لنڊن

لنڊن انگلينڊ ۽ برطانيا جو سڀ کان وڏو آبادي وارو شهر آهي.

Houses of Parliament Landscape
لنڊن
13 جُولاءِ

13 جُولاءِ (انگريزي ٻولي: July 13)، عيسوي سال جو 194 هون (ليپ سال 195 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 171 ڏينهن (ليپ سال 172 ڏينهن) باقي آهن.

18 نومبر

18 نومبر (انگريزي: November 18)، عيسوي سال جو 322 هون (ليپ سال 323 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 43 ڏينهن باقي آهن.

1 جنوري

1 جنوري (انگريزي ٻولي: January 1)، عيسوي سال جو پهريون ڏينهن آهي. سال پوري ٿيڻ ۾ 364 ڏينهن (ليپ سال 365 ڏينهن) باقي آهن.

20 جُولاءِ

20 جُولاءِ (انگريزي: July 20)، عيسوي سال جو 201 هون (ليپ سال 202 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 164 ڏينهن (ليپ سال 165 ڏينهن) باقي آهن.

27 جُولاءِ

27 جُولاءِ (انگريزي: July 27)، عيسوي سال جو 208 هون (ليپ سال 209 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 157 ڏينهن (ليپ سال 158 ڏينهن) باقي آهن.

2 سيپٽمبر

2 سيپٽمبر (انگريزي: September 2)، عيسوي سال جو 245 هون (ليپ سال 246 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 120 ڏينهن (ليپ سال 121 ڏينهن) باقي آهن.

7 آگسٽ

7 آگسٽ (انگريزي: August 7)، عيسوي سال جو 219 هون (ليپ سال 220 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 146 ڏينهن (ليپ سال 147 ڏينهن) باقي آهن.

8 آڪٽوبر

8 آڪٽوبر (انگريزي: October 8)، عيسوي سال جو 281 هون (ليپ سال 282 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 84 ڏينهن (ليپ سال 85 ڏينهن) باقي آهن.

انساني ترقي جو اشاريو

انساني ترقي جو اشاريو:(انگريزي: Human Development Index ) (HDI) متوقع حياتي، تعليم ۽ في ڪس آمدني جي انڊيڪيٽر جو ھڪ شمارياتي اشاريو آھي جنھن جي مدد ملڪن جو انساني ترقي جي چئن درجن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي. جيڪڏهن ڪنھن بہ ملڪ جي ماڻهن جي ڄمڻ کان متوقع زندگي جو مدو، تعليمي سطح ۽ مجموعي قومي آمدني وڏي ھوندي آھي تہ ان ملڪ جو انساني ترقي جو اشاريو اوچو ھوندو آھي. ھي اشاريو پاڪستان جي معاشيات جي ماهر ڊاڪٽر محبوب الحق ييل يونيورسٽي جي گسٽاف رئنس ۽ لنڊن اسڪول آف اڪانامڪس جي ميگھناد ڊيسائي جي مدد سان تيار ڪيو ۽ ڪنھن بہ ملڪ جي ترقي ماپڻ لاء گڏيل قومن جي ترقي جي پروگرام جي انساني ترقي جي رپورٽ واري آفيس ۾ استعمال ۾ آندو.

انگلينڊ

انگلينڊ، يورپ جو هڪ ملڪ جيڪو برطانيا (Great Britain) ۾ شامل آهي.

نالو: انگلينڊ

گادي جو هنڌ: لنڊن

موجوده حيثيت: ملڪ

قومي ٻولي: انگريزي

علائقائي ٻولي: ڪورنش

اهم قومون

انگريز/گورا 85.4%

ايشين 7۔8 %

ڪارا 3.5%

گڏيل 2.3 %

عرب 0.4%

ٻيا 0.6%

مذهب: چرچ آف انگلينڊ

قوميت: انگريز

قسم: آئني حصو

خودمختيار رياست: يونائيٽڊ ڪنگڊم

حڪومت: آئيني طور يونائيٽڊ ڪنگڊم جو حصو

ملڪہ: ملڪہ الزبٿ ٻين

پارليامينٽ آف يونائيٽڊ ڪنگڊم: هائوس آف ڪامن

قيام

انگلو سڪسن نوآبادي: 5 کان 6 صدي

گڏجڻ: 10 صدي

اسڪاٽلينڊ سان الحاق: 1 مئي 1707ع

ايراضي

زميني: 130،279 ڪلوميٽر اسڪوائر

50،301 ڪلو ميل اسڪوائر

آبادي:

