لسانيات

لسانيات يا علم اللسان (Linguistics) زبانن جي عام پهلوئن، خوبين ۽ خصوصيتن، رنگ ۽ ڍنگ جي مطالعي کي ’علم السان‘ چئجي ٿو. علم اللسان ڪنهن به ٻوليءَ جي آوازن، انهن جي مقرر تنظيم ۽ ترڪيب، ساخت ۽ سٽاءَ جي، اهل زبان توڙي ڌارين لاءِ هڪ تشريح آهي، علم اللسان ٻوليءَ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جو هڪ بيان آهي. هي علم، انهن جي اصولن، گهراين، معنوي ۽ صوتي تبديلين جو رڪارڊ آهي. علم اللسان زنده ۽ روزمره وارين ٻولين جي سرشتي ۽ نظام جي اُپٽار ۽ اُن جو بيان بلڪل ائين ٿو ڪري، جيئن اُهي ٻوليون، اُن وقت ۽ ان حالت ۾ ڳالهائبيون يا ٻڌبيون آهن. لسانيات جو علم ٻولين جي ماضيءَ، ماضيءَ جي ترڪيبن، لفظن جي اشتقاقن ۽ ڌاتن تي به روشني وجهي ٿو. [1]

لسانيات جي معنيٰ آهي زبان جو علم. لسانيات، يا علم اللسان، زبان جي اهميت، زندگي ۾ انساني ٻوليءَ جي علم کي چئبو آهي. فرانس جو مشهور عالم اي گوبلو پهريون ماڻهو هو، جنهن ڪتاب ”علمن جي ورهاست (1898ع)“ ۾ علم اللسان جي تعريف بيان ڪندي ان جي اهميت تي پڻ بحث ڪيو اٿس.ايف سي باڪٽ لسانيات جي تعريف هن نموني ڪري ٿو ”زبان جي باري ۾ منظوم علم کي لسانيات چيو ويندو آهي . گلسين وري لسانيات جي باري ۾ ڪجهه هن ريت خيال ونڊي ٿو: ”لسانيات اها سائنس آهي جيڪا زبانن جي ٻاهرين ساخت جي اعتبار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.“[2]لسانيات ھڪ اھڙو مضمون آھي جنھن ۾ انساني ٻولين جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ٻولين جي موجوده صورت جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ٻولين ۾ وقت سان گڏ ٿيڻ واريون تبديلين جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ مختلف ٻولين جي پاڻ ۾ مشابھت جي باري ۾ مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ان سان گڏوگڏ ھن شيءِ جو به مطالعو ڪيو ويندو آھي تہ ٻولين جو ھن دنيا جي ٻين شين سان ڇا تعلق آھي۔

تاريخي لسانيات

تاريخي لسانيات (Historical Linguistics): تاريخي لسانيات ٻولين جي انهن تبديلين جو جائزو وٺي ٿي، جيڪي زماني گذرڻ بعد ٻولين ۾ ظاهر ٿين ٿيون. انهن تبديلين جا سبب ۽ نتيجا معلوم ڪري ٿي، جيڪي ٻولين ۾ اندران ۽ ٻاهران ظاهر ٿين ٿا؛ تنهنڪري اها بحث هيٺ ٻوليءَ کي مختلف ۽ مسلسل دورن ۾ ورهائي، ٻن ٻن ڀر وارن دورن کي ڀيٽي ڏسي ٿي ته جيئن تبديلين جون لاڳيتيون ڪڙيون جوڙي سگهجن انهيءَ لحاظ کان تقابلي لسانيات خود تاريخي لسانيات جو جزو آهي.[2]

حوالا

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
  2. 2.0 2.1 .ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

پڻ ڏسو

  • ٻوليون
  • لھجو (لسانيات)
  • اردو
12 سيپٽمبر

12 سيپٽمبر (انگريزي: September 12)، عيسوي سال جو 255 هون (ليپ سال 256 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 110 ڏينهن (ليپ سال 111 ڏينهن) باقي آهن.

16 نومبر

16 نومبر (انگريزي: November 16)، عيسوي سال جو 320 هون (ليپ سال 321 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 45 ڏينهن باقي آهن.

اردو

اردو يا اڙدو يا لشڪري ٻولي (اُچار: اُردُو، انگريزي: Urdu) دنيا جي وڏين ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ اردو ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارا رهن ٿا.

اسپيني ٻولي

اسپيني ٻولي (Spanish language) اسپين جي ٻولي آھي جيڪا اسپين کان علاوه دنيا جي 23 ملڪن ۾ سرڪاري ٻولي آھي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالھائي ۽ سمجھي وڃي ٿي.

سانچو:آفريڪي اتحاد جون ٻوليون

انگريزي ٻولي

انگريزي (انگريزي ٻولي: English) انگلينڊ سميت دنيا ڀر سڄي دنيا ۾ ڳالهائي ويندڙ هڪ وسيع ٻولي آهي جيڪا ڪيترن ئي ملڪن ۾ بنيادي ٻوليءَ جي طور تي ڳالهائي وڃي ٿي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ثانوي (سيڪنڊري) يا سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت رکي ٿي۔ انگريزي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهي ۽ سمجهي ويندڙ ٻولي آهي جڏهن ته هيءَ سڄي دنيا ۾ رابطي جي ٻولي سمجهي وڃي ٿي۔

