سائنس

سانچو:سائنس

The Scientific Universe
The scale of the universe mapped to the branches of science and the hierarchy of science.[1]

تشريح

سائنس، لاطيني (Latin)ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڄاڻ يا معلومات. يعني مشاهدي ۽ تجربن جي آڌار تي حاصل ٿيندڙ علم کي سائنس چئبو آهي.

سائنس ڪائنات متعلق آزمودہ وضاحتن ۽ اڳڪٿين جي باري ۾ ڄاڻ کي حاصل ۽ منظم ڪرڻ واري ھڪ باضابطا ڪم جو نالو آهي[2]موجودہ سائنس جون ظاھري طور تي ٽي شاخون آهن. 1.نيچرل سائنس، 2. سوشل سائنس ۽ 3. فارمل سائنس.انھن مان نيچرل سائنس مادي دنيا جي بابت علم آھي. سوشل سائنس ماڻھن ۽ معاشرن جي متعلق علم آهي.فارمل سائنس جيئن ميٿميٽڪس يا رياضي آھي. ڪجھ عالمن جو چوڻ آهي تہ فارمل سائنس حقيقي سائنس نہ آهي ڇو تہ ان جي ضابطن ۾ نظرين کي حقيقي مشاھدن سان پرکڻ ممڪن ناهي. [3] سائنس جا اھڙا ضابطا جيڪي انجنيئرنگ ۽ ميڊيسن ۾ ڪم اچن انھن کي اپلائيڊ سائنس سمجھيو ويندو آھي.[4]


ڪيترائي سوال انساني ذهن ۾ اُڀرندا رهن ٿا. ظاهر آهي ته جڏهن به ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪي سوال پيدا ٿيندا ته سندس ذهن انهن جا جواب به ڳوليندو. انهيءَ ذهني ڳولا ۽ جاچ کي عام سائنسي ٻوليءَ ۾ ”سائنسي کوجنا“ ڪوٺيندا آهن. قرآن پاڪ ۾ ته ان ڳالهه جو خاص تاڪيد ڪيل آهي ته ”اي انسان، تون سج، چنڊ، تارن ۽ مُندن تي ويچار ڇو نٿو ڪرين؟“

ڏاها ماڻهو قدرت جي ڳالهين تي ويچار ڪندا هئا, يعني کوجنا ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت آخرڪار پنهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيل سوالن جا جواب ڳولي لهندا هئا. هر کوجنا کان پوءِ کين نئين نئين ڄاڻ ملندي هئي. اِن سوچ ۽ کوجنا واري عمل کي ئي سائنس چئجي ٿو. سائنس نئين دؤر جو لفظ آهي. ڪابه شيءِ هڪدم وجود ۾ ڪانه ٿي اچي، اُن لاءِ ورهين جا ورهيه جاکوڙ ۽ جستجو ڪرڻي پوي ٿي. ائين به ناهي ته هر ڪا کوجنا، هر ڪا جاکوڙ هڪ ئي وقت ۾ هڪ انسان جي هٿان ٿي ٿئي. پهرين ڪنهن انسان کي اندر مان ڪو ويچار ايندو آهي، اُن ويچار کي ڏسي، ٻڌي، ٻيو ماڻهو وري ٻه وکون اڳتي وڌندو ۽ پوءِ اهو سلسلو اڳتي وڌي، ڪنهن نه ڪنهن ماڳ تي وڃي پڄندو، نتيجي ۾ ڪانه ڪا نئين شئي وجود ۾ اچيو وڃي.


گذريل هڪ سؤ سالن ۾ ئي سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي، جو عقل حيران آهي. لاتعداد شيون ايجاد ٿيون آهن، ۽ اسين هينئر به ائين نٿا چئي سگهون ته اڳتي هلي ڪجهه ايجاد نه ٿيندو؛ اسان کي پڪ آهي ته وقت سان گڏوگڏ نيون ايجادون ٿينديون، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سائنس کي گهڻي اهميت ڏني وڃي ۽ هر علم جو مطالعو به جاري رکيو وڃي.[5][6]

سائنس هڪ طرف اهو ڪيو جو پنهنجي تجزيي ۽ تجربي جي ذريعي نيٺ هيءُ ثابت ڪري ڇڏيو ته، سڀ شيون، ظاهري گهڻائيءَ جي باوجود، پنهنجي آخري تجزيي ۾ رڳو ايٽم جو ميڙ آهن ۽ ايٽم توانائي جي لهرن جو مجموعو آهي.[7]

سائنس جي تاريخ

فطرت جي تصور جي ايجاد يا دريافت ٿيڻ کان پھريان يونان جا سقراط کان اڳ وارا فلاسافر اھي سڀ کان پھريان ماڻهو ھئا جن فطرت ۽ رسم جي وچ ۾ فرق کي سڃاتو.انھن فطرت کي اھو طريقو سمجھيو جنھن ذريعي ٻوٽن جي واڌ ٿيندي آھي ۽ رسم کي اھو طريقو سمجھيو جنھن سان ڪو قبيلو ڪنھن خاص ديوتا جي پوڄا ڪندو آھي.[8]ايشيا مائنر يا اناطوليہ جي شھر مليسئس (Miletus) مئٿميٽيشن يا رياضي دان ٿليس (Thales) جي مليسئس ۾ قائم ڪيل مليسئن اسڪول (Milesian School) جي سقراط کان اڳ وارن فلاسافرن ۽ ٿليس کان بعد وارن فلاسافرن جن ۾ انيڪسيمينڊر ۽ انيڪسيمينز شامل آهن، اھي پھريان فلاسافر ھئا جن فطرت جي مظھرن کي مافوق الفطرت ھستين تي اعتبار ڪرڻ کانسواءِ سمجھائڻ جي پھرين ڪوشش ڪئي. [9] پائٿاگورين (Pythagoreans) ڪامپليڪس نمبر فلاسافي ۾ اضافو ڪري ميٿميٽڪس جي ترقي ۾ خاطرخواه اضافو ڪيو.[10] يوناني فلاسافر ليوسيپس ۽ ان جي شاگرد ڊيموڪرٽس ائٽمن جو نظريو ڏنو.[11]يوناني ڊاڪٽر ھپوڪرٽس سسٽم واري ميڊيڪل سائنس جي روايت قائم ڪئي.[12] ان کي ميڊيڪل سائنس جو ابو سڏيو ويندو آهي.[13]