2015 مطابق: 54،786،300

2011 جي آدمشماري مطابق: 53،012،456

جي ڊي پي فرضي: 2015 مطابق

ٽوٽل : 2.340$ ٽرلين

پر ڪيپٽا: 56.890$ ٽرلين

ڪرنسي: پونڊ اسٽرلنگ (يونائيٽڊ ڪنگڊم)

لينسڊائون پل

لينسڊائون پل ( انگريزي: Lansdowne Bridge ) پاڪستان ۾ هڪ پراڻي ريلوي پل آهي، جيڪا سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ سنڌوندي تي واقع آهي. هيءَ پل 25 مارچ 1889ع تي جڙي راس ٿي. 6 مئي 1962ع ۾ ايوب پل جي اڏاوت کان پوءِ هن پل کي ريل گاڏين جي لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ريلوي ٽريفڪ نئين پل تي منتقل ڪئي وئي. هاڻي هيءَ پل صرف ننڍين گاڏين جي لاءِ استعمال ٿيندي آهي. ھن پل جو نالو برٽش انڊيا جي وائسراءِ لارڊ لينس ڊائون جي نالي تي رکيو ويو. پل جي ڊيگھ 790 فٽ ھئي ۽ ان جي تعمير تي 40 لک خرچ آيا. لوھ جي ھي پل انجنيئر لنڊن ۾ ڊزائن ڪري اتي ٺاھي ان جو فريم لنڊن ٻاھران جوڙي بعد ۾ ان کي کولي بحري جھاز وسيلي ڪراچي آندو ويو ۽ ان کي موجوده جاء تي جوڙي نصب ڪيو ويو. مولائي شيدائي لکيو آهي ته: ”انڊس اسٽيٽ وئلي ريلوي“ ۽ ” سنڌ پشين ريلوي“ لائينن جي کلڻ ڪري ڪوئيٽا کي لاهور ۽ ڪراچيءَ سان گڏائڻ ضروري فوجي مسئلو هو. ٻيو ته انڊس فلوٽيلا ڪمپني جي فلاٽن ۽ جهازن وسيلي ريلوي مال گاڏن کي روهڙي آڻڻ ۽ نيڻ ۾ هڪ ته وقت ضايع ٿيندو هو ته ٻيو ڪمپنيءَ کي خرچ ڏيڻو پوندو هو، تنهنڪري سکر ۽ روهڙي وارين درياهه جي شاخن تي لوهي پل تعمير ڪرائڻ جو فيصلو اٽل هو. پل اڏڻ جي رٿا 1872ع کان حڪومت هند جي زير غور هئي، جنهن جي منظوري 1883ع ۾ ڏني ويئي. 1885ع ۾ انگلينڊ کان مال اچڻ ۾ دير ٿي ويئي، ڪم روڪجي ويو، 1887ع ۾ وري ڪم شروع ٿيو، جو1889ع ۾ مڪمل ٿيو. هن پل جا ٻه حصا آهن، روهڙيءَ وارو حصو جو ڪئنچين تي بيٺل آهي ۽ هن جي ڊيگهه 820 فوٽ آهي، سکر واري شاخ ٽن ٿنڀن تي بيٺل آهي ۽ ڊيگهه ۾ 600 فوٽ آهي، پل جي افتتاحي رسم بمبئيءَ جي گورنر لارڊري ادا ڪئي، جنهن لاءِ سکر ميونسپالٽي بکر جي قلعي ۾ وڏو شاميانو جهنڊين سان سينگاريل کوڙيو هو. هن موقعي تي سنڌ جو ڪمشنر مسٽر چارلس پرچرڊ ۽ خيرپور جو والي هزهائنس سر مير علي مراد خان ۽ هندوستان ۽ پنجاب جي وڏن ماڻهن حاضري ڏني، گورنر تقرير ۾ چيو ته افغانستان سان واپار ترقي ڪندو. پل تي چاليهه لهه روپيا خرچ ٿيو ۽ ٺيڪو انگلنڊ جي ڪمپني ”ويسٽ ووڊائنڊ ايلي“ کي ڏنو ويو ۽ مسٽر رابرٽن انجنيئر جي نگراني هيٺ ڪم هليو، وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جي نالي تي پل ”لينسڊائون برج“ سڏجڻ لڳي، سکر جا ڀاڳ کلي ويا ڇو ته هيءِ پل دنيا جي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي تنهنڪري پري پري کان ماڻهون ڏسڻ اچن ٿا، انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ جو ڪاروبار 1889ع ۾ پل کلڻ کان پوءِ بند ٿي ويو ۽ سکر تجارتي مرڪز بنجي ويو.

