انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‏“ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﺁگسٽ 2009 ﻉ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو . ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ 5 ﺟﻠﺪ پوﺭﺍ ٿي چڪﺎ ﺁﻫﻦ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺟﻠﺪ ڇهون پڻ ڇپائيء ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺮﺣﻠﻲ ۾ ﺁهي. انسائيڪلوپيڊيا ۾ گهڻو حصو سنڌ سان لاڳاپيل مضمونن تي آهي جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه ،وهڪرا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ، آبي ۽ زميني پکي ۽ حياتيات، رسالا، ڪتاب، اخبارون، صحافي،اديب،شاعر،عالم، علمي ادبي ادارا، ريتون رسمون ، هنر، ڳوٺ، ديهون ، قومون، قبيلا، ذاتيون، مذهب ، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، خانقاهون، درگاهون، قبرستان، ميلا ملاکڙا، سياسي شخصيتون وغيره ۽ بقايا حصو دنيا سان لاڳاپيل ڪائناتي، سائنسي ۽ ٻين موضوعن تي مواد، ايجادون وغيره شامل آهي.

ﻫﻦ ﺍﻫﻢ ﺭٿا ﺟﻮ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎڪﻮ ﺗﻪ 1998ء ۾ جڙﻳﻮ ﭘﺮ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺍڳ سنڌﻱ ٻوﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﺎ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻗﻴﺎﻡ ﺑﻌﺪ 1991ء ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﺍهڙﻱ ﺭٿا ﺗﻲ ﺳﻮﭺ ﻭﻳﭽﺎﺭ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺷﺮﻭﻉ ٿيو ﻫﻮ . ﺑﻌﺪ ۾ ڊﺍڪٽر ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﻫﻦ ﺭٿا ﺟﻮ اﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎڪﻮ ﺗﻴﺎﺭ ڪﻴﻮ ۽ 1998ء ۾ ٻولي ﺍٿارٽيءَ ﺟﻲ تڏﻫﻮڪﻲ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺑﺎﻗﺎﺋﺪﻱ ﺭﻳﺴﺮﭺ ﺳﻴﻞ ٺاﻫﻲ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﻋﺎﻟﻢ ﺷﻴﺦ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﮐﻲ ﺍﻧﭽﺎﺭﺝ ﻣﻘﺮﺭ ڪﺮﻱ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮﻥ ﺟﻲ ٽيم ﺗﺮﺗﻴﺐ ڏﻧﻲ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ سنڌ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺿﻠﻌﻲ ۾ ﺍﺩﻳﺒﻦ ۽ سهڪﺎﺭﻱ ﺳﺎٿين ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﻮﺍﺩ ۽ ﺗﺼﻮﻳﺮﻭﻥ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺟﻲ سهڪﺎﺭ ﻻﺀِ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﺎ ﻭﻳﺎ. ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ ﺟﻨﺎﺏ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﺟﻮﻳﻮ، ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ ، ڊﺍڪٽر ﺍﻟﻠﻪ ﺭﮐﻴﻮ، ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺣﺴﻴﻨﻲ، ڊﺍڪٽر ﺷﻤﺲ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻨﻴﻮ ۽ ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﻫﺌﺎ . ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڪﻢ لڳ ڀڳ ﭘﻮﺭﻭ ٿيو ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ڇپاﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﺮﺣﻠﻲ ﮐﺎﻥ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻮ، ڇاڪﺎڻ ﺗﻪ 2001 ﻉ ۾ ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺟﻲ ﻭڃڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺍسڪﻴﻢ ﺗﻲ ڪﻢ ﺑﻨﺪ ٿي ﻭﻳﻮ .

2008ء ۾ جڏﻫﻦ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ، سنڌﻱ ٻوﻟﻲ ﺍٿارٽيءَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﭘﺮﺳﻦ ﻣﻘﺮﺭ ٿي ﺁﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺗﺮﺟﻴﺤﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻥ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺭٿا ﺗﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ .ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺑﺪﺭ ﺍبڙﻱ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ميمڻ ﺟﻲ ﺭﻫﻨﻤﺎﺋﻲﺀَ ۾ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮﻥ ٻيهر ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ۽ ﺻﺒﺢ ﺷﺎﻡ ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﺳﺎﻥ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺟﻠﺪ ڇپجي ﻣﺎﺭڪيٽ ۾ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻦ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻧﻲ ۽ ﺍﺩﺍﺭﺕ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ ڪﺌﻲ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻮ سيڪريٽري ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ پڻ ﺳﻨﺪﺱ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.

ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﺎ ٽي ﺟﻠﺪ ” ﺍﻟﻒ ﮐﺎﻥ ﺥ “ ﺍﮐﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ پڌﺭﺍ ٿر چڪﺎ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﻥ ﮐﻲ پڙﻫﻨﺪڙﻥ ﺳﺎڃهه ﻭﻧﺪ ﻃﺒﻘﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﻣﻮٽ ﻣﻠﻲ ﺁﻫﻲ . ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ، ﺭﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺗﻌﺮﻳﻔﻲ، ﺗﻨﻘﻴﺪﻱ ۽ ﺗﺠﺮﺑﺎﺗﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ۽ ﺧﻂ پڻ ڇپيا . ﻫﻴﻞ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﭼﺌﻨﻲ ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ ڏﺳﺠﻲ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ ﭘﻴڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﺎ 2684 ﺻﻔﺤﺎ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ۾ 10848 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﭘﻴﺶ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ ﺍﻫﻦ . ﺳﻤﻮﺭﻱ ڇپاﺋﻲ ﺁﺭٽ ﭘﻴﭙﺮ ﺗﻲ ﺭﻧﮕﻴﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮﻥ ﺳﺎﻥ ٿيل ﺁهي. ﺗﻴﺎﺭ ٿيل ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ ﺟﻠﺪ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ: ﺍﻟﻒ ﺏ ٻ ﺍﮐﺮﻥ ﺗﻲ ﻋﻨﻮﺍﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺟﻠﺪ ۾ 648 ﺭﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺑﺎﺗﺼﻮﻳﺮ ﺻﻔﺤﺎ ﺁﻫﻦ. ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺟﻠﺪ ۾ ڪﻞ 3712 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڇاﭘﻮ ﺁگسٽ 2009ء ﺟﻮ ﺁﻫﻲ . ﺟﻠﺪ ٻيون: ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ٻيون ﺟﻠﺪ ‏( ڀ ﺕ ٿ ٽ ٺ ﺙ ‏) ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ، جيڪﻮ پڻ ﺭﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺁﺭٽ ﭘﻴﭙﺮ ﺗﻲ ڇپيل ﺁﻫﻲ، ٻئي ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪﺍﺩ 2570 ﺁﻫﻲ . 728 ﺻﻔﺤﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﺁﺧﺮ ۾ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻞ ﻋﻨﻮﺍﻧﻦ ‏( ﺍﻟﻒ ﮐﺎﻥ ٻ ‏) ﺟﻮ ﺿﻤﻴﻤﻮ پڻ ﺷﺎﻣﻞ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ٻئي ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڇاﭘﻮ ﻣﺌﻲ 2010ء ﺟﻮ ﺁﻫﻲ . ﺟﻠﺪ ٽيوﻥ: ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ٽيون ﺟﻠﺪ ‏( ﭖ ﺝ ‏) ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ . 700 ﺻﻔﺤﻦ ﺗﻲ ڇپيل ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ۾ 2533 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻠﺪ ٽيوﻥ ﻣﺎﺭﭺ 2011 ﻉ ۾ ڇپيو . ﺟﻠﺪ ﭼﻮٿوﻥ: ﻫﻲ ﺟﻠﺪ ﺍﭘﺮﻳﻞ 2012ء ﺟﻲ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﻫﻔﺘﻲ ۾ پڌﺭﻭ ڪﻴﻮ ﻭيو . ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ۾ ‏( ڄ ﺟﻬﻪ ڃ ﭺ ڇ ﺡ ﺥ ‏) ﺟﻲ اکرﻥ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻠﺪ ﭼﻮٿوﻥ 608 ﺻﻔﺤﻦ ۽ 2033 ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ. سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﺍﻳﻨﺪڙ ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻲ ﻣﺘﻔﺮﻕ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺟﻮ ڪﻢ پڻ ﺗﻴﺰﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﺟﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ ﺟﻠﺪ ﭘﻨﺠﻮﻥ 2012ء ۾ پڌرو ڪيو ويو.

ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻥ ۽ ﭼﻴﻒ ﺍيڊيٽر ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍيڊيٽر ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ﺭٿا ﺟﻲ ڊﺍﺋﺮيڪٽر ﻃﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ميمڻ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﻳﺌﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻣﺎﻫﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﻣﻮﺿﻮﻋﺎﺗﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﻣﻮﺍﺩ ﺟﻲ ﻧﻈﺮﺛﺎﻧﻲ پڻ ڪﺮﺍﺋﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ : ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ، ڊﺍڪٽر ﺣﺒﻴﺐ ﺍﻟﻠﻪ ﺻﺪﻳﻘﻲ، ﺳﻴﺪ ﻗﻠﻨﺪﺭ ﺷﺎﻫﻪ لڪﻴﺎﺭﻱ، ﺳﻴﺪ ﺣﺎڪﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﺨﺎﺭﻱ، ﻭﻟﻲ ﺭﺍﻡ ﻭلڀ، ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﻻﮐﻮ ۽ ڊﺍڪٽر ﺷﻤﺲ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻨﻴﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺍﺩﺍﺭﻱ ۾ ﻗﺎﺋﻢ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ ﺳﻴﻞ ۾ هيٺ ڄاڻاﻳﻞ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ۾ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﺁﻫﻦ : ﺷﻮڪﺖ ﭼﺎچڙ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﺻﻔﺪﺭ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﺮﺯﺍ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻭﺍﺣﺪ ﭘﺎﺭﺱ ﻫﻴﺴﺒﺎڻي ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻫﻴﻤﻮﻥ ڪﺎﻻڻي ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻋﺎﻣﺮ ﺳﻴﺎﻝ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ؛ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮ ﻃﻮﺭ ﺿﺮﺍﺏ ﺣﻴﺪﺭ، ﺷﻔﻴﻊ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ، ﺳﺎﺟﺪ ﭼﺎنڊﻳﻮ، ﻏﻼﻡ ﺭﺳﻮﻝ مڱرﻳﻮ، ﺳﺮﺩﺍﺭ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ، ﻧﺎﺻﺮ ﻗﺎﺿﻲ، ﻋﻠﻲ ﻧﻮﺍﺯ ﺁﺭﻳﺴﺮ، ﻋﻨﺒﺮﻳﻦ ﺧﺎﺻﺨﻴﻠﻲ، ﺯﻳﻨﺖ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ، ﺭﺍﺳﻴﻪ ﺑﺸﺎﺭﺕ، ﺍﻣﺮ ﺧﻮﺭﺷﻴﺪ ۽ ﺻﺎﺋﻤﻪ ﻳﻮﺳﻒ ٽيم ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ٽيڪنيڪﻲ ﻋﻤﻠﻲ ۾ ڪﻤﭙﻮﺯﺭ / ﮔﺮﺍﻓڪﺲ ڊﺯﺍﺋﻨﺮ ﻃﻮﺭ، ﺗﻮﻻ ﺭﺍﻡ ﺳﻮٽهڙ، ﭘﺎﺭﺳﻪ ﺭﺿﻮﻱ، ﻧﻈﻴﺮ ﭼﺎنڊﻳﻮ، ﻋﺮﻓﺎﻥ ميمڻ ۽ ﺭﺣﻴﻢ ﭘﺎﺷﺎ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ - ﮐﻲ ﻭﻳﺐ ﺳﺎئيٽ ﺗﻲ ﺁﻥ ﻻﺋﻴﻦ ڪﺮڻ ﻭﺍﺭﻱ ڪﻮﺷﺸﻦ ۾ ﻓﻬﺪ ميمڻ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﻋﻤﻞ ﺁﻫﻲ، ﺳﺎڻس گڏ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺨﺶ ڀنگر، ﺍﺣﺴﺎﻥ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۽ ﭘﺮﻭﻳﺰ ﻧﻴﺎﺯ ﻫﻤﺎﻳﻮﻧﻲ ٻانهن ٻيلي ﺁﻫﻦ .

ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﻣﻬﻮﺭﺕ ﺟﻲ ﺗﻘﺮﻳﺐ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﻗﺎﺋﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻩ، تڏﻫﻮڪﻲ ﻭﻗﺘﻲ ﮔﻮﺭﻧﺮ ﻧﺜﺎﺭ کهڙﻱ ۽ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ سياﺣﺖ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ﺳﺴﺌﻲ ﭘﻠﻴﺠﻮ، سنڌﻱ ﻟﺌﻨﮕﺌﻴﺞ ﺍٿاﺭٽيﺀَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﭘﺮﺳﻦ ۽ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻥ ﺍﻋﻠﻰ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ميمڻ جن شرڪت ڪئي.[1]

حوالا

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%D8%B3%D8%A7%D8%A6%D9%8A%DA%AA%D9%84%D9%88%D9%BE%D9%8A%DA%8A%D9%8A%D8%A7%20%D8%B3%D9%86%DA%8C%D9%8A%D8%A7%D9%86%D8%A7

خارجي ڳنڍڻا

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

اردو

اردو يا اڙدو يا لشڪري ٻولي (اُچار: اُردُو، انگريزي: Urdu) دنيا جي وڏين ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ اردو ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارا رهن ٿا.