مادري ٻولي (مادري زبان) جي طور تي دُنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي جديد چيني ٻولي آهي جنهن کي 70 ڪروڙ فرد ڳالهائين ٿا، ان کانپوءِ انگريزي آهي، جيڪا گهڻا ماڻهو ثانوي (ٻئي ٻولي, سيڪنڊري لينگوج) يا رابطي جي زبان جي طور تي ڳالهائيندا آهن جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارن فردن جو انگ هڪ ارب کان مٿي ٿي ويو آهي۔

سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 35 ڪروڙ 40 لَک فردن جي مادري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن ته ٻي ٻوليءَ جي حيثيت سان انگريزي ڳالهائڻ وارن انگ 15 ڪروڙ کان ڏيڍ اربن جي وچ ۾ آهي۔

انگريزي، مواصلات، تعليم، ڪاروبار، هوا بازي، تفريح، سفارتڪاري ۽ انٽرنيٽ ۾ سڀ کان اعليٰ بين الاقوامي ٻولي آهي۔ هي 1945ع ۾ گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کان هينئر تائين ان جي سرڪاري ٻولين منجهان هڪ آهي۔

انگريزي بنيادي طور تي اولھ جرمينڪ ٻولي آهي، جيڪا آڳاٽي انگلش مان ٺهي آهي۔ سلطنتِ برطانيا جي سرحدن ۾ ڊيگهه ويڪر سان گڏوگڏ هيءَ ٻولي به انگلستان مان نڪري آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ سميت سڄي دنيا ۾ پکڙجندي وئي ۽ اڄ برطانيا يا آمريڪا جي اڳوڻي نو آبادين مان اڪثر ۾ هيءَ سرڪاري ٻولي آهي جن ۾ پاڪستان، گهانا، ڀارت، نائجيريا، ڏکڻ آفريڪا، ڪينيا، يوگينڊا ۽ فلپائن پڻ شامل آهن۔

سلطنتِ برطانيا جي وسيع سرحدن باوجود انگريزي 20 هين صديءَ تائين دنيا ۾ رابطي جي ٻولي نه هئي، ان کي هي مقام ٻئي جنگ عظيم ۾ آمريڪا جي فتح ۽ سڄي دنيا ڀر آمريڪي ثقافت جي مشهوري جي ذريعي حاصل ٿي آهي، مواصلات جي ذريعين ۾ تيز ترقيءَ انگريزي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ (گهرج) جو سبب بڻي آهي.

انگريزي (English):هن ٻوليءَ جا ڪوڪني (Cockney) سوس (Scouse) گوردي (Geordi) -اوڀر- انگيليا (East Angilia)، برمن، سائوٿو ويلز، ايڊنبرگ، -بيل- فاسٽ (Belfast) ڪارن وال (Cornwal) ڪمبرلينڊ (Cumberland) مرڪزي ڪمبرلينڊ (Central Cumberland) ديور شاير (Devar shire) اڀرندي ديور شاير (Eastren devar) ڊورسيٽ (Dorset) دُرهم (Durham) بولٽن لينڪ شاير (Bolton Lancashire) ريڊڪلف لينڪ شاير ناٿرميرلينڊ. نارفوڪ (Norfolk) نيوڪبسل نارٿم برلينڊ، ۽ ٻيا لهجا آهن. هي -ٻولي- جرمن ٻوليءَ سان 60 سيڪڙو فرينچ سان ۽ 27 سيڪڙو ۽ روسيءَ سان 24 سيڪڙو مشابهت رکي ٿي.

هن ٻوليءَ جو اصل وطن برطانيا آهي، پر آمريڪا، اندورا، انگلوئلي، اروبا، آسٽريليا، برازيل، برٽش انڊيا، برٽش ورجن، آئيزلينڊ، برونائي، ڪمبوڊيا، ڪيمرون، ڪئنياڊا، ڪي مين آئيز، چين، هندوستان ۽ -پاڪستان-، -جپان- ۽ ٻيا سوين ملڪ -جن- ۾ -انگريزي- نه صرف ڳالهائي وڃي ٿي، پر -تعليم- جو ذريعو به -انگريزي- آهي. ڪيترن ملڪن ۾ برطانيا ۽ آمريڪا کان سواءِ هيءَ ٻولي سرڪاري ۽ قومي ٻوليءَ طور شامل آهي. دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي سڄو عام ۽ سائنسي ڪم هن ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. ان لاءِ هن کي سائنسي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي.

هيءَ ٻولي هند يورپيائي، جرمنيائي، اولهه انگريزي ٻولين جي خاندان مان آهي. هي ٻولي رومن خط ۾ لکي وڃي ٿي. برطانيه ۾ 55000000 ۽ دنيا ۾ 1999ع جي رپورٽ موجب 30935280 ماڻهو هي -ٻولي- ٻي ٻوليءَ طور لکن پڙهن ٿا. آسٽريليا ۾ 15682000 ماڻهو، بربادوس ۾ 13000، برازيل ۾ 55998، برمودا ۾ 58800، (هتي به هي سرڪاري ٻولي آهي) برٽش انڊيا ۾ سرڪاري ٻولي، برونائيءَ ۾ قومي ٻولي 8000 ڳالهائڻ وارا، ڪمبوڊيا ۾ فرنيچ ٻوليءَ جي جاءِ وٺي رهي آهي، ڪينياڊا ۾ سرڪاري -ٻولي- 17100000 ڳالهائڻ وارا، چين ۾ (1993ع) 54000 خاص طور هانگ ڪانگ ۾، ايٿوپيا ۾ (1986ع) سرڪاري ٻولي. فجي ۾ (1976ع) 4929 سرڪاري ٻولي، گمنبيا هڪ هزار ماڻهن جي سرڪاري ٻولي، گهانا (1977ع) ۾ 1000000 سرڪاري ٻولي، گوانا ۾ قومي ٻولي، هندوستان ۾ قومي ٻولي 11021610 ڳالهائڻ وارا، آئرلينڊ ۾ قومي ٻولي 2600000 ڳالهائڻ وارا، -اسرائيل- ۾ انگلٽ (Anglit) لهجو ڳالهائجي ٿي. سرڪاري -ٻولي- شيم ئيل آهي (1993ع) ۾ 100000 ڳالهائڻ وارا، ڪينيا ۾ سرڪاري ٻولي، لبنان ۾ هي ٻولي گهرن يا بزارن ۾ ڪانه ڳالهائجي صرف 3300 (2004ع) ڳالهائڻ وارا، مالوي ۾ سرڪاري ٻولي 18000 هزار ڳالهائڻ وارا، مالٽا ۾ سرڪاري ٻولي 2400 ڳالهائڻ وارا. ماريشش ۾ سرڪاري -ٻولي- صرف 3000 ڳالهائڻ وارا. نائيجريا ۾ ڏهه لک، نيوزلينڊ ۾ سرڪاري ٻولي 3213000 ڳالهائڻ وارا ۽ ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ۾ تمام گهڻو ادب پيدا ٿئي ٿو.

