تاج محمود امروٽي

ناميارو ديني عالم مولانا تاج محمود امروٽي ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه، خيرپورميرس ضلعي جي پريالوءِ شهر لڳ، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ديواني“ ۾ 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1841ع ۾ ڄائو.[1]

تاج محمود امروٽي
Maulānā Sayyid Taj Mahmūd Amrōtī
 

معلومات شخصيت
تاريخ ڄم سال 1857 
تاريخ موت سال 1929 (71–72 سال) 

ابتدائي تعليم

هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد مولانا سيد عبدالقادر وٽان حاصل ڪئي. عربي تعليم مولانا عبدالقادر پنهواريءَ (تعلقي روهڙيءَ) کان ورتائين. جوانيءَ ۾ حافظ محمد صديق جي خدمت ۾ ڀرچونڊي شريف پهتو ۽ کانئس بيعت ورتائين. سندس ئي هدايت تي اباڻي ڳوٺ ”ديوانيءَ“ کي ڇڏي، ڳڙهي ياسين (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”امروٽ“ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هن بزرگ امروٽ ۾ اچي اتي موجود بدعتون ختم ڪرايون. مولانا امروٽي، وڏو متوڪل ۽ فنا في الله بزرگ هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه وقت فاقا به ڪڍندو هو. سندس خانقاهه، ”صفه“ جو نمونو ۽ روحاني فيض جي ڳولائن لاءِ تمام اهم دارالعلوم هئي.[1]

شادي ۽ اولاد

مولانا تاج محمود جي شادي سندس چاچي سيد مهر علي شاهه جي نياڻيءَ سان ٿي، کيس ”حسن شاهه“ نالي پٽ به ڄائو، جيڪو ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. ٻه شاديون ٻيون به ڪيائين، پر انهن مان به کيس اولاد نه ٿيو. مولانا صاحب کي پنهنجي پٽ ”حسن شاهه“ سان پيار هو، جنهن سبب پنهنجو تخلص ”حسن“ اختيار ڪيائين.[1]

خدمتون

سڄي زندگي اسلامي تبليغ ۽ عوامي فلاح جي ڪمن ۾ حصو ورتائين. مولانا صاحب ديني درس تدريس سان گڏ سياسي ميدان ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. خاص طرح ” خلافت تحريڪ “، ” هجرت تحريڪِ“، ”ترڪَ موالات تحريڪِ“ ۽ ”ريشمي رومال تحريڪ“ ۾ حصو ورتائين. پاڻ امروٽ ۾ دارالعلوم قائم ڪيائين، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ ستن سالن تائين درس ڏنو. هن مدرسي مان مولانا حماد الله هاليجوي ۽ مولانا احمد علي لاهوريءَ جهڙا عالم پيدا ٿيا. شيخ الهند مولانا محمود الحسن پڻ امروٽ شريف ايندو رهندو هو. مولانا تاج محمود، امروٽ ۾ ديني ادب جي اشاعت لاءِ هڪ پرنٽنگ پريس ”محمود المطالع“ قائم ڪري، ماهوار سنڌي رسالو ”هدايت الاخوان“ شايع ڪيو. مولانا امروٽي انگريزن جو سخت مخالف هو ۽ ڪنهن به انگريز جو منهن ڏسڻ پسند نه ڪندو هو.[1]

تصنيفون

مولانا امروٽي سنڌي ٻوليءَ جو قادرالڪلام شاعر به هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير سندس اهم ۽ يادگار تصنيف آهي. سنڌيءَ ۾ سندس منظوم رسالو ”پريت ناما“ ۽ سورة ياسين جو منظوم ترجمو پڻ گهڻا مقبول آهن.[1]

ڪردار

سندس موهيندڙ شخصيت ۽ حسن اخلاق، هندو توڙي مسلمان، ننڍي توڙي وڏي، ٻار توڙي ٻڍي، هر فرد کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ ڪيترن غير مسلمانن کي اسلام جي دائري ۾ آندو. جمعي جي نماز لاءِ شهر جي جامع مسجد ڏانهن ويندي، گهٽين ۾ هندو مرد، عورتون ۽ ٻار، دعا يا پاڻي پڙهائڻ لاءِ ٿانوَ کنيو سندن انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ ”شڌي“ پرچار به زور شور سان جاري هو ۽ ڪن متعصب هندن، مولانا امروٽيءَ خلاف شور مچايو ۽ مٿس ڪيس به ڪيا، جيڪي سالن جا سال هلندا رهيا. 1922ع ۾ انگريز سرڪار، بئراج جي واهن جي کوٽائي شروع ڪئي، تڏهن کيس اطلاع مليو ته واهن کوٽڻ جي رِٿ مڪمل ٿي رهي آهي. جنهن ۾ ڪي مسجدون به شهيد ٿينديون. اها خبر ٻڌڻ وقت، علالت جي بستري تي هوندي به هڪدم اٿي ويهي رهيو ۽ بلند آواز سان فرمايائين ته ”آهن ڪي مرد مجاهد، جي الله جي گهرن کي تباهيءَ کان بچائين، جن الله جي گهرن جي حفاظت ڪئي، انهن لاءِ آخرت ۾ گهر ٺهندو.“ کانئس بيماري وسري وئي ۽ جماعتين کي گهرائي، مسجدن جي تحفظ لاءِ پيغام موڪليائين. هن ڪوشش پٺيان هڪ پاسي شعائرالله (قديم آثار/ خدا جا نشان) کي بچائڻ ۽ انگريز سامراج سان ٽڪر کائڻ ۽ ملڪ کي آزاد ڪرائڻ مقصود هو. هن مقصد ۾ مولانا امروٽيءَ کي آخر فتح حاصل ٿي ۽ ڪيتريون مسجدون بئراج جي زد کان بچايون ويون. مولانا امروٽيءَ کي سلوڪ جي چئني طريقن قادري، نقشبندي، چشتي ۽ سهرورديءَ جي فيض جي تلقين مليل هئي، پر قادري سلسلي تي خاص عبور حاصل هو ۽ اڪثر تلقين به قادري طريقي جي ڪندو هو.[1]