اروڙ

اروڙ(انگريزي: Aror), يا الور(انگريزي: Alor)

راءِ گهراڻي (494ع- 622ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (622ع- 712ع) جي دور ۾ سنڌ جو تختگاهه ھو. سنڌ جو هي قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. ھي ماڳ اتر ′27◦40 ۽ اوڀر ′68◦ 50 ڊگرين تي آهي.ماڳ جو دور پراچين تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي گهڻو زور ھو. هتي ئي ن کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو -آباد- ھو. اروڙ تي چندر ونسي راجائن ٤٥٠ع کان ٦٤٢ع تائين حڪومت ڪئي. جن کي راءِ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو. چندر ونسي گھراڻي ١١٠٠ ق. م ۾ به ھن شھر تي حڪومت ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت ھتي جو راجا موسيڪانوس ھو. راءِ ساھسي جي وقت ۾ نيمروز ايرانيءَ ڪاھيو. ھي ھڪ وڏو -بندرگاهه- ھو، جنھن کي مضبوط حصار ڏنل ھو. عربن جي وقت به ھي شھر اوج تي ھو. عربن جي وقت ۾ توڙي جو ھي شھر تختگاهه نه رھيو، پر وڏو -بندرگاهه- ضرور ھو. ھي سنڌوءَ جي ھاڪڙي ڪپ تي ٻڌل ھو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ھاڪڙي جي رخ مٽائڻ ڪري ھي بندر ڦٽڻ لڳو. ھاڻي ھي بندر، تختگاهه، قلعو، ھڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آھي. اروڙ ماضيءَ جو بهشت برين ھو، جنھن جي ساراهه ابن خردازبه (٢٥٠ هه)، مسعوديءَ (٩٤٢ع)، ابن حوقل (٣٤٣هه) ۽ ٻين ڪئي آھي. ننڍي کنڊ جي پھرين مسجد محمد -بن قاسم جي وقت ۾ ھتي ٺھرائي وئي. اروڙ سنڌ جي هن قديم تختگاهہ کي سنڌي ڳوٺاڻن, ڪن روايتن ۽ تاريخن اروڙ سڏيو آهي، جو ستين صدي عيسويءَ ۾ راءِ برهمڻ جي راڄڌاني هو. هيءَ ڳالھہ تحقيق طلب آهي تہ اروڙ جو پايو ڪڏهن پيو؟ پر جئن تہ مسلمانن جي آمد (96ھہ : 811ع) بعد بہ هي شهر هڪ ــ ٻن صدين لاءِ آباد رهيو، سو هي اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ اهو شهر ڇهن صدين جي عرصي لاءِ هن فاني دنيا جي پردهء سمين تي وجود ۾ رهيو، ۽ سندس بناءَ هڪ سؤ ۽ ٻن سؤ عيسوي سنن جي وچ ۾ ٿي هوندي. تختگاهہ اروڙ بابت چچنامہ جو بيان هن طرح آهي تہ ”هن شهر ۾ هر ڪنهن قسم جون شاهاڻيون محلاتون، ٿنڀا، باغ، چشما،نهرون، پارڪ ۽ وڻ هئا، ۽ مهراڻ جي ڪناري تي واقع هو.

