرق جي ڪري،

(ii) واپار ۾ استعمال ٿيندڙ شين ۽ خذمتن جي قيمتن ۾ فرق (ڪئسل صرف شين جي قيمتن کي خيال ۾ رکي ٿو.)

(iii) مال جي کڻاڻيءَ جو برآمد ۽ درآمد تي اثر،

(iv) جيڪڏهن هڪ ملڪ شيون، ۽ ٻيون خذمتون موڪلي ٿو ته پوءِ ٻنهي جي کڻاڻيءَ يا ڀاڙي ۾ فرق، جا مختلف قانون، ۽

(v) غير اقتصادي سبب جيڪي ٻن ملڪن جي وچ ۾ شين جي ڏي وٺ ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا.

جيتوڻيڪ هن نظريي ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، تنهن هوندي به ناڻي جي ميتيءَ جي نقطه نظر کان عملي طور تي اهو نظريو ڪافي اهميت رکي ٿو. اهو سڀني قسمن جي ناڻن سان لاڳو ٿئي ٿو.

’جارج اين هام‘ پنهنجي ڪتاب ”ناڻي ۽ بئنڪاريءَ جي اقتصاديات“ ۾ لکي ٿو:

”اسانکي ناڻي جي قوت خريد جي برابريءَ وارو نظريو ڪو خاص اميد افزا نٿو نظر اچي، ۽ اسين انهيءَ نتيجي تي پهچون ٿا ته قوت خريد جون برابريون، مٽاسٽا جي برابريءَ واري اگهه لهڻ ۾ ڪارآمد نه آهن، ۽ نڪي بين الاقوامي ادائگين جي برابري ۾ ڦيرڦار معلوم ڪرڻ ۾ ڪارآمد آهن. پر تنهن هوندي به جڏهن اسان اونداهيءَ ۾ڻ ڦاٿل آهيون، ۽ ٻي ڪاه واهه نه آهي جيئن ته اڪثر عرصو مٽاسٽا جي ضابطي هيٺ رهڻ کانپوءِ، يا تمام گهڻي افراط زر کانپوءِ، ملڪ مونجهاري ۾ هوندا آهن، ته پوءِ اهو ڪارآمد هوندو آهي، ۽ لڳ ڀڳ اها حد معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو جنهن اندر برابريءَ وارو اگهه ٿي سگهي ٿو.

.،،

ديبل

ديبل (Debal) ڪراچي کان 37 ميل پري ڀنڀور جي هنڌ تي قديم بندرگاهه آهي۔ مسلمانن هندوستان ۾ سڀ کان پهريان ان ئي بندرگاهه تي پنهنجو جهنڊو لهرايوڦڙڪايو. هتي هندن جا مندر گهڻا هئا ۽ هو هن شهر کي ديول چوندا هئا. 1912ع جي کوٽائي ۾ هتي اهڙا آثار مليا آهن، جيڪي اسلامي دور سان تعلق رکن ٿا۔ اهو به امڪان آهي ته، ديبل بندر ديبل بندر، سنڌو درياءَ جي بگهاڙ واري وهڪري تي هجي جيڪو ان وقت سنڌو نديءَ (Sindhu Nadi) جو مرڪزي وهڪرو هو. اها ڳالهه هيملٽن 1699ع ۾ چئي هئي. انهن ڏينهن ۾ ديبلي يا ديبل وارو وهڪرو لاڙي بندر تائين ويندو هئو، جيڪو پير پٺو جي ڏکڻ اولهه ۾ هئو.ديبل، سنڌ جي قديم ۽ مشهور واپاري بندرگاهه هئي. ديبل کي چوگرد قلعو هو. فتحنامي مان هن شهر جي قدامت جو احوال ملي ٿو. ڇهين صدي عيسوي کان وٺي تقريبن تيرهين عيسوي صدي جي اڌ تائين ديبل بندر زبون حالت ۾ سنڌ پرڳڻي ۾ قائم هو. ڏهين صديءَ ۾ جيئن سنڌ اندر عربي دور اقتدار جو زور هوريان هوريان ختم ٿي ويو، تيئن سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت پڻ گهٽجي ويئي. سنڌو درياءَ جي موج ۽ مستين ڪري هڪ ٻئي نئين بندرگاهه جنم ورتو، جيڪو ”لوهاراني“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن نئين بندرگاهه جي اسرڻ ڪري پڻ قديم بندر ديبل جو اوج گهٽ ٿي ويو. سن 1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه (Ibn-e-Batoota) سنڌ ۾ آيو ته هن ”لاهري“ بندر (Laahiri Bandar) کي وڏي اوج تي ڏٺو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ديبل بندر اٽڪل ڇهه سو ورهيه سنڌ جو مکيه بندر ٿي رهيو ۽ ان سان سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي تاريخ جو لاڳاپو هو.

