انسائيڪلوپيڊيا

انسائيڪلوپيڊيا ___(Encyclopedia): اصل يوناني لفظ اينسائيڪلوپيڊيا encyklopaedia مان ورتل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ encyclopaedia پڻ لکيو ۽ چيو وڃي ٿو. انسائيڪلوپيڊيا جو لغوي مطلب آهي گھيرو (گول، دائرو) يا علم (ڄاڻ، سکيا) جو مڪمل سرشتو يعني سڀ طرفي ڄاڻ. علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هجي، جنهن ۾ عنوان جي مفهوم کانسواءِ، تاريخ به بيان ٿيل هجي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد باقاعدي سرڪاري سطح تي مختلف جلدن ۾ سنڌيءَ ۾ پهرين تاريخي ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ شايع ڪئي آهي. [1] انسائيڪلوپيڊيا، علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هوندي آهي. هن ۾ عنوان جي مفهوم کان سواءِ، ان جي تاريخ به بيان ٿيل هوندي آهي ۽ ان تي مختصر ۽ عام بحث به ڪيل هوندو آهي.

Encyclopedia Britannica (crop)
انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا '
Ringelbergius, 'Lucubrationes...KYKLOPEDEIA...' ed. Basel 1541 original
Title page of "Lucubrationes..." 1541 edition, one of the first books to use a variant of the word encyclopedia in the title

نالو ۽ مطلب

لفظ انسائيڪلوپيڊيا يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي. ἐγκύκλιος παιδεία,[2]اھي پوءِ تبديل ٿي enkyklios ۽ paideia ٿي ويا.اينڪائڪلياس enkyklios (ἐγκύκλιος) جو مطلب عام تعليم[3] ۽ پيڊيا 'paideia (παιδείa)جي معني تعليم يا ٻار جي پرورش. انھن لفظن جي معني مڪمل ھدايت يا مڪمل تعليم ٿي وئي .[4] پوءِ به اھي ٻہ علحده لفظ ھيا . [5]جيڪي 1470 ۾ ڪئنٽيلين جي لاطيني مسودي جي ڪاتبن جي ڪيل غلطي جي ڪري گڏ ٿي ھڪ لفظ enkyklopaidia ٿي ويا [6] جو بعد ۾ انسائيڪلوپيڊيا ٿي ويو.

تاريخ

دنيا جي قديم ترين انسائيڪلوپيڊيا پلني دي ايلڊر (Pliny the Elder) جو ڪتاب ”نئچرل هسٽري“ آهي، جيڪو 37 جلدن تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب ۾ تقريباً سڀني علمن جو مختصر ذڪر آهي. ڏهين صديءَ ۾ ابونصر فارابيءَ ”احصاءُ العلوم“ نالي ڪتاب مرتب ڪيو، جنهن ۾ ان دؤر جي مک علمن جو ذڪر ڪيل آهي. هن ڪتاب جو هڪ نسخو ڪتب خانه اسڪوريال (مئڊرڊ) ۾ موجود آهي. وچئين دور ۾ ڪيترائي انسائيڪلوپيڊيائي ڪتاب تاليف ٿيا. علامه نويري (1278ع- 1333ع)، ٽيهن جلدن ۾ هڪ انسائيڪلوپيڊيا جو ڪتاب ”نهاية الارب في فنون الادب“ جي نالي سان مرتب ڪيو، جيڪو پنجن شعبن تي مشتمل هو: (الف) فلڪيات، ارضيات ۽ عالم سفلي، (ب) انسان ۽ ان سان لاڳاپيل معلومات، (ج) حيوانات، (د) نباتات ۽ طب، (هه) تاريخ. راجر بيڪن، ونسنٽ آف بوويس ۽ برونيتو لاتيني جون تصنيفون به تيرهين صديءَ جون آهن. وليم ڪيڪسٽن، ونسنٽ آف بوويس جي انسائيڪلوپيڊيا جو انگريزي ترجمو ”مرر آف دي ورلڊ“ جي نالي سان 1481ع ۾ ڪري اها شايع ڪئي. جديد انسائيڪلوپيڊيا جي واڌ ويجهه، جنهن ۾ مواد جي ترتيب، الفابيٽ جي حساب سان هوندي آهي، سا ماضي قريب ۾ ٿي. جان هيرس ”علوم و فنون جي عالمگيري انگريزي لغت“ 1704ع ۾ شايع ڪئي. 1728ع ۾ افرائيم چيمبرز (1740ع) هڪ انسائيڪلوپيڊيا ساڳئي نالي سان شايع ڪئي. سندس انهيءَ تاليف ۾ ڪيترائي دانشور سندس مددگار هئا ۽ انهيءَ ڪتاب ۾ تقابلي حوالا به ڏنل هئا. 1771ع ۾ ايڊنبرا ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا“ ٽن جلدن ۾ شايع ٿي. ان جي ترتيب به الفابيٽ جي حساب سان هئي. ان جو ٻيو ايڊيشن جيڪو تقريباً پنجن سالن کان پوءِ شايع ٿيو، ڏهن جلدن تي مشتمل هو. انهيءَ کان پوءِ هن انسائيڪلوپيڊيا جا نوان ايڊيشن وقت بوقت نڪرندا رهندا آهن ۽ هر سال هن ڪتاب جو هڪ ضميمو به شايع ٿيندو آهي، جنهن ۾ تازي معلومات هوندي آهي. 1772ع ۾ فرانسيسي ”انسائيڪلوپيڊيا“ 28 جلدن ۾ شايع ٿي. انهيءَ جي تاليف ۾ ڪيترن ئي عالمن ۽ دانشورن حصو ورتو ۽ اُها سڀ کان وڌيڪ مشهور انسائيڪلوپيڊيا آهي. ان کان پوءِ 1796- 1808ع ۾ جرمن انسائيڪلوپيڊيا ”براڪهائوس“ (Brock haus) ۽ 1833ع- 1829ع ۾ تيرنهن جلدن ۾ آمريڪن انسائيڪلوپيڊيا، ”آمريڪانا“ (Americana) شايع ٿي، انهيءَ جو مؤلف فرانس ليبر (Lieber) هو. عرب ملڪن ۾ بطرس البستانيءَ، (1883ع- 1876ع) ۾ ”دائرة معارف البستاني“ جا پهريان ڇهه جلد شايع ڪيا. ان کان پوءِ هن جا پٽ ۽ ٻيا ماڻهو گڏجي، هن ڪتاب جا وڌيڪ جلد شايع ڪندا رهيا، ايستائين جو 1954ع ۾ افرام البستاني، انهيءَ انسائيڪلوپيڊيا جي تڪميل لاءِ، عالمن جي هڪ جماعت جي گڏيل تعاون سان اڳوڻن سڀني جلدن جي نظرثاني به ڪئي.

