برازيل

برازيل (انگريزي ٻولي: Brazil) ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ ھڪ ملڪ آھي جنھن جو سرڪاري نالو وفاقي جمهوريه برازيل (Republica Federative Dobrasil) آهي، برازيل ڏکڻ آمريڪا جو اهم ملڪ آهي ۽ آباديءَ ۽ ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جي پنجن وڏن ملڪن مان هڪ آهي ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ڪل پکيڙ جو اڌ حصو هن ملڪ ۾ شامل آهي. هن جي اتر ۾ وينزويلا، گويانا، سورنيام، فرني گيانا ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ يوراگوئي، اولهه ۾ ارجنٽينا، پيراگوئي، بوليويا ۽ پيرو، اتر اولهه ۾ ڪولمبيا آهن.[10]

مڪانيت: 10°S 52°W / 10°S 52°W

وفاقي جمھوريہ برازيل

República Federativa do Brasil
Flag of برازيل
سرڪاري مھر of برازيل
جھنڊو سرڪاري مھر
شعار: 
ترانو: 

National seal
  • Selo Nacional do Brasil
  • برازيل جي قومي مھر
  • National Seal of Brazil (color).svg
Brazil (orthographic projection)
گادي جو هنڌ ''برازيليا''
سڀ کان وڏو شهر São Paulo
23°33′S 46°38′W / 23.550°S 46.633°W
دفتري ٻوليون پرتگالي[2][3]
نسلي گروھ (2010[4])
  • 47.73% اڇا
  • 43.13% Pardo
  • 7.61% ڪارا
  • 1.09% ايشيائي
  • 0.43% Amerindian
مقامي آبادي برازيليائي
حڪومت وفاقي صدري آئيني جمھوريت
• صدر
Michel Temer
• نائب صدر
Vacant[5]
• President of theChamber of Deputies
Rodrigo Maia
• President of the Federal Senate
Renan Calheiros
• President of the Supreme Federal Court
Cármen Lúcia
قانون ساز ادارو National Congress
وفاقي سينيٽ
Chamber of Deputies
آزادي from the United Kingdom of Portugal, Brazil and the Algarves
• Declared
7 September 1822
• Recognized
29 August 1825
• Republic
15 November 1889
• ھاڻوڪو آئين
5 آڪٽوبر 1988ع
پکيڙ
• Total
8٬515٬767 km2 (3٬287٬956 sq mi) (ستون)
• آبي (%)
0.65
آبادي
• 2016 اندازو
206,440,850[6] (پنجون)
•  گھاٽائي
23.8 /km2 (61.6 /sq mi) ( 190 ھون)
جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) 2016 اندازو
• ڪل
$3.101 trillion ( ملڪن جي جي.ڊي.پي. جي فھرست(مساوي قوت خريد)
• في سيڪڙو
$15,048[7] (77 ھون)
جي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2016 اندازو
• ڪل
$1.534 trillion ملڪن ۾ جي ڊي پي جو شمار{سانچو:GDP nominal rank)
• في سيڪڙو
$7,447[7] ([ ملڪن جي جي.ڊي.پي. فھرست
جيني (2014) positive decrease 51.5[8]
اعلیٰ
ايڇ ڊي آء (2014) Increase2.svg 0.755[9]
اعلیٰ · 75 ھون
ڪرنسي Real (R$) (BRL)
معياري وقت BRT (متناسق عالمی وقت−2 to −5)
• اونھارو (روشني جي روزاني بچت وارو وقت)
BRST (متناسق عالمي وقت−2 to −5)
تاریخ جو نمونو dd/mm/yyyy (CE)
ڊرائيونگ جو پاسو right
ڊائلنگ ڪوڊ +55
انٽرنيٽ ڊومين .br

تاريخ

برازيل ۾ ڪيترائي هزار سال اڳ قديم انڊين قبيلا گوراني ۽ ٽوپي نامبا آباد هئا، اسپيني جهازران وسنٽ يانيزپنيزون پهريون يورپي هو، جيڪو 26 جنوري 1500ع تي برازيل جي ڪناري تي لٿو، پر برازيل کي ڳولڻ جو ڪريڊٽ پرتگالي سامونڊي ڪمانڊر پيڊرو الوانس (Pedro Allvanes Caberel) ڪيبرل ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو 22 اپريل 1500 ع تي اوڀرين برازيل جي ڪناري تي لنگر انداز ٿيو ۽ پرتگال جي ملڪيت تي دعويٰ ڪيائين، 1530ع ۾ شاهه پرتگال جان III هتي آبادگاريءَ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن هيٺ شاهه، برازيل کي 15 ضلعن ۾ ورهايو. هتي آفريقي شيدين جي 16 صدي عيسويءَ ۾ آبادڪاري ٿي. 1699ع ۾ هتي سون ۽ 1721ع ۾ هيرا لڌا، جنهن کان پوءِ يورپي نون آبادگارن جي هڪ وڏي کيپ هتي پهتي.1727ع ۾ هتي پهريون ڀيرو ڪافيءَ جي پيداوار ٿي.[10]