ايران

ايران : Jomhuri-ye Eslāmi-ye Irān اسلامي جمهوريا ايران، ايشيا ۾ واقع آهي. ايران کي فارس ءِ سرڪاري طور تي اسلامي جمهوريا ايران پڻ سڏيو ويندو آهي جيڪو اوله ايشياءَ ۾ واقعي آهي.جنهن جو سرحدون اتر اوله ۾ امريڪا ،آذربائيجان،ڪاذڪستان ءِ روس سان لڳن ٿيو. اتر اوله ۾ ترڪمانستان،افغانستان ء پاڪستان سان جڏهن ته ڏکڻ ۾ پيرس،اومان ءِ اوله ۾ ترڪي ء عراق سان لڳن ٿيوايران جو مجموعي رقبو.1،648،195 ڪلوميٽر اسڪوائر آهي جيڪو وچ اوڀر جو ٻيو وڏو ملڪ ءِ دنيا جو 18 وڏو ملڪ آهي ءِ آباديءَ جي لحاظ سان 17 وڏو ملڪ آهي. ايران هڪ دنيا جي پراڻي تهذيبن مان آهي.

ايشيا کنڊ جو مشهور ملڪ، جنهن جي اتر ۾ قفقاز ۽ پاڪستان؛ اڀرندي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان؛ ڏکڻ ۽ اولهه ۾ عربي سمنڊ ۽ ايراني نار ۽ الهندي طرف عراق ملڪ آهي. هن وقت سرڪار جو گاديءَ وارو شهر ’تهران‘ آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين مشهور شهرن ۾ اصفهان، شيراز، تبريز ۽ مشهد شامل آهن، جيڪي مختلف وقتن تي، ايران جا گادي جا هنڌ رهيا آهن. اتر ۽ اولهه وارا حصا، جابلو ايراضيءَ وارا آهن؛ اتر ڏانهن، ’لبرز‘ ۽ ’دماوند‘ اتانهيون جابلو چوٽيون آهن. ايران جو گهڻو حصو صحرائي (رڻ پٽ) آهي. هڪڙي ريلوي لائين، ايراني نار کان هلي قزوين سمنڊ تائين ويندي آهي؛ ٻي مشهد کي تهران سان ملائي ٿي. سڄي ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇايل آهي. هتي ميوو جام ٿيندو آهي، خاص ڪري انگور، بادام، صوف ۽ شفتالو وغيره جام پوکبا آهن. ڪڻڪ، چانور، تماڪ ۽ پُست جي ڏوڏي پڻ پوکبي آهي. ملڪ جي آمدني جو وڏو ذريعو تيل (پيٽرول) آهي.

فارس، آذربائيجان، کردش (کردستان) ۽ لور سڀ کان اهم قومون آھن.

اکر

اکر: letter:

اکر ڪنھن بہ الف بي واري لکت جو ننڍي ۾ ننڍو يونٽ ھوندو آھي جنھن کي علم لسانيات ۾ گرافيم grapheme چوندا آهن. اھو ڪنھن بہ ڳالھايل آواز جي سڀ کان ننڍي يونٽ جو ظاھري يا ڏسڻ ۾ ايندڙ عيوض ھوندو آھي. اھو اچار جو سڀ کان ننڍو ايڪو آھي. لکت جا نشان وري سليبوگرام سڏبا آهن جيڪي سليبل ۽ لوگوگرام ڏيکاريندا آھن جن جو اظھار بہ لفظن ۽ فقرن جي اندر ٿيندو آهي.