تاريخ معصومي مطابق:اروڙ مهراڻ نديءَ جي ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند عمارتون،مضبوط محلاتون، ميويدار وڻن سان ڀريل باغ ۽ تمدن ۽ شهرت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي مقيم، خواه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي هيءُ قديم شهر هندو راجائن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ منجهس وڏو ڪوٽ هو. راجا ڏاهر انهيءَ ۾ رهندو هو ۽ محمد قاسم به انهي کي گهيرو ڪري ورتو. پوءِ اتي ابو عاف بن قيس اسديءَ کي حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پاڻ ملتان ويو ۽ اتان پوءِ قنوج ڏي ٿي ويو، پر حڪم ملڻ تي بغداد ڏي موٽيو. بني اُميه خليفن جي وقت ۾ هندو راجا دلو راءِ اروڙ جو حاڪم هو، ۽ اروڙ کي دلوُر به سڏيندا هئا. اُهو ڏاڍو ظالم هو ۽ انهيءَ جي ڏينهن ۾ شهر غرق ٿيو ۽ ناس ٿيو. ڄام فتح خان سمي جي ڏينهن ۾ جڏهن مرزا پير محمد بکر جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ آيو، تڏهن اتي جي سيد ابوالغيث جي منت آزيءَ تي ماڻهن کي معافي ڏنائين ۽ اروڙ جو پرڳڻو(صوبو) سيد کي جاگير ڪري ڏنائين، جڏهن مرزا شاهه بيگ سکر ورتو ۽ اتي جو قلعو جوڙائڻ لڳو، تڏهن اروڙ جي ڪوٽ جون سرون کڻائي انهيءَ ڪم ۾ آندائين. وري سنه 930هه (سنه 1523ع) ۾ سلطان محمود خان مبارڪ خان کي اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيو، جو اڳي ماٿيلي جو حاڪم هو.

استاد بخاري

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر سيد احمد شاهه عرف ”استاد بخاري“ ولد سيد حاجن شاهه، 16 جنوري 1930ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو،دادو تعلقو ۽ دادو ضلعو جي ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ڄائو. .

الماس

ھيرو' يا الماس(انگريزي: Diamond) ڪاربان جو ھڪ ٺوس قسم آھي. ان جا ائٽم قلمي(انگريزي: crystal) ھوندا آھن. ڪاربان جو ھڪ ٻي شڪل گريفائيٽ بہ ھوندي آھي پر ھيرو ان کان مختلف ھوندو آھي ۽ ان جي ٿرمل ڪنڊڪٽوٽي ۽ سختي تمام گھڻي ھوندي آھي. قدرتي ھيري جي عمر ھڪ ارب کان ساڍا ٽي ارب سال ھوندي آھي ۽ انھن جي موجودگي زمين جي اندر 150 سئو ڪلوميٽرن جي گھرائي ۾ ھوندي آھي. پر ٻرندڙ جبلن جي عملن جي ڪري اھي زمين جي مٿين سطح تي جبلن ۾ پھتا.

الھرکيو ٻٽ

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور محقق پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ”ٻُٽ سِرائيءَ“ ۾، پهرين ڊسمبر 1946ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو شاھ محمد ٻُٽ هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪيائين. پاڻ لائبريري سائنس ۾ پي. ايڇ. ڊي هئڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو گولڊ ميڊلسٽ پڻ آهي. سندس بهترين تصنيفن ۾ ”سنڌ ۾ ڪتبخانن جي تاريخ“، ”سنڌي رسالن جي تاريخ“، ”سماٽ“ ۽ ”سنڌي طباعت ۽ اشاعت“ شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لائبرري ۽ انفارميشن سائنس شعبي جو چيئرمئن رهيو آهي. قديم ڪتابن، لائبريري سائنس، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي ڪم ڪندڙ انگريز عالمن تي سندس ڪيترا تحقيقي مضمون اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لئبريري ڪاميٽيءَ، تعليمي ۽ رٿابندي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽرن ۾ بہ شامل آهي. سندس رهائش ڄام شوري ۾ آهي.

انسائيڪلوپيڊيا

انسائيڪلوپيڊيا ___(Encyclopedia): اصل يوناني لفظ اينسائيڪلوپيڊيا encyklopaedia مان ورتل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ encyclopaedia پڻ لکيو ۽ چيو وڃي ٿو. انسائيڪلوپيڊيا جو لغوي مطلب آهي گھيرو (گول، دائرو) يا علم (ڄاڻ، سکيا) جو مڪمل سرشتو يعني سڀ طرفي ڄاڻ. علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هجي، جنهن ۾ عنوان جي مفهوم کانسواءِ، تاريخ به بيان ٿيل هجي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد باقاعدي سرڪاري سطح تي مختلف جلدن ۾ سنڌيءَ ۾ پهرين تاريخي ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ شايع ڪئي آهي. انسائيڪلوپيڊيا، علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هوندي آهي. هن ۾ عنوان جي مفهوم کان سواءِ، ان جي تاريخ به بيان ٿيل هوندي آهي ۽ ان تي مختصر ۽ عام بحث به ڪيل هوندو آهي.