سري لنڪا

سريلنڪا هڪ ايشيائي ملڪ آهي. ھي ملڪ ھندي وڏي سمنڊ ۾ ڀارت جي ڏاکڻي حصين کان ڌار پاڻي سان گھريل ھڪ ٻيٽ آھي.

سنڌي ٻولي

سنڌي (/ˈsɪndi/सिन्धी, )ھڪ ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي. سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي. انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي. گھڻا سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جي صوبي سنڌ، ڀارت جي رياست گجرات جي علائقي ڪڇ ۽ مھاراشٽر جي علائقي الھاس نگر ۾ رھن ٿا. ڀارت ۾ بچيل ڳالھائيندڙ سنڌي ھندو آھن جن پاڪستان جي آزادي کان بعد 1948ع ۾ ڀارت ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ باقي سنڌي سڄي دنيا جي مختلف علائقن ۾ رھن ٿا. سنڌي ٻولي پاڪستان جي صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب، سان گڏوگڏ ڀارت جي رياستن راجستان، پنجاب ۽ گجرات ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ان سان گڏوگڏ ھانگ ڪانگ، عمان، انڊونيشيا، سنگاپور، گڏيل عرب اماراتون، گڏيل بادشاھت ۽ آمريڪا ۾ لڏي ويل جماعتن پاران بہ ڳالھائي وڃي ٿي.

سکر

سکر پاڪستاني صوبي سنڌ جو ٽيون وڏو شھر آھي جيڪو سنڌو درياءَ جي ڪپ تي اڏيل آهي.

شڪارپور

شڪارپور(انگريزي: Shikarpur ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن جو هڪ شهر آهي، جيڪو شڪارپور ضلعي جو صدر مقام آهي.

شڪاپور سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ليکجي ٿو. ماضي ۾ هي شهر واپار لاءِ اهم رهيو آهي. قابل، قنڌار، سمر قند، بخارا ۽ تاشقند جا واپاري هتي ايندا هئا. شڪار پور 1843ع ۾ سنڌ جي ٽن ضلعن مان هڪ هو، سکر پڻ هن ضلعي جو هڪ شهر هو.

