سنڌو درياھ


سنڌو درياءَ جي قدامت حضرت انسان جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽي آهي. سنڌو درياءَ کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ”اباسين“، ”سپت سنڌو“، ”مهراڻ“ ، ”انڊس“ وغيره سنڌو درياءَ جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ جو ذڪر قديم ھندو ويدن ۽ پستڪن ۾ ملي ٿو. دنيا جي انهن قديم ويدن کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي تخليق ڪيو. رگ ويد توڙي ٻين ويدن ۾ سنڌوءَ جي ساراهه ۾ ڀڄڻ چيل آهن. تاريخن ۾ اچي ٿو ته سنڌ توڙي هند تي اهي نالا سنڌو درياءَ جي ڪري پيا. سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.

اهو علائقو جنهن کي يوناني سنڌوءَ مان ”پراچين“، هندو ”سنڌو ديس“، عرب جاگرافيدان مهراڻ ۽ سنڌ جا رهواسي پڻ ”سنڌوديس“ جي نالي سان سڏيندا آيا آهن. قديم دور ۾ سنڌ جون حدون ”اتر ڏي بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ ڏانهن عربي سمنڊ، اڀرندي طرف وارياسو رڻ پٽ ۽ الهندي ڏي جبلن جي هڪ قطار هيون.“ سنڌوندي کي ”مٺو سمنڊ“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. سنڌوءَ جو عام وهڪرو اتر کان ڏکڻ طرف آهي. سنڌوندي ”بکر (سکر) ۽ روهڙيءَ جي شهرن وچان پهاڙن کي چيريندي آهستي آهستي ڏکڻ اولهه طرف وهي ٿي.“ سکر بيراج ٻڌجڻ کان پوءِ سنڌوءَ مان ڪيترائي واهه ڪڍيا ويا جيڪي سنڌ جي مختلف حصن کي سرسبز ۽ آباد ڪن ٿا. سيوهڻ وٽ جبلن جي روڪ سنڌوءَ کي سڌو اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي جنهن ڪري ان جو رخ حيدرآباد تائين ڏکڻ ـ اوڀر طرف ڦيرائي ٿي. سنڌوندي جو آخري ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو جتي دنيا جي هڪ خوبصورت ڊيلٽا جڙي ٿي.

سنڌو درياءَ جي اترئين علائقن ۾ جڏهن برسات پوي ٿي يا جڏهن هماليا جي برف تيز گرمي سبب پگهرجي ٿي تڏهن مارچ ڌاري ان ۾ چاڙهه شروع ٿئي ٿو جيڪو آگسٽ ۾ پنهنجي جوانيءَ کي پهچي ٿو ۽ نيٺ آڪٽوبر ڌاري لهڻ شروع ٿئي ٿو. سنڌوءَ جا قديم بندرگاهه الور، بلري، منصوره، منجابري، نيرون ۽ رابيل وغيره هئا. سنڌوءَ جي ڊيلٽا مڇين جي نرسري سڏجي ٿي جتي تمر جا ٻيلا آهن جيڪي مڇين جي واڌويجهه لاءِ خوراڪ جو ڪم ڏين ٿا اهڙي طرح اهي ٻيلا سامونڊي کاڌ کان بچاءُ جو پڻ اهم ذريعو آهن.

سنڌو ندي، 1800 ميل ڊگهي آهي، سا هماليه جبل جي سنگي ڪباب جي برفاني ڌارا مان نڪري ٿي، سنگي ڪباب ٿٻيٽ ۾ آهي. سنگي ڪباب مانسرور ڍنڍ کان 30 ميل پري آهي. سنڌو ندي والاريل ڪشمير مان ٿيندي آزاد ڪشمير، خيبر پختون خواهه، پنجاب لتاڙيندي، اتان جي چئن ندين جون پاڻي پاڻ منجهه سمائيندي، سنڌ ۾ ڪشمور وٽان داخل ٿئي ٿي. پوءِ هاڻوڪي سنڌ کي سرسبز ۽ آباد ڪندي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌو سڀيتا جي مٿي ڄاڻايل تهذيبي دؤر ۾ موجوده سنڌ ۾ سنڌو ندي ٻن حصن ۾ وهندي هئي. ان جي اولهه واري شاخ ليمون جوڻيجي کان اولهه طرف وهندي لوهم جو دڙي، لوهري، آمري جي ڀرسان لنگهندي، حيدرآباد وٽان ٿيندي وڃي سمنڊ ۾ پوندي هئي. هاڪڙو کي سنڌوندي مان پاڻي ٻن هنڌن تان ملندو هو. هڪ ڪشمور واري شاخ ۽ ٻيو سکر واري شاخ مان. [1] [2]

سنڌوجو قديم دور وارو عروج مختلف بئراجن ۽ ڊيمن اڏجڻ سبب گهٽجي ويو آهي. جنهنڪري سنڌوءَ جي ٻنهي طرفن کان موجود ٻيلا پڻ پنهنجو جوڀن وڃائي ويٺا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ ڊيلٽائي علائقن جي سونهن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. اتان جي انساني آبادي پڻ بحران جي وَر چڙهي پڪي جي علائقن ڏانهن تيزيءَ سان لڏپلاڻ ڪري رهي آهي. سامونڊي ويرن جي چاڙهه سبب تقريبن سموري ڊيلٽائي علائقي ۾ کارو پاڻي ڪاهجي پيو آهي.

