شاھي خاندان

شاھي خاندان يا شاھي گھراڻو يا حاڪم گھراڻو يا حاڪم خاندان يا طاقتور خاندان(انگريزي: Dynasty)UK /ˈdɪnəsti/US /ˈdnəsti/ حاڪمن جو سلسلو جڏهن ساڳي خاندان مان ھجي تہ ان کي شاھي يا حاڪم خاندان چئبو آهي[1] اھو بادشاھت ۽ جاگيرداراڻي نظام ۾ ٿيندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن جمھوريت واري نظام ۾ بہ حاڪم بار بار ھڪ خاندان مان چونڊجڻ جي ڪري ان خاندان کي حاڪم خاندان(انگريزي: dynasty) چئبو آهي.[2]

Charles I and James II
شاھي خاندان:چارلس پھريون انگلينڊ جو بادشاھ پنھنجي پٽ جيمز ٻيون سان گڏ جيڪو پڻ مستقبل ۾ بادشاھ ٿيو.

حوالا

  1. Oxford English Dictionary, 1st ed. "dynasty, n." Oxford University Press (Oxford), 1897.
  2. Oxford English Dictionary, 3rd ed. "house, n.¹ and int, 10. b." Oxford University Press (Oxford), 2011.
تاراٻائي

تاراٻائي (انگريزي: Tara Bai)

سنڌ جي بادشاھ دودو سومرو پھريون جي نياڻي ھئي . دودي سومري جي وفات وقت ان جو پٽ سنگھار صغير ھيو ان ڪري تخت جي ذميداري اميرن ان جي وڏي ٿيڻ تائين شھزادي تاراٻائي کي سونپي ۽ سڀ رعيت به سندس تابعدار ۽ فرمانبردار رهي.

سن ۴۹۱ ھ ۾ تخت تان ڀاء جي حق ۾ دستبردار ٿي.

خفيف سومرو

خفيف سومرو(انگريزي: Khafeef Soomro) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو ھڪ حاڪم. سنگھار سومرو کي اولاد ڪانہ ھئي تنھنڪري انجي وفات کانپوءِ ڪجھ تاريخي ڪتابن مطابق سندس زال راڻي ھمو ٻائي تخت تي ويٺي

پر ڪجھ تاريخي ڪتابن مطابق راڻي ھمو ٻائي جو ڀاءُ خفيف سومرو تخت تي ويٺو.

جڏهن سنگهار فوت ٿيو ته ان کي ڪو پٽ ڪو نه هو، ۽ ان جي زال جو ڀاءُ، خفيف جي نالي سان حڪومت جي تخت تي ويٺو. ڇٽيهه سال ملڪ هلائي سنه 536هه ۾ گذاري ويو.

خفيف سومرو ٻيون

خفيف سومرو ٻيون(انگريزي: Khafeef Soomro Second) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو حاڪم جيڪو محمد طور سومرو جي خاندان مان هو ۽ پنھجي پيء ڀونگر سومرو ٽيون جي وفات کان پوء سندس گاديءَ تي ويٺو.تاريخ سومرا سنڌ مطابق:سندس والد فوت ٿيو ته حڪومت جو ڇٽ مٿي تي رکيائين، ارڙهن سال حڪومت هلائي، هميشه واري جهان ڏي روانو ٿي ويو.

خلجي خاندان

خلجي شاھي خاندان(انگريزي: Khilji Dynasty )خلجي ترڪن جو قبيلو هو، جن کي غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ فوجي عهدا مليل هئا. هن گهراڻي جي بادشاهن 687 هه 1288ع کان 720 هه 1320ع تائين دهليءَ تي بادشاهي ڪئي. سنڌ به سندن ماتحت هئي. هن خاندان جو باني جلال الدين فيروز شاه خلجي هو، جو غلام سلطان معز الدين ڪيقباد جي ڏينهن ۾ وڏو وزير ۽ سپه سالار هو، ڪيقباد جي مرڻ کان پوءِ ستر سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺو ۽ 696 هه 1297ع ۾ پنهنجي ڀائٽي علاوء الدين جي همراهن هٿان مارجي ويو. 716 هه 1316ع ۾ علاوء الدين جي مئي کان پوءِ پٽس قطب الدين مبارڪ شاهه دهليءَ جي تخت تي ويٺو جو آرام طلب ۽ عياش جيئڙو هو. سندس نومسلم سپه سالار خسرو خان 720 هه 1320ع ۾ هن کي قتل ڪري تخت هٿ ڪيو ۽ خلجين جي پڄاڻي ٿيref>..