وفات

چون ٿا ته انگريزن مولانا تاج محمد امروٽيءَ کي ڳجهيءَ طرح زهر ڏياريو هو، جنهن جي اثر کان ڪمزور ٿي، پاڻ 5 نومبر 1929ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
5 نومبر

5 نومبر (انگريزي: November 5)، عيسوي سال جو 309 هون (ليپ سال 310 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 56 ڏينهن باقي آهن.

ابجاڻي مسجد

ابجاڻي مسجد: هيءَ مسجد ابجاڻي، تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ واقع هئي. جڏهن 1922ع ڌاري سکر -بئراج- جي واهن جي کوٽائي شروع ٿي، تڏهن هيءَ مسجد سکر -بئراج- مان نڪرندڙ نارا ڪئنال جي زد ۾ پئي آئي. -انگريز- سرڪار هن مسجد کي شهيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته مولانا -تاج محمود امروٽي- ساٿين سان گڏجي مسجد جي هنڌ پهتو ۽ -انگريز- سرڪار سان -ٽڪر- کاڌائين. مولانا جي ڪوششن جي نتيجي ۾ هيءَ مسجد شهيد ٿيڻ کان -بچي- وئي. هن مسجد جي حفاظت جي سلسلي ۾ مولانا -تاج- محمد امروٽيءَ هڪ اشتهار به ڇپايو هو.

امروٽ شريف

ھيءُ ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ديهه امروٽ ۾ -آباد- آهي، جنهن ۾ -امروٽ شريف- کان علاوه ’ڪلر -آباد-‘ (-جت-) ۽ ’ساهڙ‘ ڳوٺ به آهن. هتي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهي. هتي اسپتال جي سهوليت به موجود آهي. هيءُ ڳوٺ مشهور سياسي ۽ ديني شخصيت سيد -تاج- محمود امروٽيءَ جي ڪري مشهور آهي، جنهن کي عام طرح مولانا -تاج- محمود امروٽي جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.

هن ڳوٺ ۾ مشهور تاريخي مدرسو آهي، جنهن جو باني مولانا -تاج محمود امروٽي- هو، جنهن اهو مدرسو 1308هه/ 1890ع ۾ قائم ڪيو. مولانا صاحب مدرسي جي سنڀال ۽ درس لاءِ وقت جي وڏي عالم مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي مهتمم مقرر ڪيو.

مولانا عبيدالله سنڌيءَ، امروٽ ۾ مولانا امروٽيءَ جي زيرنگرانيءَ پهريائين ديني درسگاهه کولي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ -بلوچستان- جا شاگرد پڙهڻ آيا. هن مدرسي جو نالو ”دارالعلوم قاسميه“ رکيو ويو. سيپٽمبر 1923ع ۾ -ان- کان پوءِ مولوي عبدالرئوف سومرو مرزاپوري، مولوي يارمحمد سومري مرزاپوري، مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻي (ضلعو -ٿر-)، مولانا احمد علي لاهوري، مولانا خوش محمد (ميروخان ضلعو لاڙڪاڻو) وغيره جا نالا، -ان- مدرسي جي شاگردن ۾ قابل ذڪر آهن، جيڪي پنهنجي وقت جا فياض ۽ جيد عالم به ٿي گذريا آهن. امروٽ جي دارالعلوم جي ٻي اهم خصوصيت اها هئي، جو ٻين علمن سان گڏ طالب علمن ۾ وطن جي حب، آزاديءَ ۽ جهاد جو جذبو به پيدا ڪيو ويندو هو. هن مدرسي مان فارغ التحصيل عالمن، سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ديني ۽ قومي -اصلاح- لاءِ نمايان ڪم ڪيو. مولانا امروٽيءَ جي شاگردن ۽ مريدن ۾ شاهه ولي -الله- جي -تعليم- ايڏو اثر ڪيو، جو سنڌ مان -بدعت- ۽ بداعتقاديءَ جي پاڙ پٽجي وئي.