حوالا

  1. R. P. Feynman, The Feynman Lectures on Physics, Vol.1, Chaps.1,2,&3.

  2. سانچو:Cite dictionary}}
  3. Contemporary science is typically subdivided into the natural sciences which study the material world, the social sciences which study people and societies, and the formal sciences like mathematics. Some do not consider formal sciences to be true science as theories within these disciplines cannot be tested with physical observations,
  4. Editorial Staff. "Scientific Method: Relationships among Scientific Paradigms". Seed magazine. وقت September 29, 2007 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل September 12, 2007.
  5. Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
  6. ڪتاب: برک سائنسي کوجنائون ۽ ايجادون، محمد عثمان ڏيپلائي
  7. انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  8. "Progress or Return" in An Introduction to Political Philosophy: Ten Essays by Leo Strauss (Expanded version of Political Philosophy: Six Essays by Leo Strauss, 1975.) Ed. Hilail Gilden. Detroit: Wayne State UP, 1989.
  9. O'Grady, Patricia F. (2016). Thales of Miletus: The Beginnings of Western Science and Philosophy. New York City, New York and London, England: Routledge. p. 245. ISBN 978-0-7546-0533-1. Archived from the original on January 29, 2018.
  10. Burkert, Walter (June 1, 1972). Lore and Science in Ancient Pythagoreanism. Cambridge, Massachusetts: Harvard University Press. ISBN 0-674-53918-4. Archived from the original on January 29, 2018.
  11. Pullman, Bernard (1998). The Atom in the History of Human Thought. Oxford, England: Oxford University Press. pp. 31–33. ISBN 0-19-515040-6. Archived from the original on January 29, 2018.
  12. Margotta, Roberto (1968). The Story of Medicine. New York City, New York: Golden Press.
  13. Leff, Samuel; Leff, Vera (1956). From Witchcraft to World Health. London, England: Macmillan.
28 آگسٽ

28 آگسٽ (انگريزي: August 28)، عيسوي سال جو 240 هون (ليپ سال 241 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 125 ڏينهن (ليپ سال 126 ڏينهن) باقي آهن.

ائٽم بم

ائٽم بم هڪ جنگي هٿيار آهي. انهيءَ جي تياري اهڙي اصول تي ٻڌل آهي ته جيڪڏهن ”فشن چين ريئيڪشن“ يعني ”ائٽم جي اُمکڻ جو لاڳيتو ردعمل“ شروع ٿئي ۽ بنا ضابطي جي جاري رهي، ته بي انداز گرميءَ جو مقدار خارج ٿئي ٿو. يورينيم جي مايي جا ٻه سب ڪرٽيڪل (sub critical) مايا خالي ٽيوب جي ٻن ڇيڙن تي رکجن ٿا. جڏهن به بم استعمال ڪرڻو هوندو آهي ته ٻنهي ڇيڙن تي رکيل ماين کي ڪنهن ڌماڪي خيز مايي وسيلي پاڻ ۾ ملائڻ سان ڪِرٽيڪل مايو ٺهي پوي ٿو، جنهنڪري بي ضابطه فشن چين ائڪشن شروع ٿيڻ جي ڪري بم ڦاٽي پوي ٿو. ائٽم بم جي ڦاٽڻ ڪري ايتري ته گرمي پيدا ٿئي ٿي جو انهيءَ سان سڄو هڪ ننڍو شهر تباهه ٿي وڃي ٿو. ائٽم بم يورينيم ۽ پلاٽينيم جهڙن وزني ڌاتن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن جي ڦاٽڻ سان تمام وڏو ڌماڪو ٿيندو آهي ۽ ڪيترن ئي ميلن جو علائقو هر شيءِ سميت تباهه ٿي ويندو آهي. هوا ۾ اٿندڙ دونهي سان گهيري ۾ آيل سمورا جاندار مري ويندا آهن ۽ وڻ زهريلا ٿي پوندا آهن. بم ڦاٽڻ ۾ هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت لڳندو آهي.ائٽم بم آئن اسٽائن ايجاد ڪيو هو. ان جو پهريون تجربو 16 جولاءِ 1945ع تي آمريڪا جي علائقي نيو ميڪسيڪو ۾ ڪيو ويو هو، ۽ ان کان پوءِ ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ڇهين آگسٽ 1945ع تي جاپان جي شهر هيروشيما تي اڇليو ويو. ان بم جو وزن نو هزار پائونڊ (20,000 ٽن) هو ۽ ان بم جو نالو ”لٽل بواءِ“ هو، جيڪو 600 ميٽرن جي اوچائيءَ تان اڇليو ويو هو، جنهن سان هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو مئا ۽ ايترا زخمي ٿيا هئا. 9 آگسٽ 1945ع تي ٻيو بم به جاپان جي شهر ناگاساڪيءَ تي ”نئٽ بواءِ“ معنيٰ ”ٿلهي ڇوڪري“ جي نالي سان اڇليو ويو، جنهن ۾ اٽڪل هڪ لک ماڻهو مئا ۽ زخمي ٿيا هئا. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ روس، انڊيا، چين، اسرائيل وغيره ائٽم بم ٺاهيا.