سنڌو درياءَ
Indus.A2002274.0610.1km
سنڌوندي جي پاڪستان ۽ انڊيا جي طاس (ميداني علائقي) جو سيٽلائيٽ وارو نقشو
(بين الاقوامي سرحد نقشي مٿان ليڪيل)
Indus River basin map
سنڌوندي جي ميداني علائقي جو نقشو جنھن ۾ رڻ ڪڇ واريون شاخون ڏيکاريل ناھن
ٻيو  نالو مھراڻ
انڊس
ملڪ چين، انڊيا، پاڪستان
رياست جمون ۽ ڪشمير , پنجاب , خيبرپختونخوا , سنڌ, گلگت بلتستان, تبت
شھر ليھ , اسڪردو, بيشم , ٿاڪوٽ , صوابي , ديرہ اسماعيل خان , سکر , حيدرآباد
طبعي خصوصیتون
بنیادي ماخذ سينگجئنگبو
تبت وارو مٿاھون پٽ
ٻيو ماخذ گار سينگپو
دریاء جو منھن عربي سمنڊ (شروعاتي), ڪڇ جو رڻ (پويون)
سنڌوندي جي ڊيلٽا (شروعاتي), ڪوري ڪريڪ (پويون)، پاڪستان، انڊيا
0 m (0 ft) units?
23°59′40″N 67°25′51″E / 23.99444°N 67.43083°Eمڪانيت: 23°59′40″N 67°25′51″E / 23.99444°N 67.43083°E
ڊيگھ 2٬880 km (1٬790 mi) units?
پاڻي جو نيڪال
  • مقام:
    عربي سمنڊ
  • گھٽ ۾ گھٽ شرح:
    1٬200 m3/s (42٬000 cu ft/s) units?
  • سراسري شرح:
    6٬600 m3/s (230٬000 cu ft/s) units?
  • وڌ ۾ وڌ شرح:
    58٬000 m3/s (2٬000٬000 cu ft/s) units?
طاس جا تفصيل
طاس جي ماپ 1٬165٬000 km2 (450٬000 sq mi) units?
ڇوڙ ڪندڙ شاخون
  • کاٻو پاسو:
    زنسڪار ندي , سرو ندي , سوئان درہاء , جھلم درياء , چناب درياء , راوي درياء , بياس ندي, ستلج درياء , پنجند ندي , گھگر - ھاڪڙو ندي , لوڻي ندي
  • ساڄو پاسو:
    شيوڪ ندي , ھنزہ ندي , گلگت ندي , سوات ندي , ڪونر ندي , ڪابل درياء , ڪرم ندي , گومل ندي , زوب ندي

سنڌو لفظ جو مطلب

سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ جو مطلب آهي سمنڊ يا وڏو درياءُ. آڳاٽي دور ۾ ڪابل ندي، گومتي وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون. سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻي وڏي رهي آهي. جنهنڪري آڳاٽن لوڪن نالو اهو نالو رکيس.
لفظ ”سنڌو“ جو ڌاتو يا بنياد سنسڪرت لفظ ”سيند“ آهي جنهن جو مطلب آهي وهڻ. جڏهن ته ٻي راءِ موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو آهي ”سڌ“ جنهن جو مطلب آهي رکي وٺڻ يا بچاءُ ڪرڻ. انهن ٻنهي مان پهريون مفهوم عالمن جي نظر ۾ وڌيڪ درست لڳي ٿو.
ايرانين جو اچار لفظ سنڌو لاءِ ڦري ٿيو ”هندو“ مطلب ته ”س“ کي ڦيرائي ”هه“ ڪيو ويو. قديم ايراني سنڌو ماٿري (سنڌ ۽ پنجاب) کان گهڻو پري ڪونه ويا. هنن اڪثر علائقن ۾ آرين کي رهندي ڏٺو تنهنڪري چيو ويو هندو ـ آسٿان جيڪو اڳتي هلي ٿيو ”هندستان“. اهڙي طرح قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان بابت ڄاڻ پئي. سڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا تن سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ ماڻهن کي اُچار ڦيرائي سڏيو ”انڊو“ ۽ سنڌوندي کي سڏيائون ”انڊوس“ اهڙِي طرح سڄي ملڪ کي سڏيائون انڊيڪا. اڳتي هلي لئٽن ٻوليءَ ۾ اهي اُچار ڦري ٿيا ”انڊس“ ۽ ”انڊيا“.
سنڌو (هندو) لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌونديءَ جي ڪناري رهندڙ“، ڪن تاريخدانن ان جي مطلب کي ڦيرائي ”ڪارو“ يا ”چور“ ظاهر ڪيو آهي. هندستان لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌوندي وارو ملڪ“. اڳتي هلي جڏهن مسلمانن حڪومتون قائم ٿيون ته هندستان جو مطلب ڦري ٿيو ”برهمڻي ڌرم کي مڃيندڙ“. اهڙي طرح لفظن جا اصلوڪا مطلب متروڪ يا گم ٿيندا ويا ۽ نوان مفهوم رائج ٿيندا ويا. آڳاٽن عربن کي ”هند“ جي ڄاڻ قديم ايرانين وٽان پئي. [3] [4]سنسڪرت زبان ۾ سنڌو لفظ جي معنيَ آهي سمنڊ، ان جو ڌاتو يا بنياد معنيٰ آهي ”سيند“ معنيٰ وهڻ. جنهن ڪري سنڌو نديءَ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جا سدائين پيئي وهي.“ هن کي اڳي مهراڻ ڪري سڏيندا هئا. اهو وري سٿين يا تاتارين جو نالو ڏنل آهي. سنسڪرت ۾ ”مهارڻو“ لفظ برابر آهي. مها معنيٰ وڏو. ارڻو معنيٰ جل يا سمنڊ يعني وڏو سمنڊ. سمنڊ جو پاڻي کارو ٿيندو آهي، پر هن نديءَ جو پاڻي مٺو هو. جنهن ڪري کيس مهراڻ چوندا هئا[5]