1938ع ۾ استاد محمد فريد وجدي ”دائرة معارف القرن العشرين“ ويهن جلدن ۾ شايع ڪئي. قاهره (مصر) ۾ عربي انسائيڪلوپيڊيا (الموسوعة العربية) هڪ جلد ۾ ڇپي. انڊونيشي انسائيڪلوپيڊيا جو پهريون حصو 1954ع ۾ شايع ٿيو.ترڪي انسائيڪلوپيڊيا جي تاليف جو ڪم 1946ع ۾ شروع ٿيو. جاپاني انسائيڪلوپيڊيا (28 جلد) 31- 1930ع ۾ شايع ٿي ۽ ان جو ضميمو 1939ع ۾ نڪتو. اولهه ۾ جيڪي انسائيڪلوپيڊيائي تاليفون موجوده صديءَ (20 هين صديءَ) ۾ شايع ٿيون، انهن ۾ اهم ترين هي آهن: اطالوي انسائيڪلوپيڊيا (1929- 1939ع- 36 جلد)؛ جرمن انسائيڪلوپيڊيا جو نئون ايڊيشن (1949ع)؛ عظيم سوويت انسائيڪلوپيڊيا (65 جلد)؛ هالئنڊ جي انسائيڪلوپيڊيا (38- 1932ع)؛ اسڪئنڊي نيوي انسائيڪلوپيڊيا (55- 1948ع)؛ سوستاني انسائيڪلوپيڊيا (48- 1945ع)؛ هسپانوي انسائيڪلوپيڊيا ۽ پرتگالي انسائيڪلوپيڊيا وغيره. علم جي خاص شعبن تي مشتمل انسائيڪلوپيڊيائن ۾ هيٺيون اهم آهن:

فنون جي جرمن انسائيڪلوپيڊيا (1907ع- 1947ع- 35 جلد)، هن جي تاليف الرخ ٿيمي (Ulrich Thieme) ۽ فيلڪس بيڪر (Felix Becker) ڪئي، معاشرتي علمن جي اينسائيڪلوپيڊيا، موسيقي ۽ موسيقارن جي انسائيڪلوپيڊيا، مذهبي علمن جي انسائيڪلوپيڊيا، ڪئٿلڪ انسائيڪلوپيڊيا وغيره 1913ع ۽ 1938ع جي وچ ۾ اسلامي انسائيڪلوپيڊيا “The Encyclopedia of Islam” چئن جلدن ۾، (ضميمي سميت) لائيڊن ۾ شايع ٿي. هن جي تاليف ۾ ناليوارن دانشورن حصو ورتو. هن جي وڏي حصي جو ترجمو عربيءَ ۾ به ٿي چڪو آهي(1933ع کان 1978ع). پنجاب يونيورسٽي، لاهور جي نگرانيءَ هيٺ هن جي ويهن جلدن جو ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي. 1954ع ۾ دانشورن جي هڪ جماعت، گب (Gibb)، ڪرامرز (Kramers)، شاخٽ (Schacht) ۽ ليوئس (Lewis) وغيره جي نگراني ۾ انگريزي، جرمن ۽ فرانسيسيءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام جي ٻئي ڇاپي جو ڪم شروع ٿيو. نظرثانيءَ کان پوءِ هن جا ڪجهه جلد شايع ٿي چڪا آهن.

پاڪستان ۾ اردو جامع انسائيڪلوپيڊيا جي ترتيب جي ابتدا 1959ع کان ٿي ۽ 1987ع ۾ هن جا ٻه مڪمل جلد (الف کان ي تائين) منظر عام تي اچي چڪا آهن. تازو سيد قاسم محمود سال 1998ع ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا پاڪستانيڪا“ تيار ڪئي آهي ۽ ”بچون ڪي انسائيڪلوپيڊيا“ تيار ڪري رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾، پهرين سنڌي انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪري شايع ڪرائڻ جو سهرو سيوهڻ جي رهاڪو پروفيسر فتح الله صديقيءَ جي سر تي آهي. فتح الله صديقي 1988ع کان ”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا“ جو ڪم شروع ڪيو ۽ 2005ع ۾”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا پبليڪيشن، سيوهڻ“ طرفان ”سنڌي انسائيڪلوپيڊيا“ (پهريون جلد) شايع ڪرايائين. ان کانسواءِ ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ خير محمد ٻرڙي تيار ڪئي، جيڪا پڻ 2005ع ۾ مراد پبليڪيشنز سيوهڻ طرفان شايع ٿي چڪي آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

مڪمل مضمون لاءِ ڏسو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان ۾، سنڌ جي انسائيڪلوپيڊيا لاءِ پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران آگسٽ 1998ع کان هڪ باقاعدي مرڪزي تحقيقي آفيس قائم ڪري، هن اهم ڪم جي شروعات ڪئي وئي. انهيءَ کي ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ (Encyclopedia Sindhiana) جو نالو ڏنو ويو آهي.

هن سلسلي جو خيال هڪ رٿا جي صورت ۾ 1991ع ۾ عوام جي آڏو آندو ويو هو. اُن تي سوچ ويچار جو سلسلو سال 1993ع ۾ ڪيو ويو ۽ باقاعدي ڪم آگسٽ 1998ع کان شروع ڪيو ويو.