بائجي شريف

بائجي شريف پني عاقل کان ٻه ڪلو ميٽر اولهه تي نوراجا روڊ تي هڪ وسندڙ ڳوٺ آهي جتي ڌاريجا، ميراڻي، ڀٽا، ڪلهوڙا، دايا ۽ مڱڻهار ذات جا ماڻهو رهن ٿا. هن ڳوٺ ۾ هونئن ته وڏا وڏا استاد، عالم، حڪيم، فنڪار ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن, پر ڳوٺ جي عظمت جي اهڃاڻ درگاهه شريف آهي. جتان خليفي محمد صالح صاحب عام خلق لاءِ رشد ۽ هدايت جو سلسلو شروع ڪيو. چون ٿا ته خليفو صاحب ايترو ته متقي، پرهيزگار ۽ صاحب شريعت هو، جو حضرت تاج محمود امروٽي صاحب پاڻ اچي بائجي ڀرسان ڳوٺ گگل ۾ کيس معرفت جي ڄاڻ اتان ئي عطا ڪئي. روحاني امانت سپرد ڪئي بائجي شريف ۾ روحانيت جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين قائم آهي. مولانا محمد صالح طرفان اهو فيض عام ۽ خاص لاءِ 1942ع تائين جاري رهيو. پاڻ عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو. کيس تفسير ۽ منطق تي خاص ملڪو حاصل هو. جيتوڻيڪ پاڻ ڪٿان به باقاعدي فارغ التحصيل نه هو. خليفي صاحب جو استاد مولوي عبدالله ڀٽو هو. بائجي شريف ۾ باقاعدي مدرسو قائم ڪيائين. جتان ڪيترا ناميارا عالم نڪتا، جن ۾ مولوي عبدالمجيد لنجار، فقير ولي محمد، ميان صابل شاهه، حاجي نظام الدين ۽ ٻيا شامل آهن. خليفي صاحب جي عقيدت مندن ۾ڪيترن قبيلن جا ماڻهو شامل هئا. درگاهه بائجي شريف کي وڌيڪ دوام ۽ شهرت خليفي صاحب جي لائق فرزند ميان عبدالستار بخشي، جيڪو 1929ع ۾ ڄائو ۽ پنهنجي والد صاحب جي وفات (1942ع) وقت 12 سالن جو هو، گاديءَ تي ويٺو ۽ جلد ئي پنهنجي بصيرت، ڏاهپ ۽ روحاني فيض سان سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقبول ٿيو. ميان صاحب هاليجوي شريف جو مريد هو. سندس هاڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وئي ۽ هزارين ماڻهو سندس مريد ۽ عقيدت مند بڻيا. سندس روحاني فيض جو اهو عالم هو، جو بائجي شريف ۾ هر جمعي تي ساڻس ملڻ لاءِ ايندڙن جو ميلو متل هوندو هو. وقت جا ڪامورا، وڏيرا ۽ جاگيردار به سندس عقيدت واري حلقي ۾ شامل هئا. هو ماڻهن جي ڪم نه ايندو هو ۽ ماڻهو پنهنجا ذاتي ڏک سک ساڻس ونڊي دعا حاصل ڪندا ۽ مسئلا حل ڪرائيندا هئا. وڏي سياسي بصيرت جو مالڪ هو. سياستدان سندس سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ بيچين هوندا هئا. ميان صاحب پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم به هو.

جان محمد جوڻيجو

جان محمّد خان جوڻيجو (انگريزي ٻولي: Jan Muhammad Khan Junejo، پيدائش: 1886ع)سنڌ جو ٻيون ۽ لاڙڪاڻي جو پھريون بئريسٽر

، ۽ لا، جنهن کي رئيس المهاجرين پڻ چيو وڃي ٿو، سنڌي سياستدان هو، جنهن خلافت تحريڪ جي حق ۾ ۽ برطانوي حڪومت خلاف جدوجهد ۾ سرگرم رهيو. پاڻ افغانستان جي انجمن مهاجرين هند جا پڻ سربراهه هئا.

دين محمد وفائي

مولانا دين محمد وفائي (پيدائش: 4 اپريل، 1894ع - وفات: 10 اپريل، 1950ع) سنڌ سان تعلق رکندڙ پاڪستان جا ممتاز سياستدان، عالم دين، سوانح نگار، صحافي، تذڪره نويس، اديب ۽ خلافت تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن ھيا. پاڻ صحافت جي ذريعي انگريز سامراج کان آزادي جي لاءِ ھندستان جي مسلمانن جي ذهن سازي جو ڪردار ادا ڪيائون ۽ مسلمان تشخص کي برقرار رکڻ تي زور ڏنائون.

ديوبند سياسي تحريڪ

ديوبند جي ويب سائيٽ

دارالفتا ، ديوبند مدرسو

دارالعلوم ديوبند مدرسو

The Jamaat Tableegh and the Deobandis: A Critical Analysis of their Beliefs, Books and Dawah by Sajid Abdul-Kayum

دهليءَ جا مسلمان ليڊر 1857ع کانپوءِ ٻن سياسي جماعتن ۾ ورهائجي ويا: ڪوآپريٽر ۽ نان ڪوآپريٽر.

پهرين جماعت جو ليڊر سر سيد احمد خان ٿيو. عليڳڙهه يونيورسٽي هن جي مرڪزي تعليم گاهه هئي.

ٻئين جماعت جو سرواڻ مولانا محمد قاسم ديوبندي ٿيو. دارالعلوم ديوبند سندن علمي ۽ سياسي مرڪز بڻيو.

يورپ جي اڄوڪي سائنٽيفڪ اصطلاح ۾ هن کي هڪ سياسي پارٽي نه ٿو چئي سگهجي، پر ملڪ ۾ ان جي قوت ۽ طاقت جو انڪار نٿو ڪري سگهجي. خلافت تحريڪ ۾ ان جو مظاهرو ٿي چڪو آهي.

مولانا محمد عليءَ کي ڊاڪٽر انصاريءَ شيخ الهند سان ملايو. ان کان پوءِ شيخ الهند پنهنجي جماعت کي مولانا محمد عليءَ جي اڳواڻي هيٺ آڻي ڇڏيو. ان ڏينهن کان هُو هند جي مسلمانن جو اڪيلو اڳواڻ بڻيو ۽ دهليءَ جا ٻئي اسڪول گڏجي هڪ ٿي ويا. ان گڏيل طاقت، نيشنل ڪانگريس کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. پر ان ۾ مرڪزي فڪر انهيءَ نان ڪوآپريٽر ديوبندي اسڪول وارو غالب رهيو.