1750ع ۾ پرتگال ۽ اسپين ميڊرڊ ٺاهه هيٺ ڏکڻ آمريڪا کنڊ کي هڪ ٻئي ۾ ورهائي ڇڏيو، 1807ع ۾ فرانس جي شهشاهه نيپولين بوناپارٽ پرتگال تي قبضو ڪيو ته 7 مارچ 1808ع تي شاهي خاندان برازيل ۾ پناهه ورتي. 1815ع ۾ پورچو گالي بيٺڪن کي ”پورچو گال جي گڏيل بادشاهت“ جو نالو ڏنو ويو. 1821ع ۾ بادشاهه جان ڇهين پنهنجي پٽ جان پيڊرو کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو. 3 جون 1822ع تي پيڊرو اسيمبليءَ جو اجلاس طلب ڪيو، تنهنڪري 7 سيپٽمبر 1822ع تي پيڊرو، برازيل جي آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پهرين ڊسمبر 1822ع تي ڊام پيڊرو برازيل جو شهنشاهه ٿيو، انهيءَ نئين مملڪت کي سڀ کان اڳ آمريڪا 1824ع ۾ قبول ڪيو، 24 سيپٽمبر 1834ع تي پيڊرو پهرئين جي انتقال کان پوءِ 23 جولاءِ 1840ع تي آئين ساز اسيمبليءَ پيڊرو ٻئي کي بادشاهه مقرر ڪيو، جنهن 14 جولاءِ 1841ع تي برازيل جو تاج سنڀاليو. مئي 1888ع ۾ شاهه پيڊرو ٻئي غلاميءَ جي خاتمي جو اعلان ڪيو.[10]

15 نومبر 1889ع تي خوني انقلاب کان پوءِ شاهه پيڊرو ٻئي کي تخت تان لاٿو ويو، انقلاب جو ليڊر ڊيوڊوروڊ افونسڪا هيو، ملڪ کي جمهوريه بنائي، يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف برازيل جو نالو ڏنو ويو، 24 فيبروري 1891ع تي هتي آمريڪي طرز جو آئين نافذ ٿيو، فونسڪا جي حڪومت صرف 20 ڏينهن رهي، پهرين عالمي جنگ دوران جرمنيءَ برازيل جي سامونڊي ٻيڙين تي حملو ڪيو ته هن آگسٽ 1917ع ۾ جرمنيءَ سان سڀ سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ۽ 26 آڪٽوبر 1917ع تي جرمنيءَ خلاف جنگ جوٽي ڇڏي، ٻي عالمي جنگ دوران 22 آگسٽ 1942ع تي جنرل فيٽوليو ورگس (Fetuleo Vergas) جرمنيءَ ۽ اٽليءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ورگس 3 آڪٽوبر 1950ع جي صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر صدر ٿي آيو، پر آگسٽ 1954ع ۾ ورگس مخالف اخبار جي ايڊيٽر جي قتل کان پوءِ حالتون خراب ٿي ويون، فوج صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، تنهن ڪري 24 آگسٽ 1954ع تي ورگس استعيفيٰ ڏني ۽ ترت ئي خودڪشي ڪري ڇڏي. 21 اپريل 1960ع تي ريوڊي جنيرو جي جاءِ تي برازيليا کي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو، 1983ع ۾ برازيل دنيا جو سڀ کان وڌيڪ قرضي ملڪ ٿي ويو، جنهن تي 100 بلين ڊالرن جو قرض واجب الادا هو، آگسٽ 2000ع ۾ شديد بارش ۾ سوين ماڻهو مري ويا ۽ هزارين بي گهر ٿي ويا.[10]