سنڌو جي وهڪري جي تبديلي

سنڌو، حيدرآباد جي اوسي پاسي گذريل صديءَ جي پوئين اڌ ۾ رسي آهي. سڪندر جي حملي کان هزار سال پوءِ، جڏهن عربن سنڌ کي فتح ڪيو، ته سنڌو ان وقت گهڻو اوڀر طرف ڇوڙ واري علائقي جي مٿيئن راڄڌاني ڀرسان وهندي هئي. ميان غلام محمد ڪلهوڙي جي دور سان واڳيل جيڪي دلچسپ واقعا آهن، تن ۾ سنڌو درياهه جي وهڪري جي تبديلي اهم آهي. جيڪا 59 – 1758ع ۾ آئي. اڳين صدي دوران سنڌوءَ درياهه جو مکيه وهڪرو ته پنهنجو اصلي پيٽ ڇڏي پورو هڪ سئو ميل پنهنجو رخ مٽائي ويو، ۽ ساڳئي وقت ريڻ وارو وهڪرو به سُڪي ويو، جيڪو سنڌو جي هاڻوڪي وهڪري کان پورا ستر ميل پري هو. سنڌو درياهه پنجويهه ڊگريون، ۽ چاليهه فوٽ ڊگهائي ۽ اٺهٺ ڊگريون ۽ ايڪٽيهه فوٽ ويڪرائي ڦاڪ وٽان هڪدم وڪڙ ڪري، اولهه ڏانهن وهڻ لڳو ۽ ڏکڻ – اوڀر ڏانهن وهندڙ اڳيون وهڪرو بند ٿي ويو. رخ بدلائڻ کان اڳ ۾ نصرپور واري وهڪري ۾ ٿورن سالن تائين پاڻي هوريان هوريان گهٽبو ويو ۽ نيٺ بند ٿي ويو. انهي ڏس ۾ سر رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب هسٽري آف سنڌ ۾ لکي ٿو ته: ” سنڌو درياهه جي درياهي وهڪري جي تبديلي بابت جڏهن حيدرآباد جي هڪ جهونڙيءَ کان پڇيم، تڏهن وراڻيائين ته ”سندس پيءُ جي ڏينهن ۾ گدو بندر ڪوٽڙي جي سامهون درياهه تانگهو ٿي ويندو هو.“ ڪئپٽن برٽن کي هي ڄاڻ 1884ع ۾ ملي. انهي ڳالهه جي ليکي سان اُن جهونڙي جو پيءُ ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ جي حقيقتن کان ضرور واقف هوندو. لڳي ٿو ته ان زماني ۾ نصرپور وارو وهڪرو هوريان هوريان سُڪندو پئي ويو ۽ اولهه واري نئين وهڪري ۾ هوريا هوريان پاڻي وڌيو پئي. تنهنڪري امڪان آهي، ته ڪنهن موسم ۾ درياهه تانگهو ٿي ويندو هوندو ۽ پوڙهيءَ جي بيان ڪيل حقيقت بلڪل صحيح آهي.