انهيءَ مجموعي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي شخصيت مستقل حيثيت رکندي هئي، جيڪو حڪيم اجمل خان سان گڏ مٽجي ويل دهليءَ جو هڪ اهڃاڻ هيو. ماڻهن کي شايد هيءَ به خبر نه هجي ته مولانا شيخ الهند جو سنڌ ۾ ڪيترو اثر هيو. مولانا تاج محمود امروٽي ۽ حضرت پير جهنڊي وارو پير رشدالله شاهه ۽ ڪراچيءَ جي مدرسي مظهرالعلوم ۽ ڳوٺ پير جهنڊي واري مدرسي دارالرشاد سان واسطيدار عالمن جون جماعتون، سڀئي ديوبندي اسڪول سان واسطو رکن ٿيون. جمعيت علماءِ سنڌ جو سرواڻ مولانا محمد صادق ۽ سندس ڀاءُ شيخ محمد ابراهيم ايم اي ديوبندي اسڪول جا خاص ڪارڪن رهئا.

نان ڪوآپريشن واري تحريڪ جيڪا خلافت واري دؤر ۾ ڪانگريس قبول ڪئي آهي، اُها مدرسي دارالرشاد جي هڪ ديوبندي استاد مولانا نورالحق جي تجويز هئي. مولانا نورالحق پير صاحب جهنڊي واري جو هڪ سيڪريٽري هيو.

ريشمي رومال تحريڪ

اسلامي دنيا کي هن تحريڪ کان واقف ڪرائڻ ۽ ان کان مدد وٺڻ لاءِ، شيخ الهند مولانا محمود الحسن, 18 سيپٽمبر 1915ع ۾ حجاز روانو ٿيو. سندس حوالي هي ڪم هو ته هو حجاز جي ذريعي، خلافت عثمانيه ۽ ٻين عرب سربراهن سان لاڳاپو رکي ته جيئن افغانستان، برطانيه حڪومت سان جڏهن جنگ ڪري تڏهن اهي ملڪ به سندس مدد ڪن. شيخ الهند حجاز پهچڻ کانپوءِ، حجاز جي گورنر غالب پاشا سان ملاقات ڪري پنهنجو حامي بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن غالب پاشا کان هڪ خط افغان حڪومت لاءِ لکرايو، جنهن ۾ هندستاني انقلابين سان ترڪي جي حمايت جو يقين ڏياريل هو،

اهو خط مولانا منصور عرف محمد ميان انصاري کڻي افغان حڪومت وٽ پهتو، مولانا عبيدالله سنڌي، ڪابل ۾ جڏهن تحريڪ لاءِ ميدان هموار سمجھيو تڏهن 14 آگسٽ 1916ع تي هيڊي رنگ جي ريشمي رومالن تي ٽي خط لکي هڪ نو مسلم شيخ عبدالحق کي ڏنا ۽ کيس هدايت ڪئي ته اهي خط سنڌ ۾ شيخ عبدالرحيم کي پهچائي ۽ شيخ عبدالرحيم کي هدايت ٿيل هئي ته ان مان مولانا محمود الحق جو خط ان کي پهچايو وڃي.

ان خط جي مضمونن ۾، عبيدالله سنڌيءَ (Ubaidullah Sindhi) ڪابل ۾ حالتن جو مطالعو ڪري، جيڪو ملڪ جي آزادي جو منصوبو ٺاهيو هو. ان کان شيخ الهند کي واقف ڪيو هو تنهن کانسواءِ جنود الله (ربانيه) جي قيام ۽ ترقي جپان ۽ چين کي سفارتن موڪلڻ جو تفصيل سان ذڪر ٿيل هو. هي ٽي خط هئا. پهريون خط 10 جولاءِ 1916ع تي شيخ عبدالرحيم سنڌي حيدرآباد جي نالي پنج ڇهه انچ ڊيگهه وارو هو. ٻيو خط شيخ الهند جي نالي هو. جيڪو 9 جولاءِ 1916ع تي لکيل آهي. ان جي ڊيگهه ويڪر اٺ ڏهه انچ هئي ۽ ٽيون خط پڻ شيخ الهند جي نالي هو

1-اهي خط مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا منصور عرف محمد ميان شيخ الهند کي لکيا هئا. ڇاڪاڻ ته مولانا محمد ميان حجاز مان غالب نامو کڻي افغانستان آيو هو، اهو سڄو احوال ان خط ۾ هو

2- ان کان علاوه مولانا سنڌي، دينپور جي بزرگ مولانا تاج محمد امروٽي امروٽ شريف جي بزرگ ۽ پير جھنڊي واري سيد رشد الله شاهه ڏانهن به خط موڪليا هئا،

3- ريشمي رومال واري پهرين خط ۾ شيخ عبدالرحيم سنڌي کي هدايت ٿيل هئي ته شيخ الهند جي نالي وارا خط يا ته پاڻ يا ڪنهن ڀروسي جوڳي ماڻهو جي هٿ مديني شريف شيخ الهند کي پهچائي. ان کان علاوه شيخ عبدالرحيم سنڌي کي اها به هدايت ڪئي ته هو ڪابل اچي ڇاڪاڻ ته اتي گهڻائي ضروري ڪم آهنريشمي رومال تحريڪ (Silk Letter Movement) جو ذڪر سڀ کان پهريائين سڊيشن ڪميٽيءَ جي رپورٽ 1918ع ۾ آيو هو. پوءِ 1924ع ۾ جڏهن انٽيليجنس، تحريڪ خلافت ۽ عدم تعاون تي پنهنجي رپورٽ مرتب ڪئي ته ان ۾ به ان حوالي سان هڪ ٻه پئراگراف آيا. ريشمي خطن واري تحريڪ ( Silk Letter Movement) جيڪا ريشمي رومال تحريڪ (In Romandized Sindhi: Reshmi Rumaal Tehreek) جي نالي سان به مشهور آهي ۽ هاڻي جنهن کي برصغير جي مشهور مؤرخ مولانا سيد محمد ميان ”تحريڪ شيخ الهند“ جي نالي سان بيان ڪيو آهي، تنهن کي برٽش انڊيا جي سي آءِ ڊي ”ريشمي خط سازش“ (Silk Letter Conspiracy) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