خيرو بن محمد

خيرو بن محمد طور(انگريزي: Khairo bin Muhammad Tur) سنڌ جو سومرا گھراڻي جو ھڪ حاڪم ھيو. جيڪو محمد طور سومرو جو پٽ ھيو . تاريخ سومرا سنڌ مطابق: خيري جي وفات کانپوءِ، حڪومت جي تخت تي ويٺو، پنڌرهن سال حڪومت جو ڪاروبار هلائي گذاري ويو.

خيرو سومرو

خيرو سومرو(انگريزي: Khairo Soomro) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو ھڪ حاڪم ھيو.جي وفات کانپوءِ خيرونالي سان حڪومت جا معاملا ملڪ ۽ مال سنڀالڻ لڳو، هو وڻندڙ اخلاق سان سينگاريل هو. سورنهن سال حڪومت ڪرڻ بعد، سندس حياتيءَ جو سج مماتيءَ جي افق ۾ غروب ٿي ويو.

دودو سومرو ٻيون

دودو سومرو ٻيون(انگريزي: Dodo Soomro Second) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو ھڪ بادشاھ ھيو. عمر جي وفات کانپوءِ دودو ثاني جو دودي اول جي چاچي جي اولاد مان هو، موروثي تخت تي ويهي حڪومت ڪرڻ لڳو. جڏهن چوڏهن سال حڪومت ڪري چڪو، ته سن 590هه ۾ بقا وري جهان ڏي روانو ٿي ويو

دودو سومرو ٽيون

دودو سومرو ٽيون(انگريزي: Dodo Soomro third) سنڌ ۾ سومرا گھراڻي جو حاڪم جيڪو پنھنجي پيءُ خيرو بن محمد طور جي وفات کان پوءِ تخت تي ويٺو.تاريخ سومرا سنڌ مطابق: : والد جي وفات کانپوءِ حڪومت جي تخت تي ويٺو، چوڏهن سال حڪم هلائي، بقاءِ واري جهان ڏي راهي ٿيو.

دودو سومرو چوٿون

دودو سومرو چوٿون(انگريزي: Dodo Soomro fourth) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو ھڪ حاڪم ھيو جيڪو محمد طور سومرو جي خاندان مان هو ء پنھجي ڀاء خفيف سومرو ٻيون جي وفات کان پوءِ سندس تخت تي ويٺو.تاريخ سومرا سنڌ جي مطابق:ڀاءُ جي وفات کانپوءِ حڪومت جي تخت تي ويٺو، سندس حڪومت جو عرصو پنجويهه سال آهي. آخرڪار سندس حياتيءَ جو سج مماتيءَ جي افق ۾ غروب ٿي ويو.

طائي سومرو

طائي سومرو(انگريزي: Taiee Soomro) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو ھڪ حاڪم جيڪو محمد طور سومرو جي خاندان مان هو ۽ پنھنجي پيءُ دودو سومرو ٽيون جي وفات بعد تخت تي ويٺو. تاريخ سومرا سنڌ جي مطابق:: والد جي وفات کانپوءِ حڪومت جي تخت تي ويٺو، چوڏهن سال حڪم هلائي، بقاءِ واري جهان ڏي راهي ٿيو.

عمر سومرو ٻيون

عمر سومرو ٻيون(انگريزي: Umer Soomro second) سند جي سومرا گھراڻي جي دؤر جو ھڪ حاڪم جيڪو محمد طور سومرو جي خاندان مان هو ء پنھنجي پيء دودو سومرو چوٿون جي وفات کان پوءِ ڏکڻ سنڌ جو بادشاھ ٿيو.تاريخ سومرا سنڌ جي مطابق: دودي جي وفات کانپوءِ، سردار ۽ سلطنت جي سرواڻي سنڀاليائين، عدل ۽ انصاف ۾ ڪوشش ورتائين، حڪومت جو ڪاروبار پنجٽيهه سال آزادي ۽ خودمختياريءَ سان هلايائين. سندس دور ۾ سنڌ جي سلطنت نهايت آباد ۽ خوشحال رهي. آخر هميشه واري جهان ڏي موڪلائي ويو.