هن انسائيڪلوپيڊيا تي جن عالمن ڪم ڪيو، انهن مان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اٿارٽيءَ جو پهريون چيئرمئن هو، جنهن ان رٿا جي منظوري ڏني. ان کان پوءِ ان جو خاڪو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ٺاهيو. 1998ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا باقاعدي انسائيڪلوپيڊيا ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي مقرر ڪري ڪم جي ابتدا ڪرائي ۽ هڪ ايڊيٽوريل بورڊ جوڙيو جنهن ۾ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. اها رٿا 2001ع کان پوءِ بند ڪئي وئي، جنهن کي وري 2008ع ۾ جاري ڪيو ويو. هن رٿا جي سرپرستي موجوده چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ نگراني موجوده سيڪريٽري تاج جويي ڪئي آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بدر ابڙي ۽ ريسرچ آفيسر محمد عثمان ميمڻ ڪارڪنن جي رهنمائي ڪئي ۽ اها 2009ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي آهي .[7]

حوالا

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Ἐγκύκλιος παιδεία, Quintilian, Institutio Oratoria, 1.10.1, at Perseus Project
  3. doc=Perseus%3Atext%3A1999.04.0057%3Aentry%3De%29gku%2Fklios ἐγκύκλιος, Henry George Liddell, Robert Scott, A Greek–English Lexicon, at Perseus Project
  4. παιδεία, Henry George Liddell, Robert Scott, A Greek–English Lexicon, at Perseus Project
  5. According to some accounts, such as the American Heritage Dictionary, copyists of Latin manuscripts took this phrase to be a single Greek word, ἐγκυκλοπαιδεία enkyklopaidia.
  6. Franklin-Brown, Mary (2012). Reading the world : encyclopedic writing in the scholastic age. Chicago London: The University of Chicago Press. ISBN 9780226260709.
  7. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
اردو

اردو يا اڙدو يا لشڪري ٻولي (اُچار: اُردُو، انگريزي: Urdu) دنيا جي وڏين ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ اردو ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارا رهن ٿا.

اروڙ

اروڙ(انگريزي: Aror), يا الور(انگريزي: Alor)

راءِ گهراڻي (494ع- 622ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (622ع- 712ع) جي دور ۾ سنڌ جو تختگاهه ھو. سنڌ جو هي قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. ھي ماڳ اتر ′27◦40 ۽ اوڀر ′68◦ 50 ڊگرين تي آهي.ماڳ جو دور پراچين تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي گهڻو زور ھو. هتي ئي ن کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو -آباد- ھو. اروڙ تي چندر ونسي راجائن ٤٥٠ع کان ٦٤٢ع تائين حڪومت ڪئي. جن کي راءِ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو. چندر ونسي گھراڻي ١١٠٠ ق. م ۾ به ھن شھر تي حڪومت ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت ھتي جو راجا موسيڪانوس ھو. راءِ ساھسي جي وقت ۾ نيمروز ايرانيءَ ڪاھيو. ھي ھڪ وڏو -بندرگاهه- ھو، جنھن کي مضبوط حصار ڏنل ھو. عربن جي وقت به ھي شھر اوج تي ھو. عربن جي وقت ۾ توڙي جو ھي شھر تختگاهه نه رھيو، پر وڏو -بندرگاهه- ضرور ھو. ھي سنڌوءَ جي ھاڪڙي ڪپ تي ٻڌل ھو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ھاڪڙي جي رخ مٽائڻ ڪري ھي بندر ڦٽڻ لڳو. ھاڻي ھي بندر، تختگاهه، قلعو، ھڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آھي. اروڙ ماضيءَ جو بهشت برين ھو، جنھن جي ساراهه ابن خردازبه (٢٥٠ هه)، مسعوديءَ (٩٤٢ع)، ابن حوقل (٣٤٣هه) ۽ ٻين ڪئي آھي. ننڍي کنڊ جي پھرين مسجد محمد -بن قاسم جي وقت ۾ ھتي ٺھرائي وئي. اروڙ سنڌ جي هن قديم تختگاهہ کي سنڌي ڳوٺاڻن, ڪن روايتن ۽ تاريخن اروڙ سڏيو آهي، جو ستين صدي عيسويءَ ۾ راءِ برهمڻ جي راڄڌاني هو. هيءَ ڳالھہ تحقيق طلب آهي تہ اروڙ جو پايو ڪڏهن پيو؟ پر جئن تہ مسلمانن جي آمد (96ھہ : 811ع) بعد بہ هي شهر هڪ ــ ٻن صدين لاءِ آباد رهيو، سو هي اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ اهو شهر ڇهن صدين جي عرصي لاءِ هن فاني دنيا جي پردهء سمين تي وجود ۾ رهيو، ۽ سندس بناءَ هڪ سؤ ۽ ٻن سؤ عيسوي سنن جي وچ ۾ ٿي هوندي. تختگاهہ اروڙ بابت چچنامہ جو بيان هن طرح آهي تہ ”هن شهر ۾ هر ڪنهن قسم جون شاهاڻيون محلاتون، ٿنڀا، باغ، چشما،نهرون، پارڪ ۽ وڻ هئا، ۽ مهراڻ جي ڪناري تي واقع هو.

