ثقافت

ثقافت(CULTURE)(/ˈkʌlər/) جي معنيٰ اھي ڪنھن شيءِ يا انسان جي جسماني ۽ ذھني نشونما ۽ سڌارو. اصطلاح طور ثقافت مان مراد ”انسان جي ذاتي ۽ اجتماعي نشونما جا سمورا پھلو“ ورتي وڃي ٿي. ڪنھن معاشري جي رهاڪن جي عقيدن، علم، رھڻي ڪھڻي، ٻوليءَ ريتن رسمن، زندگيءَ جي وھنوار، ۽ حرڪت وغيره کي گڏي ثقافت ڪوٺيو وڃي ٿو . ثقافت ئي ڪنھن قوم جي سڃاڻپ ھوندي اھي. ثقافت ان قوم جو اھو مشترڪ قدر اھي، جنھن سان نہ فقط ان جي پنھنجي سڃاڻپ ٿئي ٿي، بلڪہ ٻين سماجن کان الڳ حيثيت جي مڃتا ٿئي ٿي. ثقافت يا ڪلچر جي باري ۾ مفڪرن جا مختلف رايا آھن. ميٿيو ارنلڊ جو چوڻ اھي تہ ”ثقافت فرد جي مڪمل جوڙجڪ جي ڪوشش ڪندي اھي، جا خوبصورتي، ذھانت ۽ روشني تي مرتب اھي.“ ثقافت ترقي ۽ ڪمال جو ٻيو نالو اھي ۽ اها تبديل پذير ٿئي ٿي.[1]ثقافت ڪنھن معاشري ۾ موجود انھن رسمن ۽ رواجن کي چيو ويندو آهي جن تي اتان جا تمام رھاڪو گڏيل طور تي عمل ڪندا هجن.

ثقافت (Saqaafat) ھڪ اڻ کُٽ اظھار خيال، جذبي ۽ عمل جو نالو آھي. جھڙي طرح سج جي روشني سڄي انساني حيات لاءِ ضروري آھي، اھڙي طرح ڪلچر به انسان ذات جي اندروني ۽ ظاھري اصلاح لاءِ ضروري آھي. جھڙيءَ سڄي انسان ذات بنيادي طور تي ھڪ جنس آھي، پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورھايل آھي، اھڙي طرح آخري طور تي سڃي انسان ذات جو ڪلچر به ھڪ ٿيڻو آھي. پر ھر مُلڪ ۽ قوم وٽ ھزار ورھين جي تجربي، ڄاڻ، ماحول جي اثرن، نسلي رجحانن ۽ گڏل ميلاپ کانپوءِ ڪلچر به وڌي ويجھي ٿو ۽ خاص صورت وٺي ٿو ۽ قومن قومي ورثو ٿي پوي ٿو. جنھن کي قيمتي ذخيرو سمجھي محفوظ رکندا آھن. اڳتي ھلي جڏھن جدا جدا قومن جي ثقافتن مان انسان ذات جو ھڪ ڪلچر ٺهڻو آهي ته اُن ۾ صلاحيت وارا ڪلچر تاڃي پيٽي جو ڪم ڏيندا ۽ اَڀاڳا ڪلچر ڦٽا ڪري ڇڏيا ويندا.[2]

زنده قومن لاءِ يا ايندڙ نسلن لاءِ ثقافت جو هجڻ ائين لازمي آهي، جيئن جسم ۾ دل جو هجڻ ضروري آهي. هڪ اولھ (مغربي) ليکڪ جو خيال آهي: ”ثقافت جي لفظي معنا آهي عقيدتمند هجڻ، نيڪ هجڻ، روحاني خواهشات، لطف جذبن ۽ احساسن جي آنند جي ذريعن ۽ وسيلن کي ثقافت چئجي ٿو.“ ثقافت سان گڏ ٻي لاڳاپيل شئي تهذيب آهي، جهڙيءَ طرح روح ۽ جسم گڏجي زندگيءَ کي وجود ڏين ٿا، اهڙيءَ طرح تهذيب ۽ ثقافت سماج جا بنيادي ذريعا آهن. انهن کانسواءِ زندگي صحيح رنگ ۾ اڳيان نٿي اچي سگهي. ثقافت اسانجو تخليقي سرمايو آهي. اُهي قومون يا نسل سدائين دنيا ۽ تاريخ جي سنهري ورقن تي جيئرا آهن، جن پنهنجي پاڪ ۽ پوتر سوچن کي سدائين قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ثقافت کي ”جيئرو“ رکيو آهي. تهذيب ۽ ثقافت اسان کي ذهني پستيءَ جي غارن مان ڪڍيو آهي. پر انهيءَ سان گڏ ڏٺو وڃي ته تهذيب ۽ ثقافت هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل به آهن، پر سندن نقطه فڪر ۾ جدا جدا حيثيت پڻ آهي. ثقافت جو لاڳاپو باطني زندگيءَ سان، احساسن ۽ جذبن سان هوندو آهي. جڏهن ته مادي ضرورتن جي وسيلن ۽ ذريعن جي پورائي کي تهذيب چئبو آهي. تهذيب متاثر به ڪري ٿي ۽ اثر به قبول ڪري ٿي. ثقافت انهن معيارن جو مجموعو آهي، جيڪي ڪنهن کي قوم کي ورثي ۾ مليون آهن. انهنجو جو دائرو وسيع آهي ان ۾ انسان جي جذبن ۽ احساسن جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ثقافت پردو آهي، ثقافت حجاب آهي، ثقافت سونهن آهي، صفائي ۽ پويترتا آهي. جيئرو رهڻ لاءِ ، ڀرپور زندگي مثل آهي. ثقافت، انسانيت سان پيار ڪرڻ جو نانءُ آهي، ثقافت، سرهاڻ آهي، ان سان حُسن ۽ زندگيءَ جو لاڳاپو قائم ٿئي ٿو، ثقافت عڪس آهي، ۽ ايندڙ نسلن لاءِ آئينو آهي..[3]