هي خط جيئن ته ريشمي ڪپڙي تي لکيا ويا هئا، ان ڪري ريشمي خط ۽ ريشمي رومال ٻئي نالا صحيح آهن. هن تحريڪ جو باني جيئن ته برصغير جو مشهور عالم دين، سياسي رهنما ۽ درالعلوم ديوبند جو شيخ الحديث ۽ صدرالمدرسين مولانا محمود حسن ديوبندي هو، ان ڪري هن تحريڪ کي تحريڪ شيخ الهند چوڻ قطعي غلط ڪونهي. پر انگريزن مولانا عبيدالله سنڌي کي ريشمي خط سازش يا تحريڪ جو باني قرار ڏنو آهي. ”تحريڪ شيخ الهند“ هڪ گهڻ طرفي تحريڪ هئي، ان جو لاڳاپو دارالعلوم ديوبند جي قائم ٿيڻ ۽ حضرت سيد احمد شهيد ۽ شاهه اسماعيل شهيد جي جهادي تحريڪ ۽ آزادي جي ڪوششن سان وڃي ملي ٿو ۽ پوءِ جمعيت علما هند جي ڪوشش به ان سلسلي جي ڪڙي هئي، مولانا سنڌي جو افغانستان وڃڻ ۽ پاڻ حضرت شيخ الهند جو حجاز جي لاءِ سفر جو سانباهو ڪرڻ، هڪ گڏيل منصوبي تحت هو؛ پر ڪابل پهچي عارضي حڪومت ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ جنود ربانيا قائم ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه معروضي حالتن مطابق ضروري هو. انهن قدمن جو (خدائي لشڪر وارو) فيصلو، جيئن ته مولانا سنڌيءَ پنهنجي دورانديشيءَ تحت ڪيو هو، ان لاءِ حضرت شيخ الهند جي ڪا به اڳواٽ هدايت موجود نه هئي، نه مولانا سنڌي حڪومت موقته ۾ شرڪت ۽ ”جنود ربانيا“ جي ڪوشش کان اڳ حضرت شيخ الهند کان اجازت وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪئي هئي. هي ٻئي ڳالهيون حضرت شيخ الهند جي تحريڪ جي مقصدن جي عين مطابق هيون، انهن کي هن گهڻ مقصدي تحريڪ جو هڪ جزو قرار ڏئي سگهجي ٿو. حڪومت موقته جي تحريڪ، راجا مهندر پرتاب ۽ مولوي برڪت الله جي تجويز هئي، جنهن ۾ مولانا سنڌيءَ کي شرڪت جي دعوت ڏني ويئي ۽ ان ”اسلامي مفاد جي حفاظت جي نظر سان“ پنهنجي صوابديد تي ان ۾ شريڪ ٿيڻ پسند ڪيو هو. جيتوڻيڪ جنود ربانيا جي قائم ٿيڻ جي تجويز ۽ ان جي قائم ٿيڻ جو سڄو انتظام مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي دماغ جي ڪاوش ۽ ان جي ڪوششن جو نتيجو هو. انگريزي سي آءِ ڊي جي مطابق، جيئن ته هي منصوبو (يعني ريشمي رومال تحريڪ) مولانا عبيدالله سنڌيءَ لکيو هو، ان ڪري ان کي هن تحريڪ يا سازش جو باني قرار ڏيڻ ۽ ٻين اڪابرن کي ان جو شريڪ ۽ مددگار قرار ڏيڻ، سمجهڻ جوڳي ڳالهه آهي.

انڊيا آفيس لائبريريءَ ۾ واسطيدار ڪاغذن جي جائزي ۽ انهن مان ڄاڻ وٺڻ جي اجازت ڏني ويئي ته مولانا موسا ڀائي ڪرناڊي ۽ ان جي ساٿين سڀني ڪاغذن جي فلم ٺهرائي، جمعيت علماءِ هند کي ڏني، جنهن جي خاص حصن جو ترجمو ڪرائي پنهنجي هڪ ڊگهي مقدمي ۽ حاشيءَ سان گڏ حضرت مولانا محمد ميان ”تحريڪ شيخ الهند“ جي نالي سان دهلي مان شايع ڪئي. (پوءِ لاهور مان ان جا ٻه ايڊيشن نڪتا) ائين تحريڪ جي باري ۾ وڌيڪ تفصيلي ڄاڻ حاصل ٿي. ان ڪتاب ۾ مولانا محمد ميان، سي آءِ ڊي جيغلط فهمين کي پنهنجي مقدمي ۾ بيان ڪري صحيح صورتحال کي چڱي نموني واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بنيادي طور تي اهو سي آءِ ڊي جو رڪارڊ هو، جيڪو مرتب ڪيو ويو هو. ان ڄاڻ کان سواءِ ڪجهه ٻي معلومات اهڙن ماڻهن وٽان ملي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين تحريڪ سان فڪري يا عملي طور لاڳاپيل رهيا هئا. ماهوار الحق اڪوڙه خٽڪ ۾ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي فائديمند تحريرون ڇپيون آهن.