هندستان ۽ يورپ جا قديم آريه لوڪ ڪيئن لکندا هئا، سا سڌ سنڌي لفظ ”لکڻ“ ۽ انگريزي لفظ ”رائيٽ“ (Write) مان پوي ٿي. انهن ٻنهي لفظن جي بنيادي معنيَ آهي کرڙڻ، رهڙڻ“ يعني اُڪرڻ. انهيءَ بنيادي معنيٰ مان پتو پوي ٿو ته اڳي پٿرن يا ڪنهن ڌاتوءَ تي اکر اُڪريندا هئا. خود ”اکر“ (سنسڪرت ”اڪشر“) لفظ جي معنيٰ آهي ”جو کرجي نه يا، ڊهي نه“ مس قلم سان لکيل اکر ڊهي ويندا، پر اُڪريل اکر نه ڊهندا. مطلب ته ”لکڻ“ ۽ ”اکر“ لفظ انهيءَ قديم زماني جا جڙيل آهن، جنهن زماني ۾ اکرن اُڪرڻ جو رواج هو.آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان يقين ٿيو آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ اڳي هيءُ دستور هو ته ماڻهن کي جڏهن ڪو خيال ظاهر ڪرڻو هوندو هو، تڏهن ان جي شڪل ڪڍندا هئا. مثلاً گرڙي ڍڳي يا ٻئي ڪنهن جانور جو نالو لکڻو هوندو هون ته انهيءَ جي شڪل ڪڍندا هئا. اهي شڪليون پوءِ پنهنجي صورت مٽائي، هاڻوڪيون آئيويٽائون ٿيون آهن. ”لپي“ يا آئيويٽا کي ”ورڻ مالا“ چئبو آهي. ”ورڻ“ لفظ جي معنيٰ آهي ”رنگ“. مثلاً ”سون ورنو“ معنيٰ سون جي رنگ وارو يعني ”سهڻو“. اهو ”ورڻ مالا“ لفظ ڄاڻائي ٿو ته اڳي آئيويٽا جا اکر چِٽيندا هئا، ۽ اها چٽيلن اکرن جي قطار اوائلي آئيويٽا هئي. اسان جو اهو قياس سچو آهي، تنهن جي تصديق ”لپي“ لفظ ڪري ٿو. ”لپي“ معنيٰ ”آئيويٽا“، پر ان جو ڌاتو يا بنياد آهي ”لپ“ (Lip) معنيٰ ”چِٽڻ“. اهو ”لپي“ لفظ به ڄاڻائي ٿو ته اڳي آئيويٽا جا اکر چٽيل هوندا هئا، ۽ پوءِ هرهڪ اُچار لاءِ ڪي اکر مقرر ٿيا. خود اکرن لکڻ جو نمونو به وقت بوقت ڦريو آهي. نموني لاءِٽرمپ صاحب وارو ۽ بمبئي ڇاڇي وارو شاهه جو رسالو ڏسو، جن ۾ اکر اؤر نموني لکيل آهن. مطلب ته جيئن ٻولي ترقي ڪري، نوان نوان روپ وٺي ٿي، تيئن آئيويٽائن به روپ بدلايا آهن. اڳاٽي ديوناگري آئيويٽا ”براهمڻي لپي“ سڏبي هئي، ۽ اها جدا جدا زمانن ۾ روپ بدلائي هاڻوڪي ديوناگري ٿي آهي. هن وقت سنسڪرت ۾ لکيل ڪيترائي جهونا پستڪ آهن، جن ۾ ڪم آيل آئيويٽا هاڻوڪن ديوناگري اکرن کان گهڻو ڦريل آهي.

سنڌ

سنڌ (انگريزي ٻولي: Sindh، اردو: سندھ)، پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي اوڀر طرف واقعي آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراض جي لحاظ کان سنڌ ٽيون نمبر وڏو صوبو، ۽ پنجاب کان پوءِ آبادي جي لحاظ کان ٻيون نمبر وڏو صوبو آهي. اولهه طرف سنڌ جا حدون بلوچستان، اتر طرف پنجاب، اوڀر طرف هندوستان جي راجستان ۽ گجرات سان لڳن ٿيون. سنڌ جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقعي آهي. سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر رڻپٽ واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو. سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جبل واقع آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.

ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بينڪن جو سسٽم موجود آهي، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن. باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي، جيڪي لاتعداد ميوا، ڀاڄيون، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي.

سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفي ازم جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ مهاجر (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا) برمي، ملباري، بنگالي، وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن.سنڌ ۾ يونيسڪو(UNESCO) طرفان ٻه مقام عالمي ورثو قرار ڏئي پنهنجي نگرانيءَ ۾ آندا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مڪلي جون ٽڪريون (ٺٽو) ۽ ٻيو موهن جو دڙو (لاڙڪاڻو) شامل آهن.

سنڌي ٻولي

سنڌي (/ˈsɪndi/सिन्धी, )ھڪ ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي. سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي. انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي. گھڻا سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جي صوبي سنڌ، ڀارت جي رياست گجرات جي علائقي ڪڇ ۽ مھاراشٽر جي علائقي الھاس نگر ۾ رھن ٿا. ڀارت ۾ بچيل ڳالھائيندڙ سنڌي ھندو آھن جن پاڪستان جي آزادي کان بعد 1948ع ۾ ڀارت ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ باقي سنڌي سڄي دنيا جي مختلف علائقن ۾ رھن ٿا. سنڌي ٻولي پاڪستان جي صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب، سان گڏوگڏ ڀارت جي رياستن راجستان، پنجاب ۽ گجرات ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ان سان گڏوگڏ ھانگ ڪانگ، عمان، انڊونيشيا، سنگاپور، گڏيل عرب اماراتون، گڏيل بادشاھت ۽ آمريڪا ۾ لڏي ويل جماعتن پاران بہ ڳالھائي وڃي ٿي.