لينسڊائون پل

لينسڊائون پل ( انگريزي: Lansdowne Bridge ) پاڪستان ۾ هڪ پراڻي ريلوي پل آهي، جيڪا سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ سنڌوندي تي واقع آهي. هيءَ پل 25 مارچ 1889ع تي جڙي راس ٿي. 6 مئي 1962ع ۾ ايوب پل جي اڏاوت کان پوءِ هن پل کي ريل گاڏين جي لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ريلوي ٽريفڪ نئين پل تي منتقل ڪئي وئي. هاڻي هيءَ پل صرف ننڍين گاڏين جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. ھن پل جو نالو برٽش انڊيا جي وائسراءِ لارڊ لينس ڊائون جي نالي تي رکيو ويو. پل جي ڊيگھ 790 فٽ ھئي ۽ ان جي تعمير تي 40 لک خرچ آيا. لوھ جي ھي پل انجنيئر لنڊن ۾ ڊزائن ڪري اتي ٺاھي ان جو فريم لنڊن ٻاھران جوڙي بعد ۾ ان کي کولي بحري جھاز وسيلي ڪراچي آندو ويو ۽ ان کي موجوده جاء تي جوڙي نصب ڪيو ويو. مولائي شيدائي لکيو آهي ته: ”انڊس اسٽيٽ وئلي ريلوي“ ۽ ” سنڌ پشين ريلوي“ لائينن جي کلڻ ڪري ڪوئيٽا کي لاهور ۽ ڪراچيءَ سان گڏائڻ ضروري فوجي مسئلو هو. ٻيو ته انڊس فلوٽيلا ڪمپني جي فلاٽن ۽ جهازن وسيلي ريلوي مال گاڏن کي روهڙي آڻڻ ۽ نيڻ ۾ هڪ ته وقت ضايع ٿيندو هو ته ٻيو ڪمپنيءَ کي خرچ ڏيڻو پوندو هو، تنهنڪري سکر ۽ روهڙي وارين درياهه جي شاخن تي لوهي پل تعمير ڪرائڻ جو فيصلو اٽل هو. پل اڏڻ جي رٿا 1872ع کان حڪومت هند جي زير غور هئي، جنهن جي منظوري 1883ع ۾ ڏني ويئي. 1885ع ۾ انگلينڊ کان مال اچڻ ۾ دير ٿي ويئي، ڪم روڪجي ويو، 1887ع ۾ وري ڪم شروع ٿيو، جو1889ع ۾ مڪمل ٿيو. هن پل جا ٻه حصا آهن، روهڙيءَ وارو حصو جو ڪئنچين تي بيٺل آهي ۽ هن جي ڊيگهه 820 فوٽ آهي، سکر واري شاخ ٽن ٿنڀن تي بيٺل آهي ۽ ڊيگهه ۾ 600 فوٽ آهي، پل جي افتتاحي رسم بمبئيءَ جي گورنر لارڊري ادا ڪئي، جنهن لاءِ سکر ميونسپالٽي بکر جي قلعي ۾ وڏو شاميانو جهنڊين سان سينگاريل کوڙيو هو. هن موقعي تي سنڌ جو ڪمشنر مسٽر چارلس پرچرڊ ۽ خيرپور جو والي هزهائنس سر مير علي مراد خان ۽ هندوستان ۽ پنجاب جي وڏن ماڻهن حاضري ڏني، گورنر تقرير ۾ چيو ته افغانستان سان واپار ترقي ڪندو. پل تي چاليهه لهه روپيا خرچ ٿيو ۽ ٺيڪو انگلنڊ جي ڪمپني ”ويسٽ ووڊائنڊ ايلي“ کي ڏنو ويو ۽ مسٽر رابرٽن انجنيئر جي نگراني هيٺ ڪم هليو، وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جي نالي تي پل ”لينسڊائون برج“ سڏجڻ لڳي، سکر جا ڀاڳ کلي ويا ڇو ته هيءِ پل دنيا جي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي تنهنڪري پري پري کان ماڻهون ڏسڻ اچن ٿا، انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ جو ڪاروبار 1889ع ۾ پل کلڻ کان پوءِ بند ٿي ويو ۽ سکر تجارتي مرڪز بنجي ويو.

محمد علي جناح

محمد علي جناح يا محمد علي جيڻا عرف قائداعظم (انگريزي ٻولي: Muhammad Ali Jinnah) پاڪستان جو باني، برطانوي هندستان ۾ 25 ڊسمبر 1876ع تي سنڌ جي هاڻوڪي ٺٽي ضلعي جي شهر جھرڪ ۾ ڄائو. هن جي والد جو نالو جناح پونجا هو. جيڪو راجڪوٽ ڪاٺياواڙ جو رهاڪو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ چمڙي جو ڪاروبار ڪندو هو. قائداعظم جي پيدائش تي ٻي راء اھا آھي تہ ڪراچي وزير مينشن ۾ پيدا ٿيو ھو.

سنڌ جي درسي ڪتابن ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ان جي جاء پيدائش جھرڪ ظاھر ڪئي وئي بعد ۾ نصاب ۾ تبديلي آڻي ڪراچي ظاھر ڪئي وئي.