ريشمي رومال تحريڪ ۽ خطن جي ڪيس جي خلاصي ۽ رپورٽ جي مطالعي مان ان جي اهميت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ننڍي کنڊ جي هيءَ آخري انقلابي تحريڪ هئي ۽ اتفاق سان ان جا اڳواڻ ”پهرين اسلامي انقلاب تحريڪ“ (تحريڪ اصلاح و جهاد) جي اڳواڻن سان فڪر ۽ عقيدت جو رشتو مضبوط رکندا آيا هئا. ننڍي کنڊ (برصغير) ۾ هن تحريڪ جو پهريون مرڪز ديوبند هو.

صبغت اللہ شاهه راشدي اول

صبغت اللہ شاھ راشدي (سيد صبغت اللہ شاهه راشدي اول ( سنڌي) هيو۔ هو سيد محمد راشد شاهه جو سڀ کان وڏو پٽ هيو۔جڏنهن ته ننڍو ۽ اٺون پير پاڳارو جو نالو پڻ سيدصبغت اللہ شاهه راشدي هيو۔

مولانا ثناءُالله ثنائي

مولانا ثناءُالله ”ثنائي“'

مولوي ثناءُالله ”ثنائي“ ولد الله بخش عباسي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”کوهارا“ ۾، تاريخ 5 ذوالقعد 1312هه مطابق 3 اپريل 1895ع تي ڄائو. عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن ۾ مهارت حاصل هيس. نعتيه شاعريءَ کان علاوه غزلن تي مشتمل ”ديوان“ به تيار هوس. مزاحيه شاعريءَ ۾ به مـُلڪو رکندو هو. سندس خطبا سنڌ ۾ مشهور آهن. ٻياسي ورهين جي ڄمار ۾، تاريخ 12 صفر المطفر 1398هه مطابق 21 ڊسمبر 1977ع تي وفات ڪيائين. سندس تصنيفات جو تعداد 14 آهي. مولانا تاج محمود امروٽي رح (1844 - 1929ع) جو عقيدتمند هو .

مولانا ”ثنائي“ وڏو ڪتبخانو جمع ڪيو هو، جنهن ۾ ناياب ڪتابن کان علاوه ڪيترائي قلمي نسخا به محفوظ هئا. هڪ اندازي مطابق وٽس اڍائي هزارن جي لڳ ڀڳ ڪتاب گڏ ٿيل هئا پاڻ وڏي پايي جو عالم ۽ حاضر جواب هو. افسوس جو پوين ۾ علم جو سوجهرو نه رهيو، جنهن ڪري هي علمي سرمايو فقط اونداهي ڪوٺيءَ ۽ اُڏوهيءَ جو کاڄ بڻيل آهي.

ڳوٺ ڪريم بخش کوسو

ڳوٺ ڪريم بخش کوسو :

بهادرپور سرڪل ۾ کوسن جي جاماڻي ”سردار خيل“ پاڙي ۾ هيبت خان ٿي گذريو، جنهن جو قبو قادرپور ۾ آهي، ان جي زمين ستر هزار جريب تعلقه ٺل ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ هئي، موجوده وقت ۾ سندس خاندان وٽ ست هزار کن جريب زمين وڃي رهي آهي، ڪريم بخش خان کوسو سندس فرزند، ڳوٺ ٻڌي اچي رهيو، ڪريم بخش ڳوٺ هڪ وسندڙ ۽ بازار ڀريل ڳوٺ ٿيو، هندو تمام گهڻا اچي ڪاروبار ڪرڻ لڳا، ابتدائي دور ۾ ته سندن گهر به اتي هيا، انهيءَ ڳوٺ ۾ هندن پنهنجي مڙهي به ٺهرائي هئي، جيڪا ڏاڍي سهڻي نموني ٺهيل هئي، سندس فرش ٽائليس سان سينگاريل هو ۽ مهاڙي ڪاشي جي سرن سان سنواريل هئي، هندن جو وڏو اوج هو، ڳوٺ جا زميندار نيڪ نمازي ۽ حاجي هيا پڻ پڪا مسلمان به هيا ته انهيءَ هندو زمين کي اسلامي احڪامن موجب پورو پورو تحفظ فراهم ڪيو، ڳوٺ ڪريم بخش جا هندو گهڻو ڪري ڇٽر ڦلجي ۽ ڀاڳ جي طرف کان آيا هئا، بلوچستان جا باشندا هيا، سندن مٽي مائٽي به انهيءَ طرف هئي، ”ٻروچڪي کلي “ مان پاڻي پيئڻ سبب ڏاڍا ڏنگا هوندا هئا، ڪريم بخش ۾ جيڪو مشهورڌاڙو 1934ع ۾ ڌاڙيل رحمان بروهي هنيو اهو به هڪ هندو جي چرچ ۽ ڏس پتي تي لڳو هو، اپر سنڌ ۾ اهوپهريون واقعو ٿيو هو، ان کانپوءِ ٻهراڙيءَ مان واپار کي هندو سوڙهو ڪرڻ لڳا، مان سنه 1938ع ۾ ڪريم بخش ڳوٺ پهريون ڀيرو ويو هوس، ان وقت به هندو دڪاندار گهڻا ڏٺا هيم، فالودو مٽيءَ ۾ وڌل ۽ ٿڌو ٿيل فالودو به مون اتي کاڌو هو، ان ڌاڙي کانپوءِ ڳوٺ جي حفاظت لاءِ باقاعده پوليس ٿاڻو به لڳو هو، پر جڏهن پاڪستان ٿيو ته واڻيا موٽي پنهنجي ماڳن ڏانهن هليا ويا، هاڻي به جيڪب آباد شهر جي هندن جون مائٽيون بلوچستان جي ڇٽر، ڦلجي، ڀاڳ ناڙي جي هندن سان آهن، هتان جو هندو بلوچستان جي ماحول سبب عام هندو کان زياده دلير آهي.