جاگرافي

هن ملڪ جي اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگهه 4350 ڪلوميٽر (2700 ميل) آهي، هن جي اتر ۾ ايميزون نالي وڻن جا گهاٽا ٻيلا آهن، جن ملڪ جي اڌ ايراضيءَ کي گهيري ورتو آهي. برازيل جي ڪل پکيڙ 8511965 چورس ڪلوميٽر (3285618 چورس ميل) ۽ آبادي 17 ڪروڙ 50 لک آهي. هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ برازيليا (Brasilia) آهي، جيڪو انتهائي جديد طرز تي آباد شهر آهي، جنهن کي 1956ع کان تعمير ڪيو هو ۽ 1968ع ۾ هن شهر جو وڏو حصو مڪمل ٿي ويو هو، اسلام آباد ۽ برازيليا جي تعمير جو زمانو لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. هن جو سڀ کان مٿانهون هنڌ نبلينا (Niblina) آهي، جيڪو سمنڊ کان 3014 ميٽر بلند آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي پرتگالي آهي، جڏهن ته هتي انگريزي، اطالوي ۽ اسپيني پڻ ڳالهائجن ٿيون، هن ملڪ جي موسم ايميزون وارن حصن ۾ سدائين گرم ۽ گهميل هوندي آهي، باقي جابلو علائقن جي موسم خوشگوار هوندي آهي.[10]

معيشت

برازيل جي مکيه زرعي پيداوار ۾ ڪافي، ڪپهه، تماڪ، سويابين، ڪوڪو، چانور، مڪئي، ميوا، رٻڙ ۽ ڪيلو آهي، هتان جي مکيه صنعتن ۾ فولاد، موٽرگاڏيون، سامونڊي جهاز، مشينري، پيٽرول ڪيميڪل، ڪاغذ، پلاسٽڪ، پروڊڪٽس شراب، سيمينٽ، ڪپڙو، دوائون ۽ سياحت شامل آهي ۽ مکيه معدنيات ۾ لوهه، هيرا، سون، ٽين، باڪسائيٽ، تيل، يورينيم، ڪوئلو اچي وڃي ٿو. برازيل جو سڪو ڪروزيرو (Cruzeiro) آهي.[10]

سياسي نظام

برازيل وفاقي جمهوريه آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي، صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. صدر ۽ نائب صدر سڌو سنئون عوام جي ووٽن سان 4 سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن. برازيل جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 07 سيپٽمبر 1822ع آهي، جڏهن ته ان کي گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان آهي.[10]

حوالا

  1. Exército Brasileiro. "Hino à Bandeira Nacional" (ٻولي ۾ Portuguese). حاصل ڪيل January 29, 2014.
  2. "Demographics". Brazilian Government. وقت 17 November 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 October 2011.
  3. Libras, Brazilian Portuguese sign language, is officially recognized as a legal means of communication in "Lei 10.436". Brazilian Government. وقت 10 September 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 July 2015.
  4. "Caracteristicas da População e dos Domicílios do Censo Demográfico 2010 – Cor ou raça" (PDF). حاصل ڪيل 7 April 2012.
  5. Jonathan Watts & Donna Bowater. "Dilma Rousseff impeached by Brazilian senate". The Guardian. حاصل ڪيل 31 August 2016.
  6. "Brazil". IBGE population estimates.
  7. 7.0 7.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named imf
  8. "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. حاصل ڪيل 9 November 2016.
  9. "2015 Human Development Report Summary" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 December 2015.
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 10.4 10.5 10.6 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
2016ع سمر اولمپڪس

2016ء گرمائی اولمپکس

2016ء گرمائي اولمپڪس (پرتگالي زبان: Jogos Olímpicos de Verão de 2016)، ان جو اولمپڪس ڪميٽي جو سرڪاری نالو Games of the XXXI Olympiad آهي۔ هي اولمپڪس مقابلا 2016ء ۾ برازيل جي شهر ريو ڊي جينيرو ۾ منعقد ٿيندا۔ هي ايڪٽيهون اولمپڪس مقابلا آهن۔

سانچو:2016 Summer Olympics Participating National Olympic Committees

7 سيپٽمبر

7 سيپٽمبر (انگريزي: September 7)، عيسوي سال جو 250 هون (ليپ سال 251 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 115 ڏينهن (ليپ سال 116 ڏينهن) باقي آهن.

ارجنٽائن

ارجنٽينا: ارجنٽائن:Argentina:

ارجنٽائن جنھن کي سرڪاري طور تي جمهوريه ارجنٽائن چيو ويندو آهي، ڏکڻ آمريڪا جو ٻيون ملڪ آهي. هي ملڪ 23 صوبن ۽ ھڪ خود مختيار شهر بيونس آئرس تي ٻڌل آهي. ايراضيءَ جي اعتبار کان ھي دنيا جو اٺون وڏو ملڪ آهي ۽ هسپانوي ڳالھائڻ وارن ملڪن ۾ سڀ کان وڏو آهي.