جڏهن ائٽم بم ٺاهيو ويو، تڏهن آئن اسٽائن جو خيال هو ته ائٽم کي توانائيءَ ۾ منتقل ڪيو ويندو، پر پوءِ ائٽم بم جي ٺاهيندڙ، آئن اسٽائن، ان وقت پڇتايو هو، جڏهن آمريڪا، ائٽم بم هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي استعمال ڪري، هن جي ايجاد کي انسان ذات جي ڀلائيءَ بجاءِ ان لاءِ هاڃيڪاريءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

اسلام

اسلام (انگريزي ٻولي: Islam) توحيدي مذهب آهي. اسلام هڪ وحدانيت پرست دين آهي جيڪو ابراهيمي دين جو تسلسل آهي اسلام جي پيروڪارن کي مسلمان چئبو آهي.هينئر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسلام دنيا جو ٻيو نمبر مذهب آهي.حقيقي دين اهوئي آهي، جيڪو ماڻهوءَ ۾نرميءَ وارو مزاج پيدا ڪري، جيڪو هرحال ۾محبت ۽ چڱائيءَ جي تعليم ڏيندو هجي. اسلام اميد جو مذهب آهي. اسلام جون مڙئي تعليمات اميد ۽ حوصلي جو سبق ڏين ٿيون. ظاهر ۾ مشڪل، ناڪامي ۽ محرومي جهڙين حالتن ۾ به اسلام انسان کي اميد ۽ حوصلي جو سبق ڏئي ٿو. اهو شام جي اونداهيءَ ۾ به صبح جي روشنيءَ جي خوشخبري ڏئي ٿو. قرآن شريف ۾ ايمان وارن لاءِ ارشاد آهي ته:

وَ تَرۡجُوۡنَ مِنَ اللّٰہِ مَا لَا یَرۡجُوۡنَ ؕ (النساء: 104)

”۽ توهين الله ۾ اميد ٿا رکو جا اميد انهن کي نه آهي.“

ان مان خبر پئي ته هڪ شخص جيڪو اسلامي فڪر وارو هجي، اهو هڪ اهڙو انسان هوندو آهي، جيڪو اوندهه ۾ به روشني ڏسندو آهي. هو اتي به اميد ڀريو رهندو آهي، جتي ٻيا ماڻهو اميد ۽ حوصلو وڃائي ويهندا آهن.

ان معاملي ۾ اسلام ۾ مايوسيءَ کي حرام سڏيو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ هڪ پيغمبر جي ذريعي اها تعليم ڏني وئي ته:

وَ لَا تَایۡـَٔسُوۡا مِنۡ رَّوۡحِ اللّٰہِ ؕ اِنَّہٗ لَا یَایۡـَٔسُ مِنۡ رَّوۡحِ اللّٰہِ اِلَّا الۡقَوۡمُ الۡکٰفِرُوۡنَ (يوسف: 87)

”۽ الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، ڇو ته الله جي رحمت کان ڪافر ئي نا اميد ٿيندا آهن.“

انهيءَ ڪري مسلمانن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ اهو جائز نه آهي ته، اهي مايوس ٿي وڃن. ظاهر ۾ ڪيتريون ئي اڻوڻندڙ ۽ غير موافق حالتون هجن، پر ايمان وارن تي فرض آهي ته اهي آخر تائين اميد جو دامن نه ڇڏين. اهو ئي سبب آهي جو اسلام ۾ خودڪشيءَ جي موت کي حرام چيو ويو آهي.

مسلمانن جو عقيدو آهي ته الله سائين قرآنکي فرشته جي وسيلي سان حضرت محمد ص تي نازل ڪيو آهي مسلمانن جي عقيدي موجب خداوند جهڙي ريت سڀني نبين تي وحي نازل ڪئي آهي حضرت محمد ص به ان جي آخري ڪڙي آهن.

اسلام آباد

اسلام آباد (انگريزي ٻولي: Islamabad) هن وقت جي ملڪ پاڪستان جو گادي جو هنڌ آهي، هي شهر تمام خوبصورت پهاڙن جي وچ ۾ آهي.

انسان

انسان (Human) (سائنسي نالو: Homo sapiens) جو لفظ زمين تي ملندڙ ان انساني نسل جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، جيڪا جنس انس (homo) سان تعلق رکي ٿي ۽ دنيا ۾ ملندڙ ٻين تمام تر انواع حيات کان برتر دماغ رکي ٿي۔ انسان چورائيندڙ مخلوق جي سڃاڻپ ان جي سڌي بناوٽ ا۽ ٻن ٽنگن سان ھلڻ واري مخلوق جي طور تي با آساني ڪري سگھجي ٿي. وڌيڪ اھو تہ ھي نوعِ حياتِ انسان ھڪ معاشرتي مخلوق ھجڻ سان گڏوگڏ شعور (consciousness) ۽ ادراڪ (cognition) ۾ ٻين تمام مخلوقن جي نسبت اعليٰ معيار تائين پھتل مخلوق آھي۔ انسان کي آدم جي مناسبت سان عربي ۽ فارسي ۾ آدم به چيو ويندو آھي ۽ ان جي لاءِ بشر جو لفظ به استعمال ڪيو ٿو وڃي۔ آدم ۽ بشر جي طرح انسان جو لفظ به سنڌي ۾ عربي ٻوليءَ کان آيو آھي، ان ئي لفظ انس سان ناس ۽ مرڪب لفظ عوام الناس وغيره به تخليق ڪيا وڃن ٿا۔ قرآن ۾ به ھن نوع حيات جي لاءِ انسان سان گڏوگڏ ٻيا لفظ استعمال ٿيا آھن؛ جن ۾ ھڪ انس (سورۃ الرحمٰن آيت 39) به آھي۔