سورٺ راءِ ڏياچ

سنڌ ۾ راءِ ڏياچ (راءُ دَياس) ۽ سورٺ (Sorathh) جو قصو مشهور آهي. اهو راءِ ڏياچ (Raai Ddhiyaach)، جو سن 1010ع ۾ پنهنجو سونهارو سر ڏيئي، ڪاٺياواڙ (Kaathhyawaarr) جي تاريخ جا ورق پنهنجي رت سان رڱي ويو، سو سنڌ جي چوُڙا سما راجپوتن مان هو. اهڙن لاڳاپن ڪري سنڌي ٻولي ايڏاهين چالو ٿي، جا اڄ تائين ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي ۽ ’ڪڇڪي‘ سنڌيءَ جي هڪ ننڍي شاخ ليکجي ٿي. انهيءَ پاسي ڪڇڪي سنڌي اَڻلکي طرح ڦرندي ڦرندي گجراتي ٻوليءَ (Gujiraati) جي اُپڀاشائن سان وڃي گڏي آهي. انهيءَ مان سمجهجي ٿو، ته گجرات ۽ سنڌ جي ٻوليءَ جي وچ ۾ ڪا ٻي ٻولي به چالو هئي، جنهن انهن ٻنهي کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ٿي. اهي به روايتون مشھور آهن ته راجا راءِ ڏياچ جهوناڳڙھ تي راڄ ڪندو هو، ۽ ٻيجل راء ڏياچ جو ڀاڻيجو هو ۔ ٻيجل لاءِ اڳڪٿي هئي ته هو راجا راءِ ڏياچ جو سر وٺندو، تنهنڪري ان کي صندوق ۾ وجهي درياه ۾ لوڙھيائون، اها صندوق راجا انيراءِ جي پرڳڻي ۾ هڪ چارڻ کي ملي ۽ ٻيجل کي ان پاليو ۔ ٻيجل سڪل آنڊن مان تندن جو سريلو ساز ٺاهيو هيو.

سورٺ ، راجا انيراءِ / راء کنگهار جي ڌيء ھئي، تنهن کي به صندوق ۾ وجهي لوڙھيائون جيڪا راءِ ڏياچ جي پرڳڻي ۾ رتني ڪنڀر کي ملي ۽ تنهن سورٺ کي پاليو، سورٺ جي سونھن جي هاڪ هئي، راجا انيراءِ وساري ويٺو ته سورٺ سندس ڌيءَ آھي، تنهن کي حاصل ڪرڻ لاء رِٿ جوڙيائين. ان ڳالھ تان راءِ ڏياچ کي ڪاوڙ وئي ۽ سورٺ کي پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکيائين.

راء ڏياچ سخي هو، سندس سخاوت جي هاڪ هئي، ان لاء راء کنگهار، ٻيجل کي لالچ ۽ لوڀ ڏئي راءِ ڏياچ جي سر وٺڻ لاء روانو ڪيو ويو۔ سورٺ جي سڀني حيلن هلائڻ جي باوجود ٻيجل نه مڙيو ۽ ٻيجل جي سريلي ساز تي راء ڏياچ سر ڏنو. پوءِ ته راجا انيراءِ به ٻيجل تي ڪاوڙيو، هوڏانهن سورٺ کي باھ ۾ پاڻ کي ساڙيو، پوء ٻيجل به پڇتايو ساڳي باھ ۾ پاڻ اڇلايائين۔

شاعر

شعر ٺاهڻ واري شخص کي شاعر چيو ويندو آهي۔

شاعري ھڪ لطيف فن آھي، جيڪو ڏات ۽ ڏانءُ جي ميلاپ سان سرجي ٿو ۽ اُنھيءَ ۾ فنڪارن جي تخليقي صلاحيت عام شين، عام واقعن، رواجي جذبن ۽ خيالن کي عام مان خاص ۽ ادنيٰ مان اعليٰ بڻائڻ جي سگهه رکي ٿي. شاعري ھڪ اھڙو تجربو آھي، جيڪو ھر ماڻھوءَ جي وس ۾ ڪونه ھوندو آھي، البت اُھو شاعر جي قلم سان لکيل لفظن جي ميڊيم ذريعي ماڻھوءَ جي دل ۽ دماغ، جذبي ۽ خيال کي متاثر ڪري ٿو. شاعري تخيلاتي فن به آھي، جيڪو شاعر جي اعليٰ تخيل (Imagination)جي عڪاسي ڪندو آھي ۽ پڙھندڙ يا ٻڌندڙ جي تخيل ۾ به تحرڪ پيدا ڪندو آھي.شاعر ڇاڇا ڪري سگهن ٿا، پنھنجي تخيلاتي ۽ تخليقي سگهه سان ڪھڙا ڪھڙا ڪم ڪري سگهن ٿا، اُنھيءَ بابت اسان کي مشرق ۽ مغرب جي ڪتابن ۾ لکيل گهڻائي نظريا، طريقا، اصول ۽ قائدا قانون ملندا. ٿلھي ليکي چئي سگهي ٿو ته ھر شاعر جو تخيل (Imagination)پڙھندڙن کي انيڪ اڻ ڏٺل دنيائن جو سير ڪرائي سگهي ٿو؛ ھو پنھنجي ادراڪ ذريعي منجھن دنيا کي سمجھڻ ۽ ڄاڻڻ جي قوت پيدا ڪري سگهي ٿو؛ پنھنجي ٻوليءَ تي دسترس ذريعي لفظن معرفت سھڻا سھڻا عڪس ڏيکاري سگهي ٿو؛ مطلب ته ھو بھترين تخليقڪار (فنڪار)، بھترين تخيل رکندڙ، بھترين مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ، بھترين شعور رکندڙ، ٻوليءَ جو بھترين ڄاڻو يا ماھر، بھترين ڏاھپ رکندڙ، بھترين رھنما ۽ سونھون ٿي سگهي ٿو .... پر تڏھن به ھو ھڪ ڏاھو شاعر ۽ باشعور فنڪار ئي رھندو. اُن کي اُھو ئي رھڻ ڏنو وڃي ته بھتر آھي، پر اسان وٽ رواج ئي ڪجھه ٻيو آھي. اسان وٽ شاھه لطيف سميت اڪثر شاعرن جي شاعريءَ ۾ مٿي بيان ڪيل خوبيون ڏسڻ کان پوءِ عجيب عجيب جذباتي دعوائن ڪيون وڃن ٿيون. اڳي ته شاھه کي رڳو ھڪ پير، بزرگ ۽ ولي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي ھئي، پوءِ اُن جي ضد ۾ کيس نظرياتي شاعر، ڪميونسٽ، سوشلسٽ، قوم پرست ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر ھاڻي وري ھڪ ٻيو رجحان ڏسڻ ۾ ٿو اچي ... ته ھو سنڌي ٻوليءَ تي مڪمل دسترس رکڻ کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي ٻولين جي ڄاڻ ٿو رکي، اِن ڪري ھو ”ماھرِ لسانيات“ آھي ؛ ھن ۾ سائنسي شعور آھي، اِن ڪري ھو ”سائنسدان“ به آھي ؛ ھو ڏاھو آھي ۽ ڏاھپ سندس شاعريءَ ۾ ڀري پيئي آھي، اُن جو مطلب ته ھو ”فلسفي“ جي علم جو به ماھر آھي، وغيره وغيره.ھيءَ ته ڳالھه وڃي اھا ٿي ته شاعر گل جي رنگ ۽ خوشبوءِ جو ذڪر ڪري ته اُن گل جي اصليت معلوم ڪرڻ لاءِ اُن جي پنکڙين کي پٽي، اُن جي اندروني ساخت کي بيان ڪري چئجي ته واھه شاعر ته وڏو باٽنيءَ جو ماھر آھي! فلاڻي گل جون خصوصيتون بيان ڪيون اٿس! جي ھو چنڊ جي حسن ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر ڪري يا اُنھن کي محبوب سان ڀيٽي ته ويھي چنڊ تي تحقيق ڪجي ۽ چئجي ته شاعر ته ماھرِ فلڪيات ٿو ڏسجي!