ارجنٽائن جو رقبو انڊيز پهاڙي سلسلي ۽ بحرِ اوقيانوس جي وچ ۾ واقع آهي. ھن جي اتر ۾ پيراگوئي ۽ بوليويا ، برازيل ۽ يوراگوئي اتر اولھ ۾ جڏھن تہ چلي ڏکڻ ۽ اولھ جي طرف واقع آهي. انٽارڪٽيڪا جي ڪجھ حصي تي ارجنٽائن پنھنجو دعوو ڪري ٿو.

ارجنٽائن ڏکڻ آمريڪا جي وڏي معيشتن مان ھڪ آھي ۽ سراسري حدِ عمر ۽ في ڪس جي ڊي بلند آهي. مستقبل ۾ ترقي جي لاءِ ارجنٽائن جون بنيادون مضبوط آھن. ٻاھرين سرمائيڪاري ۽ ھاءِ ٽيڪنالوجي جي حوالي سان برآمدن جي مقدار ڪل برآمدن جو وڏو حصو ٺاھين ٿا. ارجنٽائن گڏيل قومن ، مرڪوسر ۽ ڏکڻ آمريڪي گڏيل قومن جو بنيادي رڪن جڏھن تہ جي 20 جو بہ رڪن آهي.

زمرو:دنيا جا ملڪ

زمرو:ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ

زمرو:لاطيني آمريڪا

زمرو:اسپيني ٻوليءَ وارا ملڪ

اسلام آباد

اسلام آباد (انگريزي ٻولي: Islamabad) هن وقت جي ملڪ پاڪستان جو گادي جو هنڌ آهي، هي شهر تمام خوبصورت پهاڙن جي وچ ۾ آهي.

انگريزي ٻولي

انگريزي (انگريزي ٻولي: English) انگلينڊ سميت دنيا ڀر سڄي دنيا ۾ ڳالهائي ويندڙ هڪ وسيع ٻولي آهي جيڪا ڪيترن ئي ملڪن ۾ بنيادي ٻوليءَ جي طور تي ڳالهائي وڃي ٿي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ثانوي (سيڪنڊري) يا سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت رکي ٿي۔ انگريزي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهي ۽ سمجهي ويندڙ ٻولي آهي جڏهن ته هيءَ سڄي دنيا ۾ رابطي جي ٻولي سمجهي وڃي ٿي۔

مادري ٻولي (مادري زبان) جي طور تي دُنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي جديد چيني ٻولي آهي جنهن کي 70 ڪروڙ فرد ڳالهائين ٿا، ان کانپوءِ انگريزي آهي، جيڪا گهڻا ماڻهو ثانوي (ٻئي ٻولي, سيڪنڊري لينگوج) يا رابطي جي زبان جي طور تي ڳالهائيندا آهن جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارن فردن جو انگ هڪ ارب کان مٿي ٿي ويو آهي۔

سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 35 ڪروڙ 40 لَک فردن جي مادري ٻولي انگريزي آهي، جڏهن ته ٻي ٻوليءَ جي حيثيت سان انگريزي ڳالهائڻ وارن انگ 15 ڪروڙ کان ڏيڍ اربن جي وچ ۾ آهي۔

انگريزي، مواصلات، تعليم، ڪاروبار، هوا بازي، تفريح، سفارتڪاري ۽ انٽرنيٽ ۾ سڀ کان اعليٰ بين الاقوامي ٻولي آهي۔ هي 1945ع ۾ گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ کان هينئر تائين ان جي سرڪاري ٻولين منجهان هڪ آهي۔

انگريزي بنيادي طور تي اولھ جرمينڪ ٻولي آهي، جيڪا آڳاٽي انگلش مان ٺهي آهي۔ سلطنتِ برطانيا جي سرحدن ۾ ڊيگهه ويڪر سان گڏوگڏ هيءَ ٻولي به انگلستان مان نڪري آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ سميت سڄي دنيا ۾ پکڙجندي وئي ۽ اڄ برطانيا يا آمريڪا جي اڳوڻي نو آبادين مان اڪثر ۾ هيءَ سرڪاري ٻولي آهي جن ۾ پاڪستان، گهانا، ڀارت، نائجيريا، ڏکڻ آفريڪا، ڪينيا، يوگينڊا ۽ فلپائن پڻ شامل آهن۔

سلطنتِ برطانيا جي وسيع سرحدن باوجود انگريزي 20 هين صديءَ تائين دنيا ۾ رابطي جي ٻولي نه هئي، ان کي هي مقام ٻئي جنگ عظيم ۾ آمريڪا جي فتح ۽ سڄي دنيا ڀر آمريڪي ثقافت جي مشهوري جي ذريعي حاصل ٿي آهي، مواصلات جي ذريعين ۾ تيز ترقيءَ انگريزي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ (گهرج) جو سبب بڻي آهي.