انگلينڊ

انگلينڊ، يورپ جو هڪ ملڪ جيڪو برطانيا (Great Britain) ۾ شامل آهي.

نالو: انگلينڊ

گادي جو هنڌ: لنڊن

موجوده حيثيت: ملڪ

قومي ٻولي: انگريزي

علائقائي ٻولي: ڪورنش

اهم قومون

انگريز/گورا 85.4%

ايشين 7۔8 %

ڪارا 3.5%

گڏيل 2.3 %

عرب 0.4%

ٻيا 0.6%

مذهب: چرچ آف انگلينڊ

قوميت: انگريز

قسم: آئني حصو

خودمختيار رياست: يونائيٽڊ ڪنگڊم

حڪومت: آئيني طور يونائيٽڊ ڪنگڊم جو حصو

ملڪہ: ملڪہ الزبٿ ٻين

پارليامينٽ آف يونائيٽڊ ڪنگڊم: هائوس آف ڪامن

قيام

انگلو سڪسن نوآبادي: 5 کان 6 صدي

گڏجڻ: 10 صدي

اسڪاٽلينڊ سان الحاق: 1 مئي 1707ع

ايراضي

زميني: 130،279 ڪلوميٽر اسڪوائر

50،301 ڪلو ميل اسڪوائر

آبادي:

2015 مطابق: 54،786،300

2011 جي آدمشماري مطابق: 53،012،456

جي ڊي پي فرضي: 2015 مطابق

ٽوٽل : 2.340$ ٽرلين

پر ڪيپٽا: 56.890$ ٽرلين

ڪرنسي: پونڊ اسٽرلنگ (يونائيٽڊ ڪنگڊم)

اٽڪ

اٽڪ (انگريزي: Attock) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو هڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان ھڪ ضلعي جو صدر مقام آهي جنهن جو پراڻو نالو ڪيمبل پور(انگريزي: Campbell Pur) آھي

ھي شھر اتر پنجاب ۾ اسلام آباد کان ٿوري فاصلي تي واقع آهي. شھر جو بنياد 1908 ۾ پراڻي شھر اٽڪ خورد کان ڪجھ ميلن جي فاصلي تي رکيو ويو.پراڻو شھر مغل بادشاه اڪبر اعظم سورھين صدي عيسويءَ ۾ قائم ڪيو. نئين شھر کي ڪرنل ڪيمپبيل جو نالو ڏنو ويو جيڪو قيام پاڪستان بعد تبديل ڪري اٽڪ شھر رکيو ويو.انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق: ضلعي ڪيمبلپور جو نئون نالو، جيڪو 1978ع ۾ رکيو ويو. هيءُ پنجاب جي اترئين حصي جو هڪ نهايت اهم هنڌ آهي، -جتي- سنڌو درياءُ ۽ ڪابل درياءُ ڪُنڊيالي ماڳ وٽ اچي گڏجن ٿا ۽ ٻن رنگن جو ڌار ڌار -پاڻي- وهندو نظر اچي ٿو.

هتي 1581ع ۾ شهنشاهه اڪبر هڪ مضبوط قلعو ٺهرايو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي. اڳ ۾ سنڌو درياءَ کي هن گهيڙ وٽان -پار- ڪيو ويندو هو. هتي ٻيڙين جي پل هوندي هئي. هيءُ ماڳ هن وقت به تاريخي حيثيت رکي ٿو. هن جڳهه کي ’دارالهند‘ به چوندا هئا، پر پوءِ -اٽڪ- ئي عام لنگهه ٿي ويو. جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ’ريدڪ يا رنڊڪ‘ سنڌوءَ جو وهڪرو -افغانستان- کان ايندڙ لشڪرين آڏو قدرتي ۽ مستقل ’-اٽڪ-‘ بڻجي ٿو. -ان- ئي سبب کان هتي مستقل فوجي ڇانوڻي ٺهي جنهن جي چوڌاري هوريان هوريان شهر -آباد- ٿي ويو. هتي درياءَ تي هڪ نهايت مضبوط لوهي ريلوي پل آهي. هن شهر ۾ ٻاجهريءَ ۽ ڪڻڪ جي زرعي منڊي آهي. هتي هيلي ڪاپٽر ۽ مِراج جهازن جي مرمت وغيره جو اڏو پڻ آهي، جيڪو 1978ع ۾ قائم ٿيو هو.