تاريخ معصومي مطابق:اروڙ مهراڻ نديءَ جي ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند عمارتون،مضبوط محلاتون، ميويدار وڻن سان ڀريل باغ ۽ تمدن ۽ شهرت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي مقيم، خواه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي هيءُ قديم شهر هندو راجائن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ منجهس وڏو ڪوٽ هو. راجا ڏاهر انهيءَ ۾ رهندو هو ۽ محمد قاسم به انهي کي گهيرو ڪري ورتو. پوءِ اتي ابو عاف بن قيس اسديءَ کي حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پاڻ ملتان ويو ۽ اتان پوءِ قنوج ڏي ٿي ويو، پر حڪم ملڻ تي بغداد ڏي موٽيو. بني اُميه خليفن جي وقت ۾ هندو راجا دلو راءِ اروڙ جو حاڪم هو، ۽ اروڙ کي دلوُر به سڏيندا هئا. اُهو ڏاڍو ظالم هو ۽ انهيءَ جي ڏينهن ۾ شهر غرق ٿيو ۽ ناس ٿيو. ڄام فتح خان سمي جي ڏينهن ۾ جڏهن مرزا پير محمد بکر جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ آيو، تڏهن اتي جي سيد ابوالغيث جي منت آزيءَ تي ماڻهن کي معافي ڏنائين ۽ اروڙ جو پرڳڻو(صوبو) سيد کي جاگير ڪري ڏنائين، جڏهن مرزا شاهه بيگ سکر ورتو ۽ اتي جو قلعو جوڙائڻ لڳو، تڏهن اروڙ جي ڪوٽ جون سرون کڻائي انهيءَ ڪم ۾ آندائين. وري سنه 930هه (سنه 1523ع) ۾ سلطان محمود خان مبارڪ خان کي اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيو، جو اڳي ماٿيلي جو حاڪم هو.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‏“ ﺟﻲ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﺁگسٽ 2009 ﻉ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو . ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ 5 ﺟﻠﺪ پوﺭﺍ ٿي چڪﺎ ﺁﻫﻦ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺟﻠﺪ ڇهون پڻ ڇپائيء ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺮﺣﻠﻲ ۾ ﺁهي. انسائيڪلوپيڊيا ۾ گهڻو حصو سنڌ سان لاڳاپيل مضمونن تي آهي جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه ،وهڪرا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ، آبي ۽ زميني پکي ۽ حياتيات، رسالا، ڪتاب، اخبارون، صحافي،اديب،شاعر،عالم، علمي ادبي ادارا، ريتون رسمون ، هنر، ڳوٺ، ديهون ، قومون، قبيلا، ذاتيون، مذهب ، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، خانقاهون، درگاهون، قبرستان، ميلا ملاکڙا، سياسي شخصيتون وغيره ۽ بقايا حصو دنيا سان لاڳاپيل ڪائناتي، سائنسي ۽ ٻين موضوعن تي مواد، ايجادون وغيره شامل آهي.

ﻫﻦ ﺍﻫﻢ ﺭٿا ﺟﻮ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎڪﻮ ﺗﻪ 1998ء ۾ جڙﻳﻮ ﭘﺮ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺍڳ سنڌﻱ ٻوﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﺎ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻗﻴﺎﻡ ﺑﻌﺪ 1991ء ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﺍهڙﻱ ﺭٿا ﺗﻲ ﺳﻮﭺ ﻭﻳﭽﺎﺭ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺷﺮﻭﻉ ٿيو ﻫﻮ . ﺑﻌﺪ ۾ ڊﺍڪٽر ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﻫﻦ ﺭٿا ﺟﻮ اﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎڪﻮ ﺗﻴﺎﺭ ڪﻴﻮ ۽ 1998ء ۾ ٻولي ﺍٿارٽيءَ ﺟﻲ تڏﻫﻮڪﻲ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺑﺎﻗﺎﺋﺪﻱ ﺭﻳﺴﺮﭺ ﺳﻴﻞ ٺاﻫﻲ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﻋﺎﻟﻢ ﺷﻴﺦ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﮐﻲ ﺍﻧﭽﺎﺭﺝ ﻣﻘﺮﺭ ڪﺮﻱ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮﻥ ﺟﻲ ٽيم ﺗﺮﺗﻴﺐ ڏﻧﻲ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ سنڌ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺿﻠﻌﻲ ۾ ﺍﺩﻳﺒﻦ ۽ سهڪﺎﺭﻱ ﺳﺎٿين ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﻮﺍﺩ ۽ ﺗﺼﻮﻳﺮﻭﻥ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺟﻲ سهڪﺎﺭ ﻻﺀِ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﺎ ﻭﻳﺎ. ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ ﺟﻨﺎﺏ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﺟﻮﻳﻮ، ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ ، ڊﺍڪٽر ﺍﻟﻠﻪ ﺭﮐﻴﻮ، ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺣﺴﻴﻨﻲ، ڊﺍڪٽر ﺷﻤﺲ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻨﻴﻮ ۽ ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﻫﺌﺎ . ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڪﻢ لڳ ڀڳ ﭘﻮﺭﻭ ٿيو ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ڇپاﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﺮﺣﻠﻲ ﮐﺎﻥ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻮ، ڇاڪﺎڻ ﺗﻪ 2001 ﻉ ۾ ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺟﻲ ﻭڃڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺍسڪﻴﻢ ﺗﻲ ڪﻢ ﺑﻨﺪ ٿي ﻭﻳﻮ .

2008ء ۾ جڏﻫﻦ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ، سنڌﻱ ٻوﻟﻲ ﺍٿارٽيءَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﭘﺮﺳﻦ ﻣﻘﺮﺭ ٿي ﺁﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺗﺮﺟﻴﺤﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻥ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺭٿا ﺗﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ .ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺑﺪﺭ ﺍبڙﻱ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ميمڻ ﺟﻲ ﺭﻫﻨﻤﺎﺋﻲﺀَ ۾ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮﻥ ٻيهر ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ۽ ﺻﺒﺢ ﺷﺎﻡ ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﺳﺎﻥ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺟﻠﺪ ڇپجي ﻣﺎﺭڪيٽ ۾ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻦ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻧﻲ ۽ ﺍﺩﺍﺭﺕ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ ڪﺌﻲ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻮ سيڪريٽري ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ پڻ ﺳﻨﺪﺱ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.

ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﺎ ٽي ﺟﻠﺪ ” ﺍﻟﻒ ﮐﺎﻥ ﺥ “ ﺍﮐﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ پڌﺭﺍ ٿر چڪﺎ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﻥ ﮐﻲ پڙﻫﻨﺪڙﻥ ﺳﺎڃهه ﻭﻧﺪ ﻃﺒﻘﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﻣﻮٽ ﻣﻠﻲ ﺁﻫﻲ . ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ، ﺭﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺗﻌﺮﻳﻔﻲ، ﺗﻨﻘﻴﺪﻱ ۽ ﺗﺠﺮﺑﺎﺗﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ۽ ﺧﻂ پڻ ڇپيا . ﻫﻴﻞ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﭼﺌﻨﻲ ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ ڏﺳﺠﻲ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ ﭘﻴڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﺎ 2684 ﺻﻔﺤﺎ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ۾ 10848 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﭘﻴﺶ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ ﺍﻫﻦ . ﺳﻤﻮﺭﻱ ڇپاﺋﻲ ﺁﺭٽ ﭘﻴﭙﺮ ﺗﻲ ﺭﻧﮕﻴﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮﻥ ﺳﺎﻥ ٿيل ﺁهي.