انگريزي (English):هن ٻوليءَ جا ڪوڪني (Cockney) سوس (Scouse) گوردي (Geordi) -اوڀر- انگيليا (East Angilia)، برمن، سائوٿو ويلز، ايڊنبرگ، -بيل- فاسٽ (Belfast) ڪارن وال (Cornwal) ڪمبرلينڊ (Cumberland) مرڪزي ڪمبرلينڊ (Central Cumberland) ديور شاير (Devar shire) اڀرندي ديور شاير (Eastren devar) ڊورسيٽ (Dorset) دُرهم (Durham) بولٽن لينڪ شاير (Bolton Lancashire) ريڊڪلف لينڪ شاير ناٿرميرلينڊ. نارفوڪ (Norfolk) نيوڪبسل نارٿم برلينڊ، ۽ ٻيا لهجا آهن. هي -ٻولي- جرمن ٻوليءَ سان 60 سيڪڙو فرينچ سان ۽ 27 سيڪڙو ۽ روسيءَ سان 24 سيڪڙو مشابهت رکي ٿي.

هن ٻوليءَ جو اصل وطن برطانيا آهي، پر آمريڪا، اندورا، انگلوئلي، اروبا، آسٽريليا، برازيل، برٽش انڊيا، برٽش ورجن، آئيزلينڊ، برونائي، ڪمبوڊيا، ڪيمرون، ڪئنياڊا، ڪي مين آئيز، چين، هندوستان ۽ -پاڪستان-، -جپان- ۽ ٻيا سوين ملڪ -جن- ۾ -انگريزي- نه صرف ڳالهائي وڃي ٿي، پر -تعليم- جو ذريعو به -انگريزي- آهي. ڪيترن ملڪن ۾ برطانيا ۽ آمريڪا کان سواءِ هيءَ ٻولي سرڪاري ۽ قومي ٻوليءَ طور شامل آهي. دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي سڄو عام ۽ سائنسي ڪم هن ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. ان لاءِ هن کي سائنسي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي.

هيءَ ٻولي هند يورپيائي، جرمنيائي، اولهه انگريزي ٻولين جي خاندان مان آهي. هي ٻولي رومن خط ۾ لکي وڃي ٿي. برطانيه ۾ 55000000 ۽ دنيا ۾ 1999ع جي رپورٽ موجب 30935280 ماڻهو هي -ٻولي- ٻي ٻوليءَ طور لکن پڙهن ٿا. آسٽريليا ۾ 15682000 ماڻهو، بربادوس ۾ 13000، برازيل ۾ 55998، برمودا ۾ 58800، (هتي به هي سرڪاري ٻولي آهي) برٽش انڊيا ۾ سرڪاري ٻولي، برونائيءَ ۾ قومي ٻولي 8000 ڳالهائڻ وارا، ڪمبوڊيا ۾ فرنيچ ٻوليءَ جي جاءِ وٺي رهي آهي، ڪينياڊا ۾ سرڪاري -ٻولي- 17100000 ڳالهائڻ وارا، چين ۾ (1993ع) 54000 خاص طور هانگ ڪانگ ۾، ايٿوپيا ۾ (1986ع) سرڪاري ٻولي. فجي ۾ (1976ع) 4929 سرڪاري ٻولي، گمنبيا هڪ هزار ماڻهن جي سرڪاري ٻولي، گهانا (1977ع) ۾ 1000000 سرڪاري ٻولي، گوانا ۾ قومي ٻولي، هندوستان ۾ قومي ٻولي 11021610 ڳالهائڻ وارا، آئرلينڊ ۾ قومي ٻولي 2600000 ڳالهائڻ وارا، -اسرائيل- ۾ انگلٽ (Anglit) لهجو ڳالهائجي ٿي. سرڪاري -ٻولي- شيم ئيل آهي (1993ع) ۾ 100000 ڳالهائڻ وارا، ڪينيا ۾ سرڪاري ٻولي، لبنان ۾ هي ٻولي گهرن يا بزارن ۾ ڪانه ڳالهائجي صرف 3300 (2004ع) ڳالهائڻ وارا، مالوي ۾ سرڪاري ٻولي 18000 هزار ڳالهائڻ وارا، مالٽا ۾ سرڪاري ٻولي 2400 ڳالهائڻ وارا. ماريشش ۾ سرڪاري -ٻولي- صرف 3000 ڳالهائڻ وارا. نائيجريا ۾ ڏهه لک، نيوزلينڊ ۾ سرڪاري ٻولي 3213000 ڳالهائڻ وارا ۽ ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ۾ تمام گهڻو ادب پيدا ٿئي ٿو.