ڪريم بخش ڳوٺ سڙڪ جي ڪناري آهي، قطب دوران سيد العارفين حضرت حافظ الملت حافظ محمد صديق عله رحمت ان وقت پراڻي جنگو کان نئين جنگو انهيءَ سڙڪ سان ايندا ويندا هيا، هڪ دفعي سوير اٺ تي چڙهيون ڪريم بخش وٽان لنگهيا ته ان وقت هڪ واڻيو به ٻهراڙي جي دستور مطابق جهنگ جي خيال سان نڪتو وڃي رهيو هو ته حضرت صاحب تي ديد پئجي ويس ۽ حضرت صاحب جي به ”نظر ڪيميا اثر“ مٿس پئجي چڪي هئي، واڻيو ته حاجت پوري ڪري گڏون ۽ ڏندڻ سان واپس وريو، سالن پڄاڻان واڻيي جا آخري ڏينهن آيا، سڪرات سان ساهه هلڻ لڳس ته هندو ٻانڀڻ کي وٺي آيا ته کيس رام رام چواڻي مهراج آيو، سڏ ڪرڻ لڳس ته ڀائي ڀڳتا رام، رام رام چئو، ڀائي جون اکيون بند هيون، گهڻن سڏن بعد اکيون کولي چوڻ لڳو ته مهراج رام رام ڪيئن چوان هو اٺ وارو بيٺو آهي، جيڪو چوي ٿو ته ڪلمو پڙهه ڀائي مان ته ان ڏينهن ڏسڻ سان ڪلمو پڙهيو هوم، هاڻي به ڪلمو پڙهان پيو، مرڻينگ مهتي ڪلمو پڙهي پساهه پورا ڪيا.

نگاهه مرد مومن سي بدل جاتي هين تقديرين.

اها هئي مرد مومن جي نگاهه، جنهن ڪراڙ جي قسمت ئي ڦيرائي ڇڏي، ٺل علائقي ۾ پهريائين ذڪر فڪر جو دستور حضرت حافظ صاحب جن جي ذريعي پيدا ٿيو پوءِ سندن خليفن انهيءَ سلسلي کي گهڻو اڳتي وڌايو، ڪريم بخش ڳوٺ ۾ حضرت صاحب جن جي وصال بعد سندن خليفه اول حضرت مولانا تاج محمود امروٽي صاحب جي آمد رهي، ان سان گڏ امام انقلاب حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب به ايندو هو، ڪوٽ جنگو ۽ چوڪ جون عاليشان مسجدون ان زماني ۾ حضرت حافظ الملت سيد العارفين عليه رحمت جن جي ارشاد مطابق سندن خليفن ٺهرايون. غالباً 1895ع ۾ اهي مسجدون جڙي راس ٿي چڪيون هيون.1900ع جي شروع ٿيڻ کانپوءِ سياسي تحريڪون شروع ٿيون هيون، اول ”خلافت تحريڪ “ شروع ٿي پوءِ ”هجرت تحريڪ“ شروع ٿي، مولانا عبيدالله سنڌي صاحب غالباً 1913ع ۾ ڪابل روانو ٿي ويو، سندس سفر جي ابتدا ڳوٺ ڪريم بخش کان ٿي، حضرت امروٽي صاحب جي جماعت جا ڪي جوان سندس ساٿي بڻجي کيس بلوچستان کان سرحد ٽپائي وڃڻ ۾ مددگار ٿيا، ڪريم بخش ڳوٺ به ” تحريڪ خلافت “ ۽ ”تحريڪ هجرت “ جو مرڪز هو، ڪريم بخش خان پڙهيل ”ملان طبع “ انسان هو، سندس فرزند محمد اسحاق خان ڀرچونڊي شريف جانقاهه وارو لباس پائيندو هو.

ڪريم بخش ڳوٺ حضرت مولانا امروٽي رحه ۽ امام انقلاب حضرت سنڌي رحه جي قدمن جو مرڪز هو، سندن انقلابي ۽ اسلامي حريت جي جوش سبب صحبتي ماڻهن ۾ مجاهدانه جذبه جاڳي پيا، منهنجو والد بزرگوار ۽ سندس چاچو حاجي عظيم خان ”تحريڪ هجرت “کان متاثر ٿي وطن ڇڏي ڪابل ڏانهن روانا ٿي ويا پر اتي پٺاڻن جي غير همدردانه ۽ ناروا سلوڪ سبب مايوس ٿي موٽي آيا، حقيقت ۾ افغانستان جو فرمانروا اندروني طور انگريزن وٽ وڪا۾ل هو، اڳتي هلي هو حضرت مولانا عبيداله سنڌي لاءِ به ڏاڍو ڏنگو ثابت ٿيو هن جوءِ ۾ حضرت حافظ الملت مالڪ جن رحمت الله عليه ڏاڍو فيض رسايو هو، ڪيترا ماڻهو ذڪر ۽ فڪر جا مالڪ بڻيا، تمام جماعت جي ماڻهن ۾ بعد از مغرب ۽ تهجد وقت ذڪر جي تسبيح پوري ڪرڻ جو ذوق پيدا ٿيو، ڪيترن جي قلب مان ذڪر جو آواز نڪرندو هو، خليفو دلمراد کوسو انهن ان هڪ هن تر جو فقير هو، جنهن چوڪ جي جامع مسجد تيار ڪرائي، ان مسجد شريف لاءِ پاڪ بدن ۽ وضو سان ڪچيون سرون وڌيون ويون، ذڪر الاهي سان کورو پچايائون ۽ ذڪر سان سرون کڻي مسجد شريف جي اوساري ڪيائون، اهڙي طريقي سان اها مسجد شريف جڙي راس ٿي، اڄ به سئو سال گذرڻ بعد نئين نڪور ڏيکاءُ ڏيون بيٺي آهي.