ميمڻ

ميمڻ ھڪ خاص طرز ثقافت جا ماڻھو آھن، انھن مان گهڻن جو لاڳاپو ڏکڻ ايشيا جي اترين علائقن سان آھي۔ميمڻ ڪيترن ئي گروھن ۾ ورهايل آھن۔ ڪاٺي وار گروھ پنھنجو پاڻ کي رڳو ميمڻ جي سڃاڻپ سان متعارف ڪرندا آھن۔ سنڌي ميمڻ اھي آھن جيڪي سنڌ جا رھائشي ھجن۔ ڪڇي ميمڻ جو تعلق ”ڪڇ“ سان آھي ۽ ”ڪڇي“ ٻولي ڳالھائيندا آھن۔اوکائي ميمڻ جو تعلق اوکا پورٽ سان آھي ۽ اھي ميمڻي ٻولي ڳالھائيندا آھن۔

هيءُ به اصل هندو لوهاڻا هئا، جي پوءِ مسلمان ٿيا. پندرهين عيسوي صديءَ ۾ سيد يوسف الدين قادري بغداد مان ٺٽي آيو ۽ انهيءَ جا هُو مريد ٿيا ۽ پوءَ ڪڇ ڀُڄ ۽ بمبئيءِ جي پاسي ڏي ويا. ڪڇي ميمڻ وڏا واپاري آهن. اُهي سُني ۽ ديندار آهن. گھڻن جي راءِ آهي ته ميمڻ اڪثر پاڻ کي قاضي ۽ آخوند سڏئيندا آهن، جو اڪثر ٻارن کي پڙهائيندا آهن ۽ مسجدن ۾ مُلا ٿي رهندا آهن ۽ واپار به ڪندا آهن.

ننگرھار صوبو

ننگرھار صوبو: (انگريزي: Nangarhar Province) افغانستان جي ھڪ صوبي جو نالو آهي جيڪو ملڪ جي اوڀر پاسي واري حصي ۾ واقع آهي ۽ انتظامي طور تي 22 ضلعن ۾ ورھايل آھي. صوبي جي آبادي 14,36,000 آھي جنھن ۾ 91.1 سيڪڙو پختون، 3.6 سيڪڙو پاشائي، 2.6 سيڪڙو عرب، 1.6 سيڪڙو تاجڪ ۽ 2.1 سيڪڙو باقي ٻين نسلن جي ماڻهن سان تعلق رکندڙ آھن. ان جو گاديءَ جو هنڌ جلال آباد شھر آهي. لفظ ننگرھار لاء چوڻ ۾ اچي ٿو تہ پشتو ٻولي جي ٻن لفظن ننگ ۽ نھر مان نڪتل آهي جن جي معني آهي نو نھرون. ھن صوبي مان ڪابل- پشاور واپار جو روڊ گذري ٿو طور خم پڻ ھن صوبي م ڊيورنڊ لائين نالي پاڪ افغان سرحد لڳ واقع آهي.

يمن

جمهوريه يمن يا يمن اولهه ايشيا ۾ واقع وچ اوڀر جو هڪ مسلم ملڪ آهي۔ هن جي اتر ۽ اوڀر ۾ سعودي عرب ۽ اومان، ڏکڻ ۾ عرب سمنڊ آهي، ۽ اولهه ۾ احمر سمنڊ واقعآهي۔ يمن جي گادي جو هنڌ صنعا آهي ۽ عربي هن جي قومي ٻولي آهي۔ يمن جي آبادي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جن ۾ بيشتر عربي ڳالهائيندا اهن۔

وچ اوڀر ۾ يمن عربن جي اصل سرزمين آهي۔ يمن قديم دور ۾ واپار جو هڪ اهم مرڪز هيو، جيڪو مصالحن جي واپار جي لاء مشهور هيو۔

يونان

يونان يا جمھوريہ ھيلينيہ ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ جزيره نما بلقان جي نشيب ۾ واقع ملڪ آھي۔ ان جون سرحدون اتر ۾ البانيا،مقدونيہ ۽ بلغاريہ ۽ اوڀر ۾ ترڪي سان ملن ٿيون- اولھ ۾ بحيره ايوني ۽ ڏکڻ ۾ بحيره ايجين واقع آھي-

يونان کي فنون لطيفہ جي ماءُ به چيو ويندو آھي۔ ھتان سنگ مرمر افراط سان ملندو ھو لھٰذا فن تعمير ۾ غير معمولي ترقي ڪئي۔