هن وڏي تبديليءَ سنڌو درياهه کي، اولاهين ٽڪرائي علائقي جي دنگ سان موجود لٽاسي خطي ۾ آڻي بيهاريو. سندس ڇڏيل ۽ هاڻوڪي وهڪري جي وچ ۾ ستر ملين جي وٿي آهي. تڏهن کان وٺي هاڻوڪي دور تائين درياهه ڪنارو پائيندو وڃي ٽڪرين جي بلڪل ڪڇ ۾ پيو آهي. مٿيون جابلو علائقو اولهه کان اوڀر ڏانهن لهندو ۽ لهوارو ٿيندو وڃي ٿو. اهڙي ريت سيوهڻ کان ٺٽي تائين درياهه کي اولهه ڏانهن سرڪڻ لاءِ ڪا جاءِ ئي ڪانهي.

ريڻ وهڪري جي سڪي وڃڻ جي ڪري، سندس پاڻي تي آباد ٿيندڙ علائقي کي ڏاڍو هاڃو رسيو، پر ڦليلي ڦاٽ جي پاڻي ان برپٽ واري جُوءِ کي سائو ستابو ڪري ڪجهه پورائو ڪيو. هيءَ ڇاڙهه حيدرآباد کان ڏهه ميل اُتر سنڌوءَ مان ڇڄندي هئي ۽ گنجي ٽڪر جي اوڀارين ڪڇ ڏئي سنڌو جو پراڻو پيٽ اُڪري، وڃي ريڻ واري ڇڏيل وهڪري ۾ پوندي هئي ۽ ڪيترن ميلن جي پنڌ تائين اُن جي پراڻي پيٽ مان به وهندي هئي. جنهن ماڳ وٽان ڦليلي ڦاٽ درياهه جي مکيه وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿئي ٿو، اتان ئي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري ٽڪنڊي جي شروعات سمجهڻ گهرجي. ڇو ته وهڪرو درياهه کان ڇڄڻ کان پوءِ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين وري ڪٿي به سنڌو سان ڪونه ٿو ملي. جڏهن ته وچ تي ڪٿي کيس گونيءَ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. سندس روپ آبپاشيءَ جي هڪ وڏي واهه جهڙو هوندو آهي.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي رڳو ڦليلي جي هتان وهڻ ڪارڻ حيدرآباد جي قلعي اڏڻ جو خيال آيو هو. انهي کان اڳ ۾ هن 60- 1762ع ۾ شاهپور جو بنياد رکيو هو. کيس اهو خيال هوندو هو، ته راڄڌاني اهڙي جاءِ تي قائم ڪئي وڃي، جتي درياهه جي ٻوڏ کان بچاءُ هجي. سندس ڀاءُ مرادياب خان، مراد آباد نالي هڪ راڄڌاني جو بنياد رکيو هو، پر درياهه ان کي ٻوڙي پائي کڻي ويو هو، تنهنڪري کيس ڊپ ٿي بيٺو. هن سوچيو ته راڄڌاني ڪنهن محفوظ ماڳ تي هجڻ گهُرجي. مٿيون مراد آباد جو شهر نصرپور ڀرسان هو، جيڪو 57- 1756ع واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. مرادياب خان ۽ سندس ٻن پُٽن ٻيڙي ۾ چڙهي نڪري جان بچائي هئي. پوءِ اُتر ۾ سڪرنڊ جي پرڳڻي ۾ وڃي نئين راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هئائين. جنهن جو نالو هن احمد آباد رکيو هو. امڪان اُهو آهي ته هيءَ ٻوڏ هن علائقي ۾ وڏين درياهي تبديلين ڪري آئي، يا ٿي سگهي ٿو، ته هن وڏي ٻوڏ ڪري مٿيون درياهي تبديليون اچي ويون هيون.

عطا محمد ڀنڀرو، تيرون ڪوٽ ۽ مورخن جا مونجهار ۾ لکي ٿو ته نيرون (حيدرآباد) جي ماڳن وٽ ڪونه هو، ڇو ته حيدرآباد وارو ماڳ نصرپور واري سنڌوءَ جي وهڪري کان ويهارو ميل اولهه ۾ آهي، ۽ حيدرآباد ۽ نصرپور جي وچ تي ڦليلي ڦاٽ کان سواءِ ٻيو ڪو درياهي وهڪرو به موجود ڪونه هو. جيڪو 1758ع کان اڳ جو وهڪرو هجي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته نصرپور وارو درياهه جو صفا پويون وهڪرو هو، جيڪو هيٺ هلي ٻه درياهي جي صورت ۾ وهندو هو، جن مان اولاهين کي ڪلري ۽ اوڀارين کي بگهاڙ سڏيندا هئا. جنرل هيگ جي نقشن ۾ ديبل بندر، ڪلري- بگهاڙ ڦاٽن جي سنگم واري ٿاڪ تي چار ميل هيٺ ڏيکاريل آهي. [6] [7]

گيلري، عڪسبندي

ڪوٽڙي بئراج المنظر وٽ سنڌو درياءَ جو دلڪش ڏيک.
ڪوٽڙي بئراج المنظر وٽ سنڌو درياءَ جو دلڪش ڏيک.
Indus river
Indus river and tributaries, data based on The Times Atlas of the world