Chinese honor guard in column 070322-F-0193C-014.JPEG
سماجي ۽ سياسي تنظيم ھر ثقافت ۾ مختلف ھوندي آھي
Hacker-Pschorr Oktoberfest Girl Remix
جشن _ مقامي ثقافت ۾ رسمون۽ رواج جي اھميت ھوندي آھي.
AltamiraBison
انسان جو علامتي اظھار قديم تاريخ کان اول کان جديد دور تائين.
Sri Mariamman Temple Singapore 3 amk
مذھب ۽ انساني ڪلچر
Gobustan ancient Azerbaycan full
ثقافت جا اھڃاڻ

حوالا

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. ڪتاب؛ سنڌي ڪلچر، ليکڪ؛ جي ايم سيد
  3. {رسالو: سرتيون؛ مضمون : ثقافت ؛از: زيب النساء شاھ ؛ جون 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‏“ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﺁگسٽ 2009 ﻉ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو . ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ 5 ﺟﻠﺪ پوﺭﺍ ٿي چڪﺎ ﺁﻫﻦ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺟﻠﺪ ڇهون پڻ ڇپائيء ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺮﺣﻠﻲ ۾ ﺁهي. انسائيڪلوپيڊيا ۾ گهڻو حصو سنڌ سان لاڳاپيل مضمونن تي آهي جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه ،وهڪرا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ، آبي ۽ زميني پکي ۽ حياتيات، رسالا، ڪتاب، اخبارون، صحافي،اديب،شاعر،عالم، علمي ادبي ادارا، ريتون رسمون ، هنر، ڳوٺ، ديهون ، قومون، قبيلا، ذاتيون، مذهب ، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، خانقاهون، درگاهون، قبرستان، ميلا ملاکڙا، سياسي شخصيتون وغيره ۽ بقايا حصو دنيا سان لاڳاپيل ڪائناتي، سائنسي ۽ ٻين موضوعن تي مواد، ايجادون وغيره شامل آهي.

ﻫﻦ ﺍﻫﻢ ﺭٿا ﺟﻮ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎڪﻮ ﺗﻪ 1998ء ۾ جڙﻳﻮ ﭘﺮ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺍڳ سنڌﻱ ٻوﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﺎ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻗﻴﺎﻡ ﺑﻌﺪ 1991ء ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﺍهڙﻱ ﺭٿا ﺗﻲ ﺳﻮﭺ ﻭﻳﭽﺎﺭ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺷﺮﻭﻉ ٿيو ﻫﻮ . ﺑﻌﺪ ۾ ڊﺍڪٽر ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﻫﻦ ﺭٿا ﺟﻮ اﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎڪﻮ ﺗﻴﺎﺭ ڪﻴﻮ ۽ 1998ء ۾ ٻولي ﺍٿارٽيءَ ﺟﻲ تڏﻫﻮڪﻲ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺑﺎﻗﺎﺋﺪﻱ ﺭﻳﺴﺮﭺ ﺳﻴﻞ ٺاﻫﻲ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﻋﺎﻟﻢ ﺷﻴﺦ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﮐﻲ ﺍﻧﭽﺎﺭﺝ ﻣﻘﺮﺭ ڪﺮﻱ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮﻥ ﺟﻲ ٽيم ﺗﺮﺗﻴﺐ ڏﻧﻲ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ سنڌ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺿﻠﻌﻲ ۾ ﺍﺩﻳﺒﻦ ۽ سهڪﺎﺭﻱ ﺳﺎٿين ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﻮﺍﺩ ۽ ﺗﺼﻮﻳﺮﻭﻥ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺟﻲ سهڪﺎﺭ ﻻﺀِ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﺎ ﻭﻳﺎ. ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ ﺟﻨﺎﺏ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﺟﻮﻳﻮ، ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ ، ڊﺍڪٽر ﺍﻟﻠﻪ ﺭﮐﻴﻮ، ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺣﺴﻴﻨﻲ، ڊﺍڪٽر ﺷﻤﺲ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻨﻴﻮ ۽ ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﻫﺌﺎ . ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڪﻢ لڳ ڀڳ ﭘﻮﺭﻭ ٿيو ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ڇپاﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﺮﺣﻠﻲ ﮐﺎﻥ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻮ، ڇاڪﺎڻ ﺗﻪ 2001 ﻉ ۾ ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺟﻲ ﻭڃڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺍسڪﻴﻢ ﺗﻲ ڪﻢ ﺑﻨﺪ ٿي ﻭﻳﻮ .

2008ء ۾ جڏﻫﻦ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ، سنڌﻱ ٻوﻟﻲ ﺍٿارٽيءَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﭘﺮﺳﻦ ﻣﻘﺮﺭ ٿي ﺁﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺗﺮﺟﻴﺤﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻥ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺭٿا ﺗﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ .ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺑﺪﺭ ﺍبڙﻱ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ميمڻ ﺟﻲ ﺭﻫﻨﻤﺎﺋﻲﺀَ ۾ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮﻥ ٻيهر ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ۽ ﺻﺒﺢ ﺷﺎﻡ ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﺳﺎﻥ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺟﻠﺪ ڇپجي ﻣﺎﺭڪيٽ ۾ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻦ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻧﻲ ۽ ﺍﺩﺍﺭﺕ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ ڪﺌﻲ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻮ سيڪريٽري ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ پڻ ﺳﻨﺪﺱ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.

ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﺎ ٽي ﺟﻠﺪ ” ﺍﻟﻒ ﮐﺎﻥ ﺥ “ ﺍﮐﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ پڌﺭﺍ ٿر چڪﺎ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﻥ ﮐﻲ پڙﻫﻨﺪڙﻥ ﺳﺎڃهه ﻭﻧﺪ ﻃﺒﻘﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﻣﻮٽ ﻣﻠﻲ ﺁﻫﻲ . ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ، ﺭﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺗﻌﺮﻳﻔﻲ، ﺗﻨﻘﻴﺪﻱ ۽ ﺗﺠﺮﺑﺎﺗﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ۽ ﺧﻂ پڻ ڇپيا . ﻫﻴﻞ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﭼﺌﻨﻲ ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ ڏﺳﺠﻲ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ ﭘﻴڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﺎ 2684 ﺻﻔﺤﺎ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ۾ 10848 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﭘﻴﺶ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ ﺍﻫﻦ . ﺳﻤﻮﺭﻱ ڇپاﺋﻲ ﺁﺭٽ ﭘﻴﭙﺮ ﺗﻲ ﺭﻧﮕﻴﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮﻥ ﺳﺎﻥ ٿيل ﺁهي.