ﺗﻴﺎﺭ ٿيل ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ

ﺟﻠﺪ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ: ﺍﻟﻒ ﺏ ٻ ﺍﮐﺮﻥ ﺗﻲ ﻋﻨﻮﺍﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺟﻠﺪ ۾ 648 ﺭﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺑﺎﺗﺼﻮﻳﺮ ﺻﻔﺤﺎ ﺁﻫﻦ. ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺟﻠﺪ ۾ ڪﻞ 3712 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڇاﭘﻮ ﺁگسٽ 2009ء ﺟﻮ ﺁﻫﻲ .

ﺟﻠﺪ ٻيون: ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ٻيون ﺟﻠﺪ ‏( ڀ ﺕ ٿ ٽ ٺ ﺙ ‏) ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ، جيڪﻮ پڻ ﺭﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺁﺭٽ ﭘﻴﭙﺮ ﺗﻲ ڇپيل ﺁﻫﻲ، ٻئي ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪﺍﺩ 2570 ﺁﻫﻲ . 728 ﺻﻔﺤﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﺁﺧﺮ ۾ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻞ ﻋﻨﻮﺍﻧﻦ ‏( ﺍﻟﻒ ﮐﺎﻥ ٻ ‏) ﺟﻮ ﺿﻤﻴﻤﻮ پڻ ﺷﺎﻣﻞ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ٻئي ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڇاﭘﻮ ﻣﺌﻲ 2010ء ﺟﻮ ﺁﻫﻲ .

ﺟﻠﺪ ٽيوﻥ: ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ٽيون ﺟﻠﺪ ‏( ﭖ ﺝ ‏) ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ . 700 ﺻﻔﺤﻦ ﺗﻲ ڇپيل ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ۾ 2533 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻠﺪ ٽيوﻥ ﻣﺎﺭﭺ 2011 ﻉ ۾ ڇپيو .

ﺟﻠﺪ ﭼﻮٿوﻥ: ﻫﻲ ﺟﻠﺪ ﺍﭘﺮﻳﻞ 2012ء ﺟﻲ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﻫﻔﺘﻲ ۾ پڌﺭﻭ ڪﻴﻮ ﻭيو . ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ۾ ‏( ڄ ﺟﻬﻪ ڃ ﭺ ڇ ﺡ ﺥ ‏) ﺟﻲ اکرﻥ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻠﺪ ﭼﻮٿوﻥ 608 ﺻﻔﺤﻦ ۽ 2033 ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ. سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﺍﻳﻨﺪڙ ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻲ ﻣﺘﻔﺮﻕ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺟﻮ ڪﻢ پڻ ﺗﻴﺰﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﺟﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ ﺟﻠﺪ ﭘﻨﺠﻮﻥ 2012ء ۾ پڌرو ڪيو ويو.

ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻥ ۽ ﭼﻴﻒ ﺍيڊيٽر ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍيڊيٽر ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ﺭٿا ﺟﻲ ڊﺍﺋﺮيڪٽر ﻃﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ميمڻ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﻳﺌﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻣﺎﻫﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﻣﻮﺿﻮﻋﺎﺗﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﻣﻮﺍﺩ ﺟﻲ ﻧﻈﺮﺛﺎﻧﻲ پڻ ڪﺮﺍﺋﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ : ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ، ڊﺍڪٽر ﺣﺒﻴﺐ ﺍﻟﻠﻪ ﺻﺪﻳﻘﻲ، ﺳﻴﺪ ﻗﻠﻨﺪﺭ ﺷﺎﻫﻪ لڪﻴﺎﺭﻱ، ﺳﻴﺪ ﺣﺎڪﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﺨﺎﺭﻱ، ﻭﻟﻲ ﺭﺍﻡ ﻭلڀ، ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﻻﮐﻮ ۽ ڊﺍڪٽر ﺷﻤﺲ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻨﻴﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ .

ﺍﺩﺍﺭﻱ ۾ ﻗﺎﺋﻢ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ ﺳﻴﻞ ۾ هيٺ ڄاڻاﻳﻞ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ۾ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﺁﻫﻦ : ﺷﻮڪﺖ ﭼﺎچڙ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﺻﻔﺪﺭ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﺮﺯﺍ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻭﺍﺣﺪ ﭘﺎﺭﺱ ﻫﻴﺴﺒﺎڻي ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻫﻴﻤﻮﻥ ڪﺎﻻڻي ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ، ﻋﺎﻣﺮ ﺳﻴﺎﻝ ‏( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ‏) ؛ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮ ﻃﻮﺭ ﺿﺮﺍﺏ ﺣﻴﺪﺭ، ﺷﻔﻴﻊ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ، ﺳﺎﺟﺪ ﭼﺎنڊﻳﻮ، ﻏﻼﻡ ﺭﺳﻮﻝ مڱرﻳﻮ، ﺳﺮﺩﺍﺭ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ، ﻧﺎﺻﺮ ﻗﺎﺿﻲ، ﻋﻠﻲ ﻧﻮﺍﺯ ﺁﺭﻳﺴﺮ، ﻋﻨﺒﺮﻳﻦ ﺧﺎﺻﺨﻴﻠﻲ، ﺯﻳﻨﺖ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ، ﺭﺍﺳﻴﻪ ﺑﺸﺎﺭﺕ، ﺍﻣﺮ ﺧﻮﺭﺷﻴﺪ ۽ ﺻﺎﺋﻤﻪ ﻳﻮﺳﻒ ٽيم ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ .

ٽيڪنيڪﻲ ﻋﻤﻠﻲ ۾ ڪﻤﭙﻮﺯﺭ / ﮔﺮﺍﻓڪﺲ ڊﺯﺍﺋﻨﺮ ﻃﻮﺭ، ﺗﻮﻻ ﺭﺍﻡ ﺳﻮٽهڙ، ﭘﺎﺭﺳﻪ ﺭﺿﻮﻱ، ﻧﻈﻴﺮ ﭼﺎنڊﻳﻮ، ﻋﺮﻓﺎﻥ ميمڻ ۽ ﺭﺣﻴﻢ ﭘﺎﺷﺎ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ - ﮐﻲ ﻭﻳﺐ ﺳﺎئيٽ ﺗﻲ ﺁﻥ ﻻﺋﻴﻦ ڪﺮڻ ﻭﺍﺭﻱ ڪﻮﺷﺸﻦ ۾ ﻓﻬﺪ ميمڻ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﻋﻤﻞ ﺁﻫﻲ، ﺳﺎڻس گڏ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺨﺶ ڀنگر، ﺍﺣﺴﺎﻥ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۽ ﭘﺮﻭﻳﺰ ﻧﻴﺎﺯ ﻫﻤﺎﻳﻮﻧﻲ ٻانهن ٻيلي ﺁﻫﻦ .

ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﻣﻬﻮﺭﺕ ﺟﻲ ﺗﻘﺮﻳﺐ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﻗﺎﺋﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻩ، تڏﻫﻮڪﻲ ﻭﻗﺘﻲ ﮔﻮﺭﻧﺮ ﻧﺜﺎﺭ کهڙﻱ ۽ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ سياﺣﺖ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ﺳﺴﺌﻲ ﭘﻠﻴﺠﻮ، سنڌﻱ ﻟﺌﻨﮕﺌﻴﺞ ﺍٿاﺭٽيﺀَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﭘﺮﺳﻦ ۽ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻥ ﺍﻋﻠﻰ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ميمڻ جن شرڪت ڪئي.

انگلينڊ

انگلينڊ، يورپ جو هڪ ملڪ جيڪو برطانيا (Great Britain) ۾ شامل آهي.

نالو: انگلينڊ

گادي جو هنڌ: لنڊن

موجوده حيثيت: ملڪ

قومي ٻولي: انگريزي

علائقائي ٻولي: ڪورنش

اهم قومون

انگريز/گورا 85.4%

ايشين 7۔8 %

ڪارا 3.5%

گڏيل 2.3 %

عرب 0.4%

ٻيا 0.6%

مذهب: چرچ آف انگلينڊ

قوميت: انگريز

قسم: آئني حصو

خودمختيار رياست: يونائيٽڊ ڪنگڊم

حڪومت: آئيني طور يونائيٽڊ ڪنگڊم جو حصو

ملڪہ: ملڪہ الزبٿ ٻين

پارليامينٽ آف يونائيٽڊ ڪنگڊم: هائوس آف ڪامن

قيام

انگلو سڪسن نوآبادي: 5 کان 6 صدي

گڏجڻ: 10 صدي

اسڪاٽلينڊ سان الحاق: 1 مئي 1707ع

ايراضي

زميني: 130،279 ڪلوميٽر اسڪوائر

50،301 ڪلو ميل اسڪوائر

آبادي:

2015 مطابق: 54،786،300

2011 جي آدمشماري مطابق: 53،012،456

جي ڊي پي فرضي: 2015 مطابق

ٽوٽل : 2.340$ ٽرلين

پر ڪيپٽا: 56.890$ ٽرلين

ڪرنسي: پونڊ اسٽرلنگ (يونائيٽڊ ڪنگڊم)

بدين ضلعو

بدين ضلعو(انگريزي: Badin District) (اُچار: بَدِين ضلعو، اردو: ضلعہ بدین ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام بدين شهر آهي. پهرين جنوري 1975 تي بدين کي ڌار ضلعو بڻايو ويو. بدين ضلعو، حيدرآباد ڊويزن ۾ آهي. پهرين جنوري 1975ع تي بدين کي ڌار ضلعو بڻايو ويو. انهيءَ کان پهرين اهو علائقو ضلعي حيدرآباد جو هڪ تعلقو هو. هن ضلعي جي اتر ۾ ضلعو ۽ تعلقو ٽنڊوالهيار، اوڀر ۾ ڊگهڙي ۽ ڏيپلي جا شهر، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اولهه ۾ ضلعي ٺٽي جو تعلقو جاتي ۽ ضلعو ٽنڊو محمد خان واقع آهن.

برطانيا

برطانيا، گريٽ برٽين (انگريزي ٻولي: Great Britain) کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ انگلينڊ، ويلس آئرلئنڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ شامل آهن.

بينظير ڀٽو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي نياڻي. بينظير ڀٽو جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا.

تاج محمود امروٽي

ناميارو ديني عالم مولانا تاج محمود امروٽي ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه، خيرپورميرس ضلعي جي پريالوءِ شهر لڳ، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ديواني“ ۾ 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1841ع ۾ ڄائو.

سنڌ

سنڌ (انگريزي ٻولي: Sindh، اردو: سندھ)، پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي اوڀر طرف واقعي آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراض جي لحاظ کان سنڌ ٽيون نمبر وڏو صوبو، ۽ پنجاب کان پوءِ آبادي جي لحاظ کان ٻيون نمبر وڏو صوبو آهي. اولهه طرف سنڌ جا حدون بلوچستان، اتر طرف پنجاب، اوڀر طرف هندوستان جي راجستان ۽ گجرات سان لڳن ٿيون. سنڌ جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقعي آهي. سنڌ جي سر زمين گهڻو ڪري سنڌو درياھ جي وهڪري سبب آباد آهي، جڏهن ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر رڻپٽ واقع آهي جيڪو انڊيا جي رياست گجرات ۽ رڻ ڪڇ ريگستان سان ملي وڃي ٿو. سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جبل واقع آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري جو سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ صوبي جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.

ڪراچي پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جيڪو صوبي جي گادي جو هنڌ پڻ آهي جتي لاتعداد ملڪي ۽ بين الاقوامي بينڪن جو سسٽم موجود آهي، پاڪستان جا ٻه اهم بندرگاھ پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاھ پڻ سنڌ ۾ آهن. باقي سنڌ زراعت واري صنعت تي مشتمل آهي، جيڪي لاتعداد ميوا، ڀاڄيون، ۽ فصل پيدا ڪري ٿي جيڪي سموري ملڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. سنڌ صوبو پاڪستان جي دوا ساز صنعت جو پڻ مرڪز آهي.

سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفي ازم جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا قومون آباد آهن جن ۾ مهاجر (جيڪي 1947ع ۾ انڊيا مان هجرت ڪري آيا هئا) برمي، ملباري، بنگالي، وغيره جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا نسلي جهيڙا پڻ ٿيا آهن.سنڌ ۾ يونيسڪو(UNESCO) طرفان ٻه مقام عالمي ورثو قرار ڏئي پنهنجي نگرانيءَ ۾ آندا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مڪلي جون ٽڪريون (ٺٽو) ۽ ٻيو موهن جو دڙو (لاڙڪاڻو) شامل آهن.

سنڌو درياھ

سنڌو درياءَ جي قدامت حضرت انسان جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽي آهي. سنڌو درياءَ کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ”اباسين“، ”سپت سنڌو“، ”مهراڻ“ ، ”انڊس“ وغيره سنڌو درياءَ جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ جو ذڪر قديم ھندو ويدن ۽ پستڪن ۾ ملي ٿو. دنيا جي انهن قديم ويدن کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي تخليق ڪيو. رگ ويد توڙي ٻين ويدن ۾ سنڌوءَ جي ساراهه ۾ ڀڄڻ چيل آهن. تاريخن ۾ اچي ٿو ته سنڌ توڙي هند تي اهي نالا سنڌو درياءَ جي ڪري پيا. سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.

اهو علائقو جنهن کي يوناني سنڌوءَ مان ”پراچين“، هندو ”سنڌو ديس“، عرب جاگرافيدان مهراڻ ۽ سنڌ جا رهواسي پڻ ”سنڌوديس“ جي نالي سان سڏيندا آيا آهن. قديم دور ۾ سنڌ جون حدون ”اتر ڏي بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ ڏانهن عربي سمنڊ، اڀرندي طرف وارياسو رڻ پٽ ۽ الهندي ڏي جبلن جي هڪ قطار هيون.“

سنڌوندي کي ”مٺو سمنڊ“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. سنڌوءَ جو عام وهڪرو اتر کان ڏکڻ طرف آهي. سنڌوندي ”بکر (سکر) ۽ روهڙيءَ جي شهرن وچان پهاڙن کي چيريندي آهستي آهستي ڏکڻ اولهه طرف وهي ٿي.“ سکر بيراج ٻڌجڻ کان پوءِ سنڌوءَ مان ڪيترائي واهه ڪڍيا ويا جيڪي سنڌ جي مختلف حصن کي سرسبز ۽ آباد ڪن ٿا. سيوهڻ وٽ جبلن جي روڪ سنڌوءَ کي سڌو اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي جنهن ڪري ان جو رخ حيدرآباد تائين ڏکڻ ـ اوڀر طرف ڦيرائي ٿي. سنڌوندي جو آخري ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو جتي دنيا جي هڪ خوبصورت ڊيلٽا جڙي ٿي.

سنڌو درياءَ جي اترئين علائقن ۾ جڏهن برسات پوي ٿي يا جڏهن هماليا جي برف تيز گرمي سبب پگهرجي ٿي تڏهن مارچ ڌاري ان ۾ چاڙهه شروع ٿئي ٿو جيڪو آگسٽ ۾ پنهنجي جوانيءَ کي پهچي ٿو ۽ نيٺ آڪٽوبر ڌاري لهڻ شروع ٿئي ٿو. سنڌوءَ جا قديم بندرگاهه الور، بلري، منصوره، منجابري، نيرون ۽ رابيل وغيره هئا. سنڌوءَ جي ڊيلٽا مڇين جي نرسري سڏجي ٿي جتي تمر جا ٻيلا آهن جيڪي مڇين جي واڌويجهه لاءِ خوراڪ جو ڪم ڏين ٿا اهڙي طرح اهي ٻيلا سامونڊي کاڌ کان بچاءُ جو پڻ اهم ذريعو آهن.

سنڌو ندي، 1800 ميل ڊگهي آهي، سا هماليه جبل جي سنگي ڪباب جي برفاني ڌارا مان نڪري ٿي، سنگي ڪباب ٿٻيٽ ۾ آهي. سنگي ڪباب مانسرور ڍنڍ کان 30 ميل پري آهي. سنڌو ندي والاريل ڪشمير مان ٿيندي آزاد ڪشمير، خيبر پختون خواهه، پنجاب لتاڙيندي، اتان جي چئن ندين جون پاڻي پاڻ منجهه سمائيندي، سنڌ ۾ ڪشمور وٽان داخل ٿئي ٿي. پوءِ هاڻوڪي سنڌ کي سرسبز ۽ آباد ڪندي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌو سڀيتا جي مٿي ڄاڻايل تهذيبي دؤر ۾ موجوده سنڌ ۾ سنڌو ندي ٻن حصن ۾ وهندي هئي. ان جي اولهه واري شاخ ليمون جوڻيجي کان اولهه طرف وهندي لوهم جو دڙي، لوهري، آمري جي ڀرسان لنگهندي، حيدرآباد وٽان ٿيندي وڃي سمنڊ ۾ پوندي هئي. هاڪڙو کي سنڌوندي مان پاڻي ٻن هنڌن تان ملندو هو. هڪ ڪشمور واري شاخ ۽ ٻيو سکر واري شاخ مان. سنڌوجو قديم دور وارو عروج مختلف بئراجن ۽ ڊيمن اڏجڻ سبب گهٽجي ويو آهي. جنهنڪري سنڌوءَ جي ٻنهي طرفن کان موجود ٻيلا پڻ پنهنجو جوڀن وڃائي ويٺا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ ڊيلٽائي علائقن جي سونهن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. اتان جي انساني آبادي پڻ بحران جي وَر چڙهي پڪي جي علائقن ڏانهن تيزيءَ سان لڏپلاڻ ڪري رهي آهي. سامونڊي ويرن جي چاڙهه سبب تقريبن سموري ڊيلٽائي علائقي ۾ کارو پاڻي ڪاهجي پيو آهي.