انڊس ڊيٽا

ڊاڪٽر ايم ايم اشفاق پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، سنڌو درياءَ جو ڊيلٽا (Indus delta) جيڪو ڪنهن زماني ۾ جهازرانيءَ واري ڊيلٽا هئي اڄ اهو ان حوالي سان دفن ٿيل ڊيلٽا ٿي چڪو آهي. سنڌو درياءَ جي ديلٽا سنڌي جي تهذيب جي شروعات کان وٺي گذريل صدي تائين، سنڌ ۽ پري پري جي ملڪن مصر، حجاز، سمير، ايران، اوڀر آفريڪا، مها راشٽر، شريلنڪا ۽ چين سان گڏيل واپار جو مرڪز رهي آهي.

انڊس ڊيلٽا جي هاڻوڪي زميني پٽي 16,000 چورس ميل يعني 41,440 چورس ڪلوميٽرز جي رقبي تائين پکڙيل آهي. ڊيلٽا جي هيءَ پٽي سمنڊ سان 130 ميل يعني 210 ڪلوميٽرز تائين پکڙي پئي آهي.

سنڌو دريا 3000 ڪلوميٽر جو سفر ڪندي ڏکڻ سنڌ تائين اچي ٿو، پر اها ٻي ڳالهه ته هاڻي سنڌو درياءَ ۾ رڳو 350 ملين ايڪڙ فٽ (ايم اي ايف) پاڻي اچي ٿو. [8]

حوالا

  1. سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر
  3. سنڌوءَ جي ساڃاهه، ليکڪ سائين جي ايم سيد
  4. سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو
  5. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: ۱۹۷۶؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  6. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  7. ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ، ليکڪ؛ حسين بادشاهه
  8. بربادی انڈس ڈیلٹا کا مقدر کیوں بنی؟ - Pakistan - Dawn News
20 آگسٽ

20 آگسٽ (انگريزي: August 20)، عيسوي سال جو 232 هون (ليپ سال 233 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 133 ڏينهن (ليپ سال 134 ڏينهن) باقي آهن.

آبڪلاڻي

آبڪلاڻي پاڻيءَ جي گهڻائي. سنڌو درياھ ۾ پاڻيءَ جي چاڙھ جي موسم مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن وارو عرصو آهي، جنهن ۾ عموماً درياھ ڪچي واريءَ زمين تي ٻوڏ ڪندو آهي. هن مند ۾ چؤماسي جي مينهن جو پاڻي ٿٻيٽ جي سنگي ڪباب (شينهن جو منهن) کان مانسروور ڍنڍ کان ٿيندو، هماليہ جبلن جي گليشيئرن جي رجيل پاڻيءَ کي کڻندو ڪشمير، خيبرپختونخواھ ۽ پنجاب صوبي جي ندين نالن کان ٿيندو سنڌوءَ ۾ پوندو آهي.

اباسين

صوبي سرحد (خيبرپختونخوا) ۾ سنڌو درياهه کي ’اباسين‘ سڏيندا آهن، جنهن جو مفهوم آهي ’دريائن جو ابو‘. سنڌو درياهه جا آفاقي شهرت رکندڙ جدا جدا ڪيترائي نالا آهن. شروعاتي حصي ۾ هن جو نالو ’اباسين‘، وچئين حصي ۾، (جنهن ۾ اٽڪ ۽ ڪالاباغ به شامل آهي) ’نيلاب‘ ۽ آخري حصي ۾ ’مهراڻ‘ نالا اٿس. هن جو مجموعي نالو ’سنڌو درياهه‘ آهي.

اولهندو نارو

اولهندو ناروانگريزي ٻولي (Western Nara Canal) سنڌو درياھ جي اولهندي پاسي نڪرندڙ وڏي ڇاڙ هئي جيڪا اُتر کان ڪشمور ڪنڌڪوٽ وٽان وهنديڪاڇو جي علائقي منجهانکيرٿر جبل ڀرسانمنڇر ڍنڍ ۾ پوندي هئي ۽ پوءِ موڙ کائي اوڀر طرف وهيسيوهڻ جي ڏکڻ ۾ وڃي سنڌ درياھ ۾ پوندي هئي. بعد ۾ ان ڇاڙ جو وهڪرو بند ٿي ويو پر ان وهڪري يا پيٽ سان هٿرادو طرح درياھ منجهان وڏو واھ وهائيو ويو جيڪولاڙڪاڻو کان مٿان درياھ مان نڪري منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان کي اولهندو نارو سڏيو ويو. وروڪڙن جي ڪري ان کي نانگ نارو به ڪوٺيو ويو. ساوڻي جي برساتن ۾ موج سان وهندو هو. اولهندي ناري مان ڪُورُون ۽ ڪڙيا نڪرندا هئا جنهن تي آبادي ٿيندي هئي. انگريز دور ۾ اولهندي ناري تي جام آبادي ٿيندي هئي.