ﺗﻴﺎﺭ ٿيل ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ

ﺟﻠﺪ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ: ﺍﻟﻒ ﺏ ٻ ﺍﮐﺮﻥ ﺗﻲ ﻋﻨﻮﺍﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺟﻠﺪ ۾ 648 ﺭﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺑﺎﺗﺼﻮﻳﺮ ﺻﻔﺤﺎ ﺁﻫﻦ. ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺟﻠﺪ ۾ ڪﻞ 3712 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڇاﭘﻮ ﺁگسٽ 2009ء ﺟﻮ ﺁﻫﻲ .

ﺟﻠﺪ ٻيون: ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ٻيون ﺟﻠﺪ ‏( ڀ ﺕ ٿ ٽ ٺ ﺙ ‏) ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ، جيڪﻮ پڻ ﺭﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺁﺭٽ ﭘﻴﭙﺮ ﺗﻲ ڇپيل ﺁﻫﻲ، ٻئي ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪﺍﺩ 2570 ﺁﻫﻲ . 728 ﺻﻔﺤﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﺁﺧﺮ ۾ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻞ ﻋﻨﻮﺍﻧﻦ ‏( ﺍﻟﻒ ﮐﺎﻥ ٻ ‏) ﺟﻮ ﺿﻤﻴﻤﻮ پڻ ﺷﺎﻣﻞ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ٻئي ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڇاﭘﻮ ﻣﺌﻲ 2010ء ﺟﻮ ﺁﻫﻲ .

ﺟﻠﺪ ٽيوﻥ: ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ٽيون ﺟﻠﺪ ‏( ﭖ ﺝ ‏) ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ . 700 ﺻﻔﺤﻦ ﺗﻲ ڇپيل ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ۾ 2533 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻠﺪ ٽيوﻥ ﻣﺎﺭﭺ 2011 ﻉ ۾ ڇپيو .

ﺟﻠﺪ ﭼﻮٿوﻥ: ﻫﻲ ﺟﻠﺪ ﺍﭘﺮﻳﻞ 2012ء ﺟﻲ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﻫﻔﺘﻲ ۾ پڌﺭﻭ ڪﻴﻮ ﻭيو . ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ۾ ‏( ڄ ﺟﻬﻪ ڃ ﭺ ڇ ﺡ ﺥ ‏) ﺟﻲ اکرﻥ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻠﺪ ﭼﻮٿوﻥ 608 ﺻﻔﺤﻦ ۽ 2033 ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ. سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﺍﻳﻨﺪڙ ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻲ ﻣﺘﻔﺮﻕ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺟﻮ ڪﻢ پڻ ﺗﻴﺰﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﺟﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ ﺟﻠﺪ ﭘﻨﺠﻮﻥ 2012ء ۾ پڌرو ڪيو ويو.

ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻥ ۽ ﭼﻴﻒ ﺍيڊيٽر ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍيڊيٽر ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ﺭٿا ﺟﻲ ڊﺍﺋﺮيڪٽر ﻃﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ميمڻ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﻳﺌﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻣﺎﻫﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﻣﻮﺿﻮﻋﺎﺗﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﻣﻮﺍﺩ ﺟﻲ ﻧﻈﺮﺛﺎﻧﻲ پڻ ڪﺮﺍﺋﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ : ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ، ڊﺍڪٽر ﺣﺒﻴﺐ ﺍﻟﻠﻪ ﺻﺪﻳﻘﻲ، ﺳﻴﺪ ﻗﻠﻨﺪﺭ ﺷﺎﻫﻪ لڪﻴﺎﺭﻱ، ﺳﻴﺪ ﺣﺎڪﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﺨﺎﺭﻱ، ﻭﻟﻲ ﺭﺍﻡ ﻭلڀ، ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﻻﮐﻮ ۽ ڊﺍڪٽر ﺷﻤﺲ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻨﻴﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ .

ﺍﺩﺍﺭﻱ ۾ ﻗﺎﺋﻢ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ ﺳﻴﻞ ۾ هيٺ ڄاڻاﻳﻞ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ۾ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﺁﻫﻦ : ﺷﻮڪﺖ ﭼﺎچڙ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﺻﻔﺪﺭ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﺮﺯﺍ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻭﺍﺣﺪ ﭘﺎﺭﺱ ﻫﻴﺴﺒﺎڻي ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻫﻴﻤﻮﻥ ڪﺎﻻڻي ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻋﺎﻣﺮ ﺳﻴﺎﻝ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ؛ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮ ﻃﻮﺭ ﺿﺮﺍﺏ ﺣﻴﺪﺭ، ﺷﻔﻴﻊ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ، ﺳﺎﺟﺪ ﭼﺎنڊﻳﻮ، ﻏﻼﻡ ﺭﺳﻮﻝ مڱرﻳﻮ، ﺳﺮﺩﺍﺭ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ، ﻧﺎﺻﺮ ﻗﺎﺿﻲ، ﻋﻠﻲ ﻧﻮﺍﺯ ﺁﺭﻳﺴﺮ، ﻋﻨﺒﺮﻳﻦ ﺧﺎﺻﺨﻴﻠﻲ، ﺯﻳﻨﺖ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ، ﺭﺍﺳﻴﻪ ﺑﺸﺎﺭﺕ، ﺍﻣﺮ ﺧﻮﺭﺷﻴﺪ ۽ ﺻﺎﺋﻤﻪ ﻳﻮﺳﻒ ٽيم ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ .

ٽيڪنيڪﻲ ﻋﻤﻠﻲ ۾ ڪﻤﭙﻮﺯﺭ / ﮔﺮﺍﻓڪﺲ ڊﺯﺍﺋﻨﺮ ﻃﻮﺭ، ﺗﻮﻻ ﺭﺍﻡ ﺳﻮٽهڙ، ﭘﺎﺭﺳﻪ ﺭﺿﻮﻱ، ﻧﻈﻴﺮ ﭼﺎنڊﻳﻮ، ﻋﺮﻓﺎﻥ ميمڻ ۽ ﺭﺣﻴﻢ ﭘﺎﺷﺎ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ - ﮐﻲ ﻭﻳﺐ ﺳﺎئيٽ ﺗﻲ ﺁﻥ ﻻﺋﻴﻦ ڪﺮڻ ﻭﺍﺭﻱ ڪﻮﺷﺸﻦ ۾ ﻓﻬﺪ ميمڻ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﻋﻤﻞ ﺁﻫﻲ، ﺳﺎڻس گڏ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺨﺶ ڀنگر، ﺍﺣﺴﺎﻥ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۽ ﭘﺮﻭﻳﺰ ﻧﻴﺎﺯ ﻫﻤﺎﻳﻮﻧﻲ ٻانهن ٻيلي ﺁﻫﻦ .

ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﻣﻬﻮﺭﺕ ﺟﻲ ﺗﻘﺮﻳﺐ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﻗﺎﺋﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻩ، تڏﻫﻮڪﻲ ﻭﻗﺘﻲ ﮔﻮﺭﻧﺮ ﻧﺜﺎﺭ کهڙﻱ ۽ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ سياﺣﺖ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ﺳﺴﺌﻲ ﭘﻠﻴﺠﻮ، سنڌﻱ ﻟﺌﻨﮕﺌﻴﺞ ﺍٿاﺭٽيﺀَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﭘﺮﺳﻦ ۽ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻥ ﺍﻋﻠﻰ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ميمڻ جن شرڪت ڪئي.

انگريزي ٻولي

انگريزي (انگريزي ٻولي: English) انگلينڊ سميت دنيا ڀر سڄي دنيا ۾ ڳالهائي ويندڙ هڪ وسيع ٻولي آهي جيڪا ڪيترن ئي ملڪن ۾ بنيادي ٻوليءَ جي طور تي ڳالهائي وڃي ٿي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ثانوي (سيڪنڊري) يا سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت رکي ٿي۔ انگريزي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهي ۽ سمجهي ويندڙ ٻولي آهي جڏهن ته هيءَ سڄي دنيا ۾ رابطي جي ٻولي سمجهي وڃي ٿي۔

مادري ٻولي (مادري زبان) جي طور تي دُنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي جديد چيني ٻولي آهي جنهن کي 70 ڪروڙ فرد ڳالهائين ٿا، ان کانپوءِ انگريزي آهي، جيڪا گهڻا ماڻهو ثانوي (ٻئي ٻولي, سيڪنڊري لينگوج) يا رابطي جي زبان جي طور تي ڳالهائيندا آهن جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارن فردن جو انگ هڪ ارب کان مٿي ٿي ويو آهي۔

سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 35 ڪروڙ 40 لَک فردن جي مادري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن ته ٻي ٻوليءَ جي حيثيت سان انگريزي ڳالهائڻ وارن انگ 15 ڪروڙ کان ڏيڍ اربن جي وچ ۾ آهي۔

انگريزي، مواصلات، تعليم، ڪاروبار، هوا بازي، تفريح، سفارتڪاري ۽ انٽرنيٽ ۾ سڀ کان اعليٰ بين الاقوامي ٻولي آهي۔ هي 1945ع ۾ گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کان هينئر تائين ان جي سرڪاري ٻولين منجهان هڪ آهي۔

انگريزي بنيادي طور تي اولھ جرمينڪ ٻولي آهي، جيڪا آڳاٽي انگلش مان ٺهي آهي۔ سلطنتِ برطانيا جي سرحدن ۾ ڊيگهه ويڪر سان گڏوگڏ هيءَ ٻولي به انگلستان مان نڪري آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ سميت سڄي دنيا ۾ پکڙجندي وئي ۽ اڄ برطانيا يا آمريڪا جي اڳوڻي نو آبادين مان اڪثر ۾ هيءَ سرڪاري ٻولي آهي جن ۾ پاڪستان، گهانا، ڀارت، نائجيريا، ڏکڻ آفريڪا، ڪينيا، يوگينڊا ۽ فلپائن پڻ شامل آهن۔

سلطنتِ برطانيا جي وسيع سرحدن باوجود انگريزي 20 هين صديءَ تائين دنيا ۾ رابطي جي ٻولي نه هئي، ان کي هي مقام ٻئي جنگ عظيم ۾ آمريڪا جي فتح ۽ سڄي دنيا ڀر آمريڪي ثقافت جي مشهوري جي ذريعي حاصل ٿي آهي، مواصلات جي ذريعين ۾ تيز ترقيءَ انگريزي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ (گهرج) جو سبب بڻي آهي.

انگريزي (English):هن ٻوليءَ جا ڪوڪني (Cockney) سوس (Scouse) گوردي (Geordi) -اوڀر- انگيليا (East Angilia)، برمن، سائوٿو ويلز، ايڊنبرگ، -بيل- فاسٽ (Belfast) ڪارن وال (Cornwal) ڪمبرلينڊ (Cumberland) مرڪزي ڪمبرلينڊ (Central Cumberland) ديور شاير (Devar shire) اڀرندي ديور شاير (Eastren devar) ڊورسيٽ (Dorset) دُرهم (Durham) بولٽن لينڪ شاير (Bolton Lancashire) ريڊڪلف لينڪ شاير ناٿرميرلينڊ. نارفوڪ (Norfolk) نيوڪبسل نارٿم برلينڊ، ۽ ٻيا لهجا آهن. هي -ٻولي- جرمن ٻوليءَ سان 60 سيڪڙو فرينچ سان ۽ 27 سيڪڙو ۽ روسيءَ سان 24 سيڪڙو مشابهت رکي ٿي.