انسان، بشر يا اينٿروپڪ (Anthropic)، اصل ۾ يوناني اکر ‘anthrops’ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنا آهي ماڻهو، پر هن لفظ مان مراد آهي سڀ کان آڳاٽو انسان.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي نالي سان دنيا جي مشهور علمي ادبي ادارن ۾ شمار ٿيندڙ هيءُ ادارو 1963ع ۾ ”سنڌي اڪيڊميءَ“ جي نالي سان، سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسلر ۽ پاڪستان جي مشهور سائنسدان ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ، سنڌ يونيورسٽيءَ، اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ 8x8 سائيز جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ قائم ڪيو. مشهور تعليمي ماهرن ۽ اديبن مرحوم محمد حنيف صديقي، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ تڏهوڪي رجسٽرار محمد حسين ترڪ ۽ سنڌي شعبي جي صدر پروفيسر علي نواز جتوئيءَ، هن اداري جي قائم ڪرڻ ۾، ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ جي هر ممڪن مدد ڪئي. محمد حنيف صديقي صاحب کي اعزازي ڊائريڪٽر مقرر ڪيوويو ۽ اڪيڊميءَ جي انتظام لاءِ انهن ئي ميمبرن تي مشتمل هڪ صلاحڪار ڪاميٽي ٺاهي وئي. جولاءِ 1964ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي اڪيڊميءَ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اختيار سنڀاليا ۽ جلد ئي سنڌي عوام جي تعاون سان هيءُ ادارو، ادبي، تعليمي ۽ ثقافتي حوالي سان، ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ جي نالي سان عالمي سطح تي متعارف ٿيو. 45 سالن جي مختصر عرصي ۾ هن اداري سنڌي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي.

تاريخ

تاريخ (History) ڏينهن لکڻ. تاريخ مهيني جو هڪ ڏينهن ، ڏينهن ، روز. مقرر ڪيل ڏينهن. تٿ. خط يا ٻئي ڪنهن به ڪاغذ يا دستاويز تي ڄاڻايل ڏينهن، مهينو يا سال. هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تائين مقرر ڪيل مدت. روزانو لکيل احوال. ماضيءَ جي واقعن جي يادداشت. ماضيءَ جي واقعات جي يادداشت بابت لکيل ڪتاب ”تاريخ سنڌ“، ”تاريخ طَبَري“. واقعات جي يادداشت جو علم ، علم التاريخ ، History. بادشاهن ۽ واقعن جو تذڪرو.

لفظ تاريخ (Date)، سامي النسل ٻولين ۾ مهيني جي پهرينءَ تاريخ واري ڏينهن لاءِ به استعمال ٿيندو هو. ان دور ۾ هڪ ڏينهن سج لهڻ کان وٺي، ٻئي ڏينهن سج لهڻ تائين هڪ ڏينهن ڳڻپ ٿيندي هجي.

تاريخ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنا ’وقت مقرر ڪرڻ‘ آهي، پر عام طور معنا ”قومن جي عام واقعن جو بيان يا تاريخي تسلسل جو بيان“ ڪئي ويندي آهي. اهو مفهوم بادشاهن جي احوال ۽ واقعن کي لکڻ لاءِ آندو وڃي ٿو. ”تاريخ“ لفظ اهڙن ڪتابن لاءِ به استعمال ٿيو آهي، جيڪي ان مفهوم سان ٺهڪندڙ نه آهن، جهڙوڪ البيرونيءَ جو هندستان جي احوال بابت ”ڪتاب الهند“، جنهن ۾ گهڻو ڪري قديم سنڌ جي ڌار ڌار علمن بابت تفصيل موجود آهي.

ڪنهن خاص دَور يا زماني جي شروعات جو اندازو لڳائڻ، حادثن جي وقت جي اندازو لڳائڻ سان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسلمانن وٽ تاريخ هجريءَ کان سواءِ ٻيون به تاريخون ڪتب آنل آهن، مثال طور: ”تاريخ عالم“ يا ”حضرت نوح عليه السلام وارو طوفان“. سنڌ ۾ وري اسلامي دور کان اڳ سنڌ جي خودمختياريءَ واري هڪ واقعي سان پنهنجي تاريخ جو آغاز ڪيو.

تاريخ اصل ۾ انسانيت جي محافظ آهي، جيڪا نه صرف قومن ۽ جماعتن جي پر ٻين به پوين تجربن جو رڪارڊ محفوظ رکي انسانن جي آڏو پيش ڪري ٿي ته جيئن انسان انهن تجربن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حال جو جائزو وٺي ۽ مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ رکي سگهن.

تاريخ جي رڪارڊ جي جائزي وٺڻ لاءِ ٽي نقطهءِ نظر آهن:

(1) معروضي مطالعو يعني واقعا ۽ حالات جيئن به گذريا هجن، انهن کي جيئن جو تيئن ڏسڻ.