ايران

ايران : Jomhuri-ye Eslāmi-ye Irān اسلامي جمهوريا ايران، ايشيا ۾ واقع آهي. ايران کي فارس ءِ سرڪاري طور تي اسلامي جمهوريا ايران پڻ سڏيو ويندو آهي جيڪو اوله ايشياءَ ۾ واقعي آهي.جنهن جو سرحدون اتر اوله ۾ امريڪا ،آذربائيجان،ڪاذڪستان ءِ روس سان لڳن ٿيو. اتر اوله ۾ ترڪمانستان،افغانستان ء پاڪستان سان جڏهن ته ڏکڻ ۾ پيرس،اومان ءِ اوله ۾ ترڪي ء عراق سان لڳن ٿيوايران جو مجموعي رقبو.1،648،195 ڪلوميٽر اسڪوائر آهي جيڪو وچ اوڀر جو ٻيو وڏو ملڪ ءِ دنيا جو 18 وڏو ملڪ آهي ءِ آباديءَ جي لحاظ سان 17 وڏو ملڪ آهي. ايران هڪ دنيا جي پراڻي تهذيبن مان آهي.

ايشيا کنڊ جو مشهور ملڪ، جنهن جي اتر ۾ قفقاز ۽ پاڪستان؛ اڀرندي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان؛ ڏکڻ ۽ اولهه ۾ عربي سمنڊ ۽ ايراني نار ۽ الهندي طرف عراق ملڪ آهي. هن وقت سرڪار جو گاديءَ وارو شهر ’تهران‘ آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين مشهور شهرن ۾ اصفهان، شيراز، تبريز ۽ مشهد شامل آهن، جيڪي مختلف وقتن تي، ايران جا گادي جا هنڌ رهيا آهن. اتر ۽ اولهه وارا حصا، جابلو ايراضيءَ وارا آهن؛ اتر ڏانهن، ’لبرز‘ ۽ ’دماوند‘ اتانهيون جابلو چوٽيون آهن. ايران جو گهڻو حصو صحرائي (رڻ پٽ) آهي. هڪڙي ريلوي لائين، ايراني نار کان هلي قزوين سمنڊ تائين ويندي آهي؛ ٻي مشهد کي تهران سان ملائي ٿي. سڄي ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇايل آهي. هتي ميوو جام ٿيندو آهي، خاص ڪري انگور، بادام، صوف ۽ شفتالو وغيره جام پوکبا آهن. ڪڻڪ، چانور، تماڪ ۽ پُست جي ڏوڏي پڻ پوکبي آهي. ملڪ جي آمدني جو وڏو ذريعو تيل (پيٽرول) آهي.

فارس، آذربائيجان، کردش (کردستان) ۽ لور سڀ کان اهم قومون آھن.

بوليويا

'بوليويا(انگريزي: Bolivia) /bəˈlɪviə/ جنھن جو سرڪاري نالو پليوري نيشنل اسٽيٽ آف بوليويا(انگريزي: Plurinational State of Bolivia)آھي. ھڪ زمين سان گھيريل ملڪ آھي جيڪو ڏکڻ آمريڪا جي وچ اولھ ۾ واقع آهي. ان جي گاديءَ جو هنڌ سڪري(انگريزي: Sucre) پر اصل ۾ حڪومت جو صدر مقام لاپاز شھر ۾ آھي.ھي ملڪ گڏيل قومن جي اداري جو چارٽرڊ ميمبر آهي.ان کان علاوه بين الاقوامي مالياتي فنڊ، غيرجانبدار تحريڪ، آمريڪي رياستن جي تنظيم، اميزون ڪوآپريشن ٽريٽي جو پڻ رڪن ملڪ آهي.

جنرل آفيسر

جيڪڏهن هي اوهان جو مطلوبه صفحو ناهي ته ڏسو: جرنل

جنرل فوج جو مٿاهون عهدو آهي. عام طور گھڻن ملڪن ۾ جنرل کي 4 ستارا لڳل هوندا آهن. پر ڪيترن ئي ملڪن ۾ جنرل جي ستارن جي تعداد ۾ فرق هوندو آهي.