هن ٻوليءَ جو اصل وطن برطانيا آهي، پر آمريڪا، اندورا، انگلوئلي، اروبا، آسٽريليا، برازيل، برٽش انڊيا، برٽش ورجن، آئيزلينڊ، برونائي، ڪمبوڊيا، ڪيمرون، ڪئنياڊا، ڪي مين آئيز، چين، هندوستان ۽ -پاڪستان-، -جپان- ۽ ٻيا سوين ملڪ -جن- ۾ -انگريزي- نه صرف ڳالهائي وڃي ٿي، پر -تعليم- جو ذريعو به -انگريزي- آهي. ڪيترن ملڪن ۾ برطانيا ۽ آمريڪا کان سواءِ هيءَ ٻولي سرڪاري ۽ قومي ٻوليءَ طور شامل آهي. دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي سڄو عام ۽ سائنسي ڪم هن ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. ان لاءِ هن کي سائنسي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي.

هيءَ ٻولي هند يورپيائي، جرمنيائي، اولهه انگريزي ٻولين جي خاندان مان آهي. هي ٻولي رومن خط ۾ لکي وڃي ٿي. برطانيه ۾ 55000000 ۽ دنيا ۾ 1999ع جي رپورٽ موجب 30935280 ماڻهو هي -ٻولي- ٻي ٻوليءَ طور لکن پڙهن ٿا. آسٽريليا ۾ 15682000 ماڻهو، بربادوس ۾ 13000، برازيل ۾ 55998، برمودا ۾ 58800، (هتي به هي سرڪاري ٻولي آهي) برٽش انڊيا ۾ سرڪاري ٻولي، برونائيءَ ۾ قومي ٻولي 8000 ڳالهائڻ وارا، ڪمبوڊيا ۾ فرنيچ ٻوليءَ جي جاءِ وٺي رهي آهي، ڪينياڊا ۾ سرڪاري -ٻولي- 17100000 ڳالهائڻ وارا، چين ۾ (1993ع) 54000 خاص طور هانگ ڪانگ ۾، ايٿوپيا ۾ (1986ع) سرڪاري ٻولي. فجي ۾ (1976ع) 4929 سرڪاري ٻولي، گمنبيا هڪ هزار ماڻهن جي سرڪاري ٻولي، گهانا (1977ع) ۾ 1000000 سرڪاري ٻولي، گوانا ۾ قومي ٻولي، هندوستان ۾ قومي ٻولي 11021610 ڳالهائڻ وارا، آئرلينڊ ۾ قومي ٻولي 2600000 ڳالهائڻ وارا، -اسرائيل- ۾ انگلٽ (Anglit) لهجو ڳالهائجي ٿي. سرڪاري -ٻولي- شيم ئيل آهي (1993ع) ۾ 100000 ڳالهائڻ وارا، ڪينيا ۾ سرڪاري ٻولي، لبنان ۾ هي ٻولي گهرن يا بزارن ۾ ڪانه ڳالهائجي صرف 3300 (2004ع) ڳالهائڻ وارا، مالوي ۾ سرڪاري ٻولي 18000 هزار ڳالهائڻ وارا، مالٽا ۾ سرڪاري ٻولي 2400 ڳالهائڻ وارا. ماريشش ۾ سرڪاري -ٻولي- صرف 3000 ڳالهائڻ وارا. نائيجريا ۾ ڏهه لک، نيوزلينڊ ۾ سرڪاري ٻولي 3213000 ڳالهائڻ وارا ۽ ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ۾ تمام گهڻو ادب پيدا ٿئي ٿو.

جرمني

جرمنيجو سرڪاري نالو فيڊرل ريپبلڪ آف جرمني يا وفاقي جمهوريه جرمني آھي .(جرمن: Bundesrepublik Deutschland, ٻُڌڻ ), اھو وچ اولھ يورپ جي وفاقي پارلياماني جمھوريت وارو ملڪ آهي.ان جي وفاق ۾ 16 آئيني رياستون شامل آھن. ان جي پکيڙ 357022 ھم چورس ڪلوميٽر (137847 ھم چورس ميل) آھي, جنھن ۾ 348672 ھم چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 8350 ھم چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي.ان جي ساحلي سرحد 2389 ڪلوميٽر آهي. روس کانپوءِ آبادي ۾ ھي يورپ جو ٻيون وڏو ملڪ آهي. ھن جي آبادي جولاء 2017 ۾ 8،05،94،017 ھئي. ھن جي موسم زياده تر ٽيمپريٽ يا معتدل يا گھٽ گرميءَ واري آھي. ھن جو وڏي ۾ وڏو شهر ء گاديءَ جو هنڌ برلن آهي. ھن جو سڀ کان وڏو ڳتيل آباديءَ وارو علائقو رھر (Ruhr) آهي جتان جا مرڪزي شهر ڊارٽمنڊ ۽ آئسن آھن. جرمني يورپي يونين جو سڀ کان وڏو آبادي وارو ملڪ آهي. ان جا ٻيا وڏا شھر ھئمبرگ(شھر)، ميونخ، ڪولون ، فرينڪفرٽ، اسٽٽگارٽ، ڊزلڊورف، ليپزگ، بريمن، ڊريسڊن، ھنور ۽ نورمبرگ آھن.