جمھوريت جو تصور سڀ کان پھرين يونان ۾ قائم ٿيو ۽ اتان کان ھي طرز حڪومت دنيا جي ٻين ملڪن تائين پھتو۔ رونان ۾ ھر نوجوان کي ارڙھن سالن جي عمر ۾ ايٿينز جي ديوي جي حضور ۾ وفاداري جو حلف کڻڻو پوندو آھي۔

‘‘‘گريس‘‘‘ (انگريزي:Greece), سرڪاري نالو “ھيلينڪ ريپبلڪ“، ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ موجود ھڪ ملڪ، جنھن جي حدن ۾، اتر ۾ البينيا، بلغاريہ ۽ ماضي جي يوگوسليويائي مقدونيہ (FYROM)، اوڀر ۾ ترڪي، ايجين سمنڊ ڏکڻ لونين سمنڊ موجود آھي.

جيڪڏهن اوهين يورپ جي نقشي تي نظر وجھندا ته اوهان کي معلوم ٿيندو، ته يونان جو ملڪ هڪ هڏائين هٿ وانگر آهي، جنهن جون ڏنگيون ڦڏيون آڱريون، ڀونچ سمنڊ (Mediterranean Sea) طرف وڌيل آهن. ان جي ڏکن طرف ڪريٽ (Crete) جو عظيم ٻيٽ آهي، جتان عيسوي سن کان ٻه هزار ورهين اڳ، يونانين، تهذيب ۽ تمدن جا ابتدائي سبق حاصل ڪيا، اوڀر طرف، ايجين سمنڊ (Agean Sea) جي ٻئي پاسي، ايشيا ڪناري جي سرزمين آهي، جيڪا هن وقت خاموش ۽ مرده ٿي چڪي آهي، پر افلاطون (Plato) جي زماني کان اڳي، هيءَ صنعت، واپار ۽ سوچ ويچار جو مرڪز هئي. اولهه طرف ’آيونئن‘ سمنڊ (Ionian Sea) جي ٻئي ٻئي طرف اٽلي آهي، جا سمنڊ ۾ هڪ نوڙيل مناري وانگر، بيٺل پيئي لڳي. ساڳئي طرح اسپين ۽ سسلي آهن، جيڪي ان زماني ۾ يونان جون خشحال، ترقي ڪندڙ بيٺڪون هيون، آخر ۾ جبرالٽر (Gibraltar)، جنهن کي ان زماني ۾ ”هرڪيولس جا ٿنڀا“ چيو ويندو هو، هڪ اهو خوفنائتو سمنڊ آهي، جتان گهڻن قديم جهاز رانن کي لنگهڻ جي همت ئي ڪانه ٿي ٿئي. اتر پاسي اهي جهنگلي ۽ غير مهذب ملڪ هئا، جن کي ان وقت ٿِسلي (Thessaly)، ايپيرس (Epirus) ۽ مَيسيڊونيا (Mecedonia) سڏيو ويندو هو، جن مان اهي طاقتور قبيلا آيا، جن دنيا کي هومر (Homer) ۽ پيريڪلز (Pericles) جي زماني جون بزرگ هستيون ۽ عظيم ڪارناما مهيا ڪري ڏنا.