خود مختيار رياستن جي فهرست

هي خودمختيار رياستن جي فهرست دنيا جي آزاد رياستن جو جائزو پيش ڪري ٿي. هن فهرست ۾ رياستن جي حيثيت سندس خودمختياري جي قدر متعلق ڄاڻ ڏنل آهي.

گڏيل قومن جي اداري ۾ 206 رياستن جي رڪن سازي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. 193 رياستون گڏيل قومن جي اداري جا رڪن آهن، 2 مبصر رياستون ۽ 11 ٻيون رياستون شامل آهن.

خودمختياري تي تنازعي واري خاني ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪهڙين رياستن (191) ۾ ڪو تنازعو ناهي ۽ ڪهڙن رياستن (15 رياستون، جنهن مان 5 گڏيل قومن جي اداري جا رڪن، 1 مبصر رياست ۽ 9 ٻيون رياستون) ۾ تڪراري علائقا شامل آهن.

لئا تي

لئا تي {{{مضمون جو متن}}}

لئا تي (انگريزي ۾:ايل اي اي ٽي) (انگريزي ٻولي: Lea T) هڪ ماڊل ، جيڪا برازيل سان تعلق رکي ٿي. هوءَ 19 اپريل 1981ع ۾ برازيل ۾ پيدا ٿي هُئي. راندين جي تاريخ ۾ پهرئين ڀيرو، ليئا تي گرمائي اولمپڪس 2016 جي تقريب رونمائيءَ ۾ شرڪت ڪئي، اهڙي ريت هوءَ پهرئين ٽرانس جنس عورت (ٽرانس جينڊر وومن) بڻجي وئي جنهن اولمپڪس جي ميزباني ڪئي.

سانچو:افراد-خرد

ميجر جنرل

ميجر جنرل انگريزي (Major general) مخفف (MG يا Maj. Gen.) هڪ فوجي عهدو آهي، جيڪو ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ٿيندو آهي. هي ٻن تارن وارو فوجي جنرل هوندو آهي. هي فوجي عهدو برگيڊيئر کان مٿاهون ۽ ليفٽيننٽ جنرل کان هيٺيائون هوندو آهي.

وفاق

سانچو:فيڊريشن

زمرو:dmy تاريخون استعمال

Dmy تاريخون استعمال

سانچو:حڪومتن جا قسم

وفاق کي وفاقي رياست پڻ سڏبو آهي.اھو ھڪ اھڙي سياسي وجود جو نالو آھي جيڪو جزوي طرح خودمختيار رياستن يا علائقن جي مرڪزي حڪومت يا وفاقي حڪومت جي تحت ڳانڌاپي سان جڙي ٿو.ان ڳانڌاپي کي آئيني تحفظ ھوندو آھي ۽ ڪابه شامل رياست يا مرڪزي رياست يڪطرفہ ان کي ختم نہ ڪري سگھندي آهي. وفاق ۾ حڪومت يا آئين جو جيڪو ڍانچو ھوندو آھي ان کي فيڊرلزم جو مثال سڏبو آهي.اھڙي طرح اھو طريقو فيڊرلسٽ ھوندو آھي. وفاقي رياست جو ابتڙ يونيٽري رياست جو نظام ھوندو آھي جنھن جو مثال فرانس آھي جتي ڪجھ صدين کان اھو نظام ھلي رھيو آھي. وفاق جو مثال جرمني آھي جتي سورنهن رياستن گڏجي وفاق جوڙيو آھي. وفاق اڪثر ڪري گھڻ قومي ھوندو آھي ء اھڙي رياست پکيڙ۾ اڪثر وڏي ھوندي آھي. روس، آمريڪا، ڪئناڊا، انڊيا ۽ برازيل اھڙا وفاق آھن جن جي پکيڙ تمام وڏي آھي.

يوراگوائي

يوراگوئي : (انگريزي: Uruguay ) (/ˈjʊərəɡwaɪ/; Spanish: [uɾuˈɣu̯ai] ( ٻڌو)) جنھن جو سرڪاري نالو اورينٽل ريپبلڪ آف يوراگوئي آهي جيڪو ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ڏکڻ اوڀر پاسي واقع آهي. ان جون سرحدون اولھ م ارجنٽينا سان، اتر اوڀر ۾ برازيل سان، ڏکڻ ۾ ريئو ڊي لا پلاٽا ( چاندي واري درياء) سان ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ اينٽلانٽڪ سمنڊ سان ملن ٿيون. اھو پکيڙ ۾ سورينام کان پوءِ ڏکڻ آمريڪا جو ٻيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي. ھن ملڪ جو نالو يوراگوئي ندي جي نالي تي رکيل آھي.