(2) قوم پرستيءَ جو مطالعو يعني اهم واقعن کي ان نسل يا قوم يا ملڪ جي حمايت جي جذبي سان ڏسڻ.اصولي طور تي تاريخ يا تواريخ جو مقصد نسلي ۽ قومي ڪٽرپڻي کان مٿاهون ٿي، انساني ۽ ان جي مختلف واقعن جي ڪارنامن تي صحيح نموني تحقيق ڪري راءِ قائم ڪرڻ هئڻ گهرجي.لفظ هـِـسٽري “History"، هڪ يوناني ڌاتوءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”پڇا ڳاڇا ڪري ڪجهه معلوم ڪرڻ“. انهيءَ لحاظ کان لفظ ”هسٽري“ پنهنجي اصلوڪي وسيع معنيٰ ۾ ”سائنس“ جو ٻيو نالو آهي. يعني، جيڪو انساني علم جاچ ۽ تجربي جي رستي استقرائي طرح حاصل ڪجي، ان کي تاريخ چئي سگهبو هو. جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن هن لفظ کي به محدود معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو. هڪ طرف سندس معنيٰ ماضيءَ جي سهيڙيل علم تائين محدود ڪئي وئي، ته وري ٻئي طرف ان تاريخ کي انساني زندگيءَ سان نسبت رکندڙ ڳالهين متعلق استعمال ڪيو ٿي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ”تاريخ“ لفظ هيٺين ڳالهين سان نٿو لڳائي سگهجي.

1. بنا ترتيب جي گڏ ڪيل علم، 2. هر اهو علم جنهن جو زمان يا وقت سان ڪو لاڳاپو نه هجي، ۽ 3. رواجي معنيٰ ۾ اهو سمورو علم جنهن جو انساني ارتقا سان ڪو واسطو ڪونهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ ”تاريخ“ لفظ جي معنيٰ آهي:

”انسان ذات جي سوانح جو لکت ۾ ترتيب ڏنل سرمايو“.

اهو انسان ذات جو سرمايو يا تجربو گهڻن ئي نمونن جو آهي. قديم زماني جي ابتدائي ڏينهن کان وٺي جڏهن انسان ذات حيواني حالت کان مٿي چڙهي، تڏهن کيس زندگيءَ جي جدوجهد ۾ فتح حاصل ٿي ۽ حيواني دنيا تي سندس تسلط قائم ٿيو. تنهن کان سواءِ ڊگهي عرصي جي آزمائش ۽ تجربي جي ڪري کيس قدرت جي جماداتي سرماين جو مالڪ بڻايو ويو ۽ منجهس اهليت ۽ قابليت پيدا ٿي، جو برپٽن ۾ به پنهنجي کاڌي، اجهي، ڪپڙي ۽ آرام جو سازو سامان مهيا ڪري سگهيو. وڏي ڳالهه ته منجهس اها لياقت پيدا ٿي ته ڪيئن ٻين انسانن سان معاشري ۾ گڏ رهي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ٺاهي، صنعتون ۽ هنر، علم ادب ۽ تعليم، فلسفي ۽ مذهب جو ڪيئن واڌارو ڪري. اهو سڀ انساني تجربو تاريخ جو موضوع آهي. تاريخ انسان جي هر پهلوءَ جي ارتقا جو نقشو آهي ۽ سندس وڌندڙ طاقت ۽ سندس مرحليوار خودشناسيءَ جو بيان آهي. اصل ۾ تاريخ انسان ذات جي اجتماعي ذهن جو (مسلسل) قصو آهي.تاريخ جو ھڪ ٻيو نالو ’تجربو‘ آھي. اسين جڏھن تاريخ جو ذڪر ڪريون ٿا، تڏھن اسين گهڻو ڪري انساني نسل جي گڏيل تجربي بابت سوچيندا آھيون؛ پر اسان مان ھر ھڪ فرد پنھنجي اڪيلي زندگيءَ جي مدت ۾ جيڪو ذاتي تجربو ڪري ٿو، اھو پڻ حقيقت ۾ تاريخ آھي.ڪرامويل جو اعتماد هو ته تاريخ جي علم ۾ ڌڻي تعاليٰ جي ذات جو عڪس ٿو ملي. هيءُ مضمون رب جي صفات جو مظهر آهي. فرائڊ جي راءِ موجب ”تاريخ هڪ اهڙي مستقل ۽ ابدي گهنڊ جو آواز آهي جو انسانذات جي ڪنن ۾ هميشه صدين کان صدين تائين حق ۽ ناحق، انصاف ۽ عدل، ظلم ۽ ڏاڍ جي قانون جي اهميت ۽ ڄاڻ جي وسيلي ٻرندو ٿو رهي“. جونز جو خيال آهي ته، ”تاريخ زندگي جي مشاهدات ۽ تجربات جي هڪ کاڻ آهي. اڄوڪن ٻارن ۾ موجود نسل جي لاءِ علم تاريخ جو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اڳوڻي زماني جي ماڻهن جي مشاهدن ۽ تجربن جو خزانو انهن کي ملي ۽ پڻ دنيا کي فيضياب ڪري.“ هربرٽ جو هڪڙو معتقد مفڪر مسٽر زلر هو، جنهن جي راءِ موجب، ”تاريخ جي علم کي اسڪولي نصاب ۾ مرڪزي حيثيت رکڻ گهرجي، ۽ باقي سڀني مضمونن کي ثانوي طور ئي تاريخ جي چوگرد تربيت ڏيڻ گهرجي.“ مٿي ڏنل ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته تاريخ جي فلسفي ۽ فائدي بابت مختلف ماڻهن ۽ مفڪرن جا متضاد رايا رهيا آهن. تنهن هوندي به هڪڙي حقيقت پڌري ٿيل آهي ته هن مخالفت موافقت يعني متضاد خيالن جو سبب هيءُ آهي ته مؤرخ ۽ مفڪر تاريخ جي علم جي وصف ۽ مقصد بابت هم خيال ۽ متفق راءِ نه رهيا آهن. هر ڪنهن فلسفيءَ ۽ مفڪر پنهنجي راءِ ۽ خيال موجب تاريخ کي سٺو يا بيڪار سمجهيو آهي، هر ڪنهن مفڪر تاريخ جي علم بابت پنهنجو مفهوم ۽ مطلب جدا جدا ٺاهيو آهي. ان ڪري هر ڪنهن جو اختلاف ۽ اتفاق صحيح ۽ درست آهي.تاريخ ماضيءَ جو هڪ منتشر، گهڻ پاسائون، تڪراري ۽ بحث طلب رڪارڊ آهي. عام طور تي هن بحث کي سلجهائڻ لاءِ تاريخي ڪتابن کان مدد وٺبي آهي. اهي تاريخي ڪتاب هن بحث جو هڪ طرف ٽوڙ به هوندا آهن، ته ٻئي طرف نوَن بحثن کي کولي هڪ نئين تڪرار يا بحث جو سبب به بڻجندا آهن. ان تڪرار يا بحث کي سلجهائڻ لاءِ ڪتاب سميت علم الدلائل کان به مدد وٺبي آهي. ڇو ته جتي ڪتاب مجموعي طرح تڪرار جو شڪار ٿي بحث کي ويتر اُلجهائي ڇڏين ٿا، ته اُتي انساني شعور، عقل، دانائي ۽ فهم ئي رهنمائي ڪري ٿو. هونئن به تاريخدان ۽ سڄاڻ پڙهندڙ رڳو ڪتابن تي نه ڀاڙيندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ڪتاب دراصل ماڻهن جا ئي لکيل هجن ٿا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مڪتبئه فڪر ۽ ڌُر سان سلهاڙيل هوندا آهن..