اڙل واھ

سنڌ جو قديم قدرتي واهه، جيڪو سيوهڻ جي ڀر ۾ منڇر ڍنڍ جي ڏکڻ - -اوڀر- ڪنڊ تي آهي. هن کي ’اڙل نديءَ‘ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي. حقيقت ۾ اهو سنڌو درياھ ۽ منڇر ڍنڍ کي ڳنڍيندڙ واهه سنڌو درياھ جو پراڻو وهڪرو آهي. هن وهڪري سبب منڇر وجود ۾ آئي جنهن کي بعد ۾ ايرل نالي انگريز جي نالي پويان ايرل سڏيو ويو. اڳتي هلي ان جو اچار اڙل بڻجي ويو. آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ جڏهن سنڌو درياهه ۾ چاڙهه هوندو آهي، تڏهن هيءُ واهه واڌو -پاڻي- منڇر ڍنڍ کي مهيا ڪندو آهي ۽ وري جڏهن منڇر ڀرجي ويندي آهي ۽ درياهه ۾ به لاٿ هوندي آهي، تڏهن هيءُ واهه، منڇر جو -پاڻي- درياهه ڏانهن کڻي ويندو آهي ۽ ڇنڊڻ طور استعمال ٿيندو آهي. مغربي محققن ۽ سياحن انهيءَ تي حيرت ظاهر ڪندي لکيو آهي ته اهو عجب اسرار آهي، جو هڪ واهه يا نديءَ کي ابتو وهڻو پوي ٿو. -اڙل واهه- جي ڊيگهه ذري گهٽ 30 ميل آهي. هن وقت اهو منڇر مان نڪري سيوهڻ شهر وٽ سنڌو درياهه ۾ داخل ٿئي ٿو.

اڙل واهه اوترو ئي قديم آهي، جيترو سنڌو درياهه ۽ منڇر ڍنڍ قديم آهن. قديم دؤر ۾ هن کي ’اڙل ندي‘ چوندا هئا. هي آڳاٽي دؤر کان ئي سنڌوءَ ۽ منڇر وچ ۾ رابطي جو ذريعو رهيو آهي. 1959ع ۾ آمريءَ جي دڙي جي کوٽائيءَ مان انهيءَ قديم نديءَ جي وهڪري جا نشان مليا آهن، جيڪا آڳاٽي وقت منڇر مان نڪرڻ بعد سيوهڻ واري قلعي جي -اتر- ۽ -اوڀر- کان ڦري، ڏکڻ طرف لڪيءَ وٽان ڦٽل وهڪرن مان ٿيندي، اڳتي -اوڀر- طرف وڌي وڃي سن شهر جي مٿئين پاسي کان سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.

چاڙهه واريءَ موسم ۾ -اڙل- واهه، سنڌو درياءَ مان 5 لک ڪيوسڪ -پاڻي- منڇر کي مهيا ڪندو هو. سکر بئراج ٺهڻ کانپوءِ -اڙل- وٽ هڪ ٻيو هٿراڌو واهه کوٽائي -ان- تي ريگيوليٽر هنيو ويو آهي، ته جيئن منڇر ڍنڍ جي پاڻيءَ کي ضابطي ۾ رکجي.

براهمڻ آباد (منصوره)

برھمڻ آباد(انگريزي: Birhaman Abad) سنڌ جو قديم تاريخي شھر جيڪو موجوده ضلعي سانگهڙ ۾ شھدادپور شھر کان ڪجھ فاصلي تي سنڌو درياھ جي ڪناري تي آباد ھيو ء زلزلي جي ڪري درياء جي وھڪري تبديل ٿيڻ جي ڪري ڦٽي ويو ۽ ان شھر کان ڪجھ فاصلي تي عربن سنڌ جي نئين شھر منصورہ جو بنياد رکيو جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ھيو جيڪو پڻ درياء جي وھڪري جي تبديلي جي ڪري ڦٽي ويو. برھمڻ آباد ۽ منصورہ جي مقام ھڪٻئي جي ويجھي ھجڻ جي ڪري برھمڻ آباد کي منصورہ جو پراڻو نالو پڻ سمجھيو ويندو آھي.

بن قاسم ٽائون

زمرو:dmy تاريخون استعمال

Dmy تاريخون استعمال

بن قاسم ٽائون ڪراچي جو حصو آهي جيڪو ڏکڻ اوڀر ۾ عربي سمنڊ ۽ سنڌو درياھ جي ڊيلٽا سان لڳي ٿو.بن قاسم ٽائون پورٽ قاسم سان مليل آهي. هتي سنڌي، اردو، پشتو، پنجابي، بلوچي ڳالهائڻ وارا ماڻهو رهن ٿا.