سنڌي ادب

سنڌي ادب (انگريزي: Sindhi literature) سنڌي ادبي دور جي شروعات شاعريءَ جي صورت ۾ سومرن جي دور کان ڄاڻايو ويو آهي. موجوده سنڌي لپي جي شروعات انگريز دور ۾ ٿي، ان کان اڳ سنڌي ادب کي مختلف لپين ديوناگري، خواجڪي، برهمڻي، لوهاڻڪي، گرمکي, خداآبادي يا خداوادي ۽ ٻين لپين ۾ لکيو ويندو هو. سومرن جي دور کي سنڌي ادب جو شروعاتي چيو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ نثري صنفن ڪهاڻي، مضمون، ناٽڪ ۽ ناول جي شروعات انگريز دور ۾ موجوده رسم الخط جُڙڻ سان ٿي. سومرن جي دور ۾ سنڌي ادب ۾ پهرين صنف مقامي جنگ نامن، رزميا داستان، عشقيا داستانن جي عام قصن سان ٿي.عرب حملي کان اڳ سنڌ ۾ گيت ڳائڻ جو راوج قائم هو، محمد بن قاسم جڏهن سنڌ فتح ڪئي، سنڌ جي ڪجهه قبيلن گيت ڳائي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو هو. سنڌي شاعرن جو ذڪر عرب دور ۾ به ملي ٿو، پر اها عربي ٻولي ۾ لکي ويندڙ شاعري هئي، ڪن محققن جو خيال آهي ته عيسوي سن جي ابتدا يا ان کان به اڳ لکت جي حوالي سان سنڌي زبان يا سنڌي جي ڪا زبان موجود هئي، يا وري شاعري جي هڪ سٽ اره بره ڪنڪره، ڪراڪره مندره جنهن جي تشريح سنڌيءَ ۾ هن طرح ڪن ٿا ته: اهڙو ٻُڙو (ٻاجھ) ڪو ڪري جو ڪري مينڌرو, ان کي پڻ ڪي سنڌي محقق عرب دور جي سنڌي شاعري ڪوٺين ٿا، پر صرف اهو هڪ گمان آهي.

لات

لات، دور جاھليت ۾ اھل عرب جي ھڪ بت جو نالو آھي جيڪو مربع شڪل جو ھيو ۽ اڇي پٿر جو ٺھيل ھيو ۽ ان کي اھل عرب خدائي درجو ڏيندا ھئا۔ ان بت جي عبادت ڪرندا ھئا۔ ان بت جي عبادت وڏي عرصي تائين ٿيندي رھي۔ طائف ۾ ھي بت رکيل آھي۔

وڪيميڊيا فائونڊيشن

وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيذريعات پيڙهڪا (انگريزي ٻولي: Wikimedia Foundation) هڪ اڻ لاڀ ماڻيندڙ ادارو آهي، جنهن جو مقصد علم ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو آهي. اداري جي باني جيمي ويلز 20 جون 2003 ۾ هن جو بنياد رکيو ۽ آمريڪا جي شهر سان فرانسسڪو کي هن جو مرڪز قرار ڏنو ويو. هن اداري جا گهٽا منصوبا وڪي تي آهن. هن اداري جو اهم ترين ۽ قابل فخر منصوبو وڪيپيڊيا هڪ،کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا آهي.

وڪيپيڊيا

وڪيپيڊيا(Wikipedia) (اچار /ˌwɪkiˈpiːdi.ə/ يا /ˌwiki-/)

(تلفظ: /ˌwɪkɨˈpiːdiə/ or /ˌwɪkiˈpiːdiə/ WIK-i-PEE-dee-ə)

ويب آڌاريل گھڻ لساني کليل مواد ڄاڻَ چيڪلو آهي.

ٺٽو

سنڌ جي پراڻن ۽ قديم شهرن مان ٺٽو هڪ قديم، تاريخي ۽ هڪ قابل ذڪر شهر آهي. ٺٽي شهر جي قائم ٿيڻ، اُن جي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻيءَ، رسم رواج، علم ادب تي تاريخي حوالن سان، ڪي قدر تحقيقي مواد سامهون آيو آهي. جن مان مير علي شير قانع، مير محمد بن جلال ٺٽوي، امير خسرو دهلوي ۽ ادراڪي بيگلاريءَ کان سواءِ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪن غيرملڪي مؤرخن، سياحن، جهڙوڪ جنرل هيگ، ميجر راورٽي، هيوز، ايٽڪن، پاٽنجر، مانرڪ، منوڪي، هئملٽن ۽ ڊاڪٽر سورلي تعريف جوڳو ڪم ڪيو آهي .

پاڻي

فطرت جي نظام ۾ پاڻيءَ کي ئي زندگيءَ جو سرچشمو قرار ڏنو ويو آهي. آڳاٽي وقت کان ڪائنات جي جوڙجڪ ۾ چئن عنصرن مٽي، هوا ۽ پاڻي کي مکيه عنصر مڃيو ويو آهي. سڀني الهامي ڪتابن ۾ زمين سميت سڄي ڪائنات پاڻيءَ جي حوالي سان بيان ڪئي وئي آهي. انهيءَ حقيقت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڌرتيءَ جي گولي جو منو حصو پاڻي آهي ۽ فقط چوٿون حصو خشڪي آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات جي ترقيءَ جو مدار به پاڻيءَ تي آهي. پاڻي آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو مرڪب (H2O) آهي. پاڻي سائٽوپلازم جو خاص جزو آهي ۽ هر جاندار جي ترڪيبي جزن ۾ پاڻي ضرور شامل هوندو آهي.

پنجاب، پاڪستان

پنجاب سنڌو ماٿر جي تهذيب (انڊس ويلي سولائيزيشن) ۾ سنڌوءَ جو مٿيون علائقو (اپر انڊس ويلي) پنجاب سڏجي ٿو.

ڄامشورو

ڄامشورو (انگريزي: Jamshoro)پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڄامشوري جي تعلقي ڪوٽڙيءَ جو هڪ شهر ۽ يونين ڪائونسل آهي. هيءُ شهر پنهنجي تعليمي ادارن جي ڪري مشهور آهي. ۽ هن شهر کي تعليمي شهر پڻ سڏيو ويندو آهي.

هن شهر ۾ هڪ پراڻو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو پڻ موجود آهي جيڪو انگريز زماني کان تعليم ڏيندو ٿو اچي.

چلي

Ketnepen Shile]]

هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه چلي (Republica De Chile) آهـي.

ٻيون ٻوليون

This page is based on a Wikipedia article written by authors (here).
Text is available under the CC BY-SA 3.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.