جرمني

جرمنيجو سرڪاري نالو فيڊرل ريپبلڪ آف جرمني يا وفاقي جمهوريه جرمني آھي .(جرمن: Bundesrepublik Deutschland, ٻُڌڻ ), اھو وچ اولھ يورپ جي وفاقي پارلياماني جمھوريت وارو ملڪ آهي.ان جي وفاق ۾ 16 آئيني رياستون شامل آھن. ان جي پکيڙ 357022 ھم چورس ڪلوميٽر (137847 ھم چورس ميل) آھي, جنھن ۾ 348672 ھم چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 8350 ھم چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي.ان جي ساحلي سرحد 2389 ڪلوميٽر آهي. روس کانپوءِ آبادي ۾ ھي يورپ جو ٻيون وڏو ملڪ آهي. ھن جي آبادي جولاء 2017 ۾ 8،05،94،017 ھئي. ھن جي موسم زياده تر ٽيمپريٽ يا معتدل يا گھٽ گرميءَ واري آھي. ھن جو وڏي ۾ وڏو شهر ء گاديءَ جو هنڌ برلن آهي. ھن جو سڀ کان وڏو ڳتيل آباديءَ وارو علائقو رھر (Ruhr) آهي جتان جا مرڪزي شهر ڊارٽمنڊ ۽ آئسن آھن. جرمني يورپي يونين جو سڀ کان وڏو آبادي وارو ملڪ آهي. ان جا ٻيا وڏا شھر ھئمبرگ(شھر)، ميونخ، ڪولون ، فرينڪفرٽ، اسٽٽگارٽ، ڊزلڊورف، ليپزگ، بريمن، ڊريسڊن، ھنور ۽ نورمبرگ آھن.

سنڌ يونيورسٽي

سنڌ يونيورسٽي (English: University of Sindh) (سنڌ ورسٽِي) هڪ تعليمي ادارو، ڄامشوري ۾ واقع آهي. هِي پاڪستان جي پُراڻي ۽ ٻيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي 1947 کان 1951 جي وچ واري عرصي ۾ ٺهي. 1951 ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طرح پڙهائي جو سلسلو جاري ٿيو. ھي يونيورسٽي 1947 ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌ يونيورسٽي ايڪٽ پاس ڪرائي 13 اپريل 1947 ۾ ڪراچي جي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پير الاهي بخش ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي جاء ۾ قائم ڪئي وئي. سنڌ جو گورنر سر فرانسس موڊي سنڌ يونيورسٽي جو پھريون چانسلر، سر غلام حسين ھدايت اللہ پرو چانسلر، اي.بي.حليم پھريون وائيس چانسلر ۽ آغا تاج محمد پھريون رجسٽرار مقرر ٿيا. مئي 1951 ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي کان حيدرآباد آندو ويو.اھا اپريل 1947 ۾ اين. جي. وي. ھاءِ اسڪول جي الھندي ونگ ۾ قائم ٿي.

فارسي ٻولي

فارسي هڪ هند-يورپي ٻولي آهي جيڪا ايران، افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

فارسی کي ايران، افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ سرڪاري ٻولي جي حيثيت حاصل آهي. ايران، افغانستان، تاجڪستان ۽ اُزبڪستان ۾ تقريباً 72 ملين ماڻهن جي مادري ٻولي آهي. يونيسڪو (UNESCO) کان به هڪ دفغو مطالبو ٿي چڪو آهي ته هو فارسي کي پنهنجي ٻولين ۾ شامل ڪري.