جيڪڏھن اسين واپس چيني شاعر لوچي جي وصف تي اچون ته ھو اسان کي ٻڌائي ٿو ته شاعر پاڻ ڪو وجود ڪونه ٿو تخليق ڪري، پر ھن جو ڪم عدم سان جھيڙڻ آھي ته جيئن اھو وجود کي پيدا ڪري. شاعر جو اھو به ڪم ڪونھي ته انتظار ڪري جيسين نڙيءَ مان رڙ نڪري، بلڪ سندس ڪم آھي دنيا کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ. خاموشيءَ يا ماٺ کي جواب ڏيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، ائين سندس نظم ۾ موسيقي پاڻ مرادو ماٺ مان اڀري ٿي، ڀلي خود شاعر ڪو موسيقيءَ جو ماھر نه به ھجي_ جڏھن ائين ٿئي ٿو تڏھن دل جي ھڪ ننڍڙي حصي مان جذبن جو سيلاب اُٿل کائي ٿو، تڏھن ئي شاعر چورس فٽ جي ڪاڳر تي لامحدود خيال، جذبا ۽ ڪيفيتون آڻي سگهي ٿو _ اُنھيءَ سموري عمل ۾ سندس ڪوشش يا جدوجھد (Struggle, Force and knock ) کيس دنيا جي اسرارن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ڪري ٿي جيڪا ھو ٻين کي ڏيکارڻ چاھي ٿو، اِن ڪري اُن جو اظھار ڪري ٿو _ اُن کي ئي شاعر جو شعور چئي سگهجي ٿو.

عربي ٻولي

عربي ٻولي (اُچار: اَربِي ٻولِي، اردو: عربی، انگريزي: Arabic، عربي: العربية) دنيا جي مشھور ترين ٻولين مان ھڪ ٻولي آھي.

عربي ٻوليءَ جون ٽي مشهور رسم الخط آهن. خط نسخ، خط ڪوفي ۽ خط رقعي. عربي ٻولي ٽنهي رسم الخط ۾ لکجي ٿي، پر عرب گهڻو ڪري لکڻ لاءِ خط رقعي استعمال ڪن ٿا.