خاڻوٺ

ّخاڻوٽ انگريزيKhanote) سنڌو درياھ جي ساڄي ڪناري مانجهند تعلقو، ڄامشورو ضلعو، سنڌ جو قديم شهر آهي.ڪوئلن جي کاڻين جي ڪري مشهور ڳوٺ جو اشتقاق به (خاڻ+وٽ) کي ملائي خاڻوٽ ٺاهيو ويو آهي. مؤرخ لکن ٿا ته آڳاٽي وقت ۾ اتي جا رهاڪو متعلوي سيد خاندان رهاڪو هو.. هن وقت مختلف ذاتيون ميمڻ، ملاح، سيد، ڪوريجا، کوسا، برهماڻي، شيخ، ميگھواڙ رهائش پذير آهن. پرائيمري کان سيڪنڊري ۽ هائيرسيڪنڊري تائين تعليم جو بندوبست به آهي ته بيسڪ هيلٿ اسپتال پڻ آهي.

خيرپور رياست

خيرپور رياست هاڻي پاڪستان جو حصو سنڌو درياھ جي ڪناري هڪ نوابي رياست هئي۔

دادو، پاڪستان

دادو حيدرآباد ڊويزن جو شهر ۽ ضلعو آهي. دادو تعلقو پڻ آهي. دادو شهر سنڌو درياھ جي ساڄي پاسي انڊس ھاء وي (اين 55) تي اسلام آباد شھر کان 900 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.

دريا پنٿي

دريا پنٿي (Water Worshiprs) سنڌو درياھ جي پوڄا ڪندڙ، يا ورن ديوتا (درياھ جي ديوتا، جي پوڄا ڪندڙ هندو.) اهي جل پوڄا ڪندڙ هوندا آهن

سنڌ

سنڌ (انگريزي ٻولي: Sindh، اردو: سندھ)، پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي اوڀر طرف واقعي آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراض جي لحاظ کان سنڌ ٽيون نمبر وڏو صوبو، ۽ پنجاب کان پوءِ آبادي جي لحاظ کان ٻيون نمبر وڏو صوبو آهي. اولهه طرف سنڌ جا حدون بلوچستان، اتر طرف پنجاب، اوڀر طرف هندوستان جي راجستان ۽ گجرات سان لڳن ٿيون. سنڌ جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقعي آهي. سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر رڻپٽ واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو. سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جبل واقع آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.

ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بينڪن جو سسٽم موجود آهي، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن. باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي، جيڪي لاتعداد ميوا، ڀاڄيون، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي.

سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفي ازم جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ مهاجر (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا) برمي، ملباري، بنگالي، وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن.سنڌ ۾ يونيسڪو(UNESCO) طرفان ٻه مقام عالمي ورثو قرار ڏئي پنهنجي نگرانيءَ ۾ آندا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مڪلي جون ٽڪريون (ٺٽو) ۽ ٻيو موهن جو دڙو (لاڙڪاڻو) شامل آهن.

ظفر ڪاظمي

ظفر ڪاظمي اڳ سنڌو سڀيتا جي سرواڻ ۽ تاريخي، تهذيبي آمري شهر ۾ پنجويهين ڊسمبر 1933ع ڌاري مها سنڌو درياھ جي ويجهو، سيد مير محمد شاهه ڪاظميءَ جي گهر ۾ محترمظفر ڪاظميءَٿڌي موسم ۽ ماحول ۾ پنهنجي والده جي ڪوسي ڪُک منجهان جنم ورتو. پرائمري تعليم دوران آمريءَ جا دڙا، سنڌو نديءَ جا تيز وهڪرا، درياهه بادشاهه جو پائڻ، سندس اوج، موج ۽ جوش ڇوليون، مهاڻن جون ٻيڙيون، اچ وڃ جا تڙ، بچاءُ بند، انهن تي پنڌ، ڪچي جو جهنگ، ٻيلو ڏسي وڏو ٿيو. جڏهن نون سال جي عمر کي پهتو، تڏهن هڪ وڏي بيماريءَ کي منهن ڏيڻو پيس. جنهن هڻي سُڪائي ڪاٺي ڪري ڇڏيس ۽ سندس مائٽ کيس سَن ۾ سائين جي ايم سيد جي حويليءَ ۾ کڻي آيا. جتي سندس علاج ڪرايو ويو. صحتياب ٿي هيءُ ٻار وري پنهنجي وندر کي لڳي ويو. اُهو ڪنڀرن کي چيڪي مٽيءَمنجهان ٿانوَ ٺاهيندي ڏسندو هو.