عمر سومرو پھريون

عمر سومرو پھريون(انگريزي: Umer Soomro first) سنڌ جي سومرا گھراڻي جي ھڪ بادشاھ ھيو.ڀاءُ کان پوءِ حڪومت جي تخت تي ويٺو. چاليهه سال حڪومت جو ڪم هلائي سن 576هه ۾ وفات ڪري ويو.

محمد طور سومرو

محمد طور سومرو(انگريزي: Muhammad Tur Soomro) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو ھڪ حاڪم ھيو . تاريخ سومرا سنڌ مطابق:خيري جي وفات کانپوءِ، حڪومت جي تخت تي ويٺو، پنڌرهن سال حڪومت جو ڪاروبار هلائي گذاري ويو.

ڀونگر سومرو ٻيون

ڀونگر ٻيون(انگريزي: Bhoongar second) سنڌ جو سومرا گھراڻي جو ھڪ حاڪم ھيو.ڀونگر ثاني دودي اول جي اولاد مان هو. تنهن وٽ گهڻي خلق گڏ ٿي هئي. تنهن ڪوشش ڪري حڪومت لاءِ کڙي ٿيل دعويدار جماعت جي پاڙ پٽي ۽ پاڻ حڪومت جي تخت تي ويٺو. ٽيٽيهه سال آزادي ۽ خودمختياريءَ سان حڪومت هلائي، سن 623 هه ۾ حياتيءَ جا ڏينهن پوري ڪري ويو

ڀونگر سومرو ٽيون

ڀونگر سومرو ٽيون(انگريزي: Bhoongar Soomro third) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو حاڪم هو جيڪو محمد طور سومرو جي خاندان مان هو ۽ پنھنجي پيءُ چنيسر سومرو جي وفات تي سندس گاديءَ تي ويٺو. تاريخ سومرا سنڌ جي مطابق:ڀونگر بن چنيسر: پنهنجي والد چنيسر جي وفات بعد، حڪومت توڙي بادشاهي سنڀاليائين ۽ پندرهن سال حڪمران رهي، هميشه واري جهان ڏي هليو ويو.

ڀونگر سومرو چوٿون

ڀونگر سومرو چوٿون(انگريزي: Bhoongar Soomro fourth) سنڌ جي سومرا گھراڻي جو ھڪ حاڪم ھيو جيڪو محمد طور سومرو جي خاندان مان هو ۽ عمر سومرو ٻيون جي وفات کان پوءِ سنڌ جو حاڪم ٿيو. تاريخ سومرا سنڌ جي مطابق: عمر سومري جي وفات بعد سنڌ جي حڪومت جي تخت (تي) ويٺو. ڏهن سالن تائين بادشاهي برقرار رهيس. سن 671هه ۾ بقا واري جهان ڏي روانو ٿي ويو.

ڄام صلاح الدين

ڄام صلاح الدين پنهنجي پيءُ ڄام تماچيءَ کان پوءِ‏ سنڌ جو تاجدار بنيو.

ڄام ڪرن

ڄام ڪرن انگريزي (Jam Kiran) سنڌ ۾ سمن جو راڄ دوران ڄام علي شير جي قتل بعد، ڄام ڪرن ڀائرن جي اتفاق سان سنڌ جو حڪمران بنيو.

چنيسر سومرو

چنيسر سومرو(انگريزي: Chanesar Soomro) سنڌ جو سومرا گھراڻي جي حاڪم جو نالو آھي جيڪو محمد طور سومرو جي خاندان مان هو ء پنھجي پيء طائي سومرو جي وفات کان پوءِ تخت تي ويٺو.تاريخ سومرا سنڌ جي مطابق:سندس پيءُ مري ويو ته پاڻ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو ارڙهن سال حڪومت ڪيائين. چنيسر ۽ سندس زال ليلا جو احوال امير ابول ولد شاهه قاسم ارغون نظم ۾ آندو آهي. هيءُ هڪ بيت هار جي باري ۾ آهي، جيڪو هار ليلا ڪونروءَ کان وٺي ان جي عيوض کيس چنيسر هڪ رات لاءِ ڏنائين.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.