خيبر پختونخوا

خيبر پختونخوا(انگريزي: Khyber Pakhtunkhuwa ) يا مختصر طور تي ڪي پي ڪي (KPK) يا پختونخوا . جنھن جو پراڻو نالو اتر اولھ سرحدي صوبو يا NWFP ھيو ،پاڪستان جي چار صوبن مان هڪ صوبو آهي. جيڪو پاڪستان جي اُتر اولھہ حصّي ۾ واقع آهي . هن جو پراڻو نالو سرحد صوبو هو. رقبي (پکيڙ) جي لحاظ کان پاڪستان جي چئن صوبن مان سڀ کان ننڍوجڏنهن ته آبادي جي لحاظ کان ٽيون وڏو صوبو آهي۔ ان جي اُتر حصّو سرسبز ۽ شاداب علائقن تي مشتمل آهي، جِتي ماڻهو مختلف علائقن کان سير ۽ تفريح جي لاءِ ايندا آهين۔ ۽ ڏکڻ حصّو شهرن تي مشتمل آهي جِتي پاڪستان جا گهڻا ئي اهم ادارا ۽ صنعتون موجود آهن۔ صوبائي ٻولي پشتو ۽ صوبائي گاديءَ جو هنڌ (دارالحڪومت) پشاور آهي۔

سنڌ

سنڌ (انگريزي ٻولي: Sindh، اردو: سندھ)، پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي اوڀر طرف واقعي آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراض جي لحاظ کان سنڌ ٽيون نمبر وڏو صوبو، ۽ پنجاب کان پوءِ آبادي جي لحاظ کان ٻيون نمبر وڏو صوبو آهي. اولهه طرف سنڌ جا حدون بلوچستان، اتر طرف پنجاب، اوڀر طرف هندوستان جي راجستان ۽ گجرات سان لڳن ٿيون. سنڌ جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقعي آهي. سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر رڻپٽ واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو. سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جبل واقع آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.

ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بينڪن جو سسٽم موجود آهي، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن. باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي، جيڪي لاتعداد ميوا، ڀاڄيون، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي.

سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفي ازم جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ مهاجر (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا) برمي، ملباري، بنگالي، وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن.سنڌ ۾ يونيسڪو(UNESCO) طرفان ٻه مقام عالمي ورثو قرار ڏئي پنهنجي نگرانيءَ ۾ آندا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مڪلي جون ٽڪريون (ٺٽو) ۽ ٻيو موهن جو دڙو (لاڙڪاڻو) شامل آهن.

سنڌي

سنڌي مان مراد ٿي سگهي ٿو:

سنڌ، پاڪستان جي ھڪ صوبي سان تعلق رکندڙ

سنڌي ماڻهون، سنڌ ۾ ھڪ نسلي گروھ

سنڌي ٻولي، سنڌين پاران ڳالھائي ويندڙ ھند-آريائي ٻولي

سنڌي ثقافت

سنڌي کاڌا

سنڌي لباس

سنڌي موسيقي

سنڌي ثقافت

سنڌ جي ثقافت __سنڌي ثقافت _&(Sindhi Culture):

بنيادي طرح سنڌ جي ثقافت پيار، محبت، رواداري، سيڪيولر سوچ ۽ عدم تشدد جو اعليٰ مثال آهي. عام سنڌي ماڻهو صوفي مزاج ۽ امن پسند آهي. هتي ويدانت، ٻڌمت، صوفي ازم جا سمورا مثبت قدر ملائي هڪ تمام مثبت سماج جي تشڪيل ٿي آهي، جنهن ۾ اڪثر ٻاهران آيل عنصر به رخنو وجهندا رهيا آهن. سنڌي ماڻهو دنيا ۾ پنھنجي مھمان نوازي جي ڪري مشھور اھن. ان کان علاوه منجھن احسان ڪرڻ، صبر ڪرڻ، شڪر گذار رھڻ، امن پسندي، نماڻائي وغيره صوفياڻي تعليمات جو نتيجو اھي. تصوف جي سلسلي سان مذھبي رواداري پيدا ٿي. سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ صوفي شاعرن جو وڏو ڪردار رھيو آھي. اهڙن شاعرن ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو وڏو ڪردار آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سنڌي ادب وڌيو ئي صوفي ازم جي اغوش ۾ اھي. سنڌي ثقافت سمورن لطيف فنن سان مالا مال آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب کان وٺي اڄ ڏينهن تائين راڳ ۽ رقص جي وڏي قدرداني ڪئي ٿي وڃي. ٽوپي ۽ اجرڪ سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ آهن. هر سال ڊسمبر جي پهرين آچر تي سڄي دنيا جا سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائيندا آهن.

سنڌ جي ثقافت جون پاڙون سنڌو ماٿر جي تمدن ۾ آھن. سنڌ وڏي ريگستاني علائقي واري، قدرتي وسيلن ۽ مسلسل پرڏيهي اثرن جي سلسلي ۾ ٺھي آھي. سنڌو يا سنڌو درياء جيڪو زمين جي مان گذري ٿو، ۽ عربي سمنڊ (جيڪو ان سرحدون مقرر ڪري ٿو) پڻ مقامي ماڻهن جي وچ ۾ seafaring روايتن جي پٺڀرائي ڪئي آھي. مقامي آبهوا پڻ ظاهر ڪري ٿي تہ سنڌين کي ٻولي، لوڪ ادب، روايتون، رواج ۽ طرز زندگي آهي جيڪي پاڙيسري علائقن کان مختلف آهن. سنڌي ثقافت سنڌي ماڻھن طرفان پاران پيش ڪيو وڃي ٿو.