عربن پنهنجي آئيويٽا آرم ملڪ سيميٽڪ قوم وارن کان ورتي، ته اڄ به ڏسو ته عربيءَ ۾ سڀ حرف صحيح آهن ۽ حرف علت آهي ئي ڪونه. عربن کي جيڪي حرف صحيح اَرم ملڪ وارن وٽان مليا، تن مان ڪن جا منهن بند هئا، جي عربن کوليا. عربيءَ ۾ ڪي اُچار آهن، جي اَرم مان مليل آئيويٽا ۾ ڪين هئا، ته پنهنجي گهرج آهر ان ۾ اکر گڏيائون. مثلاً ب ۽ ت؛ ج، ح ۽ خ ساڳيءَ صورت وارا لفظ آهن، ته انهن ۾ نقطا هيٺ مٿي گڏي، پنهنجي آئيويٽا جا اکر وڌائي اٺاويهه ڪيائون. سنه 634-635ع ڌاري عربن ايران فتح ڪيو، ته اتي عربي ٻولي ۽ عربي آئيويٽا چالو ٿي. ايراني ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا اُچار آهن، جي عربيءَ ۾ ڪينهن، ته ايرانين عربي آئيويٽا ۾ پنهنجا ٻيا چار اکر ٺاهي وڌا، جنهن ڪري هينئر پارسي آئيويٽا ۾ بٽيهه اکر آهن. ڪابه ٻولي حرف علت يا اعرابن کان سواءِ هلي ڪين سگهندي. سيميٽڪ قومن کي پڻي يا فنيشن لوڪن جي آئيويٽا مان اعرابون يا حرف علت نه مليا، ته هنن پنهنجو هوش هلائي، پنهنجي لاءِ هڪ سولي سهنجي واٽ گهڙي. مثلاً عربيءَ ۽ پارسيءَ ۾ ”ا، و ۽ ي“ اهي ٽي اکر جيتوڻيڪ حرف صحيح آهن، ته به پنهنجا اُچار اٿن، تنهن ڪري اهي ساڳيا اکر حرف علت ڪري به ڪم آڻڻ لڳا. ”الف“ مان ”اَ“، ”و“ مان ”اُ“ ۽ ”ي“ مان ”اِ“. اهي ٽي اعرابون ٺاهيائون. اهي ٽيئي ننڍي اُچار واريون اعرابون آهن، پر ٻوليءَ ۾ ڊگها اُچار به کپن. انهيءَ اوڻائيءَ جي پورائي ڪرڻ لاءِ عرب لوڪ اهي ساڳيا ٽي ننڍا اچار ٻٽا ڪري ڪم آڻڻ لڳا. مثلاً عربيءَ ۾ لکن ”اادم“، جنهن جو اُچار آهي ”آدم“. ائين اَ + اَ = آ، اِ + اِ = اِي ۽ اُ + اُ = اُو

عمر بن محمد دائود پوٽو

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو (پيدائش: 25 مارچ، 1896ع - وفات: 22 نومبر، 1958ع) پاڪستان سان تعلق رکڻ وارو ممتاز ماھرِ تعليم، ماھرِ سنڌيات، ماھرِ لسانيات ۽ محقق ھيو جن کي برطانوي حڪومت ھندستان شمس العلماء جي خطاب سان نوازيو.

غلام علي الانا

ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌ جو مشهور اديب، دانشور ۽ ماهر لسانيات آهي. هن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ گذاري آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ سالن جا سال سربراهه ۽ پروفيسر ٿي رهيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي اڏڻ ۽ اوج تي رسائڻ جو سهرو الانا صاحب جي سر تي آهي. الانا صاحب ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون آهن هڪ ناول به تحرير ڪيو اٿس. سندس دلچسپيءَ جا موضوع، ادب جي تاريخ، ٿقافت، لسانيات، آرڪائيوز ۽ ڪلچر انٿراپالاجي وغيره آهن.

نبي بخش خان بلوچ

سنڌ جو نامور عالم، اديب، لسانيات، لوڪ ادب ۽ لطيفيات جو پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 16 ڊسمبر 1917ع ۾، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، ڪلاسيڪي شاعريءَ، موسيقيءَ ۽ لطيفات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو املهه خزانو متعدد ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو اٿس. ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سرائيڪي زبانن تي عبور حاصل هو.

وسرڳي اکر

سنڌي الف-ب ۾ ويھ اکر اهڙا آهن، جن کي وسرڳي اکرَ (Aspirates) چيو وڃي ٿو. اهي ٻن اکرن جو مرڪب بڻجي نئون اکر يا آواز ٺاهيندا آهن. جيڪي يا ته ”ھ“ ملائڻ سان ٺهندا آهن يا وري ٽٻڪن جي واڌاري آڻڻ سان ٺهندا آهن. سنڌي الف-ب جي ترتيب ۾ وڌ ۾ وڌ تنقيد وسرڳ اکرن تي آهي، ڇو جو سنڌي الف بي ۾ اهي ڪنهن قاعدي تحت نه بلڪي بنا ڪنهن قاعدي تحت جوڙيا ويا آهن. ڪي ته مورڳو شامل ئي نه ڪيا ويا آهن. اهي وسرڳي اکر هي آهن. ڀ ٿ، ٺ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ڦ، ک ۽ گهه هنن حرفن ۾ ڪن کي ”هه“ جوڙي ٺاهيو ويو آهي، ڪن کي چار ٽي يا ٻه نقطا ڏئي جوڙيو ويو آهي. جيڪي الف ۾ شامل نه آهن سي وسرڳ ڙھ، مھ، لھ،نھ، ڻھ،وھ، ڏھ،رنھ،ڳھ ۽ رھ آهن.

ٻولي

زمرو:dmy تاريخون استعمال

Dmy تاريخون استعمال

ٻوليء هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو مواصلات جي منجھيل نظام جي ترقي، حصول، بحالي ۽ استعمال، خاص طور تي ايئن ڪرڻ جي انساني قابليت يا صلاحيت تي مشتمل آهي؛ ٻولي اهڙي ريت هڪ سرشتي جو ڪوئي مخصوص مثال آهي.

ٻوليء جي سائنسي اڀياس کي لسانيات(linguistics) سڏيو ويندو آهي.لفظن جو مجموعو ۽ انهن کي ملائڻ جو طريقو (يعني گرامر) جيڪو ڪوئي گروه سمجهي ۽ انکي رابطي طور استعمال ڪري ته انکي ٻولي چيو ويندو آهي.