فارسي اسلام دنيا ۽ اولهه جي دُنيا جي لاء ادب ۽ سائنس ۾ حصو وجھڻ جو هڪ ذريعو رهي آهي. پاڙيسري ٻولين مثلاً اُردو تي هن جي ڪيترائي اثر آهن. پر عربي تي هن جو اثر گھٽ رهيو آهي. ۽ پشتو ٻولي کي ته فارسي جي ٻي شڪل قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ٻنهي جي قاعدا به ڪافي حد تائين هڪ جهڙا آهن.

برطانوي راڄ کان پهرين، فارسي کي ننڍي کنڊ ۾ ٻي ٻولي جو درجو حاصل هيو؛ هن ڏکڻ ايشياء ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ٻولي جو امتياز حاصل ڪيو ۽ مُغل دورِ حڪومت ۾ هي سرڪاري ٻولي بڻي 1857 ۾ هن جو سرڪاري ۽ دفتري رواج ختم ڪيو ويو۔ 1843ء کان ننڍي کنڊ ۾ انگريزي صرف تجارت ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. فارسي ٻولي جو هن خطي ۾ تاريخي اثر هندستاني ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻولين تي لڳائي سگھجي ٿو. خصوصاً، اُردو ٻولي، فارسي ۽ ٻيون ٻوليون جيئن عربي ۽ تُرڪي جي اثر جو نتيجو آهي، جيڪا مُغل دورِ حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيڻ واري ٻولي آهي.

فلسفو

فلسفو __فلاسافي__(Philosophy):

فلسفو يا فلاسافي لفظ اصل ۾ٻن يوناني لفظن جو ميلاپ آهي. فليو (Phileo) معنيٰ محبت يا پيار ڪرڻ ۽ سوفيا (Sophia) معنيٰ سڃاڻپ يا معلومات. ان مان ظاهر آهي ته فلسفي يا فلاسافيءَ جو مطلب سڃاڻپ يا معلومات سان محبت ڪرڻ آهي. ڏاهپ جو هڪ اهڙو علم، جيڪو ڪنهن نموني ڪائنات ۾انسان متعلق بنيادي سوالن تي بحث ڪري، مثال طور ڇا دنيا جي بناوٽ طبعي آهي؟ ڇا اسان يقين سان ڪجهه ڪري سگهون ٿا؟، ڇا اسان آزاد آهيون؟، وغيره. اهڙي دنيا سان تعلق رکندڙ ٻيا مسئلا به ان ۾ اچي وڃن ٿا. فلسفو سائنس کان مختلف آهي. هن ۾هر شيءِ تجربي سان ظاهر ڪري نه ٿي سگهجي نه وري مذهبي طور ان جي ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. فلسفو ما بعد الطبيعات، اخلاقيات، جيڪو شڪ جا دروازا کولي ٿو. اهو صحيح آهي ته سائنس به اسان کي معلومات ڏئي ٿي، پر اها معلومات فلسفي جي معلومات کان ٻئي قسم جي آهي، ڇا ڪاڻ ته سائنسي معلومات حقيقت جي صرف هڪ حصي جي معلومات ڏئي ٿي.

لسانيات

لسانيات يا علم اللسان (Linguistics) زبانن جي عام پهلوئن، خوبين ۽ خصوصيتن، رنگ ۽ ڍنگ جي مطالعي کي ’علم السان‘ چئجي ٿو. علم اللسان ڪنهن به ٻوليءَ جي آوازن، انهن جي مقرر تنظيم ۽ ترڪيب، ساخت ۽ سٽاءَ جي، اهل زبان توڙي ڌارين لاءِ هڪ تشريح آهي، علم اللسان ٻوليءَ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جو هڪ بيان آهي. هي علم، انهن جي اصولن، گهراين، معنوي ۽ صوتي تبديلين جو رڪارڊ آهي. علم اللسان زنده ۽ روزمره وارين ٻولين جي سرشتي ۽ نظام جي اُپٽار ۽ اُن جو بيان بلڪل ائين ٿو ڪري، جيئن اُهي ٻوليون، اُن وقت ۽ ان حالت ۾ ڳالهائبيون يا ٻڌبيون آهن. لسانيات جو علم ٻولين جي ماضيءَ، ماضيءَ جي ترڪيبن، لفظن جي اشتقاقن ۽ ڌاتن تي به روشني وجهي ٿو. لسانيات جي معنيٰ آهي زبان جو علم. لسانيات، يا علم اللسان، زبان جي اهميت، زندگي ۾ انساني ٻوليءَ جي علم کي چئبو آهي. فرانس جو مشهور عالم اي گوبلو پهريون ماڻهو هو، جنهن ڪتاب ”علمن جي ورهاست (1898ع)“ ۾ علم اللسان جي تعريف بيان ڪندي ان جي اهميت تي پڻ بحث ڪيو اٿس.ايف سي باڪٽ لسانيات جي تعريف هن نموني ڪري ٿو ”زبان جي باري ۾ منظوم علم کي لسانيات چيو ويندو آهي . گلسين وري لسانيات جي باري ۾ ڪجهه هن ريت خيال ونڊي ٿو: ”لسانيات اها سائنس آهي جيڪا زبانن جي ٻاهرين ساخت جي اعتبار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.“لسانيات ھڪ اھڙو مضمون آھي جنھن ۾ انساني ٻولين جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ٻولين جي موجوده صورت جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ٻولين ۾ وقت سان گڏ ٿيڻ واريون تبديلين جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ مختلف ٻولين جي پاڻ ۾ مشابھت جي باري ۾ مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ان سان گڏوگڏ ھن شيءِ جو به مطالعو ڪيو ويندو آھي تہ ٻولين جو ھن دنيا جي ٻين شين سان ڇا تعلق آھي۔