سنڌي ثقافتي ڏينھن

سنڌي ثقافتي ڏينھن, هي ڏهاڙو سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي ماڻهو هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن، جنهن کي ايڪتا جو ڏيهن چيو وڃي ٿو. سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان سنڌ جي قديم شاهوڪار ثقافت نمايان ڪرڻ جي لاءِ روايتي جوش سان ملهايو ويندو آهي.هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي ٽوپي اجرڪ وارو ايڪتا جو ثقافتي ڏهارو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ يادگار ڏينهن طور تي ياد رکيو ويندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌي قوم ڪڏهن به عملي طور تي سنڌي قوم هئڻ جي مالها ۾ نه رهي آهي. قبيلائي، ذاتي محور کان سنڌي قوم ڪڏهن ٻاهر نڪتي ئي نه هئي. سنڌ جي سموري تاريخي سفر ۾ سنڌي ماڻهو ٽولن، توڙي قبيلن جي شڪل ۾ مزاحمت پئي ڪئي آهي يا بچاءُ پئي ڪيو آهي. هڪ تاريخي قوم عملي طرح سان پنهنجي قوم هئڻ جو ثبوت 6- ڊسمبر تي ڏنو جنهن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌي قوم پهريون دفعو، ذات، مذهب، سياسي لڳ لاڳاپي کان بالاتر ٿي ڪاون ۽ رنگ برنگي ٽوپي اجرڪ سان رنگين نظر آئي. سنڌي قوم ڪر موڙي پنهنجي ثقافت جي بچاءِ لاءِ ٻاهر نڪري آئي جنهن کي تاريخ جو اهم ڏينهن چئي سگهجي ٿو. هن عمل جي شروعات توڙي منظر ۽ پسمنظر ۾ سنڌي قوم ڇا حاصل ڪيو ڇا وڃايو؟ ڪهڙين ڌرين جا ڪهڙا مفاد ۽ دلچسپيون آهن، ان ڏس ۾ هن ڏهاڙي کي مختلف زاوين کان ڏسڻ جي پڻ ضرورت آهي.

دنيا ۾ جيڪي به تبديليون آيون آهن اهي ننڍڙن ماڻهن آنديون آهن. جڏهن اهي تبديليون انهن ننڍڙن ماڻهن آنديون تڏهن اهي تاريخ جا وڏا ماڻهو ٿي اڀري پيا ۽ دنيا ۾ شخص ائين ئي ننڍڙي ڪوشش سان وڏا ٿي پون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ٻلهڙيجي جي نوجوان حسن پيرزادي ۽ سندس ساٿين 6 ڊسمبر کي سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي ملهائڻ جي ڳالهه ميسيج ۽ اخبار جي هڪ ڪالمي خبر سان ڪئي. اها تاريخ مقرر ڪرڻ جو ڪريڊٽ ان نوجوان کي نه ڏيڻ وڏي ناانصافي چئبي، پر ثقافت کي بچائڻ جو اهو سمورو ڪريڊٽ سنڌ جي ان سيد ڏانهن به وڃي ٿو جنهن لياقت علي خان جي ان لفظن ته ”سنڌي قوم جو ڪلچر گڏهن ۽ اُٺن هڪلڻ وارو آهي.“ جي موٽ ۾ سنڌ جي ڪلچر جي وارثيءَ لاءِ سنڌ جي بزرگن جي مزارن تي ميلا لڳائڻ ۽”سنڌي ڪلچر“ نالي ڪتاب لکي سنڌي قوم کي ثقافتي طرح سان هڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنهن به طرح سان فراموش نه ٿيون ڪري سگهجن. ان وقت سنڌ جا ساڃاهه وند شايد سيد جي ان ڳالهه کي ٻاراڻو عمل سمجهيو پر پنجاهه سالن کانپوءِ تاريخ ثابت ڪيو ته جڏهن به ڪنهن قوم کي عملي طور تي ڳنڍڻو پوندو ته ثقافت جو ان ۾ اهم ڪردار رهي ٿو ۽ ايئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته ثقافت قوم کي عملي طرح قوم بڻجڻ جا بنياد فراهم ڪري ٿي.

آمريڪن قونصل خاني ڪراچي پاران قونصل جنرل برائن هيٿ جي رھائش گاھ تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان هڪ موسيقيءَ جي تقريب رکي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو.گذريل ڇهن سالن کان آمريڪي قونصل خانو سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ھر سال تقريب جو اھتمام ڪندو رهي ٿو.

سنڌي وڪيپيڊيا

سنڌي وڪيپيڊيا انگريزي ٻولي: Sindhi Wikipedia، کليل ڄاڻ چيڪلو وڪيپيڊيا جو سنڌي نسخو آھي، جنھن جي شروعات 6 فيبروري، 2006ع تي ٿي. ھن وقت سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 12,322 مضمون موجود آھن ۽ انهن مضمون ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا بلحاظ تعداد مضمون 139 هين درجي تي آھي۔ هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي رُڪنن جو تعداد 11,091 آهي جنهن مان 4 منتظمين آهن.

سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو

سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو ( انگريزي ٻولي: Sindhi Language Authority) هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جو مقصد ملڪ ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ آهي.

صدين جي فھرست

The pages listed below contain information about trends and events in particular صديون and ھزارا.

مٽياري ضلعو

مٽياري ضلعو (انگريزي ٻولي: Matiari District)، پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي، جنهن کي 2005ع ۾ حيدرآباد کان الڳ ڪري ضلعو ٺاهيو ويو. ضلعي جو صدرمقام مٽياري شهر آهي. هن ضلعي ۾ ٽي تعلقا آهن. جن جا نالا مٽياري تعلقو، ھالا تعلقو ۽ نيو سعيد آباد تعلقو آھن. نيشنل ھاء وي ايم 5 ھن ضلعي وچان گذري ٿو. ھن ضلعي جي اندر مشھور صوفي بزرگن جون مزارون آھن.جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم نوح شامل آهن. شيخ اياز ۽ علامہ عمر دائود پوٽو پڻ ھن ضلعي اندر ڀٽ شاھ ۾ دفن ٿيل آھن. ضلعي جي اولھ واري پاسي کان درياء سنڌ گذري ٿو.مشھور حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن بہ ھن ضلعي ۾ واقع آهي.