طاب الله ثراه و جعل جنته مثواهڪوٽ جنگو جي مسجد وڏيرڪي پئسي سان جڙي ته اڄ تمام خسته حالت ۾ آهي، حاجي محمد هارون صاحب جڏهن جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته هن مسجد سڳوري جي مرمت لاءِ ٻه لک روپيا منظور ڪيا پر ڪنهن ۾ به همت نه ٿي جو اهي پيسا ڪتب آڻي خدا جي گهر جي مرمت ڪرائي، جنگو ڳوٺ مان جنگواڻي کوسا لڏي وڃي پنهنجن زمينن تي ڌار ڳوٺ ٻڌي ويٺا ان ڪري ڳوٺ جي وسند به ختم ٿي وئي، حضرت حافظ الملت رحه جي دور ۾ اهو ڳوٺ تمام وڏو هو، سڀيئي جنگواڻي وڏيرا گڏ ويٺا هيا ۽ حضرت صاحب جن جا به قدم مبارڪ جلدي جلدي گهمندا هئا.

ڪاملن جي قرب ۾ هدايت جي روشني آ.

حضرت حافظ الملت رحه جي دورکان اڳ سنڌ ۾ طوائف الملوڪي جو دور هو، ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ ئي انگريزن اچي پير کوڙيا، واپار جي بهاني سان سنڌ سڄي جي سڃاڻپ ڪري ويا، ڪمپني بهادر جي نالي سان واپار جو ڍونگ ڪيائون، شڪارپور ۾ تنهن زماني ۾ ٽن حڪومتن جا نمائندا رهندا هيا، ٽالپرن درانين ۽ خان قلات جا نمائندا رهندا هيا.1834ع ڌاري کوسن جو سردار رحيم خان کوسو، ٽالپري گورنر سيد ڪاظم شاهه سان گڏ کرڙي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو، اڳي به ڪلهوڙا دور ۾ ميان غلام شاهه، کوسن جي سردار جعفر خان کي شهيد ڪرايو هو، حاڪمن جي انهيءَ بي رخي سبب کوسا تمام بدظن ٿيا ۽ پاڻ کي غير محفوظ سمجهيائون، انگريزن به هتي اثر پيدا ڪيو.

سو کوسن جي سردار قادر بخش خان انگريزن جو ساٿ ڏنو ۽ ساڻس تعاون ڪيو، کوسا اصل کان سياسي ۽ فوجي ماڻهو هيا، ٻڪرار يا ريڍار قسم جا ماڻهو نه هيا، نه ڪي ”دز د لنگا“ هيا، کيتي تي گذارو ڪندا هيا، انگريزن کين پنهنجي فوج لاءِ موزون سمجهي ڀرتي ڪيو، کوسا اهي سمجهي ويا هيا ته ڪي ٽالپرن جي حڪومت ۾ ڪو دم خم آهي، نڪي ڪابلي پٺاڻن وٽ پختگي آهي نه وري خان قلات جو هتي ڪو مضبوط قبضو آهي، انگريزن جا پير پختا ٿيندا وڃن ٿا، آئنده واري سياسي طاقت انهن انگريزن وٽ اچڻي آهي، سو کوسا سردار ۽ سندس خيل جي ماڻهن انگريزن وٽ فوج ۽ پوليس ۾ ڀرتي ٿي پنهنجي لاءِ تحفظ جو بندوبست ڪيو، 1834کان 1910ع تائين اهو سلسلو رهيو، ان بعد جڏهن حضرت مولانا امروٽي عليه رحمت ۽ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي عليه رحمت ڳوٺ ڪريم بخش اچڻ وڃڻ لڳا ته سندن انقلابي اثر کوسن جي جاماڻي خاندان مان ولياڻي پاڙي تي اڍو ٿيو، اڳتي هلي خان محمد امين خان کوسي جهڙو انقلابي پيدا ٿيو، جنهن مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي جلاوطني ختم ڪرائي انگريزن جون پاڙون پٽڻ لاءِ جوڳو طريقو ڪيو.

حضرت سنڌي 1913ع ۾ ڪابل ويا ۽ غالباً مارچ 1939ع ۾ واپس وطن جا وڻ ڏٺائون ۽ 1944ع ۾ وفات ڪيائون، سنه 1947ع ۾ انگريزن به هندستان مان پنهنجا ٽپڙ ٻڌا، انگريزن مولانا جي حڪمت عملي جي سٽ ڪا نه جهلي، نوي سالن اندر هندستان کي آزادي ڏنائون.مولانا جي مرقد تي انوار الاهي جاري و ساري آهن.

پاڪستان ۾ هڪ دفعي جرمن مان ڪو وفد آيو هو ان وفد جي هڪ ميمبر معلوم ڪيو ته مولانا جي قبر کيس ڏيکاري وڃي، هو دين پور شريف پهچي مولانا جي قبر تي پنهنجي ٽوپي لاهي گهڻي گهڻي دير تائين خاموش بيٺو رهيو، بعد ۾ اخباري دنيا تي واضح ڪيائين ته هن مرقد نشين مجاهد جا جرمني ملڪ تي وڏا احسان آهن، سندس ئي پروگرام تي عمل ڪرڻ سان جرمن قوم زنده رهي آهي

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.