تاريخ


تاريخ (History) ڏينهن لکڻ. تاريخ مهيني جو هڪ ڏينهن ، ڏينهن ، روز. مقرر ڪيل ڏينهن. تٿ. خط يا ٻئي ڪنهن به ڪاغذ يا دستاويز تي ڄاڻايل ڏينهن، مهينو يا سال. هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تائين مقرر ڪيل مدت. روزانو لکيل احوال. ماضيءَ جي واقعن جي يادداشت. ماضيءَ جي واقعات جي يادداشت بابت لکيل ڪتاب ”تاريخ سنڌ“، ”تاريخ طَبَري“. واقعات جي يادداشت جو علم ، علم التاريخ ، History. بادشاهن ۽ واقعن جو تذڪرو.[2]

Calendar

لفظ تاريخ (Date)، سامي النسل ٻولين ۾ مهيني جي پهرينءَ تاريخ واري ڏينهن لاءِ به استعمال ٿيندو هو. ان دور ۾ هڪ ڏينهن سج لهڻ کان وٺي، ٻئي ڏينهن سج لهڻ تائين هڪ ڏينهن ڳڻپ ٿيندي هجي.

تاريخ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنا ’وقت مقرر ڪرڻ‘ آهي، پر عام طور معنا ”قومن جي عام واقعن جو بيان يا تاريخي تسلسل جو بيان“ ڪئي ويندي آهي. اهو مفهوم بادشاهن جي احوال ۽ واقعن کي لکڻ لاءِ آندو وڃي ٿو. ”تاريخ“ لفظ اهڙن ڪتابن لاءِ به استعمال ٿيو آهي، جيڪي ان مفهوم سان ٺهڪندڙ نه آهن، جهڙوڪ البيرونيءَ جو هندستان جي احوال بابت ”ڪتاب الهند“، جنهن ۾ گهڻو ڪري قديم سنڌ جي ڌار ڌار علمن بابت تفصيل موجود آهي. [3] ڪنهن خاص دَور يا زماني جي شروعات جو اندازو لڳائڻ، حادثن جي وقت جي اندازو لڳائڻ سان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسلمانن وٽ تاريخ هجريءَ کان سواءِ ٻيون به تاريخون ڪتب آنل آهن، مثال طور: ”تاريخ عالم“ يا ”حضرت نوح عليه السلام وارو طوفان“. سنڌ ۾ وري اسلامي دور کان اڳ سنڌ جي خودمختياريءَ واري هڪ واقعي سان پنهنجي تاريخ جو آغاز ڪيو.

تاريخ اصل ۾ انسانيت جي محافظ آهي، جيڪا نه صرف قومن ۽ جماعتن جي پر ٻين به پوين تجربن جو رڪارڊ محفوظ رکي انسانن جي آڏو پيش ڪري ٿي ته جيئن انسان انهن تجربن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حال جو جائزو وٺي ۽ مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ رکي سگهن.

تاريخ جي رڪارڊ جي جائزي وٺڻ لاءِ ٽي نقطهءِ نظر آهن:

  • (1) معروضي مطالعو يعني واقعا ۽ حالات جيئن به گذريا هجن، انهن کي جيئن جو تيئن ڏسڻ.
  • (2) قوم پرستيءَ جو مطالعو يعني اهم واقعن کي ان نسل يا قوم يا ملڪ جي حمايت جي جذبي سان ڏسڻ.