قومي شاھراھ 55

قومي شاھراھ 55 يا اين-55، جنھن کي عام طور تي انڊس ھاءِ وي چيو ويندو آھي، پاڪستان جي صوبي سنڌ، پنجاب ۽ سرحد کي منسلڪ ڪرڻ والري ھڪ اھم شاھراھ آھي۔ ان کي سنڌو درياھ جي اوڀارين ڪنارن تي واقع اين-5 تي دٻاءَ کي گھٽ ڪرڻ ۽ ڪراچي ۽ پشاور جي وچ ۾ مختصر ۽ متبادل رستو اختيار ڪرڻ جي لاءِ ٺاھيو ويو ھو۔ ھن شاھراھ جي تجويز 1980ع ۾ ڏني وئي ۽ ڪم جو آغاز 1981ع ۾ ڪراچي کان ٿيو ۽ 7 سالن کان بعد پشاور ۾ مڪمل ٿي۔

پاڪستان جي سڀ کان وڏي سرنگ ڪوھاٽ سرنگ ھن ئي سڙڪ تي واقع آھي، جنھن تي ڪم جو آغاز 1999ع ۾ ڪيو ويو ۽ تڪميل جون 2003ع ۾ ٿي۔ ھي پشاور ۽ ڪوھاٽ جي وچ ۾ رستي کي مختصر ڪري ٿي، ۽ درۂ ڪوھاٽ واري رستي جي مقابلي ۾ 40 منٽ گھٽ وقت ۾ ٻنھِ شھرن کي پھچي سگھجي ٿو۔

ھن شاھراھ جي ڪل ڊيگھ 1250 ڪلوميٽر آھي۔ شاھراھ جو آغاز ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ کان ٿئي ٿو ۽ گاڏيون بجاءِ حيدرآباد شھر جو رخ ڪرڻ جي سنڌو درياھ عبور ڪرڻ کان پھرين ئي ڪوٽري جو رخ ڪري ٿي۔ بعد ۾ ھي سنڌو درياھ جي اوڀارين ڪنارن سان دادو ۽ لاڙڪاڻي کان ٿيندي شڪارپور کان گزري ٿي ۽ پوءِ پنجاب ۾ داخل ٿي وڃي ٿي جتي ڊيره غازي خان ۽ ميانوالي کان گزرن کان بعد صوبي سرحد ۾ ڊيره اسماعيل خان پھچي ٿي ۽ دره آدم خيل ۽ ڪوھاٽ کان ٿيندي پشاور ۾ اختتام پذير ٿئي ٿي۔

مُک صفحو

”سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.“

ٽلٽي

ٽلٽي انگريزي (Talti) سنڌ پاڪستان جي ڄامشورو ضلعو، سيوهڻ شريف تعلقو ۾ سنڌو درياھ جي ساڄي ڪپ تي قائم قديم شهر آهي. مقامي روايت آهي ته ٽلٽي اصل ۾ ٽهل هٽيءَ جو بگاڙ آهي. آڳاٽي وقت ۾ ٽهلرام نالي هندو واپاري جي هٽي (هٽ) هوندي هئي جت ماڻهو اچي رهڻ لڳا ۽ ڳوٺ ٻڌجي ويو. اول ڳوٺ ٽهل هٽي سڏجڻ لڳو. اڳتي هلي ٽهل هٽي نالو تبديل ٿي ٽلٽي بڻجي ويو. ٽلٽي ويجهو هڪ ٻيو ڳوٺ “گنگُو هٽي” به اڄ تائين قائم آهي. ٽلٽي هن وقت به اهم شهر آهي. ٽلٽي ۾ هاءِ اسڪول تائين تعليم جي سهوليت آهي. ٽلٽي جي هن وقت آبادي لڳ ڀڳ 40 هزار آهي. ٽلٽي سيوهڻ جي اتر ۽ ڀان سيد آباد جي اوڀر- ڏکڻ ۾ آهي. ٽلٽي روڊن ذريعي دادو، ڀان سيدآباد ۽ سيوهڻ سان ڳنڍيل آهي.

پاٽ شريف

پاٽ شريف اردو (پاٹ شریف) انگريزي (Pat Sharif) سنڌ جي دادو ضلعو جي دادو تعلقو ۾ سنڌو درياھ جي ساڄي ڪناري قديم شهر ۽ پراڻي زماني کان اسلامي علم ۽ ادب جي لحاظ کان اهم ۽ علامن، فقيهن جو مرڪزي شهر رهيو آهي.

ڪوٽڙي بئراج

سنڌ جي زراعت جو دارومدار سنڌو درياءَ تي آهي. سنڌو درياھ تي ٻڌل ڪوٽڙي بئراج سنڌ جي زراعت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. 12 فيبروري 1950ع تي ڪوٽڙي بئراج جي پيڙھ رکي وئي، پنجن سالن کان پوءِ 15 مارچ 1955ع تي ڪم جو افتتاح ڪيو ويو. ڪوٽڙي شهر جي ويجهو هجڻ جي ڪري هن جو نالو به ڪوٽڙي بئراج سڏيو ويو. هن بئراج تي 5 ڪروڙ 57 لک رپيا خرچ ٿيا، وهندڙ واهن ۽ شاخن تي به 124 ڪروڙ خرچ ٿيا.

تاريخ ۽ ثقافت
فنِ تعمير
ٻولي ۽ رسم الخط
پاڪستان ۾ وادي سنڌ جا مقام
ڀارت ۾ وادي سنڌ جا مقام
افغانستان ۾ وادي سنڌ جا مقام

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.