نسليت

نسلي گروھ (انگريزي: ethnic group) يا (انگريزي: Ethnicity) ماڻھن جو اھڙو گروھ جنھن جي شناخت يا سڃاڻپ اجتماعي ھڪجھڙائي يا مشابھت سان ٿئي مثال طور: ساڳيا ابا ڏاڏا، ساڳي ٻولي، ساڳي تاريخ، ساڳيو سماج، ساڳي ثقافت، يا ساڳي قوم ، ساڳيو وطن وغيره . عام طور تي اھو وراثت واري حالت ھوندو آھي جيڪا ان معاشري جي بنياد تي بيٺل حالت ھوندي آھي جنھن ۾ اھو گروھ رھندو آھي. ان جي وڌيڪ سڃاڻپ ۾ ساڳيو وطن، ساڳيو مذھب، ساڳيو لھجو، ساڳي ڏند ڪٿا، ساڳي رھڻي ڪھڻي، ساڳيون ريتون رسمون، ساڳي جسامت سان بہ ٿيندي آهي. نسلي گروھ ڪڏهن ڪڏهن قوم يا ماڻھن جي لاءِ لفظ طور استعمال تيندو آھي. دنيا ۾ ھاڻوڪي دؤر ۾ سڀ کان وڏو نسلي گروھ چين جا ھان نسل جا ماڻهو آھي.

حسب نسب، بُڻ بُڻياد يا ايٿينسٽي (Ethnicity) يا اصل نسل يا بڻ بڻياد مان مراد آهي، ڪنهن خاص نسل سان لاڳاپيل هجڻ. هڪ قوم جو ڪنهن به ٻيءَ قوم سان واسطيداري پنهنجن طئي ڪيل ثقافتي ۽ لساني معيارن موجب ڪري ته ان عمل کي نسب پرستي (Ethnocentrism) سڏجي ٿو. سياست ۾ هن نظريي مطابق هڪ گروھ کي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت تي فخر هوندو آهي؛ پر اهو فخر گھڻو ڪري (اڪثر) مخالف گروھ جي ٻوليءَ ۽ ثقافت سان متڀيد تي ٻڌل هوندو آهي. جڏهن ته Ethnicity ذريعي انسانن جي هڪ مخصوص گروھ کي ان جي نسل سان لاڳاپيل خاصيتن جي بُنياد تي عالمي سماج ۾ سُڃاڻپ تي زور ڏنو وڃي ٿو. اها سُڃاڻپ تاريخي حاصلات ۽ حالتن مطابق تبديل ٿيڻ جي صلاحيت هُجڻ ڪارڻ هڪ نسلي گروھ کي قومن جي برادريءَ ۾ الڳ حيثيت ڏياري ٿي. نسليت، ثقافتي ۽ نسلي فرقيواراڻي گروهن وچ ۾ لاڳاپي (تعلق) جو بنياد ثقافتي ساڙ ۽ سماجي متڀيد تي ٻڌل هوندو آهي.

يُورَپ

يورپ دنيا جي ستن کنڊن مان هڪ آهي. ڪئين ڀوءِ ڀياسدان هن کي کنڊ مڃن ئي نه ٿا ۽ ايشيا ۽ يُورپ کي يوروشيا جي نالي سان هڪ ئي ٻيٽ سڏين. ڪوهه يورال جي اولهه ۾ واقع علائقي کي يورپ چئبو آهي. يورپ جي اتر ۾ ڀُونوچ سمنڊ، اولهه ۾ اوقيانوس جو سمنڊ، ڏکڻ ۾ روم جو سمنڊ ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ اسود سمنڊ آهي. يُورپ پکيڙ جي حساب سان آسٽريليا کي ڇڏي ننڍي ۾ ننڍو کنڊ آهي. کنڊ جي پکيڙ هڪ ڪروڙ چاليهه لک ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ آهي جيڪا زمين جي سڃي پکيڙ جي 2 سيڪڙو ٿي ٿئي ؟؟؟؟؟؟؟ئ. آبادي جي حساب سان ٽين نمبر تي آهي. هن جي آبادي 71 ڪروڙ آهي جيڪا سڄي دنيا جي 11 سيڪڙو آهي.

پاڪستان

اسلامي جمھوريہ پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي، جيڪو 300 00' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو.23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان کي اسلامي جمھوريہ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو.

ڄامشورو ضلعو

ڄامشورو ضلعو(انگريزي: Jamshoro District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي.جنھن جو صدرمقام ڪوٽڙي شھر ۾ آهي.ھن ضلعي جون حدون ٺٽو ضلعو،حيدرآباد ضلعو، دادو ضلعو، مٽياري ضلعو، شهيد بينظيرآباد ضلعو، نوشھرو فيروز ضلعو ۽ بلوچستان صوبي سان ملن ٿيون.

چين

عوامي جمهوريه چين ۽ تائيوان واري علائقي کي چين چوندا آهن. چين کي روايتي چيني لکڻي ۾ 中國 لکندا آهن، ۽ سولي چيني لکڻي ۾ 中国 لکندا آهن. چين ايشيا جي اوڀر ۾ آهي. تهذيب جي لحاظ سان چين تمام قديم ۽ خاص حيثيت رکندڙ ملڪ آهي. چين جي ثقافت ڇهه هزار سال پراڻي آهي. ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي تي چين ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، هڪ جو نالو عوامي جمهوريه چين ۽ ٻي جو جمهوريه چين آهي. عوامي جمهوريه چين جي هيٺ مين لينڊ، هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو. جمهوريه چين جي هيٺ تائيوان ۽ ان جي ڀر وارا پاسا.

چين جي تهذيب انهن مان آهي، جيڪا ٻاهرين حمله آورن کان گهڻو ڪري بچيل رهي آهي. چين صدين کان ترقي ڪيل ۽ تهذيبي مرڪز رهيو آهي، جنهن جا اثر اڄ تائين ظاهر آهن. اهڙي طرح چين جي زمين تي ڪئين نيون ايجادون پڻ ظاهر ٿيون، جهڙوڪ؛ ڪاغذ، قطب نما، بارود ۽ ڇاپي خانو مشهور آهن.

ڏھاڪن جي فھرست

سانچو:Other uses of

This is a list of decades from the beginning of the 2nd millennium BC to the end of the 3rd millennium AD, including links to corresponding articles with more information about them.

سانچو:Citation needed span

ڪراچي

ڪراچي (اردو: کراچی) (انگريزي: Karachi)پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آھي۔ ڪراچيءَ جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ به سڏيو ويندو آهي.اھو دنيا جو آبادي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر آھي, وڏن شهرن جي لسٽ

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.