مُک صفحو

”سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.“

ٽيڪسانامي

ٽيڪسانامي: Taxonomy(سانچو:Ety) ھڪ سائنس جو نالو آهي جيڪا جاندارن جي درجابندي جي لاءِ ٺھيل قانونن جي باري ۾ علم حياتيات جي ھڪ شاخ آھي جنھن ۾ جاندارن جي بناوٽ ۾ موجود گڏيل ۽ اختلافي خاصيحتن تي بحث ڪيو وڃي ٿو. ھن علم وسيلي جاندارن جي وضاحت، سڃاڻپ، درجہ بندي ۽ انھن جي نالن رکڻ جي مدد ملي ٿي. حياتياتي ماهرن جانورن جي لکن ۾ قسمن کي مختلف گروھن ۾ ورھائي ڇڏيو آهي جيئن انھن جي مطالعي ۾ آساني ٿئي. مخصوص قسم جي خاصيتن وارن جاندارن کي ننڍن گروھن ۾ تشڪيل ڏنو ويو آهي ۽ انھن جي گڏيل خاصيتن جي بنياد تي وڏا گروھ يعني ڪنگڊمز ٺاھيون ويون آهن. ٻہ گروھي ۽ ان کان پوءِ پنج گروھي درجابندي نظام شروع ڪرايا ويا جنھن سان سڀني جاندارن جي باري ۾ مطالعي کي آسان بڻايو ويو. انھن گروھن جا نالا ترتيبوار ھن طرح آھن: ڊومين ; ڪنگڊم،

فائلم ، ڪلاس، آرڊر ، فيملي ۽ جينس ۽ جنس . حياتياتي درجابندي ڪرڻ جو بنيادي ايڪو اسپيشيز يا جنس آهي. جنس اھڙن جاندارن جو گروھ آھي جنھن جون طبعي خاصيتون ھڪجھڙيون ٿين ٿيون. ويجھڙائيءَ جي ملندڙ جلندڙ اسپيشيز کي گڏائي جنرا genera چئبو آهي. جنرا کي گڏائي فيمليز، وري فيمليز کي گڏائي آرڊرس، وري آرڊرس کي گڏائي ڪلاسز ۽ ڪلاسز کي گڏائي فائلا phylla يا بڻ بڻياد ۾ رکيو ويندو آهي.اھڙي طرح فائلا يا بڻ بڻياد کي گڏائي ڪنگڊمز ۾ رکيو ويندو آهي.

اهڙي سائنسي ڄاڻ يا مشاهدو جنهن جو واسطو جاندارن جي درجي بندي سان هجي ته ان کي جنس بندي يا ٽئڪسانامي (Taxonomy) چئبو آهي (ٽئڪساس - ترتيب ، نامس - قانون )۔ تنهن ڪري ٽئڪسانامي جو واسطو جاندارن جي قانوني ترتيب يا درجي بندي سان هوندو آهي ۔ وصف (Definition ) هي حياتيات جي اهڙي شاخ آهي جنهن جو واسطو جاندارن جي بناوتن هڪجهڙائي ۽ فرق جي تشريح سڃاڻپ درجي بندي ۽ نالي ڏيڻ سان آهي

.

پاڪستان

اسلامي جمھوريہ پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي، جيڪو 300 00' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو.23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان کي اسلامي جمھوريہ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو.

ڪتاب

ڪتاب ڪنهن هڪ مضمون يا مختلف مضمونن تي لکيل يا ڇاپيل صفحن جي مجموعي کي چيو ويندو آهي. ڪتاب عام طور تي ڪاغذ جي صفحن تي لکيل يا ڇپيل هوندو آهي جن جي جلد بندي ٿيل هوندي آهي. موجودہ دور ۾ سائنس جي ترقي جي ڪري ڪتاب صرف ڪاغذ تي ڇپيل تحریر نہ رهيو آهي، بلڪہ ڪتاب ھاڻي انٽرنيٽ ۽ بڪ ريڊر جي ذریعي ڊجيٽل ٿي چڪو آهي.

چوپڙي يا بڪليٽ (booklet/Bibelot) ننڍڙو ڪتابڙو، جيڪو ٿورن ۽ ننڍن صفحن تي ٻڌل هجي.

ڪراچي

ڪراچي (اردو: کراچی) (انگريزي: Karachi)پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آھي۔ ڪراچيءَ جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ به سڏيو ويندو آهي.اھو دنيا جو آبادي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر آھي, وڏن شهرن جي لسٽ

گوگل

گوگل (انگريزي ٻولي: Google) هڪ سرچ رٿا طور جنوري 1996ع ۾ ليري پيج (Lerry page) ۽ سرجي برن (Sergey Brin) شروع ڪيو هو، جيڪي اسٽينفورڊ يونيورسٽي ڪيليفورنيا ۾ پي ايڇ ڊي جا شاگرد هئا. گوگل شروع ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته ڪا اهڙي ڳولا انجڻ (Search Engine) ٺاهجي، جيڪا ان دور جي ڳولا انجڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ نتيجا گهٽ وقت ۾ ڏيکاري. گوگل جو شروعاتي نالو ”Back Rub“ هو. ان کان پوءِ 14 سيپٽمبر 1997ع ۾ گوگل ڪام جو domain رجسٽر ٿي ويو ۽ 7 سيپٽمبر 1998ع ۾ Google Inc نالي ڪوٺي کولي وئي. گوگل ڳولا جي دنيا کان سواءِ ٻيون به ڪافي شيون متعارف ڪرايون آهن، جن ذريعي اڄ دنيا ۾ ڪا به شَيِ ناممڪن ناهي رهي. اچو ته توهان سان انهن شين جو تعارف ڪرايون.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.