بدين ضلعو

بدين ضلعو(انگريزي: Badin District) (اُچار: بَدِين ضلعو، اردو: ضلعہ بدین ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام بدين شهر آهي. پهرين جنوري 1975 تي بدين کي ڌار ضلعو بڻايو ويو. بدين ضلعو، حيدرآباد ڊويزن ۾ آهي. پهرين جنوري 1975ع تي بدين کي ڌار ضلعو بڻايو ويو. انهيءَ کان پهرين اهو علائقو ضلعي حيدرآباد جو هڪ تعلقو هو. هن ضلعي جي اتر ۾ ضلعو ۽ تعلقو ٽنڊوالهيار، اوڀر ۾ ڊگهڙي ۽ ڏيپلي جا شهر، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اولهه ۾ ضلعي ٺٽي جو تعلقو جاتي ۽ ضلعو ٽنڊو محمد خان واقع آهن.

برطانيا

برطانيا، گريٽ برٽين (انگريزي ٻولي: Great Britain) کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ انگلينڊ، ويلس آئرلئنڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ شامل آهن.

تاج محمود امروٽي

ناميارو ديني عالم مولانا تاج محمود امروٽي ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه، خيرپورميرس ضلعي جي پريالوءِ شهر لڳ، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ديواني“ ۾ 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1841ع ۾ ڄائو.

ترڪمانستان

ترڪمانستان (Turkmensistan) جو سرڪاري نالو جمهوريه ترڪمانستان (Republic of Turkmenistan) ۽ پراڻو نالو ترڪمانيا آهي. ترڪمانستان جي لفظي معنيٰ آهي: ”ترڪمان ماڻهن جو ديس“.

جهنجهوٽي

جهنجهوٽي، کماچ ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، ٻئي گنڌارون ۽ ٻئي نکادون لڳائجن ٿيون. مندرستان جي پنچم کان مڌ مستان جي راکب تائين مينڍ هن راڳ جي خاص تان آهي.

نسيم کرل

نسيم کرل ڳوٺ عبدالڪريم کرل ۾ حاجي عبدالڪريم کرل جي گهر ۾ 29 جون 1939ع ۾ جنم ورتو.

پاڻي

فطرت جي نظام ۾ پاڻيءَ کي ئي زندگيءَ جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي. آڳاٽي وقت کان ڪائنات جي جوڙجڪ ۾ چئن عنصرن مٽي، هوا ۽ پاڻي کي مکيه عنصر مڃيو ويو آهي. سڀني الهامي ڪتابن ۾ زمين سميت سڄي ڪائنات پاڻيءَ جي حوالي سان بيان ڪئي وئي آهي. انهيءَ حقيقت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڌرتيءَ جي گولي جو منو حصو پاڻي آهي ۽ فقط چوٿون حصو خشڪي آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات جي ترقيءَ جو مدار به پاڻيءَ تي آهي. پاڻي آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو مرڪب (H2O) آهي. پاڻي سائٽوپلازم جو خاص جزو آهي ۽ هر جاندار جي ترڪيبي جزن ۾ پاڻي ضرور شامل هوندو آهي.

پنجاب، پاڪستان

پنجاب سنڌو ماٿر جي تهذيب (انڊس ويلي سولائيزيشن) ۾ سنڌوءَ جو مٿيون علائقو (اپر انڊس ويلي) پنجاب سڏجي ٿو.

ڀرڳڙي

ڀرڳڙي: (انگريزي ٻولي: Bhurgri) هڪ ذات ۽ قبيلي جو نالو آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ رھائش پذير آھن. ڀرڳڙين مان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي سنڌ جا وڏا محب وطن سياستدان ٿي گذريا آهن.

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني عبدالماجد ڀرڳڙي(Abdul Majid Bhurgri) پڻ ھن ذات سان تعلق رکي ٿو.

ڄامشورو

ڄامشورو (انگريزي: Jamshoro)پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ڪوٽڙيءَ جو هڪ شهر ۽ يونين ڪائونسل آهي. هيءُ شهر پنهنجي تعليمي ادارن جي ڪري مشهور آهي. ۽ هن شهر کي تعليمي شهر پڻ سڏيو ويندو آهي.

هن شهر ۾ هڪ پراڻو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو پڻ موجود آهي جيڪو انگريز زماني کان تعليم ڏيندو ٿو اچي.

چلي

Ketnepen Shile]]

هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه چلي (Republica De Chile) آهـي.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.