محمد علي جناح

محمد علي جناح المعروف قائداعظم (انگريزي ٻولي: Muhammad Ali Jinnah) پاڪستان جو باني، برطانوي هندستان ۾ 25 ڊسمبر 1876ع تي سنڌ جي هاڻوڪي ٺٽي ضلعي جي شهر جھرڪ ۾ ڄائو. هن جي والد جو نالو جناح پونجا هو. جيڪو راجڪوٽ ڪاٺياواڙ جو رهاڪو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ چمڙي جو ڪاروبار ڪندو هو. قائداعظم جي پيدائش تي ٻي راء اھا آھي تہ ڪراچي وزير مينشن ۾ پيدا ٿيو ھو.

سنڌ جي درسي ڪتابن ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ان جي جاء پيدائش جھرڪ ظاھر ڪئي وئي بعد ۾ نصاب ۾ تبديلي آڻي ڪراچي ظاھر ڪئي وئي.

مُک صفحو

”سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.“

ڊرائيونگ جو پاسو

ڊرائيونگ جو پاسو: دنيا ۾ ٽريفڪ نظام ٻن قسمن وارو آھي ھڪ روڊ جي کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ وارو ۽ ٻيو روڊ جي ساڄي پاسي کان ڊرائيونگ وارو. ھر ان طريقي کي رستي جو قائدو سڏبو آهي. روڊ ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ پوري اتر آمريڪا کنڊ ، برطانيا ۽ آئرلينڊ کي ڇڏي ڪري پوري يورپ ، روس چين ، پوري عرب دنيا اتر اولھ آفريڪا ، وچ آفريڪا ، تقريبن پوري ڏکڻ آمريڪا سميت دنيا جي 165 ملڪن ۾ مروج آهي. ھن طريقي واري ڊرائيونگ ۾ گاڏين جو اسٽيرنگ ھينڊل کاٻي پاسي لڳل ھوندو آھي ۽ گاڏي روڊ جي ساڄي پاسي ھلندي آھي سامھون ايندڙ گاڏي کاٻي پاسي کان ڪراس ڪندي آهي ۽ پويان ايندڙ گاڏي کاٻي پاسي کان اڳ ڪڍندي آھي. کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، جاپان، آسٽريليا، ڀوٽان، نيپال، سريلنڪا، ملائيشيا، ٿائلينڊ، انڊونيشيا، نيو گني، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، ڪينيا، تنزانيا، زميبيا، برطانيا، آئرلينڊ سميت 75 ملڪن ۾ مروج آھي جن ۾ دنيا جا 35 سيڪڙو ماڻھو ۽ دنيا جي روڊن جو چوٿون حصو شامل آهن. 1919 ۾ 104 ملڪن کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ جو قائدو ھلندڙ ھيو جيڪو 1986 تائين گھٽجي 34 ملڪن تائين گھٽجي ويو باقي ملڪن ۾ ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ جو طريقو مروج ٿي ويو. ڊرائيونگ جا اھي ٻئي طريقا دنيا اندر ريلوي نظام ۾ پڻ مروج آهن.

بحري ۽ ھوائي سوارين ۾ دنيا ۾ آمريڪا سميت پڻ ساڄي پاسي وارو طريقو مروج آهي. ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ ۾ گاڏي، ٻيڙي، ٽرين يا جھاز جو اسٽيرنگ ھينڊل کاٻي پاسي لڳل ھوندو آھي ۽ کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ ۾ وري گاڏين جي ساڄي پاسي لڳل ھوندو آھي. کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ ۾ چوراھي تي گولائي جو چڪر گھڙيالي چڪر وانگر لڳائبو آهي پر ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ ۾ وري گھڙيالي چڪر جي ابتي پاسي ڦربو آهي.

برطانيا لنڊن برج جي ڪري کاٻي پاسي کان ساڄي طرف ٽريفڪ نظام تبديل نہ ڪيو. انقلاب فرانس کان پوءِ فرانس ٽريفڪ نظام ساڄي پاسي ڪري ڇڏيو. سوئيڊن 1734 کان کاٻي پاسي جو نظام شروع ڪيو پر 1967 ۾ ساڄي پاسي تبديلي آندي. کاٻي پاسي واري ٽريفڪ نظام ۾ حادثن ۾ ڪمي اچي رھي ھئي جنھن ڪري نظام ۾ تبديلي جي ضرورت پيدا ٿيندي رھي آھي.

ڪراچي

ڪراچي (اردو: کراچی) (انگريزي: Karachi)پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آھي۔ ڪراچيءَ جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ به سڏيو ويندو آهي.اھو دنيا جو آبادي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر آھي, وڏن شهرن جي لسٽ

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.