پورچوگيزي ٻولي

پورچوگيزي ٻولي ، پرتگيزي ٻولي يا پرتگالي ٻولي هڪ يورپي ٻولي آهي۔ دراصل هي پورچوگيز جي قومي ٻولي آهي، پر پرتگال يا پورچوگيز جي ڪيترن ئي اڳُوڻن قبضي هيٺ علائقن ۾ به رائج آهي جن ۾ برازيل، موزمبيق، انگولا، ڪيپ ورڊي، گني بسائو ۽ سائو ٽومي ۽ پرنسپي شامل آهن۔ٰ هي مڪائو (چين)، اوڀر تيمور ، استوائي گني ۾ پڻ دفتري ٻولي آهي۔ٰ

هيءَ دنيا ۾ ڳالهائي ويندڙ پنجئين وڏي ٻولي آهي۔ هيءَ ڏکڻ آمريڪا ۾ ڳالهائي ويندڙ سڀ لان وڏي ٻولي آهي۔ هي يورپي اتحاد جي دفتري زبان مڃي وئي آهي۔

مارچ 2006ء ۾ پرتگالي يا پورچوگيزي ٻوليءَ جو عجائب گهر سائو پائولو، برازيل ۾ کوليو ويو۔

پيراگوئي

پيراگوئي(انگريزي: Paraguay) /ˈpærəɡwaɪ/ سرڪاري نالو ريپبلڪ آف پيراگوئي اٿس. ڏکڻ آمريڪا ۾ واقع ھي خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي. ان جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ ارجنٽائينا، آوڀر ۽ اتر اوڀر ۾ برازيل، اتر اولھ ۾ بوليويا. ھن جي وچ مان درياء پيراگوئي وھي ٿو.

ڏکڻ آمريڪا

ڏکڻ آمريڪا ستن کنڊن مان هڪ آهي.

ڪمند

ڪمند (انگريزي: Sugarcane) هڪ اهم فصل آهي، جنهن مان کنڊ، ڳڙ وغيره تيار ڪيا ويندا آهن۔ ڪمند دنيا جو سڀ کان وڌيڪ پوکيو ويندڙ فصل آهي۔ برازيل م سڀ کان وڌيڪ ڪمند پوکيو ويندو آهي۔ برازيل کان پوء ڀارت، چين، ٿائيلينڊ، پاڪستان ۽ ميڪسيڪو بلترتيب سڀ کان وڌيڪ ڪمند پيدا ڪندڙ ملڪ آهن. دنيا ۾ 80 سيڪڙو کنڊ ڪمند مان ٺاهي ويندي آهي.

ڪوڪ اسٽوڊيو (پاڪستان)

ڪوڪ اسٽوڊيو پاڪستاني راڳ رنگ جو هڪ ٽي وي پروگرام آهي، جنهن ۾ مختلف فنڪار سڌو سنئون پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن۔ ان کي ڪوڪا ڪولا اسپانسرڪري ٿي. سن 2008 ۾ شروع ڪيو ويو هيو ۽ ان تي تنقيد سان گڏوگڏ سڄي ملڪ ۾ مقبوليت پڻ ماڻي. هي مختلف ٽي وي چينلن ۽ ريڊيو اسٽيشنن جي ذريعي نشر ڪيو ويندو آهي. ڪوڪ اسٽوڊيو جي پروگرامن ۾ مختلف ناليوارن آرٽسٽن کي گُهرايو ويندو آهي، اهڙي ريت نون فنڪارن کي پڻ سامهون آڻڻ لاءِ ساک وارو ادارو آهي۔ ان نموني جا پروگرام پهرئين برازيل ۾ آزمايا ويا ۽ پوءِ ان کي پاڪستان ۾ شروع ڪيو ويو. ان جي مقبوليت ڏِسندي مختلف ملڪن ۾ پڻ انهيءَ طرز جا پروگرام شروع ڪي ويا۔ روحيل حيات ان جو پروڊيوسر آهي.

گيانا

گيانا (Guyana) ڏکڻ آمريڪا جي اترين ڪناري تي هڪ خود مختيار رياست آهي. هن جون سرحدون وينزويلا، سرينام ۽ برازيل سان ملن ٿيون.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.