ٻوليءَ کي هنديءَ ۾ ڀاشا چيو ويندوآهي. هندستان جا سنڌي اديب اڪثر ٻوليءَ جي جاءِ تي عام طور ”ڀاشا“ جو لفظ ڪتب آڻيندا آهن. ڇاڪاڻ جو اهو لفظ ’مڪمل زبان‘ وارو مفهوم رکي ٿو. جڏهن ته ڪن ماهرن جي راءِ ۾ ٻولي صرف ڳالهايل زبان لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجي. ڀاشا معنى ٻولي Language ۽ اپڀاشا معنى ٻوليءَ جو ننڍو دفعو (Dialect). البت سنڌيءَ ۾ لفظ ’ٻولي‘ مڪمل زبان واري معنيٰ رکي ٿو. ٻولي اوچتو پئدا نه ٿي آهي ۽ نه ديوتائن وٽان مليل سوکڙي آهي. پر اظهار جو هي وسيلو صدين جي ڪوششن کان پوءِ حاصل ٿيو آهي. ان جي شروعات مرد جي پنهنجي ماديءَ کي سڏڻ وارن آوازن سان ٿي ۽ انهن آوازن ارتقا جون منزلون لنگهي، شاعريءَ جي شڪل اختيار ڪئي. لفظن يا شَيِن جي نالن کان سواءِ جن سان ذهن ۾ خاص تصور ٿا اچن، شين جا اجتماعي تصور قائم ٿي نه سگهن ها. ۽ عقل ڪڏهن به وحشي پڻي جي منزل کان اڳتي وڌي نه سگهي ها. لفظن کان سواءِ فلسفو، شاعري، تاريخ ۽ نثر سڀ ناممڪن هئا. لفظن کان سواءِ ڪڏهن به آئن اسٽائن ۽ اناطول فرانس جي ذهنن جون باريڪيون حاصل ٿي نه سگهن ها. لفظن کان سواءِ نه مرد مرد هجي ها ۽ نه عورت عورت.ٻولين متعلق هڪ جائزي جي مطابق هن وقت دنيا ۾ تقريبن 6809 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.پر انهن جو انگ تيزي سان گهٽجي رهيو آهي ڇو ته نوي فيصد ٻولين جو تعلق هڪ لک کان گهٽ ڳالهائيندڙن سان آهي. 537 ٻوليون اهڙيون به آهن جنهنجا ڳالهائيندڙ 50 کان به گهٽ آهن، افسوسناڪ حالت انهن 46 ٻولين جي آهي جيڪي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ختم ٿيڻ واريون آهن، ڇو ته انهنجا ڳالهائيندڙ هڪ يا ٻه انسان بچا آهن.

چين ۾ ڳالهائي ويندڙ مينڊرين ٻولي آبادي جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي سمجهي ويندي آهي جڏهن ته انگريزي ٻولي ٻي نمبر تي آهي. ’اردو - هندي‘ کي اگر هڪ ٻولي تصور ڪيو وڃي ته آبادي جي لحاظ کان ٽيون نمبر هن جو ئي آهي ۽ جيڪڏهم هندي کي الڳ ٻولي جي طور تي ڏٺو وڃي ته پوء هن جو ڇهون نمبر آهي.پنجين نمبر تي بنگالي ۽ اردو ٻاويهين نمبر تي هلي وڃي ٿي. انکان علاوه عربي ۽ هسپانوي ٻوليون به وڏين ٻولين ۾ شامل آهن.

انگريزي جو معاملو سڀ کان جدا آهي.حالانڪه دنيا ۾ صرف 32 ڪروڙ ماڻهن جي مادري ٻولي انگريزي آهي جن جي اڪثريت آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيه، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ آباد آهي، انکان علاوه سڄي دنيا ۾ 35 ڪروڙ ٻيا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي انگريزي کي ٻي ٻولي (second language)جي طور تي استعمال ڪندا آهن يعني پنهنجي مادري ٻولي سان گڏوگڏ اهي انگريزي کي به رواني سان ڳالهائي ويندا آهن۔

انهن کان علاوه ڏهن کان پنرهن ڪروڙن تائين اهڙا ماڻهو به آهن جن ضرورت جي ڪري انگررزي سکي آهي.اهڙن ماڻهن جو انگ تيزي سان وڌي پيو جن جي هي نه ته مادري ٻولي آهي نه ئي ٻي، البته تعليم ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاء انگريزي سکي آهي. ريڊيو، ٽي وي، فلم ۽ خاص طور تي انٽرنيٽ جو استعمال وڌڻ سان گڏ انگريزي زبان انجو استعمال ۽ افاديت وڌندي پئي وڃي.

پاڪستان

اسلامي جمھوريہ پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي، جيڪو 300 00' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو.23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان کي اسلامي جمھوريہ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو.

ڪڇ

”ڪڇ“ (Kachhu) لفظ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”ڪڇ“ معنيٰ ڪنڌي يا ڪنار, ڪڇ پرڳڻو اُپٻيٽ آهي: ٽن پاسن کان سمنڊ جون ڇوليون ڇلڪا ڏيئي ان جو پٽ پييون پسائين. تنهنڪري اهو ”ڪڇ“ يعني سمنڊ جو ڪناري وارو ملڪ سڏجي ٿو. اتي جيڪا سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، سا ”ڪڇڪي“ سڏجي ٿي.

عيسوي ستين صديءَ ۾ ڪڇ ملڪ سنڌ جي صاحبي هيٺ هو ۽ پوءِ به ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌ جي سمن راجپوتن پنهنجو دڳو ڄمايو هو، سنڌي ماڻهن جي حڪومت اوڏهين ٿي، ته سنڌي ٻوليءَ جي پکيڙ به انهن پاسن ڏي ٿيو. جنهنڪري اڄ سنڌي نه رڳو ڪڇ جا جاڙيجا، لهاڻا ۽ ڀاٽيا ڳالهائين ٿا، پر ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي ۾ به سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.