جيڪڏهن وري ساڳئي نقشي تي غور سان نظر ڪندا، ته اوهان کي معلوم ٿيندو، ته يونان جو ڪنارو، بيحد کاڌل ۽ وروڪڙ واروآهي ۽ زمين لاهين چاڙهين واري اٿس. هن سرزمين ۾ هر طرف نهرون ۽ ناريون، اپسمنڊ ۽ چشما موجود آهن، سڄي زمين جبلن ۽ ٽڪرن سان ڀريل آهي، اهڙيءَ طرح، يونان انهن قدري بحري ۽ بري بندرن جي ڪري ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويل هو. ان وقت اتي مسافري ۽ آمدرفت بيحد خطرناڪ هئي، هر هڪ ماٿريءَ ۾ پنهنجي پنهنجي اقتصادي زندگي هئي، جنهن سبب هر ماٿريءَ ۾ خود حڪومت، ادارا، لهجا، مذهب ۽ تمدن پننجا پنهنجا پيدا ٿي پيا هئا، خود حڪومت جي دائري ۾ هڪ يا ٻه اهڙا شهر هئا، جيڪي جبلن جي وچ ۾ هئا، جن جي ماٿرين ۾ پوک لائق زمين موجود هئي، انهن ئي قسم جي حڪومتن کي ”شهري رياستون“ سڏيو ٿي ويو، جن کي تاريخ ۾ يوبيا (Euboea).لوڪرس (Locris)، آٽوليا (Atolia)، فوسس (phocis)، بوشيا (Beotia)، ايڪيا (Achae)، آرگولس (Argolis)، ايلس (Ellis) ۽ آرڪيڊيا (Arcadia) ۽ ميسينيا (Messenia) ۽ ليڪونيا (Laconia) جنهن جي اسپارٽا (Sparta) شهر کي تاريخي شهرت حاصل آهي، ۽ ائٽيڪا (Attica) جنهن جو مک شهر اٿينس هو، جي نالن سان ياد ڪيو ٿو وڃي، وري به هڪ ڀيرويونان جي نقشي ڏانهن نهاريون ۽ اٿينس جي بيهڪ کي جاچي ڏسو، اهو شهر، يونان جي سڀني وڏن شهرن جي اوڀر طرفآهي، اهوڄڻ ته هڪ دروازو آهي، جنهن مان يوناني لنگهي، ايشيا مائنر جي سرگرم شهر طرف وک وڌائيندا هئا، ۽ انهيءَ ئي دروازي رستي، ايشيا مائنر جا قديم شهر، عيش عشرت جو سامان ۽ تمدن نوجوان ۽ پراُمنگ يونان ڏانهن موڪليندا هئا، اٿينس کي هڪ تعريف جوڳو بندر هوندو هو، جنهن جو پَئريوس (piraus) هو، جتي بي انداز بيڙا، خطرناڪ سامونڊي لهرين ۽ طوفانن کان بچي، اچي پناهه وٺندا هئا، اٿينس کي هڪ وڏو سامونڊي فوجي ٻيڙو به هوندو هو.

ڪاٺ

ڪاٺ ھڪ ڪارباني ماو آھي، جنھن جي پيداوار وڻن جي ٿڙن ۾ وقت سان گڏ سخت ٿيندڙ حياتياتي مادي جي طور تي ٿيندي آھي. ھڪ زندا وڻ ۾ ھي مادو پن ۽ ٻين وڌندڙ حصن تائين غذائي جزن ۽ پاڻي جي پھچ ڪندو آھي، ۽ گڏ ئي ھي وڻ کي سھارو ڏيندو آھي تہ جيئن وڻ پاڻ بيھي ڪري آخري اوچائي ۽ ماپ ٺاھي سگھي. ڪاٺ وڻ جي ان مواد کي بہ چيو ويندو آھي، جنھن جي ھئيت ٿڙ جي مادي وانگر ھوندي آھي، مثال طور ڏارون ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاڙون بہ چورائينديون آھن.

انساني تاريخ جي شروعات کان ئي انسان ڪاٺ جو استعمال ڪيترن ئي مقصدن جھڙوڪ ٻارڻ ۽ اڏاوت ۽ واپار جي طور تي ڪري رھيو آھي. اڏاوت جي طور تي ان جو استعمال خاص طور عمارت، اوزار، ھٿيار، فرنيچر، پيڪيجنگ، ڪاٺ جو ڪم ۽ ڪاغذ وغيره ٺاھڻ ۾ ڪم ايندو آھي.

ڪراچي

ڪراچي (اردو: کراچی) (انگريزي: Karachi)پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آھي۔ ڪراچيءَ جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ به سڏيو ويندو آهي.اھو دنيا جو آبادي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر آھي, وڏن شهرن جي لسٽ

گهوٽڪي ضلعو

گهوٽڪِي ضلعو(انگريزي: Ghotki District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سکر ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي جنھن جو صدرمقام ميرپورماٿيلو آھي. ھن ضلعي جو قيام 1983 ۾ ٿيو.ان کان اڳ ھي شھر سکر ضلعي جو تعلقو ھيو. هن ضلعي ۾ پنج تعلقا آهن جن ۾ گهوٽڪي تعلقو ، ميرپور ماٿيلو تعلقو ،اُٻاوڙو تعلقو ،ڏهرڪي تعلقو،خان ڳڙهه تعلقو شامل آهن.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.