اصولي طور تي تاريخ يا تواريخ جو مقصد نسلي ۽ قومي ڪٽرپڻي کان مٿاهون ٿي، انساني ۽ ان جي مختلف واقعن جي ڪارنامن تي صحيح نموني تحقيق ڪري راءِ قائم ڪرڻ هئڻ گهرجي.[4][5]لفظ هـِـسٽري “History"، هڪ يوناني ڌاتوءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”پڇا ڳاڇا ڪري ڪجهه معلوم ڪرڻ“. انهيءَ لحاظ کان لفظ ”هسٽري“ پنهنجي اصلوڪي وسيع معنيٰ ۾ ”سائنس“ جو ٻيو نالو آهي. يعني، جيڪو انساني علم جاچ ۽ تجربي جي رستي استقرائي طرح حاصل ڪجي، ان کي تاريخ چئي سگهبو هو. جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن هن لفظ کي به محدود معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو. هڪ طرف سندس معنيٰ ماضيءَ جي سهيڙيل علم تائين محدود ڪئي وئي، ته وري ٻئي طرف ان تاريخ کي انساني زندگيءَ سان نسبت رکندڙ ڳالهين متعلق استعمال ڪيو ٿي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ”تاريخ“ لفظ هيٺين ڳالهين سان نٿو لڳائي سگهجي. 1. بنا ترتيب جي گڏ ڪيل علم، 2. هر اهو علم جنهن جو زمان يا وقت سان ڪو لاڳاپو نه هجي، ۽ 3. رواجي معنيٰ ۾ اهو سمورو علم جنهن جو انساني ارتقا سان ڪو واسطو ڪونهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ ”تاريخ“ لفظ جي معنيٰ آهي: ”انسان ذات جي سوانح جو لکت ۾ ترتيب ڏنل سرمايو“. اهو انسان ذات جو سرمايو يا تجربو گهڻن ئي نمونن جو آهي. قديم زماني جي ابتدائي ڏينهن کان وٺي جڏهن انسان ذات حيواني حالت کان مٿي چڙهي، تڏهن کيس زندگيءَ جي جدوجهد ۾ فتح حاصل ٿي ۽ حيواني دنيا تي سندس تسلط قائم ٿيو. تنهن کان سواءِ ڊگهي عرصي جي آزمائش ۽ تجربي جي ڪري کيس قدرت جي جماداتي سرماين جو مالڪ بڻايو ويو ۽ منجهس اهليت ۽ قابليت پيدا ٿي، جو برپٽن ۾ به پنهنجي کاڌي، اجهي، ڪپڙي ۽ آرام جو سازو سامان مهيا ڪري سگهيو. وڏي ڳالهه ته منجهس اها لياقت پيدا ٿي ته ڪيئن ٻين انسانن سان معاشري ۾ گڏ رهي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ٺاهي، صنعتون ۽ هنر، علم ادب ۽ تعليم، فلسفي ۽ مذهب جو ڪيئن واڌارو ڪري. اهو سڀ انساني تجربو تاريخ جو موضوع آهي. تاريخ انسان جي هر پهلوءَ جي ارتقا جو نقشو آهي ۽ سندس وڌندڙ طاقت ۽ سندس مرحليوار خودشناسيءَ جو بيان آهي. اصل ۾ تاريخ انسان ذات جي اجتماعي ذهن جو (مسلسل) قصو آهي.[6]تاريخ جو ھڪ ٻيو نالو ’تجربو‘ آھي. اسين جڏھن تاريخ جو ذڪر ڪريون ٿا، تڏھن اسين گهڻو ڪري انساني نسل جي گڏيل تجربي بابت سوچيندا آھيون؛ پر اسان مان ھر ھڪ فرد پنھنجي اڪيلي زندگيءَ جي مدت ۾ جيڪو ذاتي تجربو ڪري ٿو، اھو پڻ حقيقت ۾ تاريخ آھي[7].[8]ڪرامويل جو اعتماد هو ته تاريخ جي علم ۾ ڌڻي تعاليٰ جي ذات جو عڪس ٿو ملي. هيءُ مضمون رب جي صفات جو مظهر آهي. فرائڊ جي راءِ موجب ”تاريخ هڪ اهڙي مستقل ۽ ابدي گهنڊ جو آواز آهي جو انسانذات جي ڪنن ۾ هميشه صدين کان صدين تائين حق ۽ ناحق، انصاف ۽ عدل، ظلم ۽ ڏاڍ جي قانون جي اهميت ۽ ڄاڻ جي وسيلي ٻرندو ٿو رهي“. جونز جو خيال آهي ته، ”تاريخ زندگي جي مشاهدات ۽ تجربات جي هڪ کاڻ آهي. اڄوڪن ٻارن ۾ موجود نسل جي لاءِ علم تاريخ جو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اڳوڻي زماني جي ماڻهن جي مشاهدن ۽ تجربن جو خزانو انهن کي ملي ۽ پڻ دنيا کي فيضياب ڪري.“ هربرٽ جو هڪڙو معتقد مفڪر مسٽر زلر هو، جنهن جي راءِ موجب، ”تاريخ جي علم کي اسڪولي نصاب ۾ مرڪزي حيثيت رکڻ گهرجي، ۽ باقي سڀني مضمونن کي ثانوي طور ئي تاريخ جي چوگرد تربيت ڏيڻ گهرجي.“ مٿي ڏنل ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته تاريخ جي فلسفي ۽ فائدي بابت مختلف ماڻهن ۽ مفڪرن جا متضاد رايا رهيا آهن. تنهن هوندي به هڪڙي حقيقت پڌري ٿيل آهي ته هن مخالفت موافقت يعني متضاد خيالن جو سبب هيءُ آهي ته مؤرخ ۽ مفڪر تاريخ جي علم جي وصف ۽ مقصد بابت هم خيال ۽ متفق راءِ نه رهيا آهن. هر ڪنهن فلسفيءَ ۽ مفڪر پنهنجي راءِ ۽ خيال موجب تاريخ کي سٺو يا بيڪار سمجهيو آهي، هر ڪنهن مفڪر تاريخ جي علم بابت پنهنجو مفهوم ۽ مطلب جدا جدا ٺاهيو آهي. ان ڪري هر ڪنهن جو اختلاف ۽ اتفاق صحيح ۽ درست آهي.[9]تاريخ ماضيءَ جو هڪ منتشر، گهڻ پاسائون، تڪراري ۽ بحث طلب رڪارڊ آهي. عام طور تي هن بحث کي سلجهائڻ لاءِ تاريخي ڪتابن کان مدد وٺبي آهي. اهي تاريخي ڪتاب هن بحث جو هڪ طرف ٽوڙ به هوندا آهن، ته ٻئي طرف نوَن بحثن کي کولي هڪ نئين تڪرار يا بحث جو سبب به بڻجندا آهن. ان تڪرار يا بحث کي سلجهائڻ لاءِ ڪتاب سميت علم الدلائل کان به مدد وٺبي آهي. ڇو ته جتي ڪتاب مجموعي طرح تڪرار جو شڪار ٿي بحث کي ويتر اُلجهائي ڇڏين ٿا، ته اُتي انساني شعور، عقل، دانائي ۽ فهم ئي رهنمائي ڪري ٿو. هونئن به تاريخدان ۽ سڄاڻ پڙهندڙ رڳو ڪتابن تي نه ڀاڙيندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ڪتاب دراصل ماڻهن جا ئي لکيل هجن ٿا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مڪتبئه فڪر ۽ ڌُر سان سلهاڙيل هوندا آهن.[9].

Nikolaos Gyzis - Ηistoria
تاريخ
نڪولس جيسز جي 1892 ۾ ٺاھيل پينٽنگ

تاريخ جا سرچشما يا مآخذ

Historybooks
بڪ اسٽال تي رکيل تاريخ جا ڪتاب

تاريخ کان اڳ واري زماني بابت ڪجهه ويچار ۾ آڻجي، ان کان اڳ اچو ته ڏسون ته اهي ڪهڙا مکيه مآخذ آهن، جيڪي اسان کي گذريل ست هزار ورهين جي تاريخ لکڻ ۾ عمومي مدد ڪن ٿا. مشرق وسطيٰ يعني: مصر، بابل، آشور، ايشيا صغير ۽ قريط جي قديم تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ لاتعداد پٿر تي لکيل ڪتبا ۽ مٽيءَ جي وڏين سـِـرن تي اُڪريل لکتون آهن. پر انهن مان ڪي اڃا پڙهڻ جوڳا نه آهن.

Ancientlibraryalex

بعد جي زماني جي تهذيبن بابت، (مشرقي ۽ مغربي) اسان وٽ اهي دستاويز يا سندن نقل موجود آهن، جي اصل کـَـلـُـن يا ”پپائرس“ ٻوٽي جي ورقن تي لکيل آهن. هاڻوڪي زماني ۾ ڪاغذ ۽ ڇاپي جي مشين اسان لاءِ ايترو گهڻو مواد موجود ڪيو آهي، جو تاريخ نويس تاريخي علم جي ڪثرت ۽ رڱاوت کي ڏسي منجهيو ٿو پوي. ان ڪري هر زماني جي تاريخ لکڻ جو مسئلو مختلف آهي. قديم زماني جي تاريخ لاءِ مسئلو آهي ته ڪيئن اهي ڪتبا پڙهي سمجهيا وڃن ۽ سندن معنيٰ ڪڍي وڃي. هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ واري لاءِ اهو مسئلو درپيش آهي ته، جيڪو مواد موجود آهي ان مان ڪهڙو انتخاب ڪجي (جو سچو ۽ معتبر هجي). جيڪڏهن هڪڙي خيال کان هن زماني جي تاريخ لکڻ لاءِ مواد ملڻ آسان آهي ته وري ٻئي خيال کان مشڪل آهي، ڇو ته (هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ لاءِ) بي ريا ٿي لکڻ مشڪل تر آهي. اڄ ڪلهه جي تاريخ نويس جو ذاتي لاڙو سندس علم ۾ داخل ٿئي ٿو. سندس سياسي خيالات، مذهبي عقيدا، قومي بدظني، اهي سڀ سندس بي ريا راءِ کي رياڪار بنائين ٿا ۽ سندس وسيع نظريءَ ۾ حائل ٿين ٿا. قديم زماني جي تاريخ لکندڙ انهيءَ خطري کان نسبتاً خالي آهي. هو بنا ڪنهن جذبي جي شهنشاهتن جي عروج ۽ زوال تي غور ۽ فڪر ڪري سگهي ٿو ۽ جاچي سگهي ٿو. مذهبي عقيدن جي هڪٻئي سان ٽڪر ۽ تبديليءَ کي چڱيءَ طرح پروڙي سگهي ٿو. بي جذباتي علم لاءِ تاريخ کان اڳ جي خاموش دنيا جا آثار هڪ آزاد ترين ميدان آهي ۽ انهيءَ ميدان ۾ ئي خاص ڪري ويهين صدي (عيسوي) جي شروعات کان وٺي، تاريخ جي علم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. (هن ڪتاب جي) ضخامت جي محدود هئڻ ڪري، هت ان علم جي مختصر بيان کان وڌيڪ درج نٿو ڪري سگهجي.[10]

تاريخ کان اڳ وارو زمانو

علم هيئت جي ڄاڻـُـن جو چوڻ آهي ته شايد 3,000,000,000 (ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو شمسي نظام هڪ گئس جو تيز گرمي سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن وڏي ستاري جي ويجهي اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سؤ ننڍن تارن ۾ ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽ شايد 1,000,000,000 (هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ تي بارش پوڻ ڪري وڏا سمنڊ ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾ لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان ٿيا. ان کان پوءِ علم حيوانات جا ماهر ان تاريخ تي روشني وجهي اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي طرح ابتدائي حيوانات آهستي آهستي ترقي ڪري لکين سالن جي مدت اندر مڇيون، ڪرڙيون، پکي، کير پياڪ جانور بڻيا ۽ آخر ۾ انسان جي حالت کي پهتا. قديم ترين آثار جيڪي هٿ لڳا آهن، انهن مان هڪ اها آهي کوپڙي، جا انساني کوپڙيءَ سان گهڻين ڳالهين ۾ مشابهت رکي ٿي.ان کي ”پـِـٿيڪان ٿروپـَـس“ (Pithecanthropus) يعني ”ڀولڙو انسان“ سڏيو ويو آهي. اها کوپڙي سن 18922 عيسويءَ ۾ جاوا ۾ زمين هيٺان کوٽي ڪڍي ويئي هئي. سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته اُها مخلوق يا اهو حيوان، جنهن جي اها کوپڙي آهي، سو علم طبقات الارض جي Oliocene زماني ۾ رهيو هوندو. اهو زمانو 550,000 (ساڍا پنج لک) ورهيه اڳ ختم ٿيو. هائڊيلبرگ (جرمني) شهر جي ويجهو 19077 عيسويءَ ۾ جيڪا کوپڙي لڌي ويئي هئي ۽ جيڪا سڄي پر حيواني انسان جي کوپڙي هئي، سا به هن کان گهٽ قديم ناهي. 1912 عيسويءَ ۾ وري پلٽ ڊائون (Piltdown) انگلينڊ ۾ هڪ تمام جهوني کوپڙي لڌي ويئي. هن وقت تائين سندس زماني متعلق اڃا ڪو اتفاق راءِ نه ٿيو آهي. ”علم الانسان“ جي ڪن ماهرن جو رايو آهي ته اهو دور جاوا ۽ هائڊيلبرگ وارن زمانن جي وچ ۾ آهي. ٻين جو خيال آهي ته اها کوپڙي 100,000 (هڪ لک) ورهين کان ٿورو وڌيڪ قديم زماني جي آهي. قديم زماني جي انساني کوپڙين کان سواءِ ڪيترائي اڻ گهڙيل اوزار ۽ هٿيار، جي ان زماني جي ماڻهن ٺاهيا، اهي هن وقت تائين سلامت آهن. انهن مان گهڻا پٿر جا ٺهيل آهن ۽ ڪي ڌاتوءَ جا. انهن مان تمام جهونن اوزارن متعلق، جن کي ”پرڀاتي يا شروعاتي پٿر“ (Eolithic) جا اوزار ڪوٺيو وڃي ٿو اڃا شڪ آهي ته اهي انسانن جا ٺاهيل آهن يا اُهي مورڳو عجيب شڪل جا قدرتي طرح ٺهيل پٿر آهن. جيڪڏهن اهي پٿر انسان جا ٺاهيل آهن ته پوءِ طبقات الارض جي علم مطابق چئبو ته انسان (هن دنيا جي تختي تي) ”اقرب“ (Pliocene) زماني ۾ موجود هو. پر ”جهوني پٿر واري“ زماني جي اوزارن نسبت ته اسان کي پڪ آهي. انهن لاءِ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهي انساني هٿن پٿر جي ٽڪرن مان اڻپوري طرح گهڙي ٺاهيا آهن. ”جهوني پٿر وارو زمانو“ (Paleolithic Epoch) پنج هزار ورهين کان ڏهه هزار ورهيه قبل مسيح جو زمانو آهي. ان زماني جا قديم آثار، جهڙوڪ: ڪوڏريون، رَندا ۽ چاقو وڏين ندين جي ماٿرين مان لڌا ويا آهن، جيڪي نديون جهوني زماني جي سمنڊ ۾ وهندڙ برفاني ٽڪرين جي وهڪري سبب انهن ماٿرين ۾ رهجي ويون آهن. ان زماني کان پوءِ جا آثار، جهڙوڪ: سٺي نموني ۾ گهڙيل پٿر جا اوزار ۽ انهن سان گڏ هڏي ۽ سـِـڱ مان ٺاهيل اوزار انهن غارن مان لڌا ويا آهن، جي ڪيتري زماني تائين شڪاري قومن جي گهر جو ڪم ڏيندا هئا.ڏهه هزار ورهيه قبل مسيح جي وقت کان وٺي انساني تهذيب جلد ترقي ڪئي. ان زماني کي ”نئون پٿر جو زمانو“ (Neolithic Epoch) سڏيو وڃي ٿو. ان دور ۾ نه رڳو پٿر جا اوزار بهتر طريقي سان ٺاهيا ويا، پر انسان جانورن کي پالڻ سکيو، زمين کيڙڻ سکيو ۽ پاڻ ۾ گڏجي منظم جماعتن ۾ رهڻ سکيو. ڇٻن ٺاهڻ، ڪـَـتڻ، اُڻڻ ۽ ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ جون صنعتون ۽ هنر پڻ وجود ۾ آيا. ان ”نئين پٿر جي تهذيب“ مان ئي قديم ترين تمدن، يعني مصر جي تمدن ترقي ڪئي.[11]

انساني قومون

اڪثر ڪري انسان ذات جون ٽي قومون سندن چمڙيءَ جي رنگ جي لحاظ کان هڪٻئي کان الڳ سمجهيون وينديون آهن. اهي آهن: (1) ڪاري رنگ واريون قومون (2) ڦڪي رنگ واريون، منگولي يا توراني قومون (3) سفيد چمڙي واريون، قفقازي يا يورپي قومون. پر اهو امتياز هينئر بنيادي نٿو سمجهيو وڃي. اڄڪلهه اهو اعتقاد رکيو وڃي ٿو ته سڄي انسان ذات (سڀئي انساني قومون) هڪ ئي خاندان جو اولاد آهن، رنگ ۽ ٻيا اختلاف رڳو آبهوا ۽ ٻئي اهڙي قسم جي ماحول جو اثر ۽ نتيجو آهن.[12]

تاريخ جو جاگرافيءَ سان تعلق

ماحول جو (انساني زندگيءَ تي) زوردار اثر انسان کي مجبور ڪري ٿو ته جاگرافيءَ جي اهميت محسوس ڪندي ان جو اڀياس ڪري، خاص طرح تاريخ سان گڏ طبعي جاگرافي. انسان ذات جون مختلف قسمن جون قومون جهنگن، ميدانن، ڍنڍن وارن علائقن، جبلن ۽ ٻيٽن جي پيدائش آهن. آبهوا جي ڦير گهير جي ڪري ماڻهن هڪ هنڌان ٻي هنڌ لڏپلاڻ ڪئي. اچ وڃ ۽ بار برداريءَ جي ذريعن پڻ تاريخ جي رفتار کي متاثر ڪيو آهي. هن تاريخ جو هر هڪ باب ڪنهن سٺي نقشي کي اڳيان رکي پڙهڻ گهرجي. اهو نقشو اهڙو هئڻ گهرجي جنهن ۾ طبعي وصفن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي هجي.[13]

علم التواريخ

تاريخ جي زمانن کي مقرر ڪرڻ جي صفت يا تعريف اڃا مڪمل نه ڪئي وئي آهي. مصري ۽ بئبلوني (بابلي) تاريخ جي واقعن جون ڪي تاريخون ڪيترين صدين اندر به مقررڪري نه ٿيون سگهجن. اڄ تائين پڻ وقت جي ڳاڻيٽي جا ڪيترائي مختلف طريقا آهن، پر اهو سرشتو جيڪو گهڻن هنڌن تي قبول ڪيو وڃي ٿو ۽ اڪثر ڪري آسان آهي، اهو مغربي دنيا ۾ رائج آهي. اهو سرشتو رومي لوڪن جي تقويم يا ڪئلينڊر تان ورتو ويو آهي ۽ خاص طرح اهو طريقو، جيڪو جوليس سيزر (قيصر يوليوس) عيسوي سن جي شروعات کان ٿورو اڳ (45 سال قبل مسيح) قائم ڪيو. ان ڪئلينڊر مطابق سال ۾ 365 ڏينهن هئا ۽ سال ڪبيسه (Leap year) هر چوٿين سال 3666 ڏينهن جو ڳڻيو ويندو هو. ڪجهه زماني کان پوءِ وري ان ۾ ٿوري ڦير ڦار ڪئي وئي، ان لاءِ ته ڪئلينڊر سج جي ظاهري گردش سان ٺهڪي اچي. اها ڦير ڦار، جنهن ۾ خاص ڳالهه هيءَ هئي ته هر ٻن صدين کان پوءِ ڪبيسي سال ترڪ ڪيو وڃي، سا سال 1528 عيسويءَ ۾ پوپ گريگري تيرهين جي چوڻ تي آندي وئي. سالن يا سن جي ڳڻپ حضرت عيسيٰ مسيح جي ولادت جي سال کان اڳ (قبل مسيح) يا پوءِ (عيسوي يا مسيحي سن) ڪئي وڃي ٿي. ان ولادت جي سال کان اڳ جي سن کي ”ق - م“ (قبل مسيح) ۽ بعد واري سن کي ”ع“ يا ”م“ (”عيسوي“ يا ”مسيحي“) جي اکرن سان چٽو ڪيو وڃي ٿو.[14]

تاريخ بطور سائنس ۽ فن

علم التاريخ هڪ اهڙي سائنس آهي، جنهن کي ڳولا ۽ تحقيق، تنقيد ۽ تبصري واري سائنس چئي سگهجي ٿو.[9]. تاريخ پنهنجي ٻن حيثيتن پٽاندر علم به آهي ۽ هنر به. هن لحاظ کان ته تاريخ حقيقي ۽ سچن واقعن جي ڳولا ۽ تحقيق جو نالو آهي ته پوءِ تاريخ هڪ علم آهي. جيڪڏهن هن لحاظ سان ته تاريخ انهن واقعن ۽ ڳالهين جي بيان ۽ تذڪري جو به نالو آهي ته پوءِ تاريخ هڪ فن آهي يا هئڻ گهرجي.[9].

سياسي سماجي ۽ اقتصادي تاريخ

فري مئن ۽ ان جا پيروڪار چون ٿا، ته سياسي ڳالهيون تاريخ جي باقي ٻين شعبن کان وڌيڪ اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ ته سياسي تبديلين، انقلابن ۽ قانون جي ڪري هميشه ملڪ جون اقتصادي ۽ سماجي حالتون ڦرنديون آهن. يعني سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو مدار سياسي حالتن تي ٿيندو آهي. فري مئن جي راءِ ۾ تاريخ ”ماضيءَ جي سياست“ آهي. ڇاڪاڻ ته قومي، سماجي، ۽ اقتصادي حالتن تي سياسي ۽ آئيني سببن ۽ حالتن جو زبردست اثر پوي ٿو، تنهنڪري اسڪولن ۾ سياسي تاريخ پاڙهڻ گهرجي. سماجي ۽ اقتصادي ڳالهين کي اهميت ڏيڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪانهي، ڇوته ملڪ جي سياسي ارتقاءَ ۽ ان جي احوال جو نالو ئي ته تاريخ آهي. ملڪ جا بادشاهه ۽ راڻيون ۽ انهن جا جاءِ نشين سندن جنگيون صلحناما ۽ قانون اسان کي هڪ سلسليوار ۽ صحيح تاريخ جي ترتيب ميسر ڪري ڏين ٿا. اسان جي معلومات جو زماني وار سلسلو قائم رهي ٿو.[9].

تاريخ جو نصاب

نصاب جي چونڊ جي لاءِ ٻه طريقا يا ٻه نظريا آهن: هڪڙو عقلي يا منطقي ۽ ٻيو نفسياتي.
(1) عقلي يا منطقي طريقو: هن طريقي موجب اسين ٻارن جي سڄي اسڪولي مدت لاءِ اول تاريخي مواد جي جملي انداز جو يقين ڪندا آهيون. ۽ پوءِ ساڳئي مقرر ڪيل ڪورس کي مختلف ڪلاسن يا درجن ۾ ورهائي ڇڏيندا آهيون. مطلب ته هن طريقي موجب اسين تاريخي معلومات کي وڌيڪ اهميت ٿا ڏيون ۽ شاگردن جي نفسياتي گهرجن يا جبلتن کي گهٽ اهميت ٿا ڏيون يا مورڳوئي نظر انداز ڪندا آهيون.
(2) نفسياتي طريقو: هن طريقي موجب اسين اول تاريخ پڙهڻ ۽ پاڙهڻ لاءِ ٻارن جي فطرتي لياقتن ۽ لاڙن تي ويچار ڪندا آهيون ۽ عمر آهر ٻارن جي جبلتي لاڙن ۽ فطرت کي مد نظر رکي پوءِ نفسياتي گهرجن موجب مختلف عمر وارن شاگردن لاءِ، تاريخ مان موزون ۽ مناسب حساب سان نصاب ۾ داخل ڪندا آهيون. مطلب ته نفسياتي طريقي موجب اسين نصاب کي ٻارن جي عمر جي مختلف منزلن آهر ترتيب ٿا ڏيون.
.[9]اسٽينلي هال صاحب جو خيال هو ته ٻار پنهنجي وڏن ۽ نسل انسانيءَ جي تجربن ۽ ڏکن سکن جو دور ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻار جي دماغ ۾ قدرتي طرح ڪنهن نه ڪنهن قسم جي حياتياتي مادي جي اهڙيءَ ترتيب جو وجود آهي جنهن ڪري هو پنهنجي ڪنهن حياتيءَ ۾ پنهنجي ابن ۽ ڏاڏن جي ڀيٽ تي آڻڻ تي آماده هوندو آهي. هال صاحب جو اعتقاد هو ته جيسين ٻار کي ان لاشعوري لياقت جي تربيت نه ڏني ويندي تيسيتائين ٻار جي سچي ۽ موزون نشونما نه ٿي سگهندي.[9].

حوالا

  1. George Santayana, "The Life of Reason", Volume One, p. 82, BiblioLife, ISBN 978-0-559-47806-2
  2. جامع سنڌي لغات جي ايپ
  3. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  4. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  5. Encyclopedia Sindhiana
  6. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  7. {ماضيءَ جي روشني: اُن جي اھميت ۽ حدون- آرنلڊ جي ٽائنبي/مراد علي مرزا}
  8. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page8.html. Missing or empty |title= (مدد)
  9. 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 9.6 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ جي تعليم جا اصول مصنف؛ محمد الياس رضوي ايڊيشن؛ پهريون ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ۾ ڇپيو ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ صفحا؛ 134 ڊيمي سائيز سال؛ 1417هه، 2006ع
  10. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  11. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  12. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  13. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  14. ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو; تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
1 جنوري

1 جنوري (انگريزي ٻولي: January 1)، عيسوي سال جو پهريون ڏينهن آهي. سال پوري ٿيڻ ۾ 364 ڏينهن (ليپ سال 365 ڏينهن) باقي آهن.

28 جُولاءِ

28 جُولاءِ (انگريزي: July 28)، عيسوي سال جو 209 هون (ليپ سال 210 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 156 ڏينهن (ليپ سال 157 ڏينهن) باقي آهن.

31 جُولاءِ

31 جُولاءِ (انگريزي: July 31)، عيسوي سال جو 212 هون (ليپ سال 213 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 153 ڏينهن (ليپ سال 154 ڏينهن) باقي آهن.

اردو

اردو يا اڙدو يا لشڪري ٻولي (اُچار: اُردُو، انگريزي: Urdu) دنيا جي وڏين ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ اردو ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارا رهن ٿا.

انگريزي ٻولي

انگريزي (انگريزي ٻولي: English) انگلينڊ سميت دنيا ڀر سڄي دنيا ۾ ڳالهائي ويندڙ هڪ وسيع ٻولي آهي جيڪا ڪيترن ئي ملڪن ۾ بنيادي ٻوليءَ جي طور تي ڳالهائي وڃي ٿي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ثانوي (سيڪنڊري) يا سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت رکي ٿي۔ انگريزي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهي ۽ سمجهي ويندڙ ٻولي آهي جڏهن ته هيءَ سڄي دنيا ۾ رابطي جي ٻولي سمجهي وڃي ٿي۔

مادري ٻولي (مادري زبان) جي طور تي دُنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي جديد چيني ٻولي آهي جنهن کي 70 ڪروڙ فرد ڳالهائين ٿا، ان کانپوءِ انگريزي آهي، جيڪا گهڻا ماڻهو ثانوي (ٻئي ٻولي, سيڪنڊري لينگوج) يا رابطي جي زبان جي طور تي ڳالهائيندا آهن جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارن فردن جو انگ هڪ ارب کان مٿي ٿي ويو آهي۔

سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 35 ڪروڙ 40 لَک فردن جي مادري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن ته ٻي ٻوليءَ جي حيثيت سان انگريزي ڳالهائڻ وارن انگ 15 ڪروڙ کان ڏيڍ اربن جي وچ ۾ آهي۔

انگريزي، مواصلات، تعليم، ڪاروبار، هوا بازي، تفريح، سفارتڪاري ۽ انٽرنيٽ ۾ سڀ کان اعليٰ بين الاقوامي ٻولي آهي۔ هي 1945ع ۾ گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کان هينئر تائين ان جي سرڪاري ٻولين منجهان هڪ آهي۔

انگريزي بنيادي طور تي اولھ جرمينڪ ٻولي آهي، جيڪا آڳاٽي انگلش مان ٺهي آهي۔ سلطنتِ برطانيا جي سرحدن ۾ ڊيگهه ويڪر سان گڏوگڏ هيءَ ٻولي به انگلستان مان نڪري آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ سميت سڄي دنيا ۾ پکڙجندي وئي ۽ اڄ برطانيا يا آمريڪا جي اڳوڻي نو آبادين مان اڪثر ۾ هيءَ سرڪاري ٻولي آهي جن ۾ پاڪستان، گهانا، ڀارت، نائجيريا، ڏکڻ آفريڪا، ڪينيا، يوگينڊا ۽ فلپائن پڻ شامل آهن۔

سلطنتِ برطانيا جي وسيع سرحدن باوجود انگريزي 20 هين صديءَ تائين دنيا ۾ رابطي جي ٻولي نه هئي، ان کي هي مقام ٻئي جنگ عظيم ۾ آمريڪا جي فتح ۽ سڄي دنيا ڀر آمريڪي ثقافت جي مشهوري جي ذريعي حاصل ٿي آهي، مواصلات جي ذريعين ۾ تيز ترقيءَ انگريزي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ (گهرج) جو سبب بڻي آهي.

انگريزي (English):هن ٻوليءَ جا ڪوڪني (Cockney) سوس (Scouse) گوردي (Geordi) -اوڀر- انگيليا (East Angilia)، برمن، سائوٿو ويلز، ايڊنبرگ، -بيل- فاسٽ (Belfast) ڪارن وال (Cornwal) ڪمبرلينڊ (Cumberland) مرڪزي ڪمبرلينڊ (Central Cumberland) ديور شاير (Devar shire) اڀرندي ديور شاير (Eastren devar) ڊورسيٽ (Dorset) دُرهم (Durham) بولٽن لينڪ شاير (Bolton Lancashire) ريڊڪلف لينڪ شاير ناٿرميرلينڊ. نارفوڪ (Norfolk) نيوڪبسل نارٿم برلينڊ، ۽ ٻيا لهجا آهن. هي -ٻولي- جرمن ٻوليءَ سان 60 سيڪڙو فرينچ سان ۽ 27 سيڪڙو ۽ روسيءَ سان 24 سيڪڙو مشابهت رکي ٿي.

هن ٻوليءَ جو اصل وطن برطانيا آهي، پر آمريڪا، اندورا، انگلوئلي، اروبا، آسٽريليا، برازيل، برٽش انڊيا، برٽش ورجن، آئيزلينڊ، برونائي، ڪمبوڊيا، ڪيمرون، ڪئنياڊا، ڪي مين آئيز، چين، هندوستان ۽ -پاڪستان-، -جپان- ۽ ٻيا سوين ملڪ -جن- ۾ -انگريزي- نه صرف ڳالهائي وڃي ٿي، پر -تعليم- جو ذريعو به -انگريزي- آهي. ڪيترن ملڪن ۾ برطانيا ۽ آمريڪا کان سواءِ هيءَ ٻولي سرڪاري ۽ قومي ٻوليءَ طور شامل آهي. دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي سڄو عام ۽ سائنسي ڪم هن ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. ان لاءِ هن کي سائنسي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي.

هيءَ ٻولي هند يورپيائي، جرمنيائي، اولهه انگريزي ٻولين جي خاندان مان آهي. هي ٻولي رومن خط ۾ لکي وڃي ٿي. برطانيه ۾ 55000000 ۽ دنيا ۾ 1999ع جي رپورٽ موجب 30935280 ماڻهو هي -ٻولي- ٻي ٻوليءَ طور لکن پڙهن ٿا. آسٽريليا ۾ 15682000 ماڻهو، بربادوس ۾ 13000، برازيل ۾ 55998، برمودا ۾ 58800، (هتي به هي سرڪاري ٻولي آهي) برٽش انڊيا ۾ سرڪاري ٻولي، برونائيءَ ۾ قومي ٻولي 8000 ڳالهائڻ وارا، ڪمبوڊيا ۾ فرنيچ ٻوليءَ جي جاءِ وٺي رهي آهي، ڪينياڊا ۾ سرڪاري -ٻولي- 17100000 ڳالهائڻ وارا، چين ۾ (1993ع) 54000 خاص طور هانگ ڪانگ ۾، ايٿوپيا ۾ (1986ع) سرڪاري ٻولي. فجي ۾ (1976ع) 4929 سرڪاري ٻولي، گمنبيا هڪ هزار ماڻهن جي سرڪاري ٻولي، گهانا (1977ع) ۾ 1000000 سرڪاري ٻولي، گوانا ۾ قومي ٻولي، هندوستان ۾ قومي ٻولي 11021610 ڳالهائڻ وارا، آئرلينڊ ۾ قومي ٻولي 2600000 ڳالهائڻ وارا، -اسرائيل- ۾ انگلٽ (Anglit) لهجو ڳالهائجي ٿي. سرڪاري -ٻولي- شيم ئيل آهي (1993ع) ۾ 100000 ڳالهائڻ وارا، ڪينيا ۾ سرڪاري ٻولي، لبنان ۾ هي ٻولي گهرن يا بزارن ۾ ڪانه ڳالهائجي صرف 3300 (2004ع) ڳالهائڻ وارا، مالوي ۾ سرڪاري ٻولي 18000 هزار ڳالهائڻ وارا، مالٽا ۾ سرڪاري ٻولي 2400 ڳالهائڻ وارا. ماريشش ۾ سرڪاري -ٻولي- صرف 3000 ڳالهائڻ وارا. نائيجريا ۾ ڏهه لک، نيوزلينڊ ۾ سرڪاري ٻولي 3213000 ڳالهائڻ وارا ۽ ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ۾ تمام گهڻو ادب پيدا ٿئي ٿو.

اپريل

هي مهينو شمسي سال جو چوٿون مهينو آهي. هن مهيني ۾ ڏينهن جو تعداد 30 آهي.

عيسويءَ سال جي چوٿين مهيني جو نالو. اپريل (April) لاطيني لفظ ’اپرلز‘ مان جڙيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ڦٽڻ‘، حقيقت به اها آهي ته اپريل ۾ وڻ ٽڻ ۽ وٽا ڦٽندا آهن ۽ نوان گؤنچ ڪڍندا آهن. هن مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي ’اپريل فول‘ (April fools) ملهايو ويندو آهي، جنهن کي ’آل فول‘ به چيو ويندو آهي.عيسوي سال جو چوٿون مهينو اپريل آهي. هن مهيني جي معنيٰ آهي “کولڻ وارو” هن مهيني ۾ جئين ته بهار جي موسم ايندي آهي. ان ڪري هن جو نالو ڪنهن ديوتا ديوي جي بجاءِ بهار موسم تي رکيو ويو آهي.

جنوري

عيسوي سال جو پهريون مهينو جنوري آهي. هن مهيني تي اهو نالو رومين جي هڪ ديوتا “جينس” (Janus) جي نالي تان رکيو ويو آهي, اهو جنگ جو ديوتا هو، جيڪو ڏند ڪٿا موجب هڪ ئي وقت، اڳيان ۽ پويان ڏسي سگهندو هو، رومين جو خيال هو ته هن ديوتا وانگر هو به پنهنجي ماضي ۽ حال جو جائزو وٺي سگهن ٿا. جنهن سبب هنن هن مهيني جو نالو جنوري رکيو.

جنوري شمسي سال جو پهريون مهينو آهي. هن مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿيندا آهن.

ذوالحج

ذوالحج اسلامي تقويم جو ٻارھون ۽ آخري مھينو۔

رجب

رجب المرجب ستون اسلامي مھينو آھي. جھالت جي زماني ۾ بہ ان کي مقدس ۽ حرمت جو مھينو سمجھيو ويندو ھو. ان کي رجب المرجب بہ چيو ويندو آھي. ھن مھيني ۾ عمري جي رسم ادا ڪئي ويندي ھئي ۽ جنگ حرام سمجھی ويندي ھئي. قريش ۽ قيس جي قبيلي ۾ ھڪ جنگ ھن ئي مھيني ۾ ٿي ھئي جنھن کي جنگ فجار (فجور سان مشتق آھي) چون ٿا ان ۾ حضور صلي الله عليه و آله وسلم بہ شريڪ ٿيا ھيا پر پاڻ ڪنھن تي تلوار نہ ھلائي. اھل اسلام ھن مھيني کي ان واسطي متبرڪ سمجھن ٿا تہ ھن ئي مھيني ستاويھين رات تي معراج جو واقعو ٿيو. مسلمان 27 رجب تي معراج جي واقعي جي تقريب ملھائيندا آھن. ھن ئي مھيني جي 13 تاريخ تي حضرت علي ڪرم الله وجهٗ جي ولادت بہ ٿي.

رمضان

رمضان هجري ڪئلينڊر جو نائون مهينو آهي۔ هن کي رمضان المبارڪ به چيو ويندو آهي ۔مسلمانن جي لاء هن پوري مهيني ۾ روزا رکڻ فرض آهن۔ انهي ۾ هڪ رات اهڙي آهي جنهن کي شب قدر چيو ويندو آهي۔ قرآن جي مطابق جنهن جي عبادت هزار مهينن جي عبادت کان بهتر آهي۔

سنڌ

سنڌ (انگريزي ٻولي: Sindh، اردو: سندھ)، پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي اوڀر طرف واقعي آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراض جي لحاظ کان سنڌ ٽيون نمبر وڏو صوبو، ۽ پنجاب کان پوءِ آبادي جي لحاظ کان ٻيون نمبر وڏو صوبو آهي. اولهه طرف سنڌ جا حدون بلوچستان، اتر طرف پنجاب، اوڀر طرف هندوستان جي راجستان ۽ گجرات سان لڳن ٿيون. سنڌ جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقعي آهي. سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر رڻپٽ واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو. سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جبل واقع آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.

ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بينڪن جو سسٽم موجود آهي، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن. باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي، جيڪي لاتعداد ميوا، ڀاڄيون، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي.

سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفي ازم جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ مهاجر (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا) برمي، ملباري، بنگالي، وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن.سنڌ ۾ يونيسڪو(UNESCO) طرفان ٻه مقام عالمي ورثو قرار ڏئي پنهنجي نگرانيءَ ۾ آندا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مڪلي جون ٽڪريون (ٺٽو) ۽ ٻيو موهن جو دڙو (لاڙڪاڻو) شامل آهن.

سنڌي ادبي بورڊ

اداري جي ويب سائيٽ:[1]

آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم جي ايم سيد جي ڪوششن سان سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۽ تخليقي ۽ تحقيقي سرگرمين جي وسيع پئماني تي ڦهلاءَ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو. جناب ميران محمد شاهه ان صلاحڪار بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيو. سندس سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ٻين عالمن ۽ ڏاهن ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي، شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽي، علامه آء آء قاضي، ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ديوان سوڀراج نرملداس ”فاني“، جناب پير علي محمد شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ سميت پندرهن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي. سن 1948ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان ان مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي انتظامي ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏيئي، جناب سيد ميران محمد شاهه چيئرمن، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو وائيس چيئرمن ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

سيپٽمبر 1950ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادبي بورڊ ۾ تحقيق ۽ تاليف جي ڪمن کي عملي جامو پارائڻ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽي“ قائم ڪري اُن کي ”مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ پاران منظور ڪيل رٿائن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. هن ڪاميٽيءَ جو چيئرمن صوبائي وزير تعليم مقرر ٿيو، جڏهن ته ”سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي چيئرمن، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ سيڪريٽري تعليم سميت ست ٻيا ميمبر به ڪاميٽيءَ تي کنيا ويا.

ڊسمبر 1951ع ۾ سنڌ جي عوام کي هڪ منظم ادبي ادارو فراهم ڪرڻ جي خيال کان، سنڌ سرڪار ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ختم ڪري، ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو. ان بورڊ کي بعد ۾ تعليم، صحت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي ٺهراءَ نمبر B/4619 – 4694 هيٺ رجسٽريشن آف سوسائٽي ايڪٽ 1860/ XXI تحت، نمبر: 468 بتاريخ 26 مارچ 58-1957ع تي خيرپور ميرس ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار آف جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز جي آفيس ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو. گڏوگڏ بورڊ جي ”اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽيءَ“ جي ميمبرن جو انگ به ستن مان وڌائي يارنهن ڪيو ويو.

مارچ 1955ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان سنڌي ادبي بورڊ کي خود مختيار اداري جي حيثيت ڏئي اداراتي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ باقاعده آئين منظور ڪيو ويو.

اهڙي خودمختيار حيثيت ملڻ کان پوءِ بورڊ سنڌي ادب جي واڌاري، سميت تحقيقي مسودا ۽ ڪتاب ڇپرائڻ جي سلسلي ۾ اڳ کان وڌيڪ ذڪر جوڳا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، جن جو تذڪرو نه صرف ڏيهه ۾ ناماچاريءَ سان ٿيڻ لڳو، بلڪه پرڏيهه ۾ به مڃتا ملڻ لڳي.

سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تاين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ڀلائيءَ، ۽ واڌاري خاطر سرگرم عمل آهي. وقت بوقت ٿيندڙ انتظامي تبديلين ۽ ڪم ڪار جي طريقيڪار ۾ ردوبدل سان بورڊ جي سرگرمين ۽ ترجيحن جا رُخ تبديل ضرور ٿيا آهن، پر اداري جي بنيادي مقصد ۽ ڪارج تي ڪوبه فرق ناهي آيو. ان جو روشن ثبوت اهو آهي جو سنڌي ادبي بورڊ اڄ به هڪ باوقار اداري جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض خاطر خواه انداز سان ادا ڪري رهيو آهي. گُذريل اڌ صديءَ جي تاريخ ۾ بورڊ تقريبن 500 ڪتاب ڇپرائڻ کانسواءِ تسلسل سان ٽي رسالا: ”مهراڻ“، ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ شايع ڪري رهيو آهي ۽ هن اداري سنڌ ۾ علمي، ادبي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي.

سنڌي وڪيپيڊيا

سنڌي وڪيپيڊيا انگريزي ٻولي: Sindhi Wikipedia، کليل ڄاڻ چيڪلو وڪيپيڊيا جو سنڌي نسخو آھي، جنھن جي شروعات 6 فيبروري، 2006ع تي ٿي. ھن وقت سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 12,195 مضمون موجود آھن ۽ انهن مضمون ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا بلحاظ تعداد مضمون 139 هين درجي تي آھي۔ هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي رُڪنن جو تعداد 10,919 آهي جنهن مان 3 منتظمين آهن.

سنڌي ٻولي

سنڌي (/ˈsɪndi/सिन्धी, )ھڪ ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي. سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي. انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي. گھڻا سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جي صوبي سنڌ، ڀارت جي رياست گجرات جي علائقي ڪڇ ۽ مھاراشٽر جي علائقي الھاس نگر ۾ رھن ٿا. ڀارت ۾ بچيل ڳالھائيندڙ سنڌي ھندو آھن جن پاڪستان جي آزادي کان بعد 1948ع ۾ ڀارت ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ باقي سنڌي سڄي دنيا جي مختلف علائقن ۾ رھن ٿا. سنڌي ٻولي پاڪستان جي صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب، سان گڏوگڏ ڀارت جي رياستن راجستان، پنجاب ۽ گجرات ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ان سان گڏوگڏ ھانگ ڪانگ، عمان، انڊونيشيا، سنگاپور، گڏيل عرب اماراتون، گڏيل بادشاھت ۽ آمريڪا ۾ لڏي ويل جماعتن پاران بہ ڳالھائي وڃي ٿي.

شعبان

شعبان اسلامي تقويم جو اٺون مهينو آهي. ان کي شعبان المعظم بہ چيو ويندو آھي. ھن کي حضرت محمد صلي الله عيله وآله وسلم سان منسوب ڪيو ويندو آهي. ھي ھڪ متبرڪ مهينو آهي ۽ ان ۾ مسلمان نفلي روزا رکندا آهن. شعبان جي مهيني ۾ گھڻي کان گھڻا روزا رکڻ مستحب آهن، حديث ۾ بيان ڪيو ويو آهي تہ نبي صلي الله عليه و آله و سلم سڄي شعبان جا روزا رکندا ھيا:

ام سلمه بيان ڪري ٿي تہ:

(مان نبي صلي الله عليه و آله و سلم ڪڏھن بہ ٻہ مھينا مسلسل روزا رکندي نہ ڏٺو، پر پاڻ صلي الله عليه و آله و سلم شعبان جي روزن کي رمضان سان ملائيندا ھيا).

مسند احمد حديث نمبر (26022) سنن ابو داؤد حديث نمبر ( 2336 ) سنن ابن ماجه حديث نمبر ( 1648).

۽ ابوداؤد جا الفاظ ڪجھ ھن طرح آھن:

(نبي صلي الله عليه و آله و سلم پوري سال ۾ ڪنھن بہ پوري مهيني جا روزا نہ رکندا ھيا، پر شعبان کي رمضان سان ملائيندا ھيا) علامه الباني سنن ابوداؤد (2048) ۾ ان کي صحيح قرار ڏنو آھي.

تنھن ڪري ھن حديث جي ظاهر مان اھو ئي معلوم ٿي ٿو تہ نبي صلي الله عليه و آله و سلم پورو شعبان روزا رکندا ھيا.

پر حديثن ۾ اھو بہ وارد آهي تہ پاڻ صلي الله عليه وسلم شعبان جي اڪثر ڏينھن جا روزا رکندا ھيا.

ام سلمه بيان ڪري ٿي تہ مان عائشه کان نبي صلي الله عليه و آله و سلم جي روزن جي باري ۾ دريافت ڪيو تہ ھو چوڻ لڳي:

(پاڻ صلي الله عليه و آله و سلم روزو رکڻ لڳندا ھيا تہ اسان چونديون ھيوسين تہ توھان تہ روزا ئي رکندا آھيو، ۽ جڏھن پاڻ صلي الله عليه و آله و سلم روزو ڇوڙيندا ھيا تہ اسان چونديون ھيوسين تہ ھاڻي نہ رکندا، مان نبي صلي الله عليه و آله و سلم کي شعبان جي مهيني کان وڌيڪ ڪنھن ٻي مهيني ۾ وڌيڪ روزا رکندي نہ ڏٺو، پاڻ سڄو شعبان ئي روزا رکندا ھيا، پاڻ صلي الله عليه و آله و سلم شعبان ۾ اڪثر ڏينھن روزا رکندا ھيا) صحيح مسلم حديث نمبر (1156) .

عالم ڪريم انھن ٻنھي حديثن کي جمع ڪرڻ ۾ اختلاف ڪن ٿا:

ڪجھ عالم ڪريم تہ چون ٿا تہ ھي وقتن جي مختلف هجڻ جي ڪارڻ ھيو، تنھن ڪري ڪجھ سالن ۾ تہ نبي صلي الله عليه و آله و سلم سڄو شعبان ئي روزا رکندا ھيا، ۽ ڪجھ سالن ۾ شعبان جا اڪثر ڏينھن روزا رکندا ھيا.

ھن جي ٽين تاريخ تي امام حسين عليه السلام جي پيدائش ٿي ۽ 15 تاريخ ٿي اهلِ تشيع جي عقيدن جي مطابق امام مهدي عليه السلام جي پيدائش ٿي.

شوال

شوال اسلامي تقويم جو ڏھون مھينو آھي۔ ان کي شوال المڪرم بہ چيو ويندو آھي۔ ھن مھيني جي پھرين تاريخ تي مسلمان عيد الفطر ملھائيندا آھن۔

فيبروري

عيسوي سال جو ٻيو مهينو فيبروري (February) آهي. هن مهيني جو نالو به هڪ رومي ديوتا “فيبرا“ (FEBRUA) جي نالي تي رکيو ويو آهي. هي ديوتا مذهبي خوشي جي علامت هو. گهڻو وقت اڳ رائج روما ڪلينڊر ڏهن مهينن جو هوندو هو، پر پوءِ جو ليس سيزر ان ڪيلينڊر ۾ فيبروري جي مهيني جو واڌارو ڪيو.

فيبروري شمسي سال جو ٻيو مهينو آهي. هي مهينو ٽي سال 28 ڏينهن جو ۽ هڪ سال (يعني ليپ سال ۾) 29 ڏينهن جو هوندو آهي. فيبروري لاطيني لفظ فيبرم مان ورتو ويو آهي جنهن جي معني آهي پاڪائي ڪرڻ.

پاڪستان

اسلامي جمھوريہ پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي، جيڪو 300 00' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو.23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان کي اسلامي جمھوريہ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو.

ڀارت

ڀارت, (انگريزي ٻولي: India, Hindustan) جنهن کي هند، هندستان، ۽ انڊيا پڻ سڏيو ويندو آهي، سو ڏکڻ ايشيا ۾ واقع آهي. هيءُ ڏکڻ ايشيا جي وڏي حصي تي پکڙيل آهي. هندستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جي وڏن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. هندستان جا هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو هڪ سؤ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندا آهن. هندوستان جي اوڀر ۾ بنگلا ديش ۽ ميانمار (برما)، اتر ۾ ڀوٽان ۽ چين ۽ نيپال ۽ اولهه ۾ پاڪستان. ان کان سواءِ ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ اولهه ۾ هندي سمنڊ آهي.

ڪراچي

ڪراچي (اردو: کراچی) (انگريزي: Karachi)پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آھي۔ ڪراچيءَ جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ به سڏيو ويندو آهي.اھو دنيا جو آبادي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر آھي, وڏن شهرن